گورنر راڄ ايجنسين ۽ واڳ ڌڻين وچ ۾ ڪشمڪش جو نتيجو آهي
سنڌ ۾ چونڊيل حڪومت ختم ڪري گورنر راڄ مڙهيو ويو آهي، جنهن کي بنا ورديءَ وارو مارشل لا چئجي ته غلط نه ٿيندو. ضياءُ الحق دور ۾ سنڌ جي وڏ وزارت ماڻيندڙ خيرپور جي سيد غوث علي شاهه اسيمبلي ذريعي وڏ وزارت لاءِ ته گهڻيون ڪوششون ڪيون پر قسمت جي ديوي وڏ وزارت جي معاملي ۾ خيرپوري سيد کان رٺل هئي. وڏ وزارت جي ڪرسي قائم علي شاهه کي به گهڻو قبول نه ڪيو، جڏهن ڪرسيءَ کي خبر پئي ته مٿس ويٺل شخص قائم علي شاهه آهي ۽ ان جو تعلق خيرپور سان آهي ته اها ڪرسي ڀڄي پئي. وري هڪ ٻيو خيرپوري سيد پرويز شاهه ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ ڀڳو ڊڪيو پر هن کي ته ڪرسيءَ ڇهڻ به نه ڏنو. ڪجهه عرصي کان غوث علي شاهه ڪوشش ۾ هو پر ايوان اندران کيس وارو نه مليو، هو گورنر راڄ معرفت ان ڪرسيءَ تي غير سرڪاري طور ويهڻ لاءِ نامزد ٿي چڪو آهي پر اڃا ويٺو ناهي.
سنڌ ۾ مسلم ليگين جي حڪومت مسلم ليگين ئي ختم ڪري ڇڏي آهي جنهن لاءِ وفاقي ايوانن ۾ ويٺل حڪمران ڌر وارا چون ٿا ته ڪني آڱر وڍي چڱي آهي. لياقت جتوئي حڪومت وڃڻ بابت گاديءَ واري شهر جي حاڪمن جي ساٿارين جو تبصرو بلڪل ايئن آهي جيئن هندستان جي ورهاڱي مهل ولڀ ڀائي پٽيل چيو هو ته ”افسوس آهي ته ملڪ ورهائجي ويو پر خوشي آهي ته حرام سڀ هليا ويا.“ سنڌ ۾ لياقت حڪومت وڃڻ جو ڏک ٻئي ڪنهن کي ته شايد ئي هوندو پر پاڻ لياقت جتوئي سنڌو درياءَ جي ڪپ تي ٺاهيل شبير شاهه جي گهر ويهي گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري فيصلي کي درست قرار ڏنو آهي. سندس ان فرمان کي جيڪڏهن هن جي پنهنجي ناڪاميءَ جو اقرار سمجهيو وڃي ته ڇا غلط ٿيندو؟ ڪڏهن به نه، ڇو ته هو پاڻ ٿو چوي.
سنڌ ۾ گورنر راڄ جون حالتون ڪافي دفعا اڳ ۾ پيدا ڪيون ويون پر نواز شريف سدائين ٽارو ڪندو رهيو، ايم ڪيو ايم سان مسلم ليگ جا معاملا ٺهندا ۽ بگڙندا رهيا پر نيٺ سنڌ جي تاريخ جو پهريون گورنر راڄ 30 آڪٽوبر تي لاڳو ڪيو ويو. هتان جي باخبر حلقن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جو نفاذ ايجنسين ۽ حڪمرانن وچ ۾ ڪشمڪش جو نتيجو آهي. ڳچ عرصي کان هلندڙ ان ڪشمڪش دوران جڏهن لياقت جتوئي متحده وارن جي ڪاري بنگالي جادوءَ ۾ ڦاسي پيو هو ۽ متحده کانسواءِ ڪنهن کي به پنهنجو نه پيو سمهجي ته ان وقت ايجنسين جي ساڻس اڻبڻت شروع ٿي هئي. امداد الله انڙ پاران لياقت جتوئيءَ خلاف چيف احتساب ڪمشنر وٽ داخل ڪيل ڪرپشن واري ريفرنس کان وٺي اڄ 155 دهشتگردن جي لسٽ لنڊن اماڻڻ واري الزام تائين ڪافي الزامن تي ٻڌل چارج شيٽ تيار پئي آهي. ان چارج شيٽ جا الزام ايترا ته سنگين ۽ سخت آهن جو ٻيٽي جي هن جتوئيءَ لاءِ وڏا ڏچا ٿي پيا سگهن. جن ڌرين گورنر راڄ هڻايو آهي انهن آڏو في الوقت اهو وڏو مسئلو آهي ته غوث علي شاهه ۽ بنا ورديءَ واري جنرل معين الدين حيدر مان اختيار گورنر وٽ هجڻ گهرجن. جڏهن ته هتان جا چونڊيل حڪمران چاهين ٿا ته اختيار غوث علي شاهه وٽ هجڻ گهرجن. بهرحال اصل اقتدار ڌڻين ۽ سرڪار وچ ۾ اهو ڦڏو في الحال کڻي نبري به وڃي پر مستقبل قريب ۾ اهو ڏچو گهڻن جا سر کڻندو. چوڌري نثار ۽ چوڌري شجاعت جو ڦڏو ايم ڪيو ايم خلاف ڪارروائي واري معاملي تي ڪنهن کان ڳجهو ڪو نه آهي. جڏهن شجاعت جهنڊو ساڙڻ جي ڏوهه ۾ متحده وارن خلاف ڪارروائيءَ لاءِ تياري ڪئي هئي ته چوڌري نثار علي آڏو آيو هو. لياقت جتوئي نثار ذريعي نواز شريف کي پڪ ڏياري هئي ته جهنڊي ساڙڻ واري ڪيس مان ايم ڪيو ايم کي آجو ڪريو ته هو شريعت بل جي حمايت ڪندا. حڪومت ان چڪر ۾ دير ئي ڪو نه ڪئي هڪدم نثار چيو ته ايم ڪيوا يم وارا شريف ماڻهو آهن، هنن جو جهنڊو ساڙڻ سان ڪو واسطو ناهي. قومي اسيمبليءَ ۾ چيل سندس اهي لفظ گجرات جي چوڌري شجاعت علي جي ”چٽي مٿي“ تي پٿرن وانگر وسيا هئا. ان ڏينهن کان شجاعت مختلف حيلا هلائيندو رهيو ۽ نيٺ پنهنجي کاتي جي ادارن ذريعي هڻي وڃي هنڌ ڪيائين ۽ سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳي ويو. هونئن به جڏهن جهنڊو ڪيس واپس وٺڻ جي باوجود به ايم ڪيو ايم وارن شريعت بل جي مخالفت ڪئي ته ان بعد هرڪو نثار کي مهڻا ڏيندو هو. نثار جيڪو نواز کان وڌيڪ شهباز جو جگري يار آهي اهو اڄڪلهه گهر ويٺو آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اعجازالحق سميت ڪيترن ئي متاثر ليگين ساڻس ڪچهريون وڌائي ڇڏيون آهن ۽ هتي وري اهي سرٻاٽ آهن ته اسيمبليءَ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺهي رهيو آهي. بظاهر انهن سرٻاٽن جو ڪو کُر پير نٿو لڳي پر ان کي ايئن رد ڪرڻ به شايد مناسب نه هجي.
هتان جي باخبر حلقن جو چوڻ آهي ته هن ڀيري وفاق وارن لاءِ ايم ڪيو ايم کي مار ڏيڻ ۾ ڏکيائي آهي ڇو ته سنڌ جا قومپرست متحده وارن سان گڏ آهن تنهن ڪري کين مار ڏيڻ جو فارمولو مٽائڻو پوندو. الطاف حسين سميت ڪيترائي متحده جا ماڻهو سنڌ جي قومپرستن سان رابطن ۾ آهن ۽ هن دفعي اها عجيب صورتحال آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ ٽي وڏيون ڌريون پٺاڻ، مهاجر ۽ سنڌي پنجاب خلاف هڪ راءِ رکن ٿا. هو ٽئي گڏجي پنجاب خلاف محاذ ٺاهيندا جنهن کي هينڊل ڪرڻ حڪمرانن لاءِ شايد ناممڪن نه به هجي پر مشڪل ترين ضرور هوندو. گاديءَ واري شهر ۾ ته اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته اجمل خٽڪ ايم ڪيو ايم وارن کي سمجهائي رهيو آهي ته پ پ وارن سان ساٿ ڏيو ۽ گڏجي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهيو ته اوهان جي جان بچندي. هن دفعي متحده وارا اجمل خٽڪ جي ان فارمولي تي باقاعده سنجيدگيءَ سان غور ڪري رهيا آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته حڪمرانن واري آپريشن جي ڌمڪين کان اڳ اهو ڌماڪو نه ٿي وڃي.
اسلام آباد جي ڪرسيءَ تي ويٺل همراهن جي مرضي آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن دوران رڳو ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن ٿيو ته ماڻهو چوندا ته هنن کان انتقام ورتو پيو وڃي ان لاءِ ضروري آهي ته حقيقي وارن سوڌو ڪجهه سنڌي گروپن کي به مار ۾ ڀائيوار ڪجي. مشاورتي ڪائونسل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ميرپروخاص جي سيدن ۽ نوابشاهه جي انڙن کان وٺي جيڪب آباد جي پنهورن تائين سڀ روز ٿا اسلام آباد ۾ ويٺل پنهنجي سڃاڻ وارن همراهن کي فون ڪن ته ”ٻيلي وارو ڪجو. اسان جو خيال ڪجو.“ بيڪ ڊور کان انٽري وٺڻ جي هيراڪن ۾ اڄڪلهه ڊوڙ لڳي پئي آهي. سندن گذريل ڪجهه ڏينهن جي فونن جا بل سندن پراڻن سالن جي بلن کان به ٽپي ويا هوندا. هنن ڄاڻ سڃاڻ وارو هڪ به ماڻهو نه ڇڏيو آهي. رٽائرڊ صوبيدارن کان وٺي ڪرنلز تائين جنهن جا جنهن سان رابطا آهن، ان گهٽ نه ڪيو آهي. جيڪڏهن سندن نالا نه آيا ته هن سال هنن جي سارين ۽ ڦٽين جي فصلن جي آمدني فون جي بلن ۾ هلي ويندي. الله سندن حال تي رحم ڪندو.
سنڌ ۾ گورنر راڄ کي لڳي چار ڏينهن گذري چڪا آهن، اڃا تائين امن قائم نه ٿيو آهي. جيڪڏهن اختيارن جو مسئلو حل نه ٿيو ته اهڙي بدامني ٿيندي جو راڄ ڏسندا. گورنر راڄ ڀلي کڻي ڪنهن حد تائين امن موٽائي به ڏئي پر ڇا لولي لنگڙي جمهوريت تي ان کي فوقيت حاصل هجڻ گهرجي؟ ان بابت جمهوريت پسند ڌرين جو جواب نفي ۾ آهي. جيتوڻيڪ لياقت جتوئي پاڻ گورنر راڄ کي ويلڪم ٿو ڪري. گورنر راڄ بابت اڃا حميد جتوئيءَ جو اهو بيان ڪو نه آيو آهي جنهن ۾ هو وري چوندو ته ”سنڌ ۾ گورنر راڄ جو ڪو جواز ناهي. جيڪڏهن بدامني سبب سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳايو ويو آهي ته پوءِ پنجاب ۾ بدامني آهي اتي به گورنر راڄ لڳايو.“ اهڙو بيان هن اڳ ۾ به ڏنو هو. لياقت جتوئي واري بيان تي تبصرو ڪندي هڪ ليگي ايم اين اي چيو ته هو پاڻ بچائڻ لاءِ ايئن پيو ڪري ۽ دبئي يا لنڊن جي اجازت وٺڻ لاءِ ٿڌو آهي. ان ليگي همراهه کي لياقت تي ڪم نه ڪرڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي. هن چيو ته لياقت جي وڃڻ جو ڏک صرف ايم ڪيو ايم وارن کي ٿيو آهي. سنڌ جا مسلم ليگي ايم پي ايز به خوش ٿيا آهن ۽ هنن نواز شريف کي گورنر راڄ هڻن تي مبارڪون به ڏنيون آهن.
بهرحال جيڪو ٿيو سو ٿيو پر ڳالهه اها آهي ته امن قائم ڪرڻ جي نالي ۾ لاڳو ڪيل گورنر راڄ به جيڪڏهن سنڌ کي امن موٽائي نه ڏئي سگهيو ته پوءِ ڇا حل هوندو؟ ڇا ڪو اهڙو آهي جيڪو هن وقت سنڌ کي بنا ورديءَ وارو مارشل لاءِ ڏيندڙن خلاف Damages جو سوٽ فائيل ڪري سگهندو؟
(3 نومبر 1998ع)