تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

هيليڪاپٽر ڪيس: نواز جي نااهلي ۽ ليگ جو بحران

هيليڪاپٽر ڪيس: نواز جي نااهلي ۽ ليگ جو بحران

۽ هاڻي هيليڪاپٽر ڪيس ۾ به نواز شريف کي سزا ملي آهي ۽ سندس شريڪ ملزم سيف الرحمان کي باعزت بري ڪيو ويو آهي. خميس تي محفوظ ڪيل فيصلو ڪالهه ٽاڪ منجهند جو سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي واقع پهاڙي تي ٺاهيل اٽڪ قلعي جي ايئر ڪنڊيشنڊ عمارت ۾ جڏهن جسٽس فرخ لطيف جوابدارن جي موجودگي ۾ ٻڌايو ته نواز شريف کي ڪا حيرت ڪو نه ٿي. جيتوڻيڪ هي ٻيو ڪيس آهي جنهن ۾ نواز شريف کي ته سزا ملي پئي پر سندس شريڪ ملزمن کي باعزت بري ڪيو ٿو وڃي. ان بابت ڪيترائي مبصر حيران آهن ته جڏهن هڪ ڏوهه ۾ هڪ ملزم آزاد ٿئي ٿو ته ٻيو ملزم سزا ڇو ٿو کائي؟ جيتوڻيڪ انهيءَ پهلو هيليڪاپٽر ڪيس سان دلچسپي رکندڙن جي ذهن ۾ پڻ ڪيترائي سوال اڀاري ڇڏيا آهن پر جيئن ته هي عدالت جو فيصلو آهي تنهن ڪري ان فيصلي جي سببن بابت وڌيڪ گهرائيءَ ۾ نٿو وڃي سگهجي.
هيليڪاپٽر ڪيس جو 72 ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويو ۽ نواز شريف جنهن پاڻ ترت انصاف لاءِ خصوصي عدالتون ٺاهيون ۽ ان وقت جي احتساب قانون کي اڪثريت جي اضافي اختيار سان لاڳو ڪيو هو، هاڻ سندس ساڳيو ئي ٺاهيل قانون هن جي ڳچيءَ ۾ پيو آهي. جون 93ع کان 97ع تائين نواز شريف ملڪيت جا غلط تفصيل ڏيندو رهيو. هن آگسٽ 93ع ۾ 550 ڊالر في ڪلاڪ (اڏام وارو عرصو) جي حساب سان روس کان MI-8 هيليڪاپٽر ڪرائي تي حاصل ڪيو پر 2 مهينن بعد آڪٽوبر 93ع ۾ هن 8 لک ڊالر ۾ ساڳيو هيليڪاپٽر عبدالرحمان نالي رجسٽر ڪرائي خريد ڪيو. ان جي مرمت تي 80 هزار ڊالر ۽ پائلٽ جي پگهار ۽ پيٽرول تي 13 لک 77 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا. بعد ۾ اهو هيليڪاپٽر ڪريش ٿي ويو هو. اهو ڪڏهن به هن ملڪيت ۾ ظاهر نه ڪيو. هن اهو هيليڪاپٽر اليڪشن مهم لاءِ ورتو هو. جنهن ۾ 28 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي.
نواز شريف کي آيل هاڻوڪي سزا خلاف ڪو به خاص احتجاج نه ٿيو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر ايترو به نه جيترو ڪراچي ۾ جهاز سازش ڪيس ۾ ٿيو هو. جهاز ڪيس جو فيصلو سنڌ ۾ آيو، جج به سنڌ جو هو جنهن ۾ ڪجهه قانوني ماهرن پاران هن کي وڏي سزا اچڻ جا امڪان به ظاهر ڪيا پئي ويا پر سنڌ جي عدالت کيس وڏي ۾ وڏي سزا ڪو نه ڏني هئي پر پنجاب جي عدالت پاران وڌ ۾ وڌ سزا ڏيڻ وارو آپشن استعمال ڪيو ويو آهي ۽ هن کي 2 ڪروڙ ڏنڊ، 14 سال سخت پورهئي سان ٽيپ ۽ 21 سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ان کان وڌيڪ ان ڏوهه جي سزا قانون ۾ ڪو نه هئي.
مسئلو رڳو نواز شريف کي سزا اچڻ جو ناهي پر ان سان گڏوگڏ جيڪي ٻيون ڪوششون ٿي رهيون آهن انهن جي نتيجي ۾ نواز شريف نه صرف سياسي بحران پر گهريلو بحران جو به شڪار ٿي رهيو آهي. شهباز شريف ۽ نواز شريف ۾ ڪلثوم نواز جي ابتن سبتن بيانن، سعيد مهدي ۽ سيف الرحمان جي مهربانين سبب ايترا اختلاف ٿي ويا آهن جو معاملو هاڻي وڏي پاڻي ۾ پهچي چڪو آهي. ميان شريف به ان معاملي تي شهباز شريف جي حمايت پيو ڪري. حمزو شهباز ۽ ٻين کي به نواز شريف تي ڪاوڙ آهي. خود نواز شريف جا پٽ به والد ۽ ماءُ جي پاليسي ۽ عمل تي خوش ناهن. پريشاني جي عالم ۾ جيڪڏهن نواز شريف بدستور چيڙاڪ انداز نه ڇڏيو ته خانداني اختلاف ملڪيت جي ورهاڱي کان رائيونڊ جي ورهاست تائين وڌي ويندا ۽ عدالتن جي زينت بڻبا. ان ڏڦيڙ جي نتيجي ۾ جيڪي الزام لڳندا ۽ راز فاش ٿيندا اهي احتساب بيورو لاءِ نوان ڪيس ٺاهڻ جو موثر مواد فراهم ڪندا.
خانداني ورهاڱي کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال سياسي فرنٽ تي ٿي رهي آهي. نواز شريف کي بلڪل اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي. اڄ ليگ ۾ قيادت جو بحران جنهن نقطي تي پهچي چڪو آهي تنهن ۾ سڀاڻي نواز شريف کي شيخ رشيد اهو به چئي سگهي ٿو ته پارٽي معاملن ۾ مداخلت نه ڪريو. اهو مرحلو نواز شريف لاءِ سياسي خودڪشي ڪرڻ برابر هوندو. بيگم ڪلثوم نواز نه صرف خانداني پر سياسي معاملن کي منجهائي ايترا مسئلا پيدا پئي ڪري جو نواز شريف جو گهيرو تنگ ٿيندو پيو وڃي. نواز شريف جو سياسي ڪيريئر ختم ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ٿي رهيون آهن انهن جي ڪاميابي جو امڪان هاڻي روشن ٿيندو پيو وڃي. 30 جولاءِ تي سڏايل مسلم ليگ واري مرڪزي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ٿي سگهي ٿو ته هن کي هٽائڻ جو فيصلو نه ٿي سگهي پر جيڪا نواز شريف جي خلاف سياسي ۽ خانداني طور گهرو جنگ جهڙي صورتحال آهي اها ميچوئر ٿيڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳندو.
موجوده حالتن ۾ جڏهن نواز شريف کي خاندان، ملڪيت ۽ سياست سميت هر شيءِ جي ورهاست وارو خوف ۽ خطرو آهي، هو پاڻ جيل ۾ آهي. اهڙي انتشار ۽ مايوسي واري ماحول ۾ لڳي ٿو ته هو وري ڪو ٻيو ڪارگل ڪرائسيس جهڙو انڪشاف نه ڪري.
هن دفعي سزا بعد حڪومت کي ڊپ هو ته پنجاب ۾ وڌيڪ رد عمل ٿيندو ۽ نواز شريف ڪٿي وري حمايت حاصل ڪرڻ نه شروع ڪري ۽ هن جو گراف وڌي نه وڃي. اهڙي خوف ۽ خدشي سبب ئي معلوم ٿيو آهي ته حڪومت ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري پنجاب جي عوام کي خوش ڪرڻ ۽ نواز شريف جي حمايت وڌڻ کي روڪڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي. جيتوڻيڪ اهو دليل ايترو وزندار نٿو لڳي پر ان کي يڪسر نظر انداز به نٿو ڪري سگهجي. ڇو ته اها حڪومت کي به خبر آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ اڪ مان ماکي لاهڻ جهڙو ڪم ناهي. فني ۽ سياسي طور ايتري اختلافي بڻيل مسئلي جيڪو خود حڪومت جي ڳچي ۾ پئجي سگهي ٿو ظاهر آهي ته بنا سوچ ويچار جي ڪو نه اٿاريو ويو هوندو. تنهن ڪري اهو دليل ڪافي حد تائين موزون لڳي ٿو ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ لپ سروس ۾ تيزي جو هڪ سبب يقينن اهو هوندو ته نواز شريف خلاف فيصلي تي ڪنهن به امڪاني رد عمل کي Cool Down ڪري سگهجي.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب موجوده حڪومت جو مدو 12 آڪٽوبر 2002ع تائين آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم واري شيڊول کي ڏسبو ته جون 2002ع ۾ عام چونڊون ڪرائڻيون پونديون ۽ آڪٽوبر ۾ اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي ٿيندو. هتي سوال اهو آهي ته جڏهن نئين سياسي حڪومت ايندي ته ان بعد نواز شريف کي مليل سزا جي حيثيت ڪهڙي هوندي؟ جيئن ضياءَ الحق پنهنجي دور ۾ ڪيل آئيني ترميمون بحال رکڻ جي شرط تي جوڻيجو حڪومت بحال ڪئي هئي. جيڪڏهن ان روايت موجب موجوده سرڪار به ايندڙ حڪومت لاءِ اهو شرط رکيو ته پوءِ نواز شريف سان سرانجام خان ۽ صابر شاهه به نه رهندا. بينظير سياڻپ اها ڪئي جو هوءَ اپيلن جي سماعت ۾ دير ڪرائيندي رهي پر نواز شريف ترت انصاف جي چڪر ۾ سڀ ڪارڊ شو پيو ڪندو اچي. خير سياسي ذهن ۽ ڏاهپ جو به ڪمال هوندو آهي ان لاءِ هن شريف تي ڪهڙي ميار آهي.
هيليڪاپٽر ڪيس لمحي لمحي جي ڪهاڻي:
• جهاز اغوا ڪيس ۾ 25 سال ٽيپ جي سزا ملڻ بعد برطرف وزيراعظم نواز شريف کي فورن هيليڪاپٽر ريفرنس کي منهن ڏيڻو پيو.
• ايم آءِ 8 هيليڪاپٽر ريفرنس جي شنوائي سرڪار پاران اٽڪ قلعي ۾ خاص طور تي قائم ڪيل احتساب عدالت ۾ ڪئي وئي.
• احتساب عدالت جي جج جناب فرخ لطيف ريفرنس جي ڪارروائي 72 ڏينهن ۾ مڪمل ڪئي.
• نواز شريف ۽ سيف الرحمان کي هيليڪاپٽر ريفرنس جي شنوائي لاءِ پهرين جون تي ڪراچي مان هڪ خاص اڏام وسيلي راولپنڊي آندو ويو.
• پهرين جون تي ئي نواز شريف کي شام جو 5 لڳي 35 منٽن تي ۽ سيف الرحمان کي 5 لڳي 20 منٽن تي اٽڪ قلعي پهچايو ويو.
• احتساب عدالت ۾ قومي احتساب بيورو پاران 920 صفحن تي ٻڌل هيليڪاپٽر ريفرنس داخل ڪيو ويو.
• 2 جون کان احتساب عدالت جي جج شنوائي شروع ڪئي.
• احتساب عدالت جي رجسٽرار راجا محمد شفيق جي هدايت تي عدالتي ڪمري ۾ لائوڊ اسپيڪر لڳايا ويا.
• سرڪاري ڌر پاران نيب جو پراسيڪيوٽر جنرل فاروق آدم، ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل راجا محمد بشير ۽ الياس صديقي پيش ٿيا ۽ جوابدارن جي پيروي مجيب الرحمان، ملڪ رفيق، ظفر علي شاهه ۽ سعيديه عباسي ڪئي.
• ساڳئي ڏينهن 2 جون تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي.
• فرد جرم موجب نواز شريف تي 93ع کان 97ع تائين پنهنجا اثاثا لڪائڻ ۽ آمدني جا وسيلا پڌرا نه ڪرڻ، جڏهن ته سيف الرحمان تي ايم آءِ 8 هيليڪاپٽر جي خريداري ۽ اهو استعمال ڪرڻ ۾ مدد جا الزام هنيا ويا.
• ساڳئي تاريخ (2 جون) تي نواز شريف ۽ سيف الرحمان پنهنجن وڪيلن سوڌو عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو. جيڪو آخر تائين جاري رهيو.
• سرڪاري ڌر پاران عدالت کي 22 شاهدن جي لسٽ ڏني وئي.
• جون تي نواز شريف عدالتي وقفي دوران صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪارگل جي معاملي تي تڪراري بيان ڏنو.
• نواز شريف پاران ورتل هيليڪاپٽر ۾ 28 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي جڏهن ته عام هيليڪاپٽر ۾ 6 کان 12 ماڻهو ويهڻ جي گنجائش هوندي آهي.
• (23 جولاءِ 2000ع)