هڪ ڪاري ڏينهن جي پارلياماني ڪارروائي
هيوي مينڊيٽ ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت وارو حڪومت جو اپرهينڊ ته خير اڳ ۾ ئي اثر ڇڏي ويو هو پر ان جي رهي کهي ڪسر به ڪالهه اربع تي 12:44 وڳي پوري ٿي وئي جڏهن قومي اسيمبلي جي 217 ميمبرن مان 187 ايم اين ايز ۽ 87 سينيٽرن مان 58 سينيٽرن جي حمايت رکندڙ مسلم ليگ جي حڪومت کي صرف 164 کان 166 ووٽ مليا. ٻنهي ايوانن جي 304 ميمبرن مان 245 پارليامينٽيرين حڪومت جا حامي آهن ۽ صرف 59 پارليامينٽيرين اپوزيشن ۾ آهن. حڪومت ملڪ ۾ لاڳو ڪيل ايمرجنسي جي ٻي ڪا Justification ته نه ڏئي سگهي پر آخر ۾ اهو چئي جان ڇڏائي ته اسان ملڪي مفاد ۽ قومي سلامتي خاطر ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي ۽ بنيادي حق معطل ڪيا آهن. 6 جون تي شروع ٿيل اجلاس مسلسل 4 ڏينهن صبح شام هلڻ بعد ڪالهه اربع تي پوڻي هڪ وڳي پڄاڻي تي پهتو. چئن ڏينهن جي بحث دوران ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ۽ بنيادي حق معطل ڪرڻ جي مخالفت ۾ اپوزيشن وارن مدلل تقريرون ڪيون ۽ حڪومتي ميمبر جيڪي ايمرجنسي جي حق ۾ هئا اپوزيشن وارن جي اٿاريل سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيا. اپوزيشن وارن جو سوال هو ته ملڪ ۾ ايمرجنسي صرف ٻن صورتن ۾ آئين موجب لاڳو ڪري سگهجي ٿي. هڪ ان وقت جڏهن جنگ جي حالت هجي يا جنگ جو خطرو هجي ٻيو تڏهن جڏهن اندروني گڙٻڙ ايتري هجي جو صوبائي حڪومتون ان تي ڪنٽرول نه ڪري سگهن. اپوزيشن اهو به چيو ته جيڪڏهن جنگ جو خطرو آهي ته اسان کي ٻڌايو پر حڪمران ڌر جي ڪنهن به ميمبر يا وزير مدلل جواب نه ڏنو. اپوزيشن چيو ته جيڪڏهن اندروني گڙٻڙ ايتري آهي جو اوهين سمجهو ٿا ته صوبائي حڪومت حالتن تي ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ صوبائي حڪومتن کي هٽايو يا کانئن اهو اقرار ڪرايو ته هو حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جا اهل ناهن پر ان جو به جواب نه آيو. هيستائين ڪنهن به صوبائي حڪومت وفاق کي نه لکت ۾ چيو آهي ۽ نه زباني چيو آهي ته هنن جي صوبن ۾ گڙٻڙ آهي ۽ هو حالتن تي ڪنٽرول نٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن وفاقي حڪومت جو اهو جواز اسين ٿوري دير لاءِ کڻي مڃون به ته واقعي حالتون صوبائي حڪومتن جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهن ته ڇا سڀاڻي ان سوال جي جواب ۾ ڪنهن به صوبي جو وڏو وزير اهو اقرار ڪندو ته سندس حڪومت حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي اهليت نٿي رکي؟ ڪير به نه چوندو ڇو ته جڏهن حالتون خراب ته ٺهيو پر بدتر هيون تڏهن به ڪنهن ڪو نه مڃيو هو ته هاڻي جڏهن صورتحال بهتر آهي ته اهڙي ڳالهه ڪير مڃيندو؟
ايمرجنسي جو هڪ سبب اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته حڪومت هاڻي سڀني کي قومي ايجنڊا واري ڏنڊي سان هڪلڻ ۽ اپوزيشن وارن جو قبلو درست ڪرڻ چاهي ٿي جنهن جو ٽريلر ته ڪالهه ئي ڏسڻ ۾ آيو جڏهن خواجا آصف صفدر عباسي کي چنبو هڻي قميض کان ڇڪي ڳچي کان وٺي ڌڪا ڏئي گاريون ڏنيون. حڪومت وارن کي الائي ڇو اپوزيشن وارن جو اسپيڪر جي ڊائس آڏو احتجاج ڏکيو لڳو. توڻي جو پ پ دور ۾ صدر لغاري ۽ يوسف رضا گيلاني (اسپيڪر) سان جيڪي مسلم ليگ وارن حالتون ڪيون هيون اهي اڃا ڪنهن کان وسريون ناهن. ان وقت ساڳئي خواجا آصف بجيٽ اجلاس دوران ڪتابن جو ٿهو گيلاني آڏو اڇلايو هو ۽ ساڳئي نموني ڊيسڪ وڄائي هئي جيئن صفدر ڪيو آهي. اڃا 20 اپريل جي واقعي ۾ پارليامينٽ ٻاهران پوليس هٿان ڏنڊا کائيندڙ رضا رباني جا زخم به نه ڀريا آهن ته وري پارليامينٽ اندر احتجاج جي ڏوهه ۾ صفدر کي رانڀوٽا پائي ڌڪا ڏئي ۽ چنبا هڻي خبردار ڪيو ويو آهي. اصل ۾ ته صفدر تي ڪاوڙ ليگين کي ان ڪري هئي جو 6 جون تي نواز شريف جي تقرير دوران هن وچ ۾ هڪلون ڪيون هيون ۽ جملي بازي ڪئي هئي. بهرحال حڪومت بنيادي حق معطل ڪرڻ واري فرمانن تي پارليامينٽ مان منظوري جو ٺپو هڻائي ڪاميابي ماڻي ڇڏي آهي. آئين موجب 6 مهينن تائين اها ايمرجنسي هلندي ان کان اڳ حڪومت چاهي ته ان جو مدو ختم ڪري سگهي ٿي پر حڪومت ايئن ڪندي ڪو نه ، اڄ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو واري دور ۾ لاڳو ڪيل ايمرجنسي تي هاڻوڪا حڪمران ڪاوڙ ڪندي جسٽيفڪيشن ڏين ٿا توڙي جو ان وقت تازو ئي پاڪ ڀارت جنگ سبب بنگال ٽٽي ويو هو ۽ جنگ جو خطرو به موجود هو. ملڪ اندر افراتفري هئي ته پوءِ هاڻي جڏهن خود حڪمرانن جي بقول ايٽمي ڌماڪن جي جواب بعد جنگ جو خطرو ٽري ويو ۽ دٻاءُ به ختم ٿي ويو ته پوءِ ايمرجنسيءَ جو ڪهڙو جواز آهي؟ ايمرجنسي لڳائڻ تي ڀٽي کي جيڪڏهن اڄ ڪڙا لفظ ملن ٿا ته سڀاڻي نواز شريف وارن کي گل ڪو نه ملندا.
ايمرجنسي تي ٿيل چار ڏينهن جي بحث دوران سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان وارن ٽنهي صوبن جا ايم اين ايز ۽ سينيٽر پوءِ اهي حڪومت ۾ هجن يا مخالف ڌر ۾ هڪٻئي سان گڏجي ويا. اهي جي يو آءِ (ف) جا مولانا هجن يا جي يو پي (نيازي) جو ستار نيازي هجي، جمعيت اهلحديث جو ساجد مير هجي يا ايم ڪيو ايم جو ميمبر، اي اين پي جو هجي يا بي اين پي جو پ پ جو هجي يا شهيد ڀٽو جو سڀ هڪ ٿي ويا. 3 صوبا ايمرجنسي جي مخالفت ڪندا رهيا پر پنجاب جيئن چاهيو ايئن ئي ٿيو. ٻيو ته ٺهيو پر ايمرجنسي جي حق ۾ پنجابي ڳالهائيندڙ مسلم ليگ جي ايم اين ايز ۽ سينيٽرن کانسواءِ ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ مسلم ليگين ايمرجنسي جي حق ۾ تقرير به ڪو نه ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه ٻين ٻولين وارن به ووٽ حڪومت کي ڏنا پر کلي عام حمايت ڪو نه ڪئي. خود پنجابي ڳالهائيندڙن ۾ به ان معاملي تي اختلاف راءِ هو ۽ سرائڪي بيلٽ ميانوالي ۽ پوٺوهار وارن کليل حمايت ڪو نه ڪئي صرف لاهور سميت سينٽرل پنجاب جي ايم اين ايز بحث دوران ايمرجنسي جي واکاڻ ڪئي. حميد جتوئي طبيعت جي ناسازي جي ڪري ڪو نه آيو ۽ ايمرجنسيءَ جي حمايت ڪرڻ کان بچي ويو پر پير بخش خاصخيلي ۽ پير بخش جوڻيجو به بيماري جو بهانو ڪري ڊاڪٽر کان چڪاس جو وقت اهو ورتو جنهن مهل ايمرجنسي بل پاس ٿي رهيو هو. فاٽا ۽ اقليت وارن وزيراعظم کان ڪجهه درخواستن تي صحيحون ڪرائي ووٽ ڏنو. اقليت وارن شايد اها خاطري به ورتي آهي ته هنن جي وزيراعظم سان خصوصي ملاقات ڪرائي ويندي ۽ سنڌ ۾ هلندڙ اربابن ۽ اقليتن وارو جهيڙو حل ڪرائڻ لاءِ به حڪومت جلد اپاءَ وٺندي.
ڪالهه وارو ڏينهن سياسي حوالي سان توڙي انساني حقن جي حوالي سان يقينن پارليامينٽ جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن ليکيو ويندو ڇو ته 14 ڪروڙ عوام جا بنيادي آئيني حق معطل ڪري ايمرجنسي لڳائڻ واري فرمان جي منظوري ڏني وئي آهي. عوامي حق کسجڻ سان حڪومت کي اڻ ميا اختيار ملي ويا آهن ۽ هاڻي جيڪڏهن اها چاهي ته ڪنهن به اخبار کي بند ڪرائي سگهي ٿي. ڪنهن صحافي کي قيد ڪري سگهي ٿي. سياستدانن جا چپ سبي کين وري ڪنهن ڪئمپ ۾ رکي سگهي ٿي. احتجاج ڪندڙ عوام تي گوليون هلائي سگهي ٿي مطلب ته جيڪو چاهي ڪري سگهي ٿي. ان تي عدالتن پاران نوٽيس وٺڻ جو اختيار کسجي ويو آهي. هاڻي بنيادي حقن جي انحرافي ٿيڻ تي عدالتون رليف ڏيڻ جون مجاز نه آهن ۽ نه عوام ڪليم ڪرڻ جو حق رکي ٿو.
ايمرجنسي جي پارليامينٽ مان منظوري حاصل ڪرڻ بعد هاڻي حڪومت جا حامي سينيٽر ۽ ايم اين ايز ذاتي طور تي يا پارٽي سطح تي چاهين ته ڇا ايمرجنسي جي انتقام کان بچي سگهندا؟ ان جو جواب مستقبل وٽ آهي. ڇو ته ڪالهه اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ڪل 304 پارليامينٽيرين مان 245 حڪومت جي حامي پارليامينٽيرين مان حڪومت کي ايمرجنسي واري ٺهراءُ تي 164 ۽ بنيادي حقن جي معطلي واري ٺهراءَ تي 165 ووٽ مليا. حڪومت اسپتالن ۾ داخل پارليامينٽيرين کي ويل چيئر تي کڻائي پارليامينٽ ۾ آندو فاٽا واري سينيٽر ويچاري ته بيماري ۽ کنگهه سبب سڀني کي پريشان پئي ڪيو. هن جي ٽهون ٽهون سبب سندس ڀر ۾ ويٺل پارليامينٽيرين سيٽون ڇڏي ويا. سيف الرحمان کي لک رپيا ڀاڙو ڀرائي سوئزرلينڊ مان خصوصي طور واپس گهرايو ويو هو پر اعجازالحق نه آيو جيتوڻيڪ هو به ٻاهر آهي. وزيراعظم پاڻ چيمبر ۾ ويٺو رهيو پر هو به ايمرجنسي جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ نه آيو.
(11 جون 1998ع)