تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

سينيٽ جي خاتمي جا سرٻاٽ ۽ سينيٽ جو سلور جوبلي اجلاس

سينيٽ جي خاتمي جا سرٻاٽ ۽ سينيٽ جو سلور جوبلي اجلاس

ڪالهه سينيٽ جي 25 هين سالگره ملهائي وئي. 6 آگسٽ 1973ع تي سينيٽ قائم ٿي هئي جنهن جو خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو. 25 هين سالگره ملهائڻ وقت ايوان جي 87 سينيٽرن مان حاضر ته 70 جي لڳ ڀڳ سينيٽر هئا پر اعتزاز احسن کان سواءِ ڪنهن به شهيد ڀٽو جو نه ذڪر ڪيو ۽ نه ئي سينيٽ جي ايوان جي قيام واري فيصلي جي حوالي سان ڳالهايو. هڪ لحاظ کان ته کڻي اها ڏک جي ڳالهه ليکي وڃي پر ٻئي لحاظ کان سينيٽرن پاران ذوالفقار علي ڀٽو جو ذڪر نه ڪرڻ جسٽي فائيڊ به لڳو، ڇو ته اڄ ڪلهه سينيٽ جي خاتمي جي ڳالهه ٿي رهي آهي. وزيراعظم نواز شريف سينيٽ ختم ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو بل به تيار ڪرايو آهي جيڪو سپريم ڪورٽ جي سابق جج افضل لون تيار ڪيو آهي. ان ڪري موجوده سينيٽرن جو زور سينيٽ کي بچائڻ تي هو، حڪومت جا حامي توڙي مخالف سينيٽ ختم ڪرڻ جا مخالف هئا تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته ان ٽينشن سبب هنن سينيٽ جي خالق کي خراج پيش نه ڪيو هجي.
ڪالهوڪو اجلاس هونئن ته Ceremonial هو پر ان ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان جيڪي تقريرون ٿيون آهن سي مستقبل قريب ۾ هڪ نئين سياسي ٽمجهڻ جي عڪاسي ڪري رهيون هيون، جڏهن کان بينظير ڀٽو ڪالاباغ ڊيم واري سوال تي پنجاب جي بارڊر تي ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي تڏهن کان حڪمرانن پاران هن کي صوبائي ليڊر بڻجي وڃڻ سان تشبيهه ڏني پئي وڃي. حڪمران حلقن جي ان راءِ بعد پ پ ۽ سندن اتحادي ڌار اي اين پي وارن جيڪا جوابي حملي لاءِ Move تيار ڪئي آهي ان مان لڳي ٿو ته هو نواز شريف کي پنجاب جي ليڊري تان ئي هٿ کڻائيندا. عملي طور ڀلي کڻي ان کي ناممڪن سمجهيو وڃي پر ڪالهه اجمل خٽڪ ۽ اعتزاز احسن جيڪي تقريرون ڪيون انهن مان اهو چٽو هو ته هو نواز شريف کي پنجاب دشمن ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ مهم آرگنائيز ڪري رهيا آهن.
پراڻي سياسي کيڏاري اجمل خٽڪ جنهن سياسي حرفتن حاصل ڪرڻ لاءِ عمر گذاري آهي تنهن جڏهن چيو ته ”پنجابي غاصب ناهن. پنجابي غريب ۽ مظلوم به آهن جيڪي تمام گهڻا آهن. ڪالاباغ ڊيم کي پنجاب جو اشو بڻائيندڙ لاهور جا 2 خاندان سياسي ۽ ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. هو پنجاب جي عوام کي ٽن صوبن جي عوام سان وڙهائڻ گهرن ٿا. اسان ان معاملي تي ورڪ آئوٽ ڪيو آهي ۽ جلد ثابت ڪنداسين ته ڪالاباغ ڊيم پنجاب وارن لاءِ ايترو ضروري ناهي جيترو حڪمرانن لاءِ آهي.“ اجمل خٽڪ جي ان ڳالهه ۾ دم خم به لڳي ٿو ۽ اها حقيقت آهي ته پنجاب جي 80 سيڪڙو عوام جو مسئلو ”ماني“ آهي، ڪالاباغ ڊيم ناهي. ڪالاباغ ڊيم ته رڳو سرگوڌا، ملتان ۽ فيصل آباد ڊويزنن جي 50 وڏيرن، جاگيردارن ۽ 100 کن زميندارن جو مسئلو آهي.
اجمل خٽڪ ته کڻي ويڙهي سيڙهي چيو پر اعتزاز احسن ته چيو ”مان ذاتي طور ڪالاباغ ڊيم جو حامي آهيان پر اسان کي پاڪستان جي قرباني ڏئي ڊيم نه کپي، پنجاب ٽن صوبن کانسواءِ نٿو هلي سگهي.“ سندس اهو جملو جڏهن اڄ کان 20 سال کان به وڌيڪ عرصو اڳ سائين جي ايم سيد چيو هو ته کيس غدار سڏيو ويو هو پر اڄ جڏهن اهو ساڳيو جملو اعتزاز احسن چيو ته مشاهد سميت ڪيترائي وزير ۽ حامد مير ۽ نصرت جاويد سميت ڪيترائي پنجابي ڳالهائيندڙ صحافي ڪنڌ ڌوڻيندي واهه واهه ڪندي اعتزاز کي شايد داد ڏئي رهيا هئا. حامد مير ته اجمل خٽڪ جي تقرير بعد چيو : ”اوئي خوش ڪردتا اي“.
ڪالهوڪي سالگره واري اجلاس ۾ هڪ ٻيو اشو جيڪو سامهون آيو سو صوبائي خودمختياري ڏيارڻ لاءِ مستقبل قريب ۾ بينظير ڀٽو جي سربراهي ۾ تحريڪ هلائڻ وارو هو. ان ڏس ۾ اجمل خٽڪ جو اشارو هو ته ”اسان جي تحريڪ رڳو ڪالاباغ ڊيم واري معاملي تي ناهي پر اسين صوبائي خودمختياري چاهيون ٿا. هاڻي برابري جي بنياد تي وفاق ۾ رهنداسين. سڀني صوبن کي برابري جي بنياد تي حق ڏيو ۽ خودمختياري ڏيو.“ اجمل خٽڪ واري ان اشاري تي حڪومت جا Think tank نوٽيس ته وٺي رهيا هئا پر پنهنجي چهرن تي حيراني ۽ پريشاني ظاهر ٿيڻ جو تاثر نه ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش به ڪري رهيا هئا. ان معاملي تي بي اين پي ۾ ڏار پوڻ بعد مينگل واري ڌڙي جي نئين مقرر ڪيل پارلياماني ليڊر حبيب جالب چيو ته اسان صوبائي خودمختياري جي حوالي سان بل تيار ڪيو آهي جيڪو جلد سينيٽ ۾ پيش ڪنداسين. صوبائي خودمختياري جي حق ۾ بلوچن، سنڌين ۽ پٺاڻن ۾ هم آهنگي اڄڪلهه ان وقت آهي جڏهن سندن نمائندا پارلياماني فورمز ۾ موجود آهن.
”صوبائي خودمختياري کان سواءِ وفاق جو زندهه رهڻ ڏکيو آهي“ واري ڳالهه هاڻي عام ٿيندي پئي وڃي ۽ اڻ سڌي طرح ڄڻ ته ان تي اتفاق راءِ ٿيندو پيو وڃي. جيڪڏهن سڀاڻي اوچتو صوبائي خودمختياري جو بل اچي ويو ته ايم ڪيو ايم، پ پ، جمهوري وطن پارٽي، بي اين پي (ٻئي ڌڙا) بي اين ايم حئي گروپ، اي اين پي، جمعيت اهلحديث، جي يو آءِ (ف)، پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جا سينيٽر حمايت ڪندا جڏهن ته مخالفت ۾ رڳو مسلم ليگ جا 27 سينيٽر ۽ فاٽا جا 8 سينيٽر بچندا جن جو تعداد 35 ٿئي ٿو. صوبائي خودمختياري جي حمايت ڪندڙن ۾ مسلم ليگ ۽ فاٽا وارا به ڪيترائي سينيٽر شامل آهن انهن کي کڻي نه به ڳڻيو وڃي ته به هن وقت 52 سينيٽر صوبائي خودمختياري جا حمايتي آهن جيڪي هن وقت 3/2 جي اڪثريت ته کڻي ناهن پر ان جي تمام گهڻو ويجها آهن. جيڪڏهن سينيٽ 3/2 جي اڪثريت سان صوبائي خودمختياري جو بل پاس ڪري ڇڏيو ته پوءِ ڇا ٿيندو. حڪومت اڪثريت جي زور تي کڻي قومي اسيمبلي مان ان کي رد به ڪرائي پر جيڪڏهن ايئن ٿيو ته حڪومت ۾ ڏار پئجي ويندا. جيڪا صورتحال آهي ان ۾ هاڻي دير ٿيندي نظر نه پئي اچي ۽ ايندڙ اجلاس ۾ گهڻو ڪري اهڙو بل ضرور ايندو.
ڪالهوڪي اجلاس ۾ پير پاڳارو ڪو نه آيو هو باقي نالي وارن سابق سينيٽرن مان منظور گچڪي، جهانگير جوگيزئي قمر الزمان شاهه ۽ هڪ درجن جي لڳ ڀڳ ٻيا موجود هئا. سنڌ جو گورنر ۽ وڏو وزير ٻئي موجود هئا جڏهن ته پنجاب جو رڳو گورنر نه آيو، وڏو وزير شهباز شريف گادي واري شهر ۾ موجود هوندي به نه آيو ۽ سندس سيٽ خالي هئي. سرحد ۽ بلوچستان جا به گورنر آيا هئا جڏهن ته انهن صوبن جي وڏن وزيرن جون سيٽون خالي هيون. اجلاس ۾ شرڪت لاءِ مسلم ليگ وارين ڪجهه ڪراڙين نارين ۽ ڪامورن جي نوجوان نياڻين کانسواءِ عورتون شريڪ ڪو نه ٿيون. چيئرمين جي سامهون واري گيلري خالي هئي ۽ چيئرمين جي ساڄي پاسي واري گيلري ڪجهه دير لاءِ ته فل ٿي وئي پر بعد ۾ خالي ٿي وئي. سينيٽ جي 25 هين سالگره ۾ اسلام الدين شيخ ڪو نه آيو. چون ٿا ته هن کي ڪنهن صلاح ڏني ته جيڪڏهن اوهين اجلاس ۾ ويا ته ايف آءِ اي وارا اوهان کي اتان ئي کڻي ويندا ڇو ته پوءِ بيمار رهڻ وارو بهانو ختم سمجهيو ويندو. آصف زرداري کي صبح 7 وڳي آندو ويو. هو اجلاس ۾ گهٽ پر لابين ۽ محترمه واري چيمبر ۾ وڌيڪ وقت ويٺو هو. اپوزيشن و اري لابيءَ ۾ سابق سينيٽر سميعه عثمان نالي هڪ 40 کان مٿي واري عورت سان گڏ ويٺو هو ۽ سگريٽ جا ڪش هڻي رهيو هو. سميعه آصف کان به وڌيڪ وڏا ڪش هڻي رهي هئي. حسين شاهه راشدي ۽ غلام قادر چانڊيو جيڪي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم سمجهيا ويندا آهن سي ٻئي فل سوٽ ۾ آيا هئا. چانڊيو آصف زرداري ۽ حسين شاهه راشدي نسرين جليل سان ڪچهري ڪندو رهيو. نواز شريف اجمل خٽڪ جي تقرير جي آخر ۾ جيئن ئي آيو ته اقبال حيدر چيو: ”بسم الله، بسم الله “ ان تي هلڪو ٽهڪڙو به پيو، نواز شريف تقرير شروع ڪئي ته آصف اٿي هليو ويو.
لياقت جتوئي الاهي بخش سومرو سان لابي ۾ ڪلاڪ کن ڪچهري ڪئي ۽ ڏک سک اوريا هن جيتوڻيڪ چوڌري نثار سان به ملاقات ڪئي ۽ شايد پنهنجي حڪومت جي قسمت جو حال پڇيو، گادي واري شهر ۾ سنڌ جي گورنر ۽ لياقت جتوئي جي آمد بعد اهي سرٻاٽ به ٻڌڻ ۾ آيا آهن ته لياقت جتوئي امتياز شيخ کي پنهنجو نئون سيڪريٽري مقرر ڪري رهيو آهي ڇو ته سندس پراڻو سيڪريٽري پوسٽنگ وٺي نيويارڪ هليو ويو آهي.
(7 آگسٽ 1998ع)