تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

پٿرن جي وسڪاري ۽ شيلنگ جي گهيري ۾ آيل اسلام آباد

پٿرن جي وسڪاري ۽ شيلنگ جي گهيري ۾ آيل اسلام آباد

محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ ”آزادي صحافت ريلي“ ۾ ڪوريج ڪرڻ وارن کانسواءِ ڪو به صحافي شامل نه هو. جنگ اخبار خلاف حڪومتي ڪارراوين جي مذمت لاءِ رٿيل ان ريليءَ جو محترمه اعلان هڪ هفتو اڳ ڪيو هو پر ريليءَ واري ڏينهن کان اڳ جنگ اخبار ۽ حڪومت وچ ۾ صلح ٿي ويو جنهن ڪري ريلي کان 2 ڏينهن اڳ ئي ريلي جو اثر گهٽ ڪرڻ جي پاليسيءَ جا چرچا هئا. پ پ وارن کان غلطي اها ٿي ته هنن صحافتي تنظيمن سان ريلي ۾ صحافين جي شرڪت بابت ڪو رابطو نه ڪيو. صحافين ۽ اخباري صنعت جي ڪارڪنن جي عدم شرڪت سبب ”آزادي صحافت“ جي نالي ۾ نڪتل ريلي رڳو پ پ ۽ مخالف ڌر وارن جو حڪومت خلاف شو ئي ثابت ٿيو. جيڪڏهن پ پ وارا اها سياڻپ ڪن ها جو رڳو ليڊرن واري ٽرڪ تي بينظير ڀٽو سان گڏ راولپنڊي ۽ اسلام آباد مان شايع ٿيندڙ پنج اٺ اخبارن جي ايڊيٽرن کي گڏ چاڙهين ها ته به پ پ وارن جي ريلي جو ”آزادي صحافت“ جي حوالي سان تاثر بهتر ۽ مثبت پوي ها. جيتوڻيڪ پ پ وارا ان ريلي جي نتيجن متعلق ان جي باوجود به خوش آهن. ڇو ته هنن جو چوڻ آهي هڪ ته صحافت جي آزادي بابت ريلي ۾ صحافين، ايڊيٽرن ۽ اخباري ڪارڪنن شرڪت نه ڪري پنهنجو پاڻ کي ڏٺو ڪيو آهي. ٻيو ته جمود واري سياسي ماحول ۾ ڄڻ ته ڇانيل خاموشي جا ڪڪر تيزي سان هٽڻ شروع ٿيا آهن. پ پ ۽ بي بي وري اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا جي خبرن جو جدوجهد جي حوالي سان محور بڻجي رهيا آهن. هونئن ته ڪرپشن وارن الزامن جي حوالي سان به خير پ پ وارا اخبارن جي زينت رهيا پئي پر هاڻي جيڪا تبديلي آئي آهي اها سندن لاءِ مثبت ماحول پيدا ڪندي. ريلي جي ڪوريج هتان جي اخبارن سٺي نه ڪئي جيڪڏهن ايڊيٽرن کي ٽرڪ تي ويهارين ها ته ڪوريج وڌيڪ ملين ها.
پ پ وارن جي ريلي جنهن جي قيادت بينظير ڀٽو ڪندي هجي ان ۾ اڪثر ڪري ڪارڪن گڙٻڙ گهٽ ڪندا آهن، شايد ان ئي آسري تي نوابزادو نصر الله لٺ جي سهاري لڏندو لڏندو ٽرڪ ۾ چڙهيو ۽ سدائين پراين جلسن ۾ تقريرون ڪرڻ جو شوقين نويد ملڪ به ويٺو. ريلي جيئن ئي پارليامينٽ هائوس آڏو پهتي ته جتي 23 مارچ جي فوجي پريڊ دوران صدر ۽ وزيراعظم سلامي وٺندا آهن ان جاءِ تي پوليس وارن سي ڊي اي جي گند ڍوئڻ واريون ٽراليون ۽ ڪنڊيدار تارون وڇائي رستو بلاڪ ڪيو هو. روڊ ايترو وڏو هو جو اڌ پنجاب مان آيل ڪارڪن ڪشادي روڊ تي ايئن ٽڙي پکڙي ويا جو پ پ جو جلوس لڳو ئي نه پئي. لاهور جي ڪارڪن ساجده مير جيڪا جهيڙا ڪرائڻ جي حوالي سان مشهور آهي ۽ تهمينا دولتانه کي 95ع دوران پارليامينٽ ۾ ڳچي کان وٺي ٿڦڙون هڻندڙ شهزادي ڪوثر گيلاني کان به اڳتي آهي. (شهزادي ڪوثر گيلاني احتساب بيورو جي آفيسر جي منهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي احتساب بينچ واري عدالتي ڪمري ۾ مس هارڻ جي الزام ۾ اڄڪلهه اڊيالا جيل ۾ آهي) جهيڙن ۽ جهڳڙن جا نت نوان طريقا ۽ فارمولا ايجاد ڪندڙ ڪوثر گيلاني به ماهر آهي پر ساجده مير سندس به استاد آهي. سپريم ڪورٽ جڏهن بينظير ڀٽو حڪومت جي برطرفي کي جائز قرار ڏنو هو ته هن پوليس وارن جي سامهون سپريم ڪورٽ جي لوهي در تي چڙهي پوتيءَ کي باهه ڏني هئي ۽ ٻئي ڏينهن سڀني اخبارن ۽ عالمي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هن جا ئي فوٽو هليا هئا. ليڊر ظاهر ئي نه هئا، ڪوثر گيلاني پي ٽي سي ايل يونين جي سنڌي اڳواڻ حاجي خان ڀٽي جي اڳوڻي زال آهي پر هاڻي طلاق بابت سندن ڪيس هلندڙ آهي. بينظير دور ۾ ان اڳواڻ ڪوثر گيلاني سان شادي ڪئي هئي ۽ اهڙو واقعو هن آءِ-9 ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ به بيان ڪيو آهي. خير اهو سنڌي اڳواڻ ته اڄڪلهه نواز ليگ جو حمايتي آهي ۽ نواز شريف زندهه آباد جا نعرا ٿو هڻندو وتي. پر ڪوثر گيلاني اڊيالا جيل ۾ آهي. پ پ جي ريلي ۾ ڪوثر گيلاني جي جيل ۾ هئڻ ڪري ساجده مير کي لاهور مان امپورٽ ڪيو ويو.
ساجده مير سميت 10-12 عورتون ۽ پ پ جا 2 درجن کن جيالا بينظير جي ٽرڪ اڳيان پوليس وارن جي لٺين ۾ ڦاٿل ڪنڊيدار تارون هٿن سان ڇڪي رهيا هئا. جڏهن تارون هٽايون ويون ته ساجده مير پوليس جي ٽرڪ تي چڙهي وئي. ڪارڪنن جيئن ئي تارون هٽائڻ شروع ڪيون ته پوليس وارن ڳوڙها گئس جي شيلنگ شروع ڪئي ته ڪارڪنن ۾ ايئن ڀاڄ پئجي وئي جيئن بندوق جي ٺڪاءَ تي ڪانوَ اڏندا آهن. ان دوران پاسن کان بيٺل ڪارڪنن پوليس تي پٿر ۽ سروٽا وسايا ته پوليس وارن ساڳيا سروٽا ليڊرن واري ٽرڪ تي ٽارگيٽ بڻائي وسايا ڇو ته اها ٽرڪ ئي پوليس وارن جي مار ۾ هئي، ڪارڪن پري هئا. ٽرڪ جي ڪيبن ۾ جتان محترمه جهيڙي کان 10 منٽ اڳ مسڪرائيندي هٿ لوڏي هزارين ڪارڪنن جي پرجوش نعرن جا جواب ڏئي رهي هئي ان ئي ڪيبن تي وسندڙ پٿر ۽ سروٽن سبب محترمه ٽرڪ جي ڪيبن جي جنگلي جي اوٽ ۾ ويهي رهي. محترمه جي گارڊز محمد علي. جعفر بٽ، زاهد ۽ ناهيد خان، حئي بلوچ، محترمه کي گهيرو ڪيو ۽ کيس سروٽن کان بچايو. ان دوران اڌ سير وارو سروٽو حئي بلوچ جي مٿي ۾ لڳو ته سندس مٿي مان ايترو رت وهيو جو ڇنڊا محترمه جي سفيد سلوار تي لڳا ۽ جيڪي بعد ۾ محترمه بينظير پريس ڪانفرنس دوران صحافين کي پاڻ ڪرسيءَ تي چڙهي اٿي بيهي ڏيکاريا. ان دوران پوليس وارن پٿرن جي ڊپ کان کنيل ٽين جا سيف گارڊ لٺيون وڄائي کڙڪايا ته ڪارڪن ايئن ڀڳا جيئن پڪل جوئر جي فصل جي سنگن تي ويٺل جهرڪيون جهار هڪليندڙ نينگر جي دٻي کڙڪائڻ سان ولرن ۾ اڏامنديون آهن ۽ ٻيو ته ڇڏيو پر ٽرڪ ۾ چڙهيل پ پ، پي ايس ايف، پيپلزيوٿ جا نوجوان جن جي مٿي تي پ پ جهنڊي جا ڪفن ٻڌل هئا انهن مان اڪثر ٽپا ڏئي ڀڄڻ لڳا. نصير الله بابر جيڪو ڏنڊي کنيو ٽرڪ تي بيٺو هو تنهن محترمه کي ڀڄڻ لاءِ چيو ڇو ته پويان روڊ صاف هو هڪ به ڪارڪن نظر نه پئي آيو پر اهي اتي ڪجهه ساٿين سان ڪافي دير تائين ٽرڪ ۾ بيٺا رهيا.
پ پ جي جلوسن ۽ احتجاجن جي تاريخ اها رهي آهي ته ڪارڪن گولين ۽ بمن جي ڌماڪن ۽ وسڪارن ۾ ڀڄندا نه هئا پر هن ريلي ۾ ڪفن ٻڌي آيل هزارين ڪارڪن ٽين جي سيف گارڊ وارن کڙڪن ۽ پوليس جي هڪلن سبب ايئن ڀڳا جو ڳوليا نه لڀيا. محترمه کي اهو منظر ڏسي ڪيترائي خيال ذهن ۾ ضرور اڀريا هوندا ته آخر ڇا ٿيو آهي جو ڪالهه تائين سر ڏيڻ وارا ۽ گولين آڏو بيهڻ وارا اڄ ٽين آڏو ڇو نه پيا بيهن؟
افتخار گيلاني جيڪو اڄڪلهه بي بي جو انتهائي ويجهو آهي ان تي گهڻا ئي جهانگير بدر جهڙا جيالا سڙن ۽ پڄرن ٿا. اڳ ۾ محترمه جي جلسن ۾ سندس گاڏي گهڻو ڪري جهانگير بدر هلائيندو هو پر جڏهن کان افتخار گيلاني آيو آهي تڏهن کان بدر کي وارو نٿو لڳي. ميرٽ هوٽل ۾ ”دي نيوز اخبار“ جي سيمينار کان جيئن بي بي ٻاهر آئي ته جهانگير بدر واري پاجارو بدران محترمه افتخار گيلاني سان ويهي رهي. بدر پويان پويان هلندو رهيو جڏهن افتخار گيلاني ڊرائيونگ سيٽ ڇڏي ٽرڪ ۾ بي بي سان چڙهيو ته جهانگير بدر پنهنجي گاڏي ڇڏي گيلاني واري سيٽ سنڀالي ۽ ٽرڪ سان گڏوگڏ هلندو رهيو. جڏهن لٺ لڳي ته محترمه کي گيلاني ۽ ڪارڪن بچائيندا گهيري ۾ وٺي آيا ته جيڪا گاڏي جهانگير بدر وٽ هئي ان جا شيشا پوليس وارن ۽ ڪارڪنن جي پٿرن سبب ڀڄي پيا هئا ۽ جهانگير بدر به ڪارڪنن سان گڏ ڀڳو پئي. جڏهن محترمه جي نظر پيس ته زرداري هائوس مان آيل سفيد رنگ واري پاجارو اسٽينڊ باءِ ۾ بيٺل هئي. ان جي ڊرائيور کي لاهي جهانگير بدر ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو ۽ محترمه کي پيپلز سيڪريٽريٽ وٺي آيو. محترمه اڃا پهتي مس ته پويان ساليڊيرٽي فرنٽ وارو نويد ملڪ به پهتو. هو شرٽ جا بٽڻ کولي ٽاءِ کولي محترمه جي سامهون بيهوشي واري ڪيفيت ۾ پاڻي پاڻي چوندو رهيو. محترمه کي ته خبر هئي ته ڪير ڇا ٿو ڪري ۽ ڪارڪنن کي به خبر هئي سو ڪو به ڪارڪن پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃڻ بدران نويد ملڪ تي کلي رهيو هو،، ته محترمه نذير ڌوڪي کي دڙڪو ڏيندي چيو ته ”نذير! سنتا نهين پاني لائو“ نيٺ نويد ملڪ گلاس پاڻي پيئڻ بعد ٿڌو ٿيو ۽ جلد ۾ ٺيڪ ٿي ويو. ان مهل نوابزادي نصر الله سگار دکائي پيئڻ شروع ڪيو. نصر الله کي ٽرڪ تان هڪ ڪارڪن ڀاڪر ۾ کڻي بي بي واري گاڏي تي پهچايو ان وقت تائين ڳوڙها گئس جي شيلنگ سبب نوابزادي جو دم به گهٽجي رهيو هو پر هن ايڪٽنگ نه ڪئي. هڪ صحافي چيو ته جيڪڏهن باباءِ حڪومت هٽايو اتحاد کي ڪجهه ٿئي ها ته ان سان ملڪ ۾ اپوزيشن کي ماڻهن کي روڊن تي آڻڻ ۾ به آساني ٿئي ها. نصر الله کي جڏهن هڪ ڪارڪن ڪلهي تي کنيو ته نصرالله جو هڪ هٿ هاڪيءَ ۾ هو ٻيو ترڪي ٽوپي ٺاهڻ ۽ کيسي ۾ رکيل سگار بچائڻ تي هو.
پ پ واري ريلي جي نتيجن کان محترمه خوش هئي. محترمه چيو ته منهنجو پروگرام هو ته ريلي ۾ تقرير ڪري لاهور وينديس ۽ رات جو بسنت ملهائينديس. هن دفعي پير صاحب پاڳارو بسنت تي به لاهور ۾ لغڙ اڏائڻ ۽ ”بو ڪاٽا“ جا نعرا هڻڻ ڪو نه آيو آهي. شايد هاڻي محترمه کي به پير پاڳاري جيان لغڙ اڏائڻ جو شوق ٿيو آهي جنهن جو اظهار هن پاڻ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو .
ريلي ۾ چٺا جي 2 درجن ڪارڪنن کانسواءِ عوامي اتحاد ۾ شامل ڏيڍ درجن پارٽين مان ڪنهن هڪ جو به ڪارڪن نه هو پر پوءِ به ان کي محترمه عوامي اتحاد جي ريلي قرار ڏنو. ڇو ته هن کي نصر الله ۽ چٺا جو فليور گهرجي ٿو باقي عوامي اتحاد جي طاهر القادري سميت ٻين ليڊرن کي لفٽ نه ملڻ ڪري هو اڳ ۾ جهڙوڪ اتحاد کان آئوٽ ٿي ويا آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان ڏس ۾ علامه طاهر القادري عوامي اتحاد سان پنهنجي وابستگي ختم ڪرڻ بابت ڪجهه ڏينهن ۾ ڪو اعلان ڪري.
ريلي جي مجموعي تاثر جي حوالي سان گادي واري شهر جي سياسي مبصرن جي راءِ آهي ته شيلنگ ۽ مارڪٽ سان محترمه پنهنجي پراڻي سياسي سطح تي اچي رهي آهي. ان سان سندس لاءِ همدردي به وڌي ٿي ۽ ڪاوڙيل ڪارڪنن ۾ موٽ کائڻ جو جذبو به وڌي رهيو آهي ۽ ڪجهه هفتن ۾ ٿي سگهي ٿو ته اپوزيشن جي احتجاجي ريلين ۾ تيزي به اچي ۽ انهن احتجاجن بابت هر ”ادارو“ سنجيدگيءَ سان سوچڻ شروع ڪري. ريليءَ کي جيتوڻيڪ جنگ راولپنڊي ڪا خاص ڪوريج نه ڏني ۽ جنگ کان وڌيڪ نواءِ وقت جي خبر بهتر هئي. تصويرون ٻنهي مڙئي ڀرتي واريون شايع ڪري جند ڇڏائي جڏهن ته خبرين جي ڪوريج بهتر هئي. اوصاف به خبرون ۽ تصويرون گهڻيون ته ڪو نه شايع ڪيون پر وري به نواءِ وقت ۽ جنگ کان ٺيڪ هيون. هتي جي اخبارن ”نيوز آف دي ڊي“ وارو درجو ريليءَ کي نه ڏنو. ريلي جي مجموعي اثرن ۽ نتيجن سبب محترمه ايتري ته خوش آهي جو ٿي سگهي ٿو ته وقت کان اڳ ئي اسلام آباد مارچ جو فيصلو نه ڪري وٺي.
(15 فيبروري 1999ع)