تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

سنڌ جي سياسي سيٽ اپ لاءِ حرڪت ۾ ايندڙ وفاقي مشينري

سنڌ جي سياسي سيٽ اپ لاءِ حرڪت ۾ ايندڙ وفاقي مشينري

سنڌ ۾ دهشتگردي واري بيماري جي علاج لاءِ وفاقي حڪومت جي سياسي ڊاڪٽرن پاران فوجي عدالتن واري اينٽي بايوٽڪ دوا جو نسخو سپريم ڪورٽ پاران ڪالعدم قرار ڏيڻ کان پوءِ وفاقي ايوانن ۾ ويٺل ليگين لاءِ سنڌ هڪ دفعو ٻيهر مٿي جو سور بڻيل آهي. ڳچ ڏينهن کان وٺي وفاقي مشينري سنڌ جي معاملن بابت متحرڪ بڻيل آهي ۽ سنڌ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ لاءِ مختلف ايڪسرسائيزز ٿي رهيون آهن. هيستائين ٿيل صلاح مشورن بعد وفاق توڙي سنڌ جي ليگي همراهن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته سنڌ ۾ سياسي سيٽ اپ ضروري آهي ۽ جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي ته سياسي سيٽ اپ قائم ڪيو وڃي. ڇو جو ان کانسواءِ ليگ کي سنڌ ۾ زندهه رکڻ ڏکيو ٿو لڳي، جيتوڻيڪ اڃا تائين سنڌ ۾ سياسي سيٽ اپ ڪهڙو هئڻ واري سوال جو حتمي جواب ته مالڪ ئي جوڙي نه سگهيا آهن پر ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته سنڌ ۾ سياسي سيٽ اپ هجي. ڪهڙي طريقي جو سياسي سيٽ اپ هجڻ واري سوال جو جواب ڳولڻ لاءِ ٿيل spade work دوران مختلف تجويزون غور هيٺ آهن.
حڪومتي حلقن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ تي به اتفاق آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي مڪاني چونڊون ڪرائڻ بدران پ پ وارن جي نقش قدم تي هلندي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مسلم ليگين جو خيال آهي ته هو ڪيترو به جهرلو ڦيرائن پر پوءِ به ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ مڪاني ادارن کان آئوٽ ڪرڻ ممڪن ناهي. جيڪڏهن کين آئوٽ ڪيو به ويو ته ان جا مثبت نتيجا نه نڪرندا. اهڙي صورت ۾ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيوا يم وارا وڌيڪ ويجها ٿيندا. جيڪڏهن هو ٻئي گڏجي ويا ته ڪراچيءَ ۾ به مسلم ليگي ميئر نه اچي سگهندو. مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم کي آئوٽ ڪرڻ سان پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي ويجهڙائي ملڪي سطح تي مسلم ليگ لاءِ ڏچو پيدا ڪندي ۽ ايئن سنڌ وارو مٿي جو سور برقرار رهندو، ان ڪري مڪاني چونڊون نه ڪرايون وڃن. ان بدران ايڊمنسٽريٽر رکي گذارو ڪيو وڃي. ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ سان هڪ ته مڊل ڪلاسي مسلم ليگي راضي رهندا ٻيو ته انتشار جو شڪار ليگي ڪارڪن به مڙئي مڇي ماني لائق ٿي ويندا.
وري مسلم ليگي قيادت وٽ اهي صلاحون به سنڌ مان پهچي رهيون آهن ته صوبي ۾ سياسي سيٽ اپ ٺاهڻ جي 5 مهينن کان پوءِ مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرايون وڃن جيئن مستقبل ۾ جيڪڏهن صوبي ۾ عام چونڊون ڪرايون وڃن ته هيٺين سطح تي ليگي ۽ حڪومتي اتحادي ڪائونسلر ۽ اهم مڪاني ادارن جا حڪومتي چيئرمين ايم پي ايز جي چونڊ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن. ان ريت مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائڻ ۽ نه ڪرائڻ جي فائدن ۽ نقصانن بابت اڃا وفاقي سرڪار ويچاري رهي آهي.
حڪومتي حلقن مان اها به سڌ پئي آهي ته سنڌ مسلم ليگ جا عهدا اليڪشن بدران نامزدگي ذريعي ڀريا وڃن، نوان مقرر ٿيندڙ عهديدار يعني سنڌ جو صوبائي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري اڻ ڌريا هجڻ گهرجن يعني اهي عهدا غوث علي شاهه ۽ الاهي بخش سومرو جي ذات ته ڇا پر سندن هارڊ ڪور جي حامين کي به نه ڏنا وڃن. شروع ۾ سنڌ مسلم ليگ جي صدارت لاءِ شاهه محمد شاهه. لياقت جتوئي، امداد چانڊيو ۽ قربان شاهه جا نالا غور هيٺ هئا پر گذريل 2 ڏينهن کان ان لسٽ ۾ اسد جوڻيجي جو نالو ٽاپ تي اچڻ کان پوءِ آسرا پارٽي جي ٻين ميمبرن کي صدمو پهتو آهي. صوبائي جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ غير سنڌي هجڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي تنهن ڪري حليم صديقي، اعجاز شفيع ۽ ابوبڪر شيخاڻي جا نالا غور هيٺ هئا پر ان لسٽ ۾ هاڻي دوست محمد فيضي جو نالو به اچي ويو آهي. جنهن کان پوءِ ٻين جا ستارا گردش ۾ هليا ويا آهن ۽ فيضي جي ڪلهي تي سنڌ ليگ جي سيڪريٽري جنرل وارو پکي ويهڻ لاءِ ڦڙڪا کائي رهيو آهي. غوث علي شاهه ۽ لياقت جتوئي کي بلڪل آئوٽ ڪرڻ تي مڪمل اتفاق آهي. لياقت جتوئي لاءِ چوڌري نثار ۽ الاهي بخش سومرو شاهه محمد شاهه ۽ سليم ضياءَ لاءِ لابنگ ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ نون صوبائي عهديدارن جو اعلان جلد متوقع آهي. ٿي سگهي ٿو ته 28 فيبروري تي بنگلاديش وڃڻ کان اڳ وزيراعظم اهو فرمان جاري ڪري يا وري 4 مارچ تي واپسي بعد اعلان ڪري.
سنڌ ۾ سياسي سيٽ اپ جي حوالي سان جيڪي تجويزون غور هيٺ آهن انهن ۾ پهرين تجويز اها آهي ته سنڌ جي گورنر معين الدين حيدر کي فارغ ڪري ڪٿي سفير بڻائي موڪليو وڃي ۽ سندس جاءِ تي مسلم ليگ جو مک ماڻهو رکيو وڃي. مک ماڻهو جي چونڊ لاءِ ٻن نالن تي غور ٿي رهيو آهي جن ۾ غوث علي شاهه ۽ حليم صديقي شامل آهن. ان تجويز جي ڪجهه ”اهم ڌريون“ مخالفت ڪري رهيون آهن. انهن ڌرين جو زور آهي ته معين الدين حيدر گورنر طور ڪم ڪندو رهي. سياسي سيٽ اپ جيڪو به حڪومت چاهي ٿي اهو معين الدين حيدر جي ماتحت هجڻ گهرجي. انهن ڌرين جي زور واري راءِ کان پوءِ ڪجهه مسلم ليگي ڪابينا جا ميمبر به سندن راءِ جا حامي بڻيل آهن. ان راءِ جي حامي ليگي هيوي ويٽس ان راءِ سان گڏ اها تجويز به ڏين ٿا ته آئين جي آرٽيڪل 234 هيٺ سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪريو ۽ سنڌ اسيمبلي کي معطل ڪريو. 6 مهينا اهو سيٽ اپ هلائي ستين مهيني ۾ سياسي سيٽ اپ کي فعال ڪري پوءِ سنڌ ۾ عام چونڊون ڪرايون وڃن ۽ سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايم ڪيو ايم جيتريون سيٽون ”حاصل“ ڪيون وڃن. جيڪي معين الدين حيدر کي هٽائڻ ۽ سندس جاءِ تي غوث علي شاهه يا حليم صديقي مان ڪنهن کي به مقرر ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا. انهن جو خيال آهي ته ليفٽيننٽ جنرل(ر) معين الدين حيدر جي ماتحتي وارو سياسي سيٽ اپ مسلم ليگ جو مقصد پورو نه ڪري سگهندو. جيڪڏهن معين الدين جي ماتحتي ۾ ئي سيٽ اپ هلائڻو آهي ته پوءِ ان کان بهتر اهو ٿيندو ته موجوده سيٽ اپ کي هلڻ ڏنو وڃي. ليگي حلقن جو چوڻ آهي ته جيڪي غوث علي شاهه ۽ حليم صديقي کي گورنر بڻائڻ جي خواهشمند ليگي لابي آهي ان ۾ معين الدين حيدر کي گورنر جي عهدي تان هٽائڻ تي ته اتفاق آهي پر ان جي جاءِ تي غوث علي شاهه يا حليم صديقي واري سوال تي اختلاف بدستور موجود آهي. غوث علي شاهه جي حامين جو موقف آهي ته هو بردبار، تجربيڪار ۽ ساٿين کي گڏ وٺي هلڻ وارين صلاحيتن سان مالا مال آهي ۽ ضدي ناهي ۽ سڀني ڪوارٽرز لاءِ قابل قبول آهي. جڏهن ته سندس مخالف لابي جو خيال آهي ته غوث علي شاهه آزمايل آهي ۽ ان سان پارٽي ۾ ڏڦيڙ زور پڪڙيندو. ٻيو ته غوث علي شاهه سنڌي ڳالهائيندڙ آهي جڏهن ته سنڌ ۾ غير سنڌي گورنر رکڻ جي روايت رهي آهي. اها ته واقعي حقيقت آهي ته سنڌ ۾ اڄ تائين ڪو به چيف سيڪريٽري سنڌي نه رهيو آهي جڏهن ته ممتاز ڀٽو ۽ محمود اي هارون کانسواءِ ٻيو ڪو سنڌي ڳالهائيندڙ به اڄ تائين سنڌ جو گورنر نه رهيو آهي. اها روايت قائم ڪندڙن جي ”خوشقسمتي“ آهي جو ان روايت کي سنڌي ماڻهن سنڌ جي جوڌن ۽ قومپرستن ڪڏهن به باقاعده Issue نه بڻايو آهي. بهرحال اهو ڌار مسئلو آهي. هتي ڳالهه پئي هلي غوث علي شاهه جي ڊي ميرٽ جي، سندس مخالفن وٽ ڪو ٺوس جواز شايد اهي سبب ئي لڳن ٿا تڏهن انهن تي زور ٿا ڏين.
حليم صديقي جي حامين جو چوڻ آهي ته هو ڪراچي جو اردو اسپيڪنگ آهي، پڪو مسلم ليگي آهي. وزيراعظم جي سڌي ڌاڳي ۾ آهي، هر دلعزيز ماڻهو آهي. وڏائي ڪو نه ڪندو آهي، سڀني ڪارڪنن کي صنعتڪار هجڻ ڪري خوش رکندو ڇو ته هو گهڻيون اٽڪلون ڄاڻي ٿو. سندس مخالفت ڪندڙ چون ٿا ته حليم صديقي ۾ مستقل مزاجي ۽ برداشت جو مادو ناهي. هو جذباتي آهي، گورنري جهڙي سينيئر پوسٽ لاءِ ڪواليفاءِ نٿو ڪري. حليم صديقي جو اندروني سنڌ جي مسلم ليگ وارن سان سڌو رابطو ڪڏهن به نه رهيو آهي. هن جي اچڻ سان مسلم ليگ ۾ شهري ۽ ٻهراڙي وارو فرق پيدا ٿي سگهي ٿو.ڪراچي جا سمورا پارليامينٽيرين هن جي خلاف آهن. حليم صديقي جو پنهنجو وسيع بزنس به آهي هن تي ايم ڪيو ايم جي مالي مدد اڃا تائين ڪرڻ جا الزام به آهن. ٻيو ته حليم صديقي جي گورنر ٿيڻ سان ڪراچي واري سيٽ مسلم ليگ کان وڃائجڻ جو خطرو آهي ڇو ته ان حلقي مان پ پ يا ايم ڪيو ايم کٽي ويندي ۽ ان جو مسلم ليگ جي مقبوليت تي منفي اثر پوندو. چيو وڃي ٿو ته حليم صديقي جي گورنري جي ڪليئرنس ۾ به ڏکيائي آهي.
هيستائين وزيراعظم نواز شريف پنهنجي ساٿين سان مشورا ڪرڻ بعد ان معاملي تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته بنگلاديش جي دوري کان پوءِ مشورو ڪرڻ کان پوءِ فيصلو ڪندو. وزيراعظم جي ويجهو هئڻ جي دعويدار حلقن جي دعويٰ آهي ته نواز شريف به سنڌ ۾ سياسي سيٽ اپ هڪدم قائم ڪرڻ تي متفق آهي پر ڪجهه ڪوارٽرز جي ريزرويشن سبب فيصلو تڪڙ ۾ ڪرڻ نه ٿو چاهي.
(27 فيبروري 1999ع)