اچو ته سنڌ جي گم ٿيل مالڪن جي ڳولا ڪريون!
گادي واري شهر ۾ رهندڙ پنجابي ڳالهائيندڙ موٽر مڪينڪ کان وٺي مڊل ڪلاس جي ڪامورن ۽ لوئر ڪلاس جي ملازمن تائين سڀني ۾ ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته نواز شريف سنڌ ۽ سنڌين کي ورسائي رهيو آهي. نواز حڪومت سنڌين کي وڌيڪ اهميت ڏئي رهي آهي ۽ پنجابين کي نظر انداز ڪري رهي آهي. پنهنجي ڪنن سان وقت بووقت اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ ساڻن عام بحث ۽ ڪچهرين ۾ کين جيڪي حقيقتون ٻڌايون ٿا هو اهو مڃڻ لاءِ تيار ئي نٿا ٿين صرف اها ڳالهه ورجائين ٿا ته نواز شريف سنڌين کي زمينون ڏنيون آهن. سنڌين کي امن ڏنو آهي. دهشتگردي جو خاتمو ڪيو آهي. هر هفتي يا گهٽ ۾ گهٽ مهيني ۾ 3 دفعا ڪراچي جو دورو ڪري ٿو، سنڌ ۾ روڊ ٺاهڻ، موٽر وي ٺاهڻ، ڪراچي ۾ اوورهيڊ برجز کان وٺي وڏا ترقياتي ڪم ڪرائڻ جا اعلان به نواز شريف ڪري ٿو. اهي سڀ ڳالهيون گادي واري شهر جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ پنجابي ڳالهائيندڙ پي ٽي وي جون خبرون ٻڌڻ جي بنياد تي ڪري رهيا آهن. اها حقيقت به آهي ته پي ٽي وي وارا اهڙيون خبرون هلائي به رهيا آهن. پي ٽي وي جي خبر نامي ۾ موسم جي خبرن کانسواءِ باقي سچ هجڻ بابت مون سميت گهڻن جي راءِ مختلف آهي. خبرون ٻڌندڙ ماڻهن کي اڃا اها ڳالهه ياد آهي ته جڏهن سوويت يونين وارن پنهنجي فوج افغانستان ۾ لاٿي هئي ته انهن چند سالن جي پي ٽي وي وارين خبرن جو رڪارڊ جيڪڏهن جانچيو وڃي ۽ مجاهدن هٿان مارجي ويل روسي فوجين جو انگ جمع ڪجي ته اڄ روس جي 60 سيڪڙو فوج ختم ٿي چڪي هجي ها!!
فيبروري 97ع ۾ اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ سڌارن جي نالن تي بئنڪن، مالياتي ادارن، سئي گئس ڪمپنين، پيٽروليم وزارت جي ماتحت ادارن سميت مختلف وفاقي کاتن مان هزارين سنڌ جي ڊوميسائيل وارن ملازمن کي برطرف ڪيو ويو. جنهن سبب بک ۽ بيرزوگاري کان تنگ ٿي ماڻهن خودسوزي ذريعي خودڪشي ڪري احتجاج جي نئين طريقي جو رواج وڌو. سنڌ پوليس توڙي مختلف کاتن مان ملازم ڪڍيا ويا پر پنجاب ۾ ايليٽ فورس قائم ڪري هزارين نوجوانن کي روزگار ڏنو ويو. پي پي دور ۾ سئي ناردرن ۾ ڀرتي ڪيل ملازمن مان اٽي ۾ لوڻ برابر ماڻهو بطرف ڪيا ويا ڇو ته سئي ناردرن ۾ پنجاب ۽ سرحد جي ڊوميسائيل وارا ماڻهو ڀرتي ٿيا هئا. شروع ۾ اي اين پي جي اقتدار ۾ هئڻ ۽ سرحد مان مسلم ليگ جي مناسب نمائندگي هئڻ ڪري ان مان ماڻهو برطرف نه ڪيا ويا. آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته يو بي ايل هجي يا ڪا ٻي بئنڪ، سئي ناردرن گئس ڪمپني هجي يا ڪو ٻيو ادارو انهن مان پنجاب ۽ سرحد جي ڊوميسائيل وارن ماڻهن جي برطرفي سنڌ جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو به نه ٿي آهي.
حڪومت سنڌ جي ترقياتي رٿائن واري رقم لاءِ 97-98ع ۾ هڪ ٽڪو به رليز نه ڪيو ۽ سمورا فنڊ موٽر وي تي هڻي لاهور کان اسلام آباد وارو موٽر وي مڪمل ڪرايو. رتو ديرو کان گوادر تائين انڊس هاءِ جو ٺيڪو اهو چئي رد ڪيو ويو ته پئسا ناهن پر آگسٽ 98ع ۾ ان فيصلي جي هڪ هفتي کان پوءِ لاهور ۾ هوائي اڏو هجڻ جي باوجود به 13 ارب رپين جي لاڳت سان نئون هوائي اڏو منظور ڪيو ويو. هالا مورو هاءِ وي سيڪشن جو 85 سيڪڙو ڪم مڪمل آهي صرف 2 ڪروڙ رپيا نه ملڻ ڪري وچ ۾ پليون نه ٺهي سگهيون آهن. هاڻي روڊ اکڙڻ شروع ٿي ويو آهي پر پنڊي ڀٽيان کان فيصل آباد تائين 8 ارب جي لاڳت سان موٽر وي منظور ڪيو ويو. هالا مورو سيڪشن لاءِ 2 ڪروڙ ناهن پر فيصل آباد لاءِ 8 ارب رپيا آهن. سنڌ جي هارين کي ٽريڪٽر مارڪيٽ اگهه تي ڏيڻ لاءِ به زرعي بئنڪ کان قرض نٿو ملي پر پنجاب جي هارين کي 10 هزار ٽريڪٽر ڏيڻ لاءِ 50 ڪروڙ جي سبسڊي ڏئي 20 ارب رپين جو قرض زرعي بئنڪ فراهم ڪري ٿي. ايف آءِ اي، سول ايوي ايشن، پي آءِ اي، پيٽروليم وزارت جي مختلف ماتحت ادارن مان هزارين سنڌ جي ڊوميسائيل وارا تربيت يافته ملازم ڪڍي پنجاب جا 2000 غير هنرمند ملازم ڀرتي ڪرڻ لاءِ پئسا ڏنا وڃن ٿا، تيل سنڌ مان نڪري ٿو پر ريفائنري پنجاب ۾ ٺهي ٿي پوءِ اها اٽڪ ريفائنري هجي يا مظفر ڳڙهه واري. سنڌ پوليس جا گريڊ 20 ۽ 21 وارا آفيسر کڏي لائين آهن پر لاهور جي 18 گريڊ جي پوليس آفيسر راڻا مقبول کي سال ۾ 3 دفعا پروموشن ڏئي آءِ جي سنڌ لڳايو وڃي ٿو. 28 وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن مان 22 گريڊ جي 4 سنڌي آفيسرن کي هٽائي پنجاب جي گريڊ 20 ۽ 21 وارن آفيسرن جي ماتحت کين مقرر ڪري ڪم ورتو وڃي ٿو. سنڌ کي وفاق اين ايف سي مان 9 مهينن ۾ 10 ارب گهٽ ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته پئسا ناهن پر پنجاب کي حصي کان به 5 ارب وڌيڪ سبسبڊي اسپيشل گرانٽ جي مد ۾ ڏئي ٿو. پنجاب پنهنجو پاڻي منگلا ڊيم ۾ اسٽور ڪري سنڌو درياءَ مان چشما، جهلم لنڪ ڪئنال ذريعي پاڻ حاصل ڪري ته به جائز پر سنڌ وارا جيڪڏهن احتجاج ڪن ٿا ته ڪافر سڏجن ٿا. لاهور وارا شتروگهن سنها جي مان ۾ دعوت ڪن ٿا. بسون ڀرجي ڀارت وڃن ٿيون. پنجاب جي صنعتڪارن توڙي سير سفر ڪندڙن کي گهر ويٺي ويزا ملن ٿيون. اهو سڀ ڪجهه ملڪي مفاد ۽ حب الوطني جي زمري ۾ اچي ٿو پر ڪنڌڪوٽ ۽ پير ڳوٺ جو ڪو ديوان ويزا لاءِ ڀارتي سفارتخاني اچي ٿو ته ملڪ کي خطرو لاحق ٿي وڃي ٿو ۽ ويزا لاءِ آيل ديوانن کي 6 کان 8 ايجنسين وارا ماري ماري الو بنائي ملڪ دشمن جو خطاب ٿا ڏين. پنجاب جو ڪو سيٺ ڪاغذ جي مل دهلي ۾ هڻي ته جائز آهي پر دين محمد اڍيجو جو ڀاءُ ڀارت مان آيل دوست کي ماني کارائڻ جي ڏوهه ۾ ڪيس ۾ چالان ٿي وڃي ٿو.
اوٻاوڙو ۽ ڏهرڪي ۾ فيڪٽرين ۾ ملازمتون ته پري جي ڳالهه آهي پر فيڪٽريون سنڌ ۾ هلن ٿيون ۽ فيڪٽرين جي ترقياتي فنڊ مان اسڪيمون پنجاب ۾ هلن ٿيون. اسڪول ۽ روڊ پنجاب ۾ ٺهن ٿا. پٽيوالا ۽ پيش امام به فيصل آباد کان امپروٽ ڪري آڻين ٿا ته اهو جائز آهي پر سنڌ ۾ ايس آر ٽي سي جا ملازم پگهارون وٺن لاءِ پاڻ ٿا ساڙين، سنڌ جا نوجوان نوڪرين لاءِ خودڪشيون ٿا ڪن. ستار لاليڪا پنهنجي زمين ۾ ته سرٽيفائيڊ سيڊ (تصديق ٿيل ٻج) ٿو استعمال ڪري ۽ سنگت کي به ڏئي ٿو پر سنڌ وارن کي جيتن مار دوا به نٿي ملي. پنجاب جي هارين کي ڊي اي پي ڀاڻ جي ٻوري 500 ۾ ملي ٿي پر سنڌ وارن کي 700 ۾ به نه ٿي ملي. سنڌ ۾ مڇي پنجاب جا ٺيڪيدار مارين ٿا پر سنڌ جي ملاح کي بلوچستان وارا به جيل ۾ وجهن ٿا. آمريڪا ۽ سوئيزر لينڊ جي حڪومتن سان معاهدا ڪري پنجاب لاءِ فنڊ ورتا وڃن ٿا پر سنڌ وارن کي ٿر جو ڪوئلو استعمال ڪرڻ جي اجازت نٿي ملي. ڪيٽي بندر ۾ بندرگاهه جي منظور ٿيل رٿا رد ڪئي وڃي ٿي. وحيد علي ۽ فوزيا سومرو ۽ علڻ فقير کي ڊسپرين گوري به سرڪار نٿي ڏئي پر نصرت فتح علي ۽ عارف لوهار کي ڪن جي سور جي دوا به لنڊن مان وٺڻ لاءِ مدد ملي ٿي. لاهور ۾ ايف ايم 101 ريڊيو چينل کلي ٿو پر حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جي اڌ ۾ پيل عمارت مڪمل ڪرڻ لاءِ 3 لک نٿا ملن. سنڌ جي روڊن جو ڪم مڪمل ڪرڻ جي باوجود به لياقت ڊومڪي کي ته بل نٿو ملي پر ايف ڊبليو او کي ايڊوانس ملي ٿي. واپڊا سنڌ جا 5 ارب کائي ٿو ۽ رقم واپس گهرڻ تي سنڌ کي ڌمڪي ملي ٿي ته ٻيهر مطالبو نه ڪيو پر پنجاب ڏانهن 4 ارب 78 ڪروڙ 56 لک واپڊا جو رهيل بل ادا نٿو ڪيو وڃي ۽ نه ئي واپڊا وارا گهرن ٿا!!
مٿي ڄاڻايل انهن ٿورڙن واقعن جي تذڪري بعد ٿي سگهي ٿو صورتحال کي سمجهڻ ۾ مدد ملي پر اهڙي صورتحال جي باوجود به هن وقت سنڌ جي مالڪي لاءِ ڪو تيار ناهي. ايئن پيو لڳي ته سنڌ ننڌڻڪي آهي اهڙي ننڌڻڪي سنڌ جي گم ٿيل مالڪن جي سڀني کي گڏجي ڳولا ڪرڻ گهرجي. هن وقت سنڌ مان چونڊيل حڪومت جي حمايتي نمائندن مان ڪجهه ته پنهنجون وزارتون بچائڻ ۽ ڪجهه وزارتون ماڻڻ جي چڪر ۾ ماٺ آهن. سنڌ جو گورنر به پنهنجي پاڻ کي بچائڻ ۾ پورو آهي ڪنهن کي حق گهرڻ ۽ سچ چوڻ جي همت نٿي ٿئي. جيڪڏهن سنڌ جي انهن نام نهاد وزارتن خلاف ڪجهه لکجي ٿو ته اخبارن ۽ صحافين سان جٺيون ڪرائي گاريون ڏئي الزام هڻي اخبارن تي سياست ۾ ملوث هجڻ جا الزام هڻن ٿا.
(14 اپريل 1999ع)