وفاق جا وچن ۽ سنڌ حڪومت
سنڌ حڪومت جي سموري انتظامي ۽ سياسي قيادت ٻن راتين ۽ اڍائي ڏينهن جي اسلام آباد ياترا بعد واپس ”وطن“ پهچي وئي آهي. گادي واري شهر ۾ ترسڻ دوران هنن کي وزيراعظم سميت ڪنهن به وفاقي نمائندي ڪنهن به قسم جي گارنٽي ڪو نه ڏني آهي. يعني نه سنڌ جي وفاق ڏانهن ڦاٿل رقم رليز ٿي آهي ۽ نه ئي سياسي مضبوطي جي ڪا واٽ کين ٻڌائي وئي آهي. سنڌ جو گورنر ليفٽيننٽ جنرل معين الدين حيدر، وڏو وزير لياقت علي جتوئي، قانون وارو وزير سليم ضياءَ، چيف سيڪريٽري سعيد مهدي، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري شاهد نذير، انسپيڪٽر جنرل پوليس آفتاب النبي، قانون وارو صوبائي سيڪريٽري علي احمد جوڻيجو ۽ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي اي وهاب آيا هئا. هنن جي چوڌري شجاعت، چوڌري نثار، جنرل (ر) مجيد ملڪ، ڪيپٽن (ر) حليم صديقي سان ملاقات ٿي. پروگرام موجب سيد غوث علي شاهه کي به شامل ٿيڻو هو پر هن کي سنڌ وارن جي ڪري ڪو نه گهرايو ويو. سنڌ حڪومت جي لابي موجوده وفاقي وزيرن، ڪامورن، راولپنڊي وارن ۽ صحافين جي حلقن ۾ ڪمزور آهي جنهن ڪري هنن کي پنهنجو موقف مڃرائڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.
سنڌ هائوس جي سي ايم انيڪسي ۾ ٿيل رات جي پيٽ واري ان اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي حوالي سان ڪو وڏو فيصلو نه ٿي سگهڻ ڪري هاڻي ته سنڌ سان لاڳاپيل اهي مسلم ليگي جن کي ڪوٽا پوري ڪرڻ خاطر وفاق جي جانڊهه ۾ ٻڌو ويو آهي اهي به چئي رهيا آهن ته هاڻي سنڌ جو سيٽ اپ بونس تي هلي رهيو آهي. پاڪستان حڪومت پاران جڏهن کان ملڪ ۾ ٿيل بم ڌماڪن جا الزام ڀارتي ايجنسي ”را“ تي لڳايا ويا ته ان معاملي کي عالمي سطح تائين اٿارڻ بعد اهي وڏا ڌماڪا بند ٿي ويا آهن پر هلڪا ڦلڪا ڌماڪا اڃا به جاري آهن. ڀارت تي پاڪستان سرڪار جي لڳايل انهن الزامن جي وضاحت ايم ڪيو ايم جي رهبر الطاف حسين ڪندي چيو آهي ته انهن ڌماڪن ۾ ڀارت ملوث ناهي سندس اهڙو انٽرويو پرڏيهي اليڪٽرانڪ ميڊيا تان نشر ٿيڻ بعد پنجاب جي اخبارن ۾ به شايع ٿيو آهي. الطاف جي ان انٽرويو تي راولپنڊي وارن شديد اعتراض واريندي حڪومت تي واضح ڪيو آهي ته اهڙا الزام ملڪي سلامتي لاءِ هرگز فائديمند ناهن تنهنڪري اوهين پنهنجي اتحادين جي اهڙي رويي جو نوٽيس وٺو. الطاف حسين جي اهڙي بيان بعد لاهور قيام دوران گهرو کاتي جي وفاقي وزير چوڌري شجاعت کان جڏهن 31 مارچ تي لاهور ۾ اخبار وارن پڇيو ته اوهان جو الطاف جي ان بيان بابت تبصرو ڇا آهي ته هن چيو ته الطاف کي اهڙا بيان نه ڏيڻ گهرجن. وفاقي حڪومت جيڪا اڳ ۾ اهو چاهي رهي هئي ته سنڌ ۾ مسلم ليگ جي حڪومت هر قيمت تي جاري رهي اها هاڻي به چاهي ٿي پر حالتن سبب هاڻ هو سنڌ حڪومت جي مستقبل کي ”وسيع تر مفاد“ جي تناظر ۾ ڏسي رهيا آهن. اهڙي قسم جي بوءِ سنڌ جي اسلام آباد ياترا تي آيل وفد به سونگهي ورتي آهي. بقول هڪ سينيئر سنڌي ڪاموري جي ته جيڪڏهن اهڙي صورتحال نه هجي ها ته عالم چني کي علاج لاءِ سنڌ ڪابينا 53 لک رپيا نه ڏئي ها. عالم چنو جيڪو گذريل ڪيترن مهينن کان دانهون ڪري رهيو هو تنهن جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو پر اوچتو مٿس مهرباني سنڌ حڪومت جي ان رويي جي نرمي کي ظاهر ڪري ٿي جيڪا سندن لهجي، اسٽائيل ۽ انداز ۾ ايندي آهي. هر سياڻي سياست دان جو اهو ڪم هوندو آهي ته جڏهن هن کي ڪم پورو ٿيندي نظر اچي ته هو جن ماڻهن، ڌرين ۽ ادارن سان اقتدار جي خمار ۾ ڦٽائي ويٺو هو انهن سان ٺاهي وٺي.
سنڌ حڪومت کي ڦاٿل پئسن ملڻ جو ڪو آسرو به ڪو نه مليو آهي. کين اهو چيو ويو آهي ته 4 اپريل تي جڏهن بين الصوبائي رابطن واري ڪاميٽي جو اجلاس ٿيندو ته ان ۾ ويچاريو ويندو. سنڌ وارا آيا هئا پئسا وٺڻ پر خميس ڏينهن صبح جو ستين وڳي سنڌ ايڊمنسٽريشن وارن کي وزيراعظم ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾سڏائي 4 ڪلاڪ خرچ گهٽائڻ ۽ بچت ڪرڻ جو ليڪچر ڏنو.
گادي واري شهر ۾ ته اها چوپچو به عام ٿي وئي آهي ته سنڌ وارو موجوده سيٽ اپ ڪو گهڻو هلندي ڏسڻ ۾ نه پيو اچي ۽ ٿي سگهي ٿو ته عيد کان پوءِ دما دم مست قلندر شروع ٿي وڃي. جيتوڻيڪ اپريل فول وارو ڏينهن ته گذري ويو آهي. جنهن ڏينهن تي ٻين ته ٺهيو پر ڪيترن اخبار وارن به پاڻ کي ”فولش“ ثابت ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس نه ڪئي پورا ٻه ٻه ڪالم اپريل فول ملهائڻ ۾ ضايع ڪيا. ساڳئي نموني وفاق وارا به سنڌ جي حوالي سان معاملن متعلق جيڪو قدم کڻڻ جو پهه ڪري چڪا آهن اهو اپريل فول نه پر غير منطقي هجڻ جي اعتراف جيان آهي. سنڌ جي مٿين عهدن وارا اهي آفيسر هڪ ئي وقت هڪ ئي جهاز ۾ ۽ هڪ ئي ڪم سان ڪڏهن به اسلام آباد ڪو نه آيا هئا، مسلم ليگ جي هني مون وارن 13 مهينن تي ٺهيو پر نصير الله بابر جي انهن خوفناڪ ڏينهن ۾ به ڪو نه آيا هئا جڏهن روزانو دهشتگردن توڙي وردين وارن هٿان درجنين ماڻهو مرڻ عام ڳالهه بڻيل هئي. هي همراهه خبر ناهي ته ڪهڙيون آسون ۽ اميدون کڻي آيا هئا پر وفاقي نمائندن سان ملڻ بعد قادر جوڻيجو واري مضمون ۾ نسيم کرل جي ڪهاڻي جي ان ڪوٽ ڪيل جملي ته ”وڏيرو به ٺري پيو ۽ سندس زمين به ٺري پئي“ فرق رڳو اهو هو ته نسيم وارو وڏيرو لاهور آيل هو، هي وڏيرا اسلام آباد آيا هئا.
گادي واري شهر ۾ برسات وارو پاڻي جڏهن مختلف پهاڙن تي، پهاڙن جي آغوش ۾ بيٺل ڀنگ جي ٻوٽن کي ڇهي راول ڊيم ۾ اچي ڪرندو آهي ته ڀنگ جي نشي وارو اثر پاڻي ۾ بدستور موجود رهندو آهي. اهو پاڻي جڏهن ڪيپٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سالن کان زمين اندر پوريل لوهه وارن زنگ آلود پائيپن ذريعي مختلف گهرن ۾ ايندو آهي ته اهو پاڻي پيئندڙ به نسيم کرل جي ان وڏيري وانگر ئي ٺري پوندو آهي. هتي ته حالت اها آهي ته منرل واٽر به جيڪو ملي ٿو ان ۾ ڀنگ جو ٺاهوڪو اثر هوندو آهي. سنڌ واري ٽيم تي به خبر ناهي ته ان ”سي ڊي اي“ جي زنگ آلود پاڻي جو اثر آهي يا منرل واٽر جو يا وري وفاقي حڪومت جي جيءُ جهوريندڙ، نشا اڏائيندڙ ڳالهين جو يا وزيراعظم جي ”خرچ گهٽايو بچت ڪريو“ جي ليڪچر جو اثر آهي جو هو به ٺري پيا آهن. هنن جي طبيعتن ۾ واپسي مهل جيڪا انڪساري يا نماڻائي هوندي ان جا مستفيض ٿيندڙ ته هنن لاءِ سوين سال اقتدار ۾ رهڻ جون شايد دعائون به ڪن.
8 اپريل تي ٻڪرن جي قرباني واري عيد ٿي رهي آهي جنهن بعد ماڻهن جي قرباني شروع ٿيندي اهڙو بيان ته سائين پير صاحب پاڳاري کي ڏيڻ گهرجي ها پر هن خبر ناهي ڇو هن ڀيري دير ڪئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته پير صاحب ان آسري ۾ هجي ته ”سنڌ ۾ ايندڙ ڪنهن به غير سياسي نوعيت جي تبديلي کان اڳ فنڪشنل ليگ کي سنڌ حڪومت ٺاهڻ جي آڇ ٿئي.“ وري سيد مظفر شاهه جو ڀاڳ کلي. جيئن ته اهڙو فيصلو ڪندڙ ”مامون جان“ وارن کي پير صاحب سٺي نموني سڃاڻي ٿو تنهن ڪري هنن کان اهڙو سٺو فيصلو ٿيڻ جو حقيقت ۾ ته هن کي آسرو نه رکڻ گهرجي پر پوءِ به اهو اميد ٻڌيو ويٺو آهي، پاڻ ته سندس لاءِ دعا ئي ڪري سگهون ٿا. خير اسان جهڙن گنهگارن جي دعائن جي پير صاحب کي ضرورت به ناهي ڇو ته هو پاڻ ئي الله ۽ ماڻهن جو پهتل بندو آهي. الله ڪري عيد خير سان گذري.
23 مارچ تي قيدين کي مليل سزا ۾ گهٽتائي وارو صدر تارڙ جو تحفي جو ثمر اڃا قيدين کي مليو ئي ناهي ته مٿان عيد جي موقعي تي وري صدر تارڙ قيدين جي سزا ۾ ڇوٽ ڏيڻ وارو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته صدارت ماڻڻ بعد تارڙ جو وڏي ۾ وڏو سٺو ڪم اهو ئي نظر ايندو پر ان جي به حقيقت اها آهي ته هن جيڪا قيدين جي سزا ۾ ڇوٽ ڏني آهي ان تي جيل انتظاميه اڃا عمل به شروع نه ڪيو آهي. تارڙ کي گهرجي ته هو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ان فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ حڪومت وارن وٽ احتجاج ڪري ته به سندس لئي ٿي ويندي. ٻيو ڪو کيس مڃي نه مڃي پر قيدي هن جا مداح ضرور ٿيندا. مون کي ٻن هفتن ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ قيد ڪجهه قيدين جا اسلام آباد ۾ خط مليا آهن جن جيل ۾ ٿيندڙ ظلمن جا داستان لکندي دانهون ڪيون آهن. هنن غريبن جا نالا شايع ڪرڻ تي جيل وارا مٿن ڪاوڙجي سگهن ٿا ۽ يقينن ڪاوڙبا ڇو ته اتي هاڻي ميجر (ر) کوسو آهي جنهن جي وحشت جو اندازو قيدين کانسواءِ ٻئي کي ٻاهر رهندي نٿو ٿي سگهي. قرآن ۽ خدا جا واسطا ڏيندي قيدين لکيو آهي ته سندن دانهون اخبار ذريعي وس وارن تائين پڄايان. خبر ناهي ته اهي وس وارا سندن دانهون ٻڌندا يا نه پر هنن جي تسڪين خاطر اسين پنهنجو ڪم ڪريون پيا. انهن قيدين کي صلاح اها آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس اجمل ميان جي نالي سپريم ڪورٽ بلڊنگ اسلام آباد جي ايڊريس تي خط لکن ۽ ساڳئي ايڊريس تي جسٽس ناصر اسلم زاهد کي خط لکن ته شايد هنن سان ٿيندڙ ڏاڍاين جو ترت ازالو ٿي سگهي ٿو. باقي ميجر کوسي ۽ سنڌ جي سويلين انتطاميه آڏو روئڻ اجايو آهي. سکر جيل مان آيل خطن ۾ قيدين لکيو آهي ته ”جيل سپرنٽينڊنٽ ميجر کوسو آيو آهي ۽ جهڙتي دوران قيدين کان هڪ لک رپين جو سامان ڦريو ويو آهي جيڪي هنن ٽوپيون، ڀرت ڀريل ڪپڙا، اڳٺ ۽ ٻيو سامان تيار ڪيو هو اهو عيد خرچي جي نالي ڦري ويو آهي. جيڪو نئون قيدي اچي ٿو تنهن کان 3 کان 5 هزار رپيا سلامي ورتي ٿي وڃي. قيدين جي ملاقات وارو سامان به کاڌو ٿو وڃي. جيڪو قيدي غريب آهي ۽ پئسا نٿو ڏئي سگهي ان تي تشدد ڪيو وڃي ٿو. 200 قيدي بند وارڊ ڪيا ويا آهن 400 قيدين بک هڙتال به ڪئي پر ڪو فائدو نه ٿيو. قيدين کي حاضري تي به پيش نٿو ڪيو وڃي. جيڪو جيلر کي خرچي ڪرائي ٿو تنهن کي حاضري تي موڪليو وڃي ٿو.“
جيل ريفارمز تي سابق چيف جسٽس سجاد علي شاهه ڪافي اپاءَ ورتا هئا. پاڪستان لاءِ ڪميشن ذريعي هن جيل جي قانونن ۾ ترميم ڪرڻ بابت حڪومت کي سفارشون به ڪيون هيون پر اڃا تائين اهو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ حڪومت عبدالله شاهه جي آخري ڏينهن ۾ جيل ريفارمز جي حوالي سان سڀني کان وڌيڪ ڪم ڪيو هو پر اهي اسيمبلي مان منظور نه ڪرائي سگهيا هئا. هونئن به اهڙا چڱا ڪم هميشه حڪمرانن کي آخري ڏينهن ۾ ياد ايندا آهن. اڄڪلهه ايم ڪيو ايم وارا صرف ريفارمز آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن. شايد انهن کي پڪ آهي ته گهڻن جي حصي جو جيل هنن کي ڀوڳڻو پوندو. پي پي حڪومت سان شروع ٿيل عدليا واري جهيڙي جو هڪ مک سبب جيل ريفارمز به چيو وڃي ٿو ۽ وري پاڪستان لاءِ ڪميشن جي هلندڙ مهيني جي آخر ۾ رٿيل اجلاس ۾ اهو معاملو اٿندو. حقيقت اها آهي ته جيل ريفارمز کڻي ڪيترا به آندا وڃن پر اصل ڳالهه انهن تي عمل ڪرائڻ جي آهي. جيڪڏهن موجوده جيل مينوئل تي به عمل ٿي وڃي ته قيدين جا 50 سيڪڙو جائز مسئلا حل ٿي ويندا.
(3 اپريل 1998ع)