تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

مستقبل جي حڪومت ڪمزور ۽ اپوزيشن مضبوط هوندي؟

مستقبل جي حڪومت ڪمزور ۽ اپوزيشن مضبوط هوندي؟

دنيا جي مختلف ملڪن ۽ ادارن جا درجنين مبصر عام چونڊن جي مانيٽرنگ ۽ مشاهدي لاءِ سڀ انتظام ڪري چڪا آهن. هزارين ماڻهن کي 800 رپيا کان 2000 روزانو جي حساب سان Hire به ڪيو ويو آهي. 11 سيپٽمبر وارن واقعن بعد هوٽل انڊسٽري، ٽيڪسي ڊرائيورز ۽ رينٽ اي ڪار جو ڪاروبار ڪندڙن جي وري غير معمولي ڪمائي شروع ٿي وئي آهي. هن دفعي ڪمائيءَ جي سطح 11 سيپٽمبر کان ته بنهه گهٽ آهي پر معمول کان وڌيڪ آهي. دنيا جا سڀ مبصر هڪ ئي سوال پڇن ٿا ته ڌانڌلي ڪيئن ٿيندي آهي؟ پاڪستان ۾ ڌانڌليءَ جا نج ۽ نوان طريقا ته آڙيڪاپ سياستدان ئي ٻڌائي سگهن ٿا ۽ اسان جا ماڻهو پوري دنيا ۾ هر جوڙ جو ٽوڙ ڳولڻ ۾ مهارت جي حوالي سان مشهور به آهن پر هن دفعي ڏسجي ته اهي روايتي ڌانڌلي باز ڪهڙا ٿا طريقا ختيار ڪن.
عام چونڊن بابت جاري ٿيل اعلان، اليڪشن ڪميشن جا نوٽيفڪيشن ۽ حڪومت جا قانون بظاهر ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ هڪ حوالي سان فول پروف انتظام آهن، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا انهن تي عمل ٿيو آهي يا ٿيندو؟ چيف اليڪشن ڪمشنر اعلان ڪيو ته عام چونڊن تائين ڪا بدلي نه ٿيندي، پر هاڻي جڏهن اليڪشن ۾ باقي 10 ڏينهن وڃي بچيا آهن ته به بدليون اڃا جاري آهن. هزار خان بجاراڻيءَ جي ضلعي جيڪب آباد کان وٺي کارڙو سيدن جي ضلعي عمر ڪوٽ تائين ڪالهه به بدليون ۽ مقرريون جاري هيون. چيف اليڪشن ڪمشنر اعلان ڪيو ته ڪو به سرڪاري عهديدار ۽ عملدار ڪنهن اميدوار جي حمايت نه ڪندو ۽ نه ان لاءِ ووٽ گهرندو پر چئني گورنر هائوسز ۾ غير اعلانيه چونڊ سيل هاڻي ڳجها نه رهيا آهن. گجرات ۾ جتي چوڌري شجاعت بمقابله چوڌري احمد مختار (پ پ) آهن ۽ هارائڻ جي ڊپ سبب چوڌري شجاعت حسين اين اي 74 بکر مان به وڃي فارم ڀرايو آهي. جتان مخالفن کي ٻڌي ڪُتا ڇڏڻ جي حوالي سان شهرت رکندڙ هلاڪو خان جي خاندان وارن چوڌري شجاعت کي پنهنجي سيٽ ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ڪري هو اتان به چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. چوڌري شجاعت حسين جو گجرات ۾ ڪانٽي جو مقابلو ٿيندو ۽ اتي هو هارائي به سگهي ٿو، ڇو ته جيڪڏهن هن کي کٽڻ جي پڪ هجي ها ته هو اوپري تڪ بکر مان فارم جمع نه ڪرائي ها جتي کيس هڪ ووٽ جي به ذاتي حيثيت ۾ اميد ناهي. ان چوڌري شجاعت سان گجرات ۾ پنجاب جو گورنر جلسي ۾ ملاقات ڪري ماڻهن کي ”حڪومتي سڌارن“ جي حامين کي ووٽ ڏيڻ جي تلقين پيو ڪري. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن جي نظر ۾ اهو ڪمزور مثال هجي ۽ پوءِ به ڪو چوي ته حڪومت ڪنهن جي حمايت نه پئي ڪري، پر بهرحال اها هڪ حقيقت آهي. ڇا ميان اظهر جي ڪالهوڪي ان بيان جنهن ۾ هن چيو ته اسان جي پارٽي اڪثريت سان ڪاميابيءَ بعد جنرل مشرف کي 5 سالن لاءِ پارليامينٽ مان صدر چونڊيندي، ان بعد ڪا گنجائش باقي بچي ٿي ته حڪومت سندن طرفداري نه پئي ڪري. ٻيو ته ڇڏيو، پر ٻڌڻ ۾ اهو به آيو آهي ته اسان جو سنڌ وارو گورنر 25 سيپٽمبر تي عمرڪوٽ ۾ سنڌ جي وڏ وزارت جي اميدوار سيد مظفر حسين شاهه جي حمايت لاءِ ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ جو چئي آيو آهي. خبر ناهي ته اهو عمل ڌانڌليءَ جي زمري ۾ اچي ٿو الائي نه، پر ان بابت اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي حڪم تي عمل نه ٿيڻ بابت ازخود کڻي نه ئي صحيح ته ڪنهن جي آهه ۽ پڪار تي ئي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙي قسم جي مبينه ڌانڌليءَ جا ڪيترائي مثال آهن. مثال طور چوڌري شجاعت پاران ڪروڙين رپيا قرض معاف ڪرائڻ جي باوجود به ڪنهن نوٽيس نه ورتو، عمران خان کي هارائڻ لاءِ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ قيد ”شادي خيل“ اليڪشن جي ڪري آزاد ٿي ويو، پر ميرپورخاص مان علي نواز شاهه لک رپئي جي چڪر ۾ نااهل ٿي ويو. مقبول شيخ اهل ٿيو پر اڪبر لاسيءَ جي ڀاءُ تي ڏيڍ لک جي غبن جو الزام هو، جنهن سان اڪبر جي ڳالهه ٻولهه به بند آهي پر اهو اڪبر به نااهل ٿي ويو. 10 آڪٽوبر تي رٿيل عام چونڊن جي ”شفاف“ بنيادن تي ڪرائڻ جا اهي ته معمولي مثال آهن. چونڊن کان اڳ ته اهو ٿيو، هاڻي چونڊن واري ڏينهن ڇا ٿو ٿئي. اها خبر بعد ۾ پوندي. حڪومت، عدليا ۽ اليڪشن ڪميشن پاران عام چونڊن جي شفاف هئڻ بابت لاڳو ڪيل قانون، ڏنل فيصلن ۽ جاري ڪيل نوٽيفڪيشنز ۽ اعلانن وارا فائيل پڙهڻ بعد ڪير به ماڻهو چونڊن ۾ ڌانڌلين بابت تر جيترو به شڪ نٿو ڪري سگهي. ڇو ته ڪاغذي ڪارروائي ايتري ته اعليٰ ۽ معياري آهي جو اسان کي گُمان ٿيندو آهي ته اسين پاڪستان ۾ آهيون يا سوئيزرلينڊ ۾، پر زميني حقيقتون ان جي ابتڙ آهن. انهن سمورن معاملن بابت مُبصر ۽ سندن نمائندا نوٽيس وٺي رهيا آهن. ڏسجي ته هو ڪهڙيون ٿا رپورٽس ڏين. منهنجي ڪجهه مبصرن سان ملاقات ٿي آهي ۽ هنن جو رويو جيڪو مون ڏٺو ته سندن راءِ هئي ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ فوجي حڪومت جي نگرانيءَ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن دوران اهي واقعا غير متوقع ناهن پر ان هوندي به جيڪڏهن جمهوريت بحال ٿئي ٿي ۽ چونڊيل حڪومت اچي ٿي ته سٺي ڳالهه آهي.
هيستائين ملڪ جي مختلف حصن مان (آئون سڄي ملڪ جي دعويٰ نٿو ڪريان) جتان به دوستن، اخبارن ۽ ميڊيا معرفت چونڊ سرگرمين بابت ڄاڻ ملي آهي، ان آڌار تي اهو چوڻ ۾ هرگز وڌاءُ ناهي ته بطور پارٽي پ پ نظر ايندڙ ڌر آهي، باقي سيٽون ڪيتريون ٿا کڻن، ووٽ گهڻا ٿا کڻن، اها ڌار ڳالهه آهي پر پارٽي سطح تي سرگرمين جي حوالي سان پ پ جتي ڪٿي نظر اچي رهي آهي. چونڊ مهم جي حوالي سان هيستائين منظم مهم متحده مجلس عمل وارن هلائي آهي. پ پ وارن جي چونڊ مهم به هاڻي ڏينهون ڏينهن زور وٺي پئي. باقي پارٽين بابت اهو نٿو چئي سگهجي ته خاموش آهن پر انهن جو طرز، نمونو ۽ طريقه ڪار مختلف هئڻ ڪري اهو تاثر پيدا نه ٿي سگهيو آهي، جيترو متوقع هو. لاهور ۽ راولپنڊيءَ ۾ هن دفعي پ پ وري پنهنجي وڃايل نمائندگي حاصل ڪندي نظر اچي رهي آهي. پ پ پارليامينٽيرينز جي مرڪزي اڳواڻ ذاتي ڪچهريءَ ۾ ٻڌايو ته نواز شريف بينظير ڀٽو کي فون ڪري راجا ظفرالحق جي مقابلي ۾ راولپنڊي ۽ حافظ سلمان بٽ جي مقابلي ۾ لاهور وارا پ پ اميدوار ”ن“ ليگ جي حق ۾ دستبردار ڪرائڻ لاءِ چيو آهي. اڃا تائين کين بينظير جي جواب جو انتظار آهي. اين اي 118 لاهور مان ميان اظهر جو مقابلو ڪندڙ مسلم ليگ (ن) جي حافظ سلمان بٽ جي حق ۾ پ پ اميدوار چوڌري عبدالقادر کي هٿ کڻائڻ لاءِ پ پ تيار آهي، پر راجا ظفرالحق جي حق ۾ راولپنڊيءَ جي اين اي 54 مان زمرد خان کي پ پ هٿ کڻائڻ لاءِ تيار ناهي، ڇو ته هن تڪ تي اعجاز الحق ۽ راجا ظفر الحق کان وڌيڪ کٽڻ جو امڪان پ پ وارن جو آهي. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) لاهور مان 117 تان جهانگير بدر جي حق ۾ حافظ سلمان کي هٿ کڻائڻ سميت پ پ کي تمام سٺي ڊيل ڏني آهي پر اڃا ان ڏس ۾ پ پ وارا فيصلو نه ڪري سگهيا آهن. مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ وچ ۾ جلد ان حوالي سان حيران ڪندڙ فيصلا متوقع آهن. اعجاز الحق جيڪو تڪڙ ۾ ”ضياءَ ليگ“ ٺاهي ويٺو. هاڻي جڏهن هڪ به سيٽ کيس ملڻ جو امڪان ناهي ته وري چوڌري شجاعت جون حاضريون پيو ڀري ته کيس کٽرايو وڃي. وزيراعظم جا خواب ڏسندڙ اعجازالحق هاڻي ايم اين اي ٿيڻ لاءِ به پريشان آهي.
عام چوندن ۾ بينظير ۽ نواز شريف جي آئوٽ ٿيڻ بعد حڪومت پاران شفاف ۽ غير جانبدار چونڊن جي ڪيل انتظامن ۾ ٿيندڙ چونڊن کان پوءِ ايندڙ حڪومت ڪهڙي هوندي وارو سوال حڪمران حلقن ۾ بحث جو اهم موضوع آهي. گذريل ڀيري واري ڪالم ۾ چونڊ نتيجن جي خواهشمندن جي خواهشن جي حوالي سان ٿلهي ليکي اسان جائزو پيش ڪيو هو. جيڪڏهن پ پ ۽ مسلم ليگ جو اتحاد برقرار رهيو ۽ هو حڪومت نه به ٺاهي سگهيا ته مضبوط ترين اپوزيشن جو ڪردار اهڙو ادا ڪندا جو مستقبل جي ناتجربيڪار وزيراعظم لاءِ پارليامينٽ ۾ اچڻ ايترو آسان نه هوندو. سرحد ۾ پ پ وارن اي اين پي سان جيتري ڪسُ کاڌي آهي ان مان ته لڳي ٿو ته اي اين پي به اپوزيشن ۾ ايندي. ٿورين گهڻين سيٽن سان متحده مجلس عمل به جيڪڏهن اپوزيشن ۾ ويٺي ته ڇا مستقبل جي اسيمبلي هلي سگهندي؟ صدر جنرل پرويز مشرف ته چوي ٿو ته ايندڙ اسيمبلي 5 سال مدت پوري ڪندي پر جيڪا صورتحال جُڙي پئي، ان ۾ مدت پوري ٿيندي نظر نٿي اچي.
اسٽيبلشمينٽ آڏو عام چونڊن بعد ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جي حوالي سان سوال ”مٿي جي سور“ کان گهٽ ناهي. هاڻي ايم ڪيو ايم پاران وڏو وزير نامزد ڪرڻ واري خواهش لڪل ناهي رهي پر ان جي مخالفت ڪندڙ جيڪو طاقتور دليل پيش ڪري رهيا آهن ته ماضيءَ ۾ فوجي آپريشن دوران فوج توڙي سول ادارن جا ڪيل سرڪاري الزامن وارا اعلان اڃا به رڪارڊ تي آهن ته سندن اڻ سڌا يا سڌا لاڳاپا ڀارتي ادارن سان رهيا آهن. اهڙيءَ صورتحال ۾ ماضيءَ ۾ الزام هڻندڙ ڌريون ايم ڪيو ايم جي تعاون سان امتياز شيخ، مظفر شاهه ۽ لياقت جتوئيءَ کي ئي وڏو وزير بڻائڻ لاءِ آپشن استعمال ڪنديون. ايم ڪيو ايم کي ناراض ڪرڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه نه هوندي. ڇو ته جڏهن کان الطاف حسين سنڌ جي حقن جي ڳالهه شروع ڪئي آهي ته متحده وارا پ پ سان اتحاد ڪري سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جو آپشن به استعمال ڪري سگهن ٿا. اهڙيءَ صورتحال ۾ سنڌ ۾ اپوزيشن جي حيثيت اها وڃي رهندي، جيڪا 97ع ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ پ پ جي هئي. سنڌ ۾ پ پ –ايم ڪيو ايم جي گڏيل حڪومت جنهن جو بظاهر امڪان بنهه گهٽ آهي، ٺهي ته اها پهريون دفعو سنڌ جي 2/3 اڪثريت واري حڪومت هوندي.
(30 ڊسمبر 2002ع)