ڪالاباغ ڊيم جي قبر ڪشائي کان پاسو ڪريو
اٽڪل گذريل 30 سالن کان تڪراري بڻيل ڪالاباغ ڊيم وارو مسئلو هونئن ته دفن ٿي چڪو هو ڇو ته پنجاب کانسواءِ باقي ٽنهي صوبن جي صوبائي اسيمبلين ان ڊيم کي هاڃيڪار سڏيندي رد ڪيو هو پر تازو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ”پروفيشنل درخواستي“ وڪيل جي پٽيشن تي اٽارني جنرل ۽ چئني ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ٿيا آهن. ڪالاباغ ڊيم جيڪو زندهه دفن ٿيل لاش جيان آهي اهو نه مري ٿو نه چڙهي ٿو. ماضي ۾ هيوي مينڊيٽ هوندي به نواز شريف توڙي بينظير حڪومتون ان معاملي بابت فصيلو نه ڪري سگهيون. ذوالفقار ڀٽو توڙي ضياءَ الحق جي زماني ۾ به ان معاملي جو حل نه نڪتو. ماضي ۾ سدائين اهو ڏٺو ويو آهي ته فوجي توڙي سياسي حڪومتن عوام جو اصل مسئلن ڏانهن ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم جي قبر ڪشائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ماڻهن کي Non issues ۾ الجهائي رکيو آهي. موجوده حڪومت جيئن ته خود اهو مسئلو نه ڇيڙيو آهي ۽ هي عدالتي معاملو بڻجي ويو آهي تنهن ڪري اسين ان جي ميرٽ ۽ ڊي ميرٽ تي نٿا ڳالهايون.
ڪالاباغ ڊيم منڍ کان وٺي تڪراري مسئلو رهيو آهي جنهن به اداري يا فرد ان جي حمايت يا مخالفت ۾ راءِ ڏني آهي ته اهو به متنازعه بڻيو آهي. عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي بئنڪ جڏهن هن رٿا لاءِ قرض ڏيڻو ڪيو ته ملڪ جي ٽنهي صوبن مخالفت ڪئي ۽ بعد ۾ هو به اهو چئي هٿ ڪڍي ويا ته جيسين اتفاق راءِ نه ٿيندو تيسين هو فنانس نه ڪندا. ڪالاباغ ڊيم جو ڪاٿو هن وقت 10 کان 12 ارب ڊالر لڳايو پيو وڃي. جيڪڏهن ايترا پئسا هجن ۽ اڄ ڪم شروع ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ 6 کان 8 سال ڊيم مڪمل ڪرڻ ۾ لڳندا. پاڪستان 52 سالن ۾ 32 ارب ڊالر جو قرض کنيو آهي پر هن هڪ رٿا لاءِ 12 ارب ڊالر قرض هڪ ڏينهن ۾ حاصل ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. جيڪڏهن پاڪستان جا سمورا قومي ادارا نجي شعبي کي وڪرو ڪيا وڃن ته به 12 ارب ڊالر نه ملندا. آخر ايڏي رقم ڪٿان ايندي؟ جهڙي طرح نواز شريف لاهور –اسلام آباد موٽر وي تي 80 ارب خرچ ڪيا ۽ قومي ناڻو ضايع ڪيو ته ان رٿا جو ڇا ٿيو؟ اڄ موٽر وي جي سار سنڀال وارو ساليانو خرچ ڪرڻ جيتري رقم به ٽول ٽيڪس مان نٿي ملي. جيڪڏهن اهي 80 ارب رپيا جي ٽي روڊ تي خرچ ٿين ها ته ڪراچي کان پشاور تائين جي ٽي روڊ ڊبل ٿي وڃي ها. ايئن ئي غلط ترجيحون نقصانن جي صورت ۾ سامهون اينديون رهيون آهن.
هن وقت سوال اهو آهي ته ڇا ايترو پاڻي آهي جو ڪالاباغ ڊيم ۾ جمع ڪري سگهون؟ اڄ قيامت خيز گرمي ۾ به ايترو پاڻي ناهي جو منگلا ۽ تربيلا ڊيم جو پيٽ ڀري سگهجي ته ڪالاباغ ڊيم ڪٿان ڀربو! شروع ۾ اهو دليل ڏنو ويو ته بجلي پيدا ڪرڻ ضروري آهي ان لاءِ ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ گهرجي. اڄ ملڪ ۾ ايتري بجلي آهي جو ڀارت کي بجلي ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ٿين ٿيون. هاڻي ٿا چون ته آبپاشي مقصد لاءِ ڊيم ٺهڻ گهرجي. ٺيڪ آهي، پر اڳ ۾ پاڻي ته پيدا ڪريو، پاڻي ڪٿان ايندو جو ڪالاباغ ڀربو!؟
هاڻي جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ ڪالاباغ ڊيم جو ڪيس ٻڌڻ لاءِ منظور ڪيو آهي ته ان سان عجيب صورتحال پيدا ٿي آهي. ڪالاباغ ڊيم جيڪو شروع کان وٺي فني مسئلو رهيو آهي ان کي سدائين سياسي مسئلو ڄاڻايو ويو آهي. ان معاملي ۾ جيڪو به ادارو پيو آهي اهو اڻ ڌريو نه رهيو آهي. آئين مطابق صوبن وچ ۾ تڪراري مسئلو ”گڏيل مفادن واري ڪائونسل“ ۾ ويندو آهي. ڪنهن به عدالت ۾ نه، عدليا ۽ حڪومتي اعليٰ اختيارين کي ان معاملي ڏانهن هاڻي کان ڌيان ڏيڻ گهرجي ته ڇاهي عدالتي اختيار ۾ آهي يا نه؟ پر جيڪڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج ان کي قابل سماعت سمجهي ٿو ته ان حڪم خلاف ڪالاباغ ڊيم وارا سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ به وڃي سگهن ٿا. خدا نه ڪري، جيڪڏهن سڀاڻي لاهور هاءِ ڪورٽ ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ فيصلو ڪري ۽ سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽن ۾ ان جي مخالفت ۾ ڪيس داخل ٿيا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ هونئن به 3 صوبن جون اسيمبليون بمقابله پنجاب اسيمبلي اڳ ۾ ئي آهن. هي عوامي ادارا آهن ۽ عوام جي راءِ به انهن ادارن کان مختلف ناهي. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف جيڪو اتفاق راءِ آهي ايترو ٻئي ڪنهن مسئلي تي نه رهيو آهي. رسول بخش پليجو ۽ ٻين جڏهن ڪالاباغ ڊيم ۽ بهارين خلاف مظاهري جو سڏ ڏنو هو ته 90 واري ڏهاڪي جي آخر ۾ ان وقت جيترا ماڻهو ڪراچي ۾ گڏ ٿيا هئا اوترا ماڻهو سنڌ جي تاريخ ۾ شايد گڏ نه ٿيا آهن. نواز دور ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف اٽڪ پل تي سرحد جي عوام جو جيڪو ميڙاڪو ٿيو اهو اوترو اڳ ۾ ڪڏهن نه ٿيو. سخت گرمي ۾ اُس ۽ اڃ سبب بي حال ماڻهن جو سمنڊ جيڪو اوٻاوڙي ۾ گڏ ٿيو هو اهو به گهٽ ڪو نه هو. چوڻ جو مطلب ته سرحد ۽ سنڌ ۾ جيڪي به وفاقي توڙي صوبائي پارٽيون آهن سڀني ۾ اتفاق راءِ آهي ته ڪالاباغ ڊيم انهن صوبن لاءِ فائديمند ناهي ۽ اهو واحد Issue آهي جنهن تي مڪمل هم آهنگي آهي. نواز شريف مئي 98ع ۾ جڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ته سنڌ مسلم ليگ به ان تي گوڙ ڪيو هو.
ڇا حڪمرانن کي اندازو ناهي ته هي حساس مسئلو آهي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته اڄ تائين ڊيم ٺهي وڃي ها. ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ تربيلا جي کاٽي ڪرائڻ ۽ منگلا جون ديوارون اونچيون ڪرڻ لاءِ ڪروڙين رپيا رکيا ويا آهن. اهو ڪم ٿيڻ بعد 2 ملين ايڪڙ فٽ وڌيڪ پاڻي جمع ڪري سگهبو پر اصل ڳالهه ته اها آهي ته پاڻي ڪٿي آهي؟ اڳ ۾ هي ڊيم ته ڀريو پوءِ ٻئي جي ڳالهه ڪريو. غازي بروٿا ٺهڻ بعد بجلي وارو مسئلو ته اڃا وڌيڪ حل ٿيندو ئي سهي پر ان بعد پاڻي جمع ڪرڻ وارن ذخيرن جي گنجائش به وڌندي.
هن وقت جنهن پاسي صورتحال وڃي پئي اها حڪومت ته ٺهيو پر ملڪ لاءِ هاڃيڪار آهي جڏهن سرحدن تي خطرو آهي ان وقت ڪالاباغ ڊيم جهڙي حساس معاملي تي ملڪ ۾ اندروني خلفشار اڃا وڌيڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري سگهي پيو.
(27 جولاءِ 2000ع)