هڪ ووٽ جي برتريءَ وارو وزيراعظم ۽ فارورڊ بلاڪ
توقعات کان تمام گهٽ يعني 172 ووٽ کڻي مسلم ليگ (ق) جو مير ظفرالله خان جمالي نيٺ ڪالهه وزيراعظم ٿي ويو. اڄ امڪان آهي ته هو ملڪ جي 20 هين وزيراعظم طور قسم کڻندو. ظفرالله جمالي کي شايد ڪاميابي جو يقين هو تڏهن ئي تقرير کيسي ۾ لکي کڻي آيو هو. مسلم ليگ (ق) کي ڪالهه مليل ووٽن کي جيڪڏهن ڏسجي ته ظفرالله جمالي کي قائد ايوان/وزيراعظم جو مان پ پ جي فارورڊ بلاڪ وارن 10 ڄڻن عطا ڪيو آهي. 342 ميمبرن واري هن ايوان ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته 10 رڪني فارورڊ بلاڪ جي حمايت جي باوجود به هن کي گهربل ووٽن کان رڳو هڪ ووٽ وڌيڪ مليو آهي. 4 ووٽ ڊبل سيٽ وارا ۽ 5 ايم اين ايز پاران قسم نه کڻندڙ علي محمد مهر، ارباب غلام رحيم، صدر الدين شاهه ۽ رئوف صديق (متحده قومي موومينٽ) وارا شامل آهن. جيڪڏهن سڀاڻي ننڍي چونڊ ۾ انهن تڪن تان جمالي جا حامي کٽي به آيا، تڏهن به هن کي 9 ووٽ ٻيا ملندا ۽ هو 342 ميمبرن مان 181 ووٽن وارو ڪمزور ترين وزيراعظم هوندو. اول ته انهن تڪن تي ننڍي چونڊ ۾ نتيجا ضروري ناهن ته مسلم ليگ (ق) جي حق ۾ اچن پر جيڪڏهن کڻي آيا به سهي ته به جمالي 10 ووٽن جي معمولي فرق سان وزيراعظم هوندو ۽ اهي 10 ووٽ فارورڊ بلاڪ جا آهن. قسم نه کڻڻ وارن ۾ بي اين پي جو رئوف مينگل به شامل آهي. جيڪو جلد قسم کڻي اپوزيشن ۾ هليو ويندو.پارليامينٽ ۾ مستقبل ۾ ننڍي چونڊ بعد 3 گروپ هوندا. حڪومت واري گروپ ۾ 181 ميمبر هوندا. متحده مجلس عمل جي پارلياماني ليڊر جي اڳواڻي ۾ 87 ميمبر ۽ مخدوم امين فهيم جي اڳواڻيءَ ۾ 70 ميمبر هوندا. بظاهر اها صورتحال ته (Banana states) جهڙي لڳي ٿي ۽ پاڪستان جي 1950ع واري ڏهاڪي جهڙي به نه، جنهن ۾ وزيراعظم تبديل ٿيڻ معمول جو مسئلو هو. پاڪستان جي 56 سالن جي تاريخ ۾ اڪيلو ذوالفقار علي ڀٽو بطور وزيراعظم مدو پورو ڪري سگهيو، باقي 19 ئي وزيراعظم مدو پورو نه ڪري سگهيا. جيڪڏهن 71ع ۾ ملڪ نه ٽٽي ها ۽ حالتون خطرناڪ نه هجن ها ته شايد ڀٽو به مدو پورو نه ڪري سگهي ها ۽ شايد هن کي مدو پورو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ئي جان جي قرباني ڏيڻي پئي. 1955ع کان 1958ع تائين 5 وزيراعظم تبديل ٿيا جن مان 3 وزيراعظم رڳو 1957ع ۾ تبديل ٿيا هئا. جن ۾ حسين شهيد سهر وردي، ابراهيم اسماعيل چندريگر ۽ ملڪ فيروز خان نون شامل هئا. 172 ووٽن وارو هاڻوڪو وزيراعظم مير ظفرالله جمالي جنهن کي ضياءُ الحق 1985ع ۾ وزيراعظم بڻائڻ چاهي پيو، پر نه ٿي سگهيو، ان جي 17 سالن کان پوءِ خواهش ته پوري ٿي وئي آهي پر خبر ناهي گهڻن ڏينهن لاءِ ڪالهه تائين سڀني کي وزير بنائڻ جا آسرا ڏيندڙ مير ظفرالله جمالي توڙي چوڌري شجاعت ڏسجي ته ڪنهن ڪنهن کي وزير ٿا ڪن. وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏجڻ بعد به 172 ميمبر مس ٿيا آهن. فيصل صالح حيات پاران هر هر اهو چوڻ ته هنن جو بينظير سان رابطو آهي ۽ ان بعد اهي خبرون شايع ٿيڻ ته پ پ وارا فارورڊ بلاڪ ذريعي حڪومت سان بارگين ڪري رهيا آهن، ان کان پوءِ ڪالهه پارليامينٽ جي پريس گيلري ۾ توڙي لابيز ۾ صحافي توڙي سياستدانن ۾ سرٻاٽ هئا ته ڪمزور حڪومت کي طاقتور بڻائڻ ۽ ايل ايف او منظور ڪرائڻ لاءِ ممڪن آهي ته پ پ جا باقي بچيل 70 ميمبر به حڪومت جي حمايت ڪري ڇڏين. فيصل صالح حيات ۽ مخدوم امين فهيم ۾ غير اعلانيه سيز فائر ۽ هڪٻئي جي تعريف ڪرڻ واري انداز بعد انهن سرٻاٽن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ دل چوي ٿي. بظاهر ته پ پ اڳواڻ نويد قمر، ناهيد خان ۽ ٻيا حڪومت جي حمايت جو انڪار ڪري رهيا آهن پر اڃا به مير هزار خان بجاراڻي ۽ مخدوم امين فهيم سميت لاتعداد ماڻهو ”اصولن تي حڪومت جي حمايت ڪرڻ“ جي راءِ رکن ٿا ۽ ٿي سگهي ٿو ته مستقبل قريب ۾ انهن جون خواهشون حقيقت جو روپ ڌارين. جيڪڏهن جمالي جي حڪومت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جلد ئي ڪو فارمولو نه جڙيو ته هي حڪومت ڪنهن وقت به ڌڙام سان ڪري پوندي. ڇو ته طاهر القادري، حامد ناصر چٺا، اعجاز الحق فارورڊ بلاڪ، ايم ڪيو ايم، قومي اتحاد مان ڪنهن ڪنهن کي وزير بنائيندا. انهن کانسواءِ وڏ وزارت جي قرباني ڏيندڙ غوث بخش اڳ ۾ وزيراعظم ۽ بعد ۾ وزارت جي قرباني ڏني آهي. لياقت جتوئي به وڏ وزارت جي ڊوڙ مان نڪري آيو. همايون اختر ۽ خورشيد قصوري وزيراعظم جي اميدواري ڇڏي آهي. گهرو کاتو شجاعت پاڻ يا انتهائي اعتماد واري همراهه کي ڏيڻ چاهي ٿو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي ڪنهن کي ڪنهن کي راضي ڪندا. جنرل پرويز مشرف ناڻي، مواصلات ۽ ٻيون به ڪجهه وزارتون ساڳين همراهن لاءِ رکڻ چاهي ٿو. جڏهن ڪابينا ٺهي ۽ آسرا ختم ٿيا ته پوءِ هي وڻ وڻ جي ڪاٺي ڪيئن گڏ ٿيندي. اها صورتحال ته وري 50ع جي ڏهاڪي واري ياد ٿي ڏياري. ڏسجي ته هي حقيقي جمهوريت ۽ گڊ گورننس جو گاڏو گهڻا ڏينهن ٿو هلي؟ ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ نئين چونڊيل اسپيڪر جي ڪارڪردگي ڏسي مالڪن کي به مايوسي ٿي هوندي ته هي ڪٿان ۽ ڪيئن تقريرن جي ماهرن، ذاڪرن ۽ عالمن جي مضبوط ۽ ڀرپور اپوزيشن کي ڪنٽرول ڪندو. سندس انگريزي جا پول به ڪالهه ڪافي پڌرا ٿيا. هن جي چيل جملن ته You are take seat, Bells are run تي جيڪي ڪوڪرا، هوڪرا ۽ ٽهڪڙا ٿيا، انهن ته ويچاري امير حسين جا هوش اڏايا آهن. اڃا جڏهن اخبارن ۾ هاڻي کان پوءِ هن تي رحم جي نظر ٿيندي ان بعد ته لڳي ٿو ته هو ڪٿي صحافين تي پابندي نه هڻي ڇڏي. ڪالهوڪي اجلاس ۾ اعجازالحق جڏهن مارشل لا مخالفت ۾ جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جي ڳالهه پيو ڪري ته ٿوري دير لاءِ خوشي ٿي، پر هڪدم ذهن آڏو 77ع کان 88ع واري 11 سالن جي راڄ جي ياد به تري آئي، جڏهن ميٽرڪ جي شاگردن کي جيئي ڀٽو جو نعرو هڻڻ تي ڦٽڪا هنيا ويا. جمهوريت جي ڳالهه ڪندڙن کي جيل ۾ وڌو ويو، مظاهرا ڪندڙن کي موت ڏنو ويو، يونيورسٽين ۽ ڪاليجز کي ٿاڻن ۾ بدلايو ويو. ان جو پٽ اعجازالحق انهن ڏوهن ۽ ظلمن کي Justified ته شايد ڪڏهن نه ڪري سگهي ۽ هو چوندو آهي ته ان زماني ۾ هو آمريڪا ۾ هو، پڙهائي مڪمل ڪري بئنڪ آف آمريڪا ۾ آفيسر طور ڪم ڪري رهيو هو. اڄ سندس واتان جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي جا لفظ ٻڌي به يقين نه پئي آيو ته ڪو هو دل سان چوندو هوندو. هڪ پاسي ايل ايف او جي مخالفت، ٻئي پاسي ايل ايف او جي حامين کي ووٽ ڏيڻ وقت ئي سندس اظهار راءِ جي ارادن جو فيصلو ٿي ويو هو، پر اسان جي دعا آهي ته هڪ آمر جي پٽ کي الله جمهوريت جي تبليغ جي توفيق ڏئي.
فارورڊ بلاڪ ۾ شامل پ پ جي انهن ڀڳوڙن مان ٽن ميمبرن ڌار ڌار ڪيل ڪچهرين دوران پ پ ڇو ڇڏڻ واري سوال تي چيو ته اسان کي پ پ وارن ڏنو ئي ڇا آهي. ڪنهن 27 ڪنهن 20 سالن جي پ پ سان وابستگي جا حوالا ڏيندي چيو ته اسين اليڪشن پنهنجي خرچ ۽ طاقت تي کٽي ايندا آهيون. هنن کي پارٽي ۾ عزت نه ڏني وئي. مخالفن ۽ دشمنن کي مسلط ڪيو ويو. اڄ ڪهڙي منهن سان پارٽيءَ وارا حساب ٿا گهرن. ڪالهوڪي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ طاهر القادري جڏهن انگريزي ۾ تقرير شروع ڪئي ته فضل الرحمان توڙي قاضي سميت اڪثر حضرات هن کي غور سان ڏسي رهيا هيا. مولانا فضل الرحمان ته حجت ۾ الائي ساڙ مان کيس چئي به ڏنو ته اردو ۾ ڳالهايو پر طاهر القادري انگريزي ۾ ئي ارشاد فرمايو ۽ نيٺ مولانا فضل الرحمان سميت 58 عالمن مان اڪثر جي ڪنن تي ترجمو ٻڌڻ لاءِ هيڊ فون پئي نظر آيا. حڪومتي ايم اين ايز ٻڌايو ته وزيراعظم جي چونڊ کان هڪ ڏينهن اڳ نئين چونڊيل اسپيڪر جنهن کي وڌ ۾ وڌ قابل قانوني ماهر سمجهي چوڌري شجاعت، اسپيڪر چونڊايو، تنهنجو ايل ايف او بابت ڏنل بيان تي پهريون ڪلاس چوڌري ورتو ۽ کيس دڙڪا به ڏنا ۽ چيو ته ”آ بيل مجهي مار“ وارو ڪم نه ڪر، چوڌري امير حسين جو تڪيه ڪلام آهي ”چونڪه چناچه“ هر جملي ۾ 3 دفعا چونڪ- چناچه ضرور چوندو آهي ۽ هن جي ان چونڪ چناچه ٻڌي ٻڌي مشهور جملي باز حافظ حسين احمد کان رهيو نه ٿيو ۽ نيٺ اٿي چيائين اسين تو واري چونڪ چانچه مان ڦاٿا آهيون. مولانا فضل الرحمان جڏهن تقرير دوران پهريون دفعو خوبصورت جملو چيو ته ”وفاداري بدلائڻ وارن ميمبرن ضمير نه، پر جنرل ضمير جي آواز تي وفاداري تبديل ڪئي آهي“ ته ايوان ۾ ڏاڍا ڊيسڪ وڳا پر اڪثر صحافي چئي رهيا هئا ته هن اهو جملو حافظ حسين احمد جو چورايو آهي. جنرل ضمير مشهور شاعر ضمير جعفري جو پٽ ۽ آءِ ايس آءِ جي سياسي شعبي جو سربراهه به آهي.
ڪالهوڪي اجلاس ۾ مير هزار خان جڏهن شگفته جماڻي سان سياسي معاملن تي صلاح مشورا ڪري رهيو هو ته اڪثر ايم اين ايز ۽ پريس گيلري وارن جون تير کان تيز نطرون هنن تي کپي ويون. شگفته کي وڏي سياسي جدوجهد بعد جنرل مشرف جي عورتن لاءِ رکيل سيٽن سبب ايم اين اي جو عهدو عطا ٿيو ۽ کيس سياسي قربانين جو صلو مليو آهي. عورتن جي مخصوص سيٽن تي آيل 60 ئي عورتون منهن تي ڀلي نه چون پر دل ۾ Thanks to Musharaf ضرور چونديون هونديون. اجلاس دوران نويد قمر جڏهن وزيرن سان ملڻ ويو ته خير محمد جوڻيجو، نثار ميمڻ ۽ شوڪت عزيز هن سان ڏاڍي چاهه مان اٿي احترام سان هٿ ملايو. هڪ ڏينهن جا اهي مهمان وزير شايد ايڏي تپاڪ سان ان ڪري ساڻس مليا جو کين خبر آهي ته هاڻي هنن جا ڏينهن پورا آهن. مولانا محمد خان شيراني جنهن تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ڪچن ۽ ڪمري جو بل هزارين رپيا رهيل هو اهو به خاص توجهه جو مرڪز بڻيل هو. اڇي ڏاڙهي ۽ ڊگهي قد وارو مولانا محمد خان شيراني ڪارو چشمو پائي آئين جو بغور مطالعو ڪري رهيو هو. جنهن تي صحافين چيو ته لڳي ٿو مولانا سان اکين جو مسئلو آهي جو ايوان اندر به ڪارو چشمو پائي ويٺو هو.
(22 نومبر 2002ع)