نيٺ هم خيال ليگ هڻي وڃي هنڌ ڪيو
نيٺ هم خيالن هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ لاهور جي هڪ ميان نواز مان جان ڇڏائي ٻئي آرائين ميان اظهر کي پنهنجو ليڊر بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. چئني صوبن کان ناليوارا مسلم ليگي اڳواڻ اجلاس جي اهميت وڌائڻ لاءِ خاص دعوت تي آيل هئا، جن ۾ ظفر الله جمالي، حميده کهڙو ۽ نثار محمد خان وغيره به شامل هئا. اعجاز الحق ته شايد نه چاهيندي به ميان اظهر کي اسٽيج تي گهرائي چمي ڏئي کيس صدر چونڊڻ جو اعلان ته ڪيو پر جلسو ڦٽڻ کان پوءِ جنهن بيزاري واري عالم ۾ تيز وکون کڻندي واپس وڃي رهيو هو اهو منظر ڏسڻ جهڙو هو. نئون چونڊيل صدر ميان اظهر ته اڃا پنڊال ۾ موجود ئي هو ته شجاعت ۽ ظفرالله جمالي به گاڏين ڏانهن ايئن پئي ويا، ڄڻ سندن عذاب مان جان ڇٽي هئي.
طارق عزيز نيلام گهر جي ڪمپيئرنگ واري اسٽائيل ۾ جڏهن ڪمپيئرنگ ڪئي ته ايئن پيو لڳي ته هن به ڪافي عرصي بعد مائيڪ جو مزو پئي ورتو. هڪ موقعي تي اسٽيج تي رش ٿي وئي ۽ لاهور مان آندل ميان اظهر جا حامي جيڪي سندس فوٽو چوڌاري جلهيو بيٺا هئا، اهي جڏهن آٽو گراف وٺي رهيا هئا ته طارق عزيز سخت لهجي ۾ ميان اظهر کي چيو ته ”صدر صاحب آٽو گراف بند ڪريو بعد ۾ اوهان کي ڪلهن تي به کڻڻو آهي. ان وقت ڏجو، اسٽيج تي رش ٿي وئي آهي“ ته ويچاري ميان اظهر قلم کيسي ۾ رکيو ۽ هن ڏانهن متوجهه ٿي ويو. جيئن نيلام گهر جو ڪو شريڪ انعام جي آسري ۾ طارق عزيز ڏانهن تڪيندو آهي، هڪ موقعي تي ميان اظهر جڏهن اسٽيج تي آيو ته طارق عزيز کيس چوندو رهيو ته ڪارڪنن جي نعرن جو جواب ڏئي هٿ مٿي کڻ Wave ڪريو.
جيتوڻيڪ سياسي پارٽين جي سرگرمين تي سرڪار پابندي لڳائي آهي. اي آر ڊي کي يوم پاڪستان جي جلسي جي اجازت نه ڏني ۽ هن جلسي کان 2 ڏينهن اڳ لاهور ۾ اي آر ڊي وارن تي شيلنگ به ڪئي وئي ۽ لٺيون به وسايون ويون پر هن مسلم ليگ جي شو لاءِ انتظاميا خاص انتظام ڪيا هئا. ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ تنبو هڻي قناتون لڳايون ويون ۽ ايڪو سائونڊ تي ايڏو ته آواز هو جو پاڙي وارا به ناخوش هوندا. مرگلا روڊ جي ٻنهي پاسي پوليس وارا روڊ بلاڪ ڪري بيٺا هئا. روڊ توڙي مسلم ليگ هائوس، پنڊال توڙي پاسي واري علائقي ۾ ڊگها بينر ايترا ته لڳل هئا جو اهو شڪ پيو ٿئي ته ايترا بينر هن ليگ جي ڪارڪنن لڳايا ڪيئن هوندا. پنڊال ۾ ڪجهه سادن ڪپڙن ۾ همراهه وائرليس کنيو هلندا رهيا ۽ اهڙا اهلڪار مسلم ليگ جا بئج لڳائي گهمي رهيا هئا.اجلاس ۾ شريڪ ڪجهه دوستن ٻڌايو ته کين هوٽلن ۾ رهائش، کاڌي پيتي ۽ ٽڪيٽ جو به خرچ مليو آهي. حسب حيثيت ڪنهن کي جهاز ته ڪنهن کي ريل ۽ بس جا ڀاڙا مليا آهن. سنڌ مان آيل ”پيارا“ ٺلها لوڻا ڦيريندا رهيا. ڪڏهن حليم صديقيءَ سان پئي فوٽو ڪڍرايائون ته ڪڏهن غوث بخش مهر سان، اعجاز الحق جو ننڍو ڀاءُ انوار الحق بانس جي لڪڙي کي ٽيڪ ڏئي اُڀي پير بيٺو هو ۽ ڀاءُ جي تقرير غور سان ٻڌي رهيو هو. هن کي ڄڻ ته اڄوڪي پنڊال جا ماڻهو اوپرا پئي لڳا. ڇو ته ڪو هن کي نه سلام پيو ڪري نه ڀاڪر پيو پائي. شيخ رشيد پنڊال ۾ ڏسڻ ۾ نه آيو.
هن پنڊال ۾ فخر امام ۽ بيگم عابده حسين موجود هوندي به غير موجودگي جو احساس ۽ تاثر ڏئي رهيا هئا. عابده حسين کي طارق عزيز “Brain behind party” قرارڏيندي 3 دفعا مختلف موقعن تي اعلان ڪري کيس اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏني پر ”چاندي“ نه چڙهي.
ميان اظهر جڏهن اجرڪ پائي اسٽيج تي تقرير لاءِ آيو ته ڊگهي تقرير ڏسي نواز شريف جيان پريشان ٿيندي پنا ڳڻڻ لڳو. هن جي انگريزي ۾ تقرير جون ڪاپيون به تيار ڪرايون ويون هيون پر هن قومي ٻولي ۾ تقرير ڪئي. تقرير دوران مقننه، ڪارڪنو، استحڪام ۽ ٻين اهڙن لفظن جيڪي هن کي شايد ڏکيا لڳا. انهن جي ادائيگي دوران هو هٻڪندو رهيو. مقننه کي ممڪنه پڙهيائين ته اخبار وارا کليا ۽ چيو ته نواز جو به شروع ۾ اهو حال هو لڳي ٿو ميان اظهر ريهرسل ناهي ڪئي. هن ”ڪارڪنو“ کي اڳ ۾ ”ڪارڪرنو“ پڙهيو ۽ بعد ۾ درست ڪيو. ان تي هڪ صحافي چيو ته ”ڪاڪروچو“ چئي پيو ڇا؟ جن جو ذڪر پير صاحب پاڳارو ڪري چڪو آهي ۽ چيو هئائين ته مشرف حڪومت اسيمبليون بحال نه ڪندي في الحال ڪاڪروچ پئي ڪڍي. ڊگهي تقرير دوران همراهه سهڪي پيو آخرڪار ”اسپيڊ بريڪر“ تي جيئن اسپيڊ مرندي آهي ايئن هن به تقرير پوري ڪئي ۽ الائي ڪنهن پاران پارايل اجرڪ سان نرڙ تان پگهر اگهيائين. مزيدار ڳالهه اها هئي ته هن تقرير جي پڄاڻي مهل بلڪل اهي لفظ ورجايا، جيڪي نواز شريف تقرير کان پوءِ يا قوم کي خطاب بعد جيڪي چوندو هو ”الله آپ ڪا حامي و ناصر هو.“ هڪ موقعي تي جڏهن ميان اظهر چيو هو ته ”آئو اب لوٽ چلين“ ته هن جو جملو مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي هڪ صحافي چيو ته ”اهو ته انڊين فلم جو نالو آهي.“ ميان اظهر چئي رهيو هو ته اميرن بدران عوام جي پارٽي بڻائيندس ۽ ”آئو اب لوٽ چلين عوام ڪي پاس.“
قمر راڄپر، عبدالحميد مغيري، حميد شيخ ۽ ڪرشن ڀيل جيڪي نواز شريف تي اقتدار دوران ڪلما پڙهندا هئا انهن کي پنڊال ۾ ڏسي حيرت ٿي ته اهڙا ڪارڪن به ٽرين جي ٽڪيٽن ۽ هڪ فون ڪال واري همراهه کي خوش ڪرڻ لاءِ هڪ لمحو به نٿا لڳائين. ايئن پئي لڳو ته اهي ڪارڪن دوست اڄ هم خيالن جي هجوم ۾ بي واهن وانگر گهمڻ کي اهميت ڏئي رهيا آهن ته سڀاڻي ضياءَ الحق مرحوم جي قبر تي وڃي ختمه پڙهڻ ۾ به دير نه ڪندا.
پنڊال ۾ سنڌي ٽوپين ۽ اجرڪن وارا همراهه ڪافي پئي لڳا بلڪه توقع کان وڌيڪ جنهن تي هڪ پنجابي صحافي طنز ڪندي چيو ته اسان پنجابي لوٽن کان اڄ سنڌي لوٽا گهڻا آهن. جڏهن انهن سنڌي لوٽن جي هجوم ۾ ظفر الله جمالي ڪالاباغ ڊيم جو نالو کڻڻ کانسواءِ ”هڪدم وڏا ۽ ننڍا ڊيم ٺاهڻ، جو ٺهراءُ منظور پئي ڪرايو ته سنڌ جا اُڀا هٿ ڏسي ڪنڌ هيٺ ٿي ويو.
جلسي گاهه ڏانهن ويندي فيصل مسجد چوڪ کان وٺي پنڊال تائين مختلف جاين تي پيلا ۽ گلابي ڪپڙا ۽ پٽڪا پائي ڇيرين جي ڇمڪار ڪندي پنجابي ڍول تي ڀنگڙا ڊانس ڪرڻ لاءِ به خصوصي ٽيمون مقرر ڪيل هيون. اجلاس ڦٽڻ بعد ڀنگڙا پارٽين اچي دهل تي ڪٽڪو لاتو ۽ ڊانس پيش ڪئي. ان کان اڳ ماني جي ٽريل مهل تي جڏهن ”پيارن“کي موقعو مليو ته قناتون ٽوڙي ٽيبلن تان ٽپا کائي ماني تي ايئن جوان اچي ڪڙڪيا جو اهو منظر به وسارڻ جوڳو نه هو، ڪنهن کي چانور ڦٻيا ته ڪنهن کي ماني ۽ ڪنهن کي ٻوٽيون ۽ ڪنهن کي رسُ.
ڳچ عرصي کان هم خيالن جي لڏي ۾ ليڊر جو مسئلو، جيڪو مسئله ڪشمير کان گهٽ ڪو نه هو، نيٺ اهو ڪالهه طئي ته ٿي ويو پر سوال اهو آهي ته هاڻي ڇا ٿيندو. ڪاروبار ڇڏي ميان اظهر ڪيترو وقت پارٽي کي ڏيندو. جلسا جلوس ڪيئن ڪندو، پاڪستان ۾ شخصيتن سان منسوب پارٽين واري ڪلچر ۽ عوام جي اهڙي سوچ واري ماحول ۾ هو ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪندو. ان سميت اهڙا لاتعداد سوال آهن.، جيڪي نه صرف مبينه طور سرڪاري ليگ جنهن کي مشاهد الله خان وارا مشرف ليگ ڪوٺي رهيا آهن ان جو ۽ ميان اظهر جو مستقبل ڇا ٿو ٿئي. خود ميان اظهر لاءِ پڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. جيڪڏهن وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏجڻ واري مثال موجب هو ليگ کي Take off نه ڪري سگهيو ته خود انهن ڌرين لاءِ به دشواري پيدا ٿيندي ته هو وري اسٽيبلشمينٽ جي حامي ۽ هم خيال مسلم ليگ کي ڪنهن ٻئي معرفت متحد رکي سگهن. سياسي مبصر اهو گمان ظاهر پيا ڪن ته هن ليگ جو گهڻو عرصو گڏ رهڻ مشڪل ٿو لڳي ۽ پنجاب جو عوام به شايد ئي اظهر ليگ کي نواز ليگ جو متبادل سمجهي!.
(26 مارچ 2001ع)