تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5028
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ڊيڊ لاڪ ڏانهن وڌي رهيا آهن

پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ڊيڊ لاڪ ڏانهن وڌي رهيا آهن

گهرو کاتي جو وفاقي وزير معين الدين حيدر آمريڪا ۾ آهي ۽ ايف بي آءِ جي چيف سميت ڪافي آمريڪي عملدارن سان ملاقاتون ڪري ڪلنٽن-مشرف ملاقات ۾ بحث هيٺ آيل معاملن تي عملدرآمد جون خاطريون به ڪرايون آهن. اسامه بن لادن جي گرفتاري، ڪشميري ويڙهاڪن کي ٿڌو ڪرڻ، افغانستان مان ٽريننگ ڪئمپون ختم ڪرڻ، افغانستان ۾ قومي حڪومت ٺاهڻ، ڀارت خلاف پروپيگنڊا بند ڪرڻ وارن معاملن تي ڪلنٽن جيڪو ڪجهه ليڪچر ڏئي ويو ان تي عملدرآمد جي طريقيڪار بابت معين الدين حيدرآمريڪين سان ڳالهائي رهيو آهي. موجوده حڪومت جو ”شهباز شريف“ معين الدين حيدر اڃا آمريڪا ۾ آهي پر آمريڪا جي فيڊرل انويسٽيگيشن بيورو (ايف بي آءِ) جو چيف ڀارت جي دوري لاءِ روانو ٿي چڪو آهي. ايف بي آءِ جو سربراهه لوئيس فريهه Loius Freeh پاڪستان به ايندو ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ هو وڃي واشنگٽن ۾ رپورٽ پيش ڪندو. ڪلنٽن ته ٺهيو پر لوئيس به اڳ ۾ ڀارت پيو وڃي ۽ پاڪستان بعد ۾ پيو اچي. مبصرن جو خيال آهي ته پاڪستان ڪشمير معاملي تي ”ٿڌو“ ان حد تائين ٿيڻ لاءِ تيار ناهي جنهن حد تائين آمريڪا فرمائش ڪري پيو، اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان ۽آ مريڪا ۾ ان معاملي تي ڊيڊ لاڪ ڏانهن صورتحال وڌي رهي آهي.
ڪلنٽن جي دوري بعد جنرل پرويز مشرف چئن ملڪن جي 7 ڏينهن واري دوري تي ويو هو ۽ هاڻي موٽي به آيو آهي. هو ملائشيا، سنگاپور، ٿائي لينڊ ۽ برونائي، جتي به ويو سڀني حاڪمن چيو ته مشرف جي دوري جو مقصد اهو هرگز نه ورتو وڃي ته ڪو اسين فوجي حڪومت کي جمهوري حڪومت تي ترجيح ٿا ڏيون. ان ڊگهي دوري جي ڪري آخري ڏينهن تي ٿائي لينڊ جي وزيراعظم سان ملاقات بعد جيڪا بئنڪاڪ ۾ هن پريس ڪانفرنس ڪئي آهي تنهن ۾ هن ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو به يورپي يونين جيان متحد ٿين ۽ اڳ ۾ موجود Asean فورم کي وڌيڪ سگهارو ڪيو وڃي. ماضي جو رڪارڊ گواهه آهي ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو اسلامي ملڪن جو بلاڪ ٺاهڻ ۽ اينٽي آمريڪا پاليسي طور ان جي ڪردار کي وسيع ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ته هن کي ڦاهي چاڙهيو ويو. آف دي رڪارڊ Cause of action (عمل جو جواز) جيڪو به هجي پر گهڻا دفعا اهو لکيو ويو آهي ۽ سمجهيو به وڃي پيو ته ڀٽو جو قتل رڳو قصوري جي قتل ڪري ڪو نه ٿيو. ڪالهه پوري ملڪ ۾ ذوالفقار ڀٽو مرحوم جي ورسي ملهائي وئي. اڊيالاجيل جيڪو هاڻي پارڪ جي صورت ۾ موجود آهي ان ۾ ڦاهي گهاٽ واري جاءِ تي ٺاهيل هڪ يادگار وٽ ڪالهه پيپلن قرآن خواني به ڪئي ۽ دعائون به گهريون، خير اهو هڪ ڌار موضوع آهي.
فوج جي بطور اداري جي حيثيت ۾ اهو چيو پيو وڃي ته هو ڪشمير مسئلي تان ايئن هٿ کڻڻ لاءِ هرگز تيار ناهي جيئن آمريڪا فرمائش پيو ڪري. تنهن ڪري مشرف ڪشمير معاملي تي هيستائين بلڪل غير لچڪدار موقف رکيو پيو اچي جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪي/ڀارتي رد عمل نظر پيو اچي. اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته جنرل مشرف پنهنجن ساٿين کي چئن ملڪن جي دوري بعد ان معاملي تي Convince (قائل) ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ”ڪو به پاڙيسري ۽ اسلامي ملڪ جيئن ته کلي نموني پاڪستان جي موقف جي تائيد نٿو ڪري تنهن ڪري پاڪستان جي بقا خاطر ڪشمير مسئلي تي پاڪستان کي لچڪدار موقف اختيار ڪرڻو پوندو.“ اڄ اربع تي ڪابينا جو اجلاس رٿيل آهي جنهن ۾ به ان مسئلي تي غور ٿيندو ۽ ايندڙ 72 ڪلاڪن اندر ملٽري ليڊر شپ جو اجلاس به متوقع آهي. جيڪڏهن ان معاملي تي ”سڀ“ قائل ٿي ويا ته پوءِ ته ٺيڪ آهي نه ته ٻي صورت ۾ افواهه اڏائيندڙ چون ٿا ته چند مهينن ۾ جنگ جو خطرو وسيع ٿي ويندو. اهڙي سموري امڪاني صورتحال تي فوجي حڪومت جي فعال ادارن جي ڪرڙي نظر هوندي ۽ انهن جا تجزيه نگار به ان تي ضرور غور ڪندا.
مبصرن جو خيال آهي ته آمريڪا مشرف جي بدران ڪنهن ٻئي فوجي جرنيل جي اقتدار ۾ اچڻ جي حق ۾ ناهي ڇو ته Moderate (متعدل) هئڻ جي ڪري مشرف کي وڌيڪ قبوليت حاصل آهي. تنهن ڪري اهو طئي آهي ته مشرف حڪومت کان پوءِ وري ڪنهن ٻئي فوجي سربراهه جي حڪومت نه ٺهندي پر چونڊون ڪرائي ڪا به چونڊيل حڪومت آڻڻي پوندي. اهڙي صورتحال جي بوءِ سنگهندي پيپلزپارٽي جي قيادت اپريل جي آخري هفتي کان سياسي مظاهرا ڪرڻ ۽ تحريڪ جو ٽيمپو جوڙڻ جون تياريون به ڪري پئي، جنهن جو واضح اشارو ۽ اعلان پ پ لنڊن جي صدر خواجا شفيق به ڪيو آهي جنهن جي تازو محترمه سان ملاقات به ٿي هئي. هڪ راءِ اها به آهي ته پ پ عالمي صورتحال جو فائدو وٺندي موجوده حاڪمن کان آصف ۽ بي بي خلاف ڪيسن وارن معاملن ۾ رليف وٺڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ لاءِ به اهڙي پاليسي اختيار ڪري سگهي ٿي. ماضي جي روايت مطابق جيئن ته مسلم ليگ کان پوءِ اصولي طور اقتدار ۾ اچڻ جو وارو پ پ جو آهي تنهن ڪري مٿي ظاهر ڪيل خدشي جي نتيجي ۾ جيڪڏهن عالمي قوتن فوجي حڪومت کي هٽائڻ ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ ٿورو داٻو ڪيو ته به فائدي ۾ پ پ هوندي.
چيو پيو وڃي ته مشرف حڪومت لاءِ هي وقت تمام ڏکيو آهي، جيڪڏهن ٻن هفتن اندر ڪشمير مسئلي ۽ اسامه بن لادن وارن معاملن تي سرڪار نتيجا نه ڏنا ته پوءِ صورتحال سنگين ٿي سگهي ٿي.هيستائين جي حڪومتي چرپر مان اهو واضح طور اشارو مليو آهي ته هو اسامه واري سوال جا معنيٰ خيز نتيجا ڏيڻ ۾ سهڪار ڪري سگهن ٿا پر ڪشمير معاملي تي Cool Down (ٿڌو) ڪرڻ ۽ اهو به آمريڪي خواهشن جي حد تائين ڏکيو آهي.
سفارتي حلقن جي حوالي سان مبصرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا سميت پوري دنيا ان ڳالهه تي متفق آهي ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڪنهن به سياسي حڪومت جي موجودگي کان وڌيڪ هي وقت آئيڊيل آهي. اهو ئي سبب آهي ته آمريڪا ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ غير معمولي حد تائين سرگرم آهي. ڪجهه مبصر ان راءِ جا به آهن ته جيڪڏهن ڪشمير مسئلي تي هاڻوڪي حڪومت آمريڪي فرمائشن مطابق فيصلو ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي ته پوءِ حڪومت جو مدو سالن ۾ به ڊيگهه کائي پيو سگهي. ٻي صورت ۾ ”معاملو مهينن جو باقي نظر اچي ٿو“ هن سازشين جي شهر ۾ اهي به سرٻاٽ آهن ته حڪومت اسامه کي آمريڪا حوالي ڪرڻ تي راضي ٿي آهي پر حڪومت سختي سان ان جي ترديد پئي ڪري ته هنن کي اسامه جي خبر ئي ناهي، پر پوءِ به اهي افواهه هتي عام آهن.
(5 اپريل 2000ع)