ڇا پ پ کي اڪيلو ڪرڻ ۾ سرڪار ڪامياب ويندي؟
اڄ 5 آگسٽ تي ملڪ جي سمورين سياسي جماعتن کي اليڪشن ڪميشن ۾ چونڊ نتيجا ۽ پارٽي آئين جون ڪاپيون جمع ڪرائڻيون آهن ۽ ان حوالي سان اڄ آخري تاريخ آهي. حڪومت پاران لاڳو ڪيل مختلف قانونن موجب ڪنهن به ڪيس ۾ سزا کاڌل ڪو به شخص پارٽيءَ جو عهديدار نٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي پارليامينٽ جو ميمبر ٿي سگهي ٿو. اڳ ۾ حڪومت عمران خان جي ڏنل معلومات بعد ابتدائي چڪاس کان پوءِ جاچ ڪرائي ۽ حڪومت کي خبر پئي ته بينظير گريجوئيٽ ناهي ۽ حڪومت گريجوئيشن جو شرط لڳايو، پر غير جانبدار تصديق بعد ثابت ٿيو ته بينظير ڀٽو وٽ گريجوئيشن جي ڊگري آهي، جيڪا شايد آصف وٽ نه هجي ۽ ان چڪر ۾ حڪومت اهو شرط برقرار رکيو. جنهن بعد قانون جوڙيو ويو ته سزا يافته شخص پارٽي عهدو ۽ پارليامينٽ جو ميمبر ٿيڻ لائق نه هوندو. ان سڄي دٻاءُ جي باوجود بينظير ڀٽو، جنهن کي غير حاضريءَ جي بنياد تي ڪيسن ۾ احتساب عدالت سزا ڏئي چڪي آهي، ان وري به پارٽيءَ جي چيئرپرسن جو عهدو پاڻ وٽ رکيو. سندس اهو عمل هن دفعي وري حڪومت سان جهيڙي ڪرڻ جو اشارو آهي. هوڏانهن حڪومت به مڪمل طور جهيڙي جي موڊ ۾ آهي.
تازو ڪيل انٽرويو ۾ مون بينظير ڀٽو کان پڇيو هو ته ڇا اهو صحيح آهي ته اوهان جدي جي دوري وقت نواز شريف، ڪلثوم نواز ۽ شهباز شريف سان ملاقات ڪري چونڊ اتحاد بابت ڳالهايو هو ۽ معلومات موجب ڪلثوم نواز ها به ڪري ڇڏي هئي پر شهباز شريف اختلاف ڪندي تحفظات ظاهر ڪيا هئا؟ ان سوال جي جواب ۾ محترمه چيو ته ”اوهين ان جو جواب شريف خاندان کان وٺو.“ ايتري مختصر جواب وري ڪيترن سوالن کي جنم ڏنو، يعني بينظير ڀٽو ملاقات جو انڪار نه ڪيو ۽ نه ئي وري چونڊ اتحاد بابت ٿيل ڳالهين کان انڪار ڪيو. بينظير جواب اهڙو ڏنو. جنهن کي نه انڪار ڪوٺي سگهجي پيو ۽ نه وري اقرار چئي پيو سگهجي. هڪ ڊپلوميٽڪ قسم جو جواب هو. جنهن جي ڪا به سياسي معنيٰ نڪري سگهي پئي، خير ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين جي سربراهن وچ ۾ جدي ملاقات ٿي يا نه؟ پر انهن خبرن حڪومت کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو. سرڪار آخري ڪارڊ طور هڪ اردو اخبار جي مالڪ ۽ تحريڪ پاڪستان جي ڪارڪن کي جدي موڪليو، جنهن شريف خاندان سان ڳالهيون ڪيون ۽ هڪ ٻي ”ڊيل“ بابت ڳالهايو. چيو وڃي ٿو ته ان ڊيل موجب نواز شريف کي مسلم ليگ جي قيادت ڇڏڻي هئي جنهن کان پوءِ راجا ظفرالحق يا شهباز شريف کي صدر ٿيڻو هو. ڊيل جي وڌيڪ ڪهاڻي اها آهي ته نواز شريف پاران قيادت ڇڏڻ جي موٽ ۾ حڪومت کي نواز شريف کانسواءِ شريف خاندان جي سڀني ڀاتين کي ملڪ اچڻ جي اجازت ڏيڻي هئي. چيو وڃي ٿو ته ان قصي ۾ بزرگ اخباري مالڪ کانسواءِ چوڌري نثار جو به وڏو هٿ هو. جڏهن چوڌري نثار کي حڪومت آزاد ڪيو هو، گذريل سال تن ڏينهن ۾ مون هڪ ڪالم ۾ ذڪر ڪيو هو ته چوڌري نثار في الحال خاموش رهندو، اوچتو سرگرم ٿيندو ۽ حڪومت هن کي .”سيڪنڊ لاسٽ“ ڪارتوس طور استعمال ڪندي. هاڻي چوڌري نثار اوچتو سرگرم ٿيو آهي، جنهن ڪجهه گهربل نتيجا حڪومت کي ڏنا آهن ۽ اڃا ڏيندو.
هاڻي حڪومت جي ڪوشش آهي ته پيپلزپارٽيءَ کي اڪيلو ڪيو وڃي، ان لاءِ سڀاڻي جڏهن پ پ وارا پارٽي چونڊن جا نتيجا جمع ڪرائيندا ته ان وقت نيب وارا اليڪشن ڪميشن ۾ بينظير ڀٽو کي مليل سزائن وارا دستاويز پيش ڪندا، پوءِ ٿيندو اهو جو نيب پاران ڏنل دستاويزن جي بنياد تي اليڪشن ڪميشن بينظير ڀٽو کي نوٽيس جاري ڪندي. پ پ وارن جي دعويٰ آهي ته بينظير ڀٽو چيف اليڪشن ڪمشنر جي نوٽيس تي وطن ايندي ۽ اهو تاثر ڏيندي ته هوءَ ملڪ مان ٻاهر عدالتي اجازت سان وئي هئي ۽ هاڻي اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس تي حاضر ٿيڻ لاءِ اچي پئي. بينظير جي ملڪ ڇڏڻ ۽ اچڻ جا ڇا سبب آهن، اهو هڪ ڌار داستان آهي، جيڪو ٻئي ڀيري لکبو، في الحال 3 آگسٽ تي ڪاوش سالگره جي پرچي ۾ هائيڊ پارڪ ۾ شايع ٿيل ڪنهن اڻ ڏٺي دوست ۽ پنهنجي قاري موجب ته مون واري اينٽينا اڃا اهڙي ڄاڻ ان حوالي سان حاصل نه ڪئي آهي، جيڪا ڪوڙي يا سچي افواهه جي روپ ۾ حاضر خدمت ڪئي وڃي. پ پ وارا چون ٿا ته هاڻي بينظير ڀٽو جي وطن اچڻ وارو معاملو هفتن نه، پر ڏينهن جو قصو آهي، پ پ جي هڪ دوست ته قرآن شريف کڻي دعويٰ ڪئي ته بينظير ڀٽو 31 آگسٽ کان اڳ ملڪ ۾ هوندي. خبر خدا کي، باقي جنهن پچ تي بينظير ڀٽو هلي پئي اهو وڏي جهيڙي ۽ ٽڪراءُ وارو رستو آهي.
مستقبل جي سياسي منظر بابت اسلام آباد جي سياسي نجومين/سازشين ۾ اڄ ڪلهه اختلاف آهن. هڪڙن جي راءِ آهي ته اعجازالحق جي ڏيڍ سال اڳ قائم ٿيل ”ق ليگ“ ۾ اختلاف ٿيا آهن. اعجازالحق ”ضياءُ ليگ“ ٺاهي آهي ۽ اليڪشن کان اڳ اختلاف معنيٰ خيز آهن. نواز شريف پاڻ قائد ٿي شهباز کي صدر بڻايو آهي. اهو سڀ ڪجهه اوچتو يا حادثاتي طور نٿو ٿئي پر حاڪم وقت جي صفن ۾ فيصلا ڪُن ڪردار جي مالڪ چند ماڻهن مان ڪجهه ماڻهن جي خواهش ۽ سوچ جي نتيجي ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، جنهن جو حاصل مطلب اهو ته مرد اول جنرل پرويز مشرف سان ڪجهه فيصلا ڪُن فورم جا ميمبر اختلاف راءِ اختيار ڪري چڪا آهن ۽ انهن ڪم به شروع ڪيوآهي.
ٻي راءِ رکندڙ سياسي نجومين جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ شريف خاندان ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن، هاڻي حڪومت جو سڄو فوڪس پ پ کي اڪيلو ڪرڻ تي آهي. جيڪڏهن پ پ جي چوڻ تي اي آر ڊي حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ته مسلم ليگ (ن) اي آر ڊي مان عين وقت تي ايم ڪيو ايم وانگر عليحده ٿي اي آر ڊي کي ٺس ڪري ڇڏيندي ۽ حسب روايت سڀ مسلم ليگيون چاهي اهي ”ن“ هجن ”ق“ يا ”ضيا ليگ“ توڙي ”جوڻيجو“ ۽ پاڳاري جي ليگ هجي يا اهڙو ڪو ٻيو غير موثر ليگي گروپ سڀ نان گريجوئيٽ سابق وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئي جي سياسي اتحاد ۾ شامل ٿيندا. اهڙيءَ طرح حڪومت اڪيلي سر پ پ کي مارڻ لاءِ پنهنجي حق ۾ وڏو سياسي محاذ ٺاهيندي، جنهن بعد باباءِ جمهوريت جي بي بي کي تنها ڪيو ويندو. متحده محاذ شهباز جي نئين پرواز واري ڇانو ۾ ايندو ۽ هن دفعي وري آءِ جي آءِ کان وڏو اتحاد ٺهندو. چيو وڃي ٿو ته پراڻي آءِ جي آءِ لاءِ ته اسلم بيگ ڪروڙ رپيا ورهايا هئا، خبر ناهي ته هن دفعي وري ڪير ايئن ڪندو؟ هن دفعي مهراڻ بئنڪ جو يونس حبيب ڪير ٿيندو؟ اهو به وڏو سوال آهي. خير يو بي ايل جي خريداريءَ جو هڪ خواهشمند يونس حبيب ٿي سگهي ٿو. بظاهر جنرل پرويز مشرف اهو تاثر ڏئي رهيو آهي ته هو جيڪي به آئيني ترميمون ڪري رهيو آهي، سي عوامي ڀلائي لاءِ آهن، پر هن مهل تائين وارين ترميمن کي ڏسبو ته انهن مان اها ڳالهه واضح ٿي ويندي ته هو، جيڪي ڪجهه ڪري رهيو آهي. تنهن ۾ وڏو حصو اهڙين ترميمن جو آهي، جنهن سان ڪنهن به صورت ۾ بينظير ڀٽو کي ٻاهر رکي سگهجي. ان مان هڪڙو اشارو واضح ملي ٿو ته سياسي ڌرين مان هو گهڻي کان گهڻو خوفزده بينظير ڀٽو مان ئي آهي. ايتري حد تائين جو هو پ پ کي ته قبول ڪري ٿو پر بينظير کانسواءِ . ڪالهه نواز شريف پاران اوچتو ليگ جي صدارت تان دستبردار ٿيڻ ۽ شهباز شريف جو بنا مقابلي صدر چونڊجي وڃڻ مان واضح ٿئي ٿو ته حڪومت خلاف پ پ ۽ نواز ليگ جو ڪاڪ ٽيل جلد ئي وکرڻ وارو آهي. جنرل پرويز مشرف پاران هر قيمت تي بينظير ڀٽو مان جند ڇڏائڻ واري جيڪا حڪمت عملي رٿي وئي آهي. ان مان ٿي سگهي ٿو ته جنرل پرويز مشرف کي اقتدار جي حوالي سان فائدو رسي، پر ان جو مجموعي نتيجو ڪو بهتر نه نڪرندو. اهو عام تاثر آهي ته سنڌ جي نمائندگي بينظير ڀٽو يا پ پ ڪري رهي آهي. ان تاثر جي بنياد تي ڏٺو وڃي ته بينظير کي اڪيلو ڪرڻ جو سنڌ جي ماڻهن وٽ سڌو سنئون اهو پيغام ويندو ته ڄڻ سنڌ کي اڪيلو ڪيو ويو آهي. اهو ان ڪري به جو سنڌ جون ڀلي ڪيتريون ئي ڌريون جنرل مشرف واري ڪيمپ ۾ هجن پر اتان جي ماڻهن جي اڪثريت بينظير ڀٽو کي ئي پنهنجو نمائندو سمجهي ٿي.
اهڙي سياسي ماحول ۾ 50 سالن جي بينظير ڀٽو جيڪا چوي ٿي ته ”هاڻي بلاول جوان آهي، باقي ڀينرن کي سنڀاليندو“ جنهن جو مقصد ته بينظير ڀٽو جيل وڃڻ لاءِ ذهن ٺاهي چڪي آهي. خوف آهي ته ان صورت ۾ وري ڪٿي ماضي واري فلم ته نه رپيٽ ٿيندي. جيڪڏهن سياسي نجومين جي ٻي راءِ صحيح آهي ته پوءِ ته معاملو سڌو آهي يعني ميدان تي يا بينظير ڀٽو يا جنرل پرويز مشرف مان ڪو به هڪ هوندو ۽ ٻئي پنهنجي سياسي وجود جي بقا ۽ اقتداري سيج جي خواهش لاءِ آخري ڪارڊ به استعمال ڪندا. بينظير ڀٽو وٽ تاس جي پتن مان آخري بچيل پتو سنڌ ڪارڊ ئي هوندو. جنرل پرويز مشرف جيڪو هن وقت پاڻ کي هر لحاظ کان سياسي طور طاقتور بڻائي رهيو آهي. اهو پاڻ تي ڪنهن به حملي جي پيش نظر خوف ۽ حفاظت خاطر بُلٽ پروف جيڪٽ پائي ته ڪافي عرصي کان هلي رهيو آهي پر بينظير جي آخري سياسي ڪارڊ، جنهن جي پٺيان فيصلائتي فورم ۾ اختلافن وارو عنصر به شامل آهي، ڏسجي ته پاڻ کي ڪيئن ٿو بچائي؟
مون اڳ ۾ به لکيو هو ته سال 2002ع جنهن جي اڳيان ۽ پويان ٻه ئي ٻه آهن، اهو جنرل پرويز مشرف لاءِ ڏاڍو ڏکيو سال آهي. هاڻي اهو سال وڌيڪ ڏکين مرحلن ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ ان اڳيان پٺيان ٻن ٻن واري انگ جي سال جا ٻه مهينا آگسٽ ۽ سيپٽمبر ئي خطرناڪ آهن. انهن ٻن مهينن ۾ ئي سڀ طئي ٿيڻو آهي. مستقبل جي سياسي ماحول، بينظير ڀٽو ۽ جنرل مشرف جي قسمت جا فيصلا به انهن ٻن مهينن ۾ ٿيڻا آهن. آگسٽ مهيني جا 8، 18 ۽ 28 وارا ڏينهن چڱا ناهن، خدا هر ڪنهن کي حفاظت ۾ رکي.
(5 آگسٽ 2002ع)