بينظير ڪيس فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿئي ٿو
فيبروري 1979ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي سپريم ڪورٽ ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي. سزا ٻڌائيندڙ بينچ شروع ۾ 9 رڪني هئي پر سماعت هلندي هلندي. جسٽس قيصر خان جي مدت پوري ٿي وئي ۽ هن کي رٽائر ڪيو ويو، باقي 8 جج بينچ ۾ بچيا هئا، جن مان جسٽس وحيد الدين، جيڪو بيمار هو، تنهن کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪيو ويو. جسٽس وحيد الدين آخر تائين چوندو رهيو ته هو بيمار ناهي ۽ کيس بينچ ۾ شامل ڪيو وڃي پر هن کي بينچ مان خارج ڪيو ويو ۽ فيصلو 7 رڪني بينچ ڪيو. جن مان چئن ججن ڦاهيءَ جي حمايت ڪئي ۽ ٽن ججن مخالفت ڪئي. دنيا جي عدالتي تاريخ جو شايد اهو پهريون واقعو هجي ته سماعت دوران هڪ جج رٽائر ٿي ويو ۽ ٻيو جج جيڪو سموري سماعت مڪمل ڪرڻ تائين ته بينچ ۾ شامل هو پر هڪ ڏينهن اسپتال چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ ويو ته کيس ضياءُ الحق جي سرڪار چيو ته ”سرڪار ججن جي صحت جو خاص خيال رکندي آهي ۽ اوهين مڪمل صحتياب ٿيڻ بعد ٻاهر ايندا.“ هو چوندو رهيو ته هو بيمار ناهي پر سرڪار هن کي بيمار ڊڪليئر ڪيو. هن چيو ته ”مان فيصلو لکي سگهان ٿو“ پر سرڪار کيس چيو ته ”اوهان آرام ڪريو.“ ڇو ته جسٽس وحيد الدين ڪيس جي سماعت دوران جيڪي ريمارڪس ڏنا هئا ۽ جنهن طريقي سان اعجاز بٽاولوي، جيڪو سرڪار جو وڪيل هو. ان کان سوال پڇندو هو، آبزرويشن ۽ ريمارڪس ڏيندو هو، تنهن مان واضح ٿي چڪو هو ته هو به انهن ٽن ججن سان گڏ بيهندو جن ڦاهي جي مخالفت ڪئي هئي جنهن 7 رڪني بينچ ۾ انهن چئن ججن ڦاهي جي حمايت ڪئي، تن ۾ جسٽس انوار الحق (چيف جسٽس)، جسٽس نسيم حسن شاهه، جسٽس چوهاڻ ۽ جسٽس محمد اڪرم شامل هئا. جسٽس محمد اڪرم، بينظير ۽ آصف کي سزا ڏيندڙ جج جسٽس قيوم جو والد هو ۽ سپريم ڪورٽ جو ايڊهاڪ جج هو. جن ٽن ججن ذوالفقار علي ڀٽو کي باعزت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، تن ۾ جسٽس دراب پٽيل، جسٽس حليم (جيڪو بعد ۾ چيف جسٽس بڻيو) ۽ جسٽس صفدر شامل هئا. بعد ۾ نظرثاني واري درخواست داخل ڪئي وئي ۽ ان جو به فيصلو ساڳيو آيو ۽ ايئن ذوالفقار علي ڀٽو کي 4 اپريل 1979ع تي اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ ڦاهي ڏني وئي.
اها ته ڀٽو ڪيس جي مختصر تاريخ هئي، جنهن جي باري ۾ اڪثر سياسي ڪارڪنن کي ڄاڻ هوندي، اسان اڄ ان جو ذڪر ان ڪري ڪيو ته اڄ ڪلهه سپريم ڪورٽ ۾ بينظير ۽ آصف زرداري کي مليل سزا خلاف اپيلن جي سماعت هلندڙ آهي ۽ اها سماعت هاڻي فيصلائتي موڙ تي پهچي وئي آهي ڪالهه ٠سومر ڏينهن عبدالحفيظ پيرزادي گرجدار آواز ۾ جڏهن اٽارني جنرل جا دليل پوري ٿيڻ کان پوءِ جسٽس قيوم جي گفتگو واري ٽيپ بابت داخل درخواست تي دليل شروع ڪيا ته عدالتي ڪمري ۾ سانت ڇانيل هئي، جج به کيس غور سان ٻڌي رهيا هئا، پيپلزپارٽي جا اڳواڻ به ڪافي تعداد ۾ آيل هئا. مخدوم امين فهيم، خورشيد شاهه، يوسف ٽالپر، خالد کرل، قائم علي شاهه، آفتاب ميراڻي، جنرل سروپ، اين ڊي خان، ناهيد خان ۽ ٻيا اڳواڻ ڪافي تعداد ۾ موجود هئا ۽ ڳچ عرصي کان پوءِ ڪالهه عدالتي ڪمرو ڀريل پئي لڳو، اڳواڻن کانسواءِ ڪارڪن به گهڻي تعداد ۾ آيل هئا.
ڪالهه جڏهن سماعت شروع ٿي ته اٽارني جنرل عزيز منشي دليل شروع ڪيا. هن جا دليل سرڪاري وڪيل ايس ايم ظفر کان مختلف نه هئا. حفيظ پيرزادي جي ان اعتراض ته ”اٽارني جنرل کي ڌر نه ٿيڻ گهرجي ۽ غير جانبدار ٿي قانوني راءِ ڏيڻ گهرجي.“ جو نوٽيس وٺندي جسٽس شيخ رياض اٽارني جنرل کي ڇنڊ پٽي ۽ چيو ته ”اوهان عدالتي آفيسر آهيو يا حڪومت جا وڪيل؟ جو ڌر بڻجي دليل ٿا ڏيو!“ جنهن تي اٽارني جنرل ڪجهه لمحن لاءِ چڪرائجي ويو پر جسٽس بشير جهانگيري مداخلت ڪندي معاملو ٿڌو ڪيو ۽ اٽارني جنرل کي چيو ته ” اهي دليل ايس ايم ظفر ڏئي چڪو آهي، اوهان نئين ڳالهه ڪريو ۽ اڳتي هلو“ اٽارني جنرل بعد ۾ دليل سميٽيندي مطالبو ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو وڃي. سندس اهو به چوڻ هو ته ”بينظير ۽ آصف کي سزا درست ملي آهي.“ ان کان اڳ هڪ موقعي تي جڏهن اٽارني جنرل چيو ته ”سوئيز عدالت مني لانڊرنگ بابت اڃا جانچ ڪري رهي آهي ۽ جانچ مڪمل ناهي ٿي.“ ته حفيظ پيرزادي کان اوچتو رڙ نڪري وئي ته ”پوءِ ڪيس ختم آهي.“
اصل ۾ ته هن ڪيس ۾ جيڪي سوئٽزرلينڊ کان شاهديون آيل آهن ۽ جيڪي دستاويز آيا هئا اهي سوئيز حڪومت بينظير ۽ آصف لاءِ موڪليا ته اهي کين ڏنا وڃن، ته جيئن هو مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ٿيندڙ جاچ ۾ جنيوا ۾ صفائي پيش ڪري سگهن. پاڪستان جي جنيوا واري سفارتخاني اهي ڪاغذ پاڪستان موڪليا ۽ سيف الرحمان کي خبر پئي ته هن اهي دستاويز پاڻ وٽ رکيا ۽ بينظير وارن کي کڙڪ ئي نه پئي.سيف الرحمان انهن دستاويزن کي سوئيز عدالتي ڪارراوئي جا دستاويز ڄاڻائي لاهور احتساب ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ۽ انهن دستاويزن جي بنياد تي بينظير ۽ آصف کي سزا ملي. بينظير ۽ آصف جي وڪيلن جو موقف آهي ته سوئٽزرلينڊ مان آيل اهي دستاويز هڪ ته حڪومت لاءِ نه آيا هئا، ٻيو ته اڃا انهن دستاويزن کي درست قرار ڏيڻ جو فيصلو جڏهن سوئيز عدالت ئي نه ڪيو آهي ۽ جنيوا ۾ ڪارروائي هلندڙ آهي ته انهن دستاويزن کي درست قرار ڏئي ۽ عدالتي دستاويز ڄاڻائي پاڪستاني ڪورٽ ڪيئن ٿي سزا ڏئي سگهي؟!! اهو هن ڪيس جو وچور آهي.
26 فيبروري 2001ع کان سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بينچ اپيلن جي سماعت شروع ڪئي آهي. اهو تاريخ جو عجيب اتفاق آهي ۽ تاريخ پاڻ ورجائي ٿي ته ڀٽو کي جنهن جج سزا ڏني، ان جي پٽ بينظير کي سزا ڏني، سپريم ڪورٽ ڀٽو کي سزا، فيبروري جي مهيني ۾ ڏني ۽ سپريم ڪورٽ 22 سالن بعد فيبروري ۾ ئي بينظير جي سزا خلاف اپيل جي سماعت شروع ڪئي آهي. موجوده 7 رڪني بينچ ۾ ڪو به اهڙو جج ناهي جيڪو ايندڙ چند مهينن ۾ رٽائر ٿئي. باقي ڪو بيمار ٿي پوي ته خدا کي خبر! قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس جي سماعت ڪندڙ بينچ نه ٽٽي ها ته 9 مان 5 جج ڦاهي جي خلاف ۽ 4 حق ۾ فيصلو ڏين ها پر جيڪي 7 جج بچيا هئا. انهن مان به چئن ڦاهي جي حق ۾ ۽ ٽن مخالفت ۾ فيصلو ڏنو هو، يعني ان 7 رڪني بينچ جو 4-3 سان فيصلو آيو هو. جڏهن ته هن بينچ ۾ به 7 جج آهن. جيئن ته اسين اڳ ۾ چئي چڪا آهيون ته بينظير ڪيس فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ وڪيلن جو خيال آهي ته ايندڙ جمعي تائين سماعت مڪمل ٿي ويندي. ٿي سگهي ٿو ته عدالت مختصر حڪم جاري ڪري فيصلو ٻڌائي يا وري فيصلو محفوظ ڪري ڇڏي. اڄ اڱاري تي به حفيظ پيرزادو دليل ڏيندو. جنهن بعد اربع ۽ خميس محرم جي ڪري موڪل هوندي ۽ وري سماعت جمعي ڏينهن ٿيندي. جيئن ته سپريم ڪورٽ ۾ جمعي تي سماعت 9:30 صبح کان 11:30 منجهند تائين ٿيندي آهي. تنهنڪري جمعي تي ڪارراوئي مڪمل نه ٿي ته اڌ کان هڪ ڪلاڪ تائين عدالت مقرر وقت کان وڌيڪ به ويهي سگهي ٿي ۽ ڪيس جي سماعت جمعي تائين مڪمل ڪرڻ جو اشارو جسٽس بشير جهانگيري ڏئي به چڪو آهي ته عدالت 9 اپريل کان نيب آرڊيننس خلاف اسفنديار، بينظير ڀٽو، حاڪم زرداري، نصر الله ۽ ٻين جي 15 درخواستن جي گڏيل سماعت ڪندي، ان ڪري جمعي تي هن ڪيس جي سماعت مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
(3 اپريل 2001ع)