حڪومت سازي ۾ پ پ جو پلڙو ڀاري ٿي ويو؟
خبر ناهي ڪهڙي سبب ڪري آصف علي زرداريءَ هن دفعي نه ايم اين اي لاءِ فارم ڀرايو نه ايم پي اي لاءِ ۽ نه ئي سينيٽرشپ لاءِ اميدوار آهي. سندس ئي پارٽيءَ جي مخالف لڏي وارن جو چوڻ آهي ته هو گريجوئيٽ ناهي. ان ڪري هن فارم نه ڀرايو پر سندس همدردن جي دعويٰ آهي ته زرداري هن دفعي ڄاڻي واڻي ڪو به اهڙو عهدو نٿو رکڻ چاهي. جنهن سبب مخالفن کي مٿس تنقيد جو موقعو ملي. آصف علي زرداري جنهن جو چوڻ آهي ته هو لنڊن جي اڪنامڪ ۽ بزنس وارن تعليمي ادارن جو گريجوئيٽ آهي. تنهن کي مسلسل جيل ۾ اڄ ستون سال شروع ٿي ويو آهي. 4 نومبر 1996ع تي لاهور جي گورنر هائوس ۾ رات جو نظربند ٿيل آصف اڄ تائين قيد ۾ آهي ۽ اڄ کيس ستون سال شروع ٿي چڪو آهي پر پوءِ به خبر ناهي ته هو ڪيترو عرصو جيل ۾ رهندو؟ آصف زرداري جيڪو سياسي جوڙ توڙ جي حوالي سان تمام گهڻي شهرت رکي ٿو. جنهن منظور وٽو کي 13 سيٽن تي پنجاب جو وڏو وزير بڻايو. ان سان گڏ پي پي کي ٻئي دفعا 1988ع ۽ 1993ع ۾ اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ جوڙ توڙ جو ڪريڊٽ به هن کي ئي وڃي ٿو. زرداري جيل ۾ هجي يا وزيراعظم هائوس ۾، هن کي پروٽوڪول سرڪار پاران ساڳيو ئي ملي ٿو. اڄ به جڏهن هن کي جيل کان ٻاهر آندو وڃي ٿو ته اڳيان پويان پوليس، هوٽر ۽ سائرن وڄن ٿا.
ڪالهه ساڻس احتساب عدالت ۾ ملاقات ٿي ته هو تمام گهڻو خوش ۽ هشاش بشاش لڳو پيو هو. ماڻهن جا انبوهه ساڻس هٿ ملائڻ لاءِ قطار ۾ بيٺا هئا. زرداريءَ جي ابتدائي 3 سالن دوران ته هن سان ڪو به ملاقات لاءِ نه ايندو هو، پر آهستي آهستي ماڻهن اچڻ شروع ڪيو. اڳ ۾ پ پ ورڪر ۽ پوءِ پارٽي اڳواڻن به عدالتن توڙي جيل ۾ ساڻس ملاقاتون شروع ڪيون ۽ هاڻي 6 سالن بعد هن سان ملاقات لاءِ ماڻهن جا انبوهه گڏجن ٿا. آصف زرداري ايم اين اي يا سينٽر ته نه ٿيڻ چاهيو، پر هو ڪالهه به ”بادشاهه گر“ هو ۽ اڄ به ”بادشاهه گر“ آهي. ڪالهه هن پنهنجي زال جيڪا سندس قائد به آهي، تنهن جي حڪومت سازيءَ لاءِ جوڙ توڙ ڪئي، اڄ هو مولانا فضل الرحمان لاءِ لابنگ ڪري رهيو آهي، جيل ۾ هوندي به حڪومت سازيءَ لاءِ جڏهن فعال ۽ فيصلا ڪن رابطا آصف زرداري ڪيا آهن. ان بعد ئي پي پي جو حمايت يافته وزيراعظم جو اميدوار مولانا فضل الرحمان اڄ 175 ايم اين ايز جي حمايت جي دعويٰ ڪري رهيو آهي. 6 سالن کان قيد آصف اڄ به آزادي لاءِ ڊيل بابت چئي ٿو ته ڊيل صرف اها ٿيندي ته سرڪار ڪيس واپس وٺي. مخدوم امين فهيم، جيڪو پنهنجي چوگرد گڏ ٿيل هر ڳالهه تي همنوا بڻيل همراهن جي حرڪتن سبب زرداريءَ کان ڏور ٿي ويو هو ۽ ٻنهي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ٿي پيون هيون، هاڻي اهي غلط فهميون ختم ٿي رهيون آهن پر ان هوندي به دلين يا دماغ ۾ پيدا ٿيل ڌنڌ آسانيءَ سان شايد ختم نه ٿئي. ان ڪري ئي اهو چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن هاڻي به وزيراعظم لاءِ سرڪار مخدوم کي آشيرواد ڏنو ته به پي پي وارن جو اصرار هوندو ته پي پي جڏهن بنا بينظير حڪومت ٺاهي ته ان صورت ۾ وزيراعظم پنجاب پي پي مان ٿيڻ گهرجي. ڇو ته سنڌ ڪوٽا تي محترمه پاڻ ايندي آهي ۽ جيڪڏهن پي پي کي موقعو به مليو ته به اعتزاز احسن اميدوار هوندو. مخدوم پارلياماني ليڊر ضرور هوندو پر وزيراعظم جو اميدوار نه، جهڙيءَ طرح متحده مجلس عمل ۾ آهي ته وزيراعظم جو اميدوار مولانا فضل الرحمان آهي ۽ پارلياماني ليڊر قاضي حسين احمد آهي.
آفتاب شعبان ميراڻي، جيڪو غير متوقع طور تي هارائي ويو آهي، ان حوالي سان به پي پي حلقن ۾ سرٻاٽ آهن ته مخدوم صاحب جي سرڪاري ۽ سياسي مهربانين سان ميراڻي آئوٽ ٿي ويو. هو ايم اين اي ته نه ٿي سگهيو، پر پوءِ به مخدوم لاءِ وزيراعظم جي ڪليئرنس بينظير ڀٽو اڃا نه پئي ڏئي. هارايل ميراڻيءَ کي گهرائي مخدوم امين فهيم سان پي پي وارن هن کي ڄڻ ته چنبڙائي ڇڏيو آهي. بينظير ڀٽو مخدوم کي پابند ڪيو آهي ته هو سياسي ڌرين سان ملاقاتون ڪري يا سرڪاري نمائندن سان، انهن سمورين ملاقاتن ۾ آفتاب شعبان ميراڻي موجود هوندو. مخدوم بابت سندس پارٽي اڳواڻن جي راءِ آهي ته هو ٿڌي مزاج وارو ماڻهو هئڻ ڪري سرڪاري ڌر کي نه پارٽيءَ جو واضح موقف ٻڌائي ٿو سگهي نه وري سرڪار جو موقف پارٽيءَ وارن کي درست ٿو ٻڌائي. ايئن ڪرڻ لاءِ مخدوم جو خيال آهي ته جيئن ٻنهي ڌرين ۾ تلخي پيدا نه ٿئي ۽ ڳالهين جا دروازا بند نه ٿيڻ گهرجن. مخدوم جو اهو جذبو نيڪ نيتيءَ تي ٻڌل آهي. پر ان انداز ۽ جذبي جو فائدو سرڪار توڙي پ پ مان ڪنهن کي به نٿو ٿئي.
ڪالهه اسلام آباد ۾ حڪومت سازيءَ جي خواهشمند ڌرين سرٽوڙ ڪوششون جاري رکيون ۽ سڄو ڏينهن سياستدانن ۾ ملاقاتون جاري رهيون. پي پي حلقن جو چوڻ آهي ته هن مولانا فضل الرحمان جي جڏهن وزيراعظم لاءِ حمايت جو فيصلو ڪيو هو ته کين يقين ئي نه هو ته مولانا ايتري حمايت حاصل ڪري ويندو جو حڪومت ٺاهي ويندو. هاڻي جڏهن مولانا جي الله ٻڌي آهي ته هو وزيراعظم ٿيندي نظر اچي رهيو آهي ته پ پ وارا به پريشان آهن ۽ سرڪار وارا انهن کان وڌيڪ پريشان آهن. پي پي وارن ته سوچيو هو ته هو مولوين جي ڪلهي تي بندوق رکي جنرل مشرف سان جهيڙو ڪندا ۽ اپوزيشن ۾ ويهندا پر هاڻي هو جڏهن حڪومت پيو ٺاهي ته پ پ وارن وڏيون فرمائشون ڪرڻ شروع ڪيون آهن ۽ غير مشروط طور مولانا جي حمايت کان پي پي لنوائي رهي آهي. اي آر ڊي ۽ متحده مجلس عمل جي گڏيل وزيراعظم جي اعلان لاءِ آچر تي نوابزادي اجلاس گهرايو پر امين فهيم نه آيو. خورشيد شاهه، رضا رباني ۽ ناهيد خان آيا ۽ نوابزاده کي ٻڌايو ته اڳ ۾ پاور شيئرنگ فارمولو طئي ڪريو. ڪالهه عدالت ۾ ملاقات مهل آصف مخدوم کي وري به ساڳئي ڳالهه چئي ته سرڪار جيڪڏهن بينظير ۽ سندس خلاف داخل ڪيس واپس وٺي ته ساڻن ڳالهايو نه ته ساڻس نه ملو. جيتوڻيڪ مولانا فضل الرحمان کي 175 ميمبرن جي حمايت ملڻ واري صورتحال بعد سرڪار وري مخدوم کي وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ ڪئي آهي، جنهن بعد هو وري سرگرم ٿيو آهي.
وزارت عظميٰ جو مسلم ليگ (ق) مان اميدوار مير ظفرالله جمالي ڪراچيءَ ۾ پاڳارو ۽ ايم ڪيو ايم وارن سان ملڻ بعد اسلام آباد آيو ۽ آفتاب شير پائو سان ملاقات ڪري، فاروق لغاري سان مليو ۽ ٻنهي جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. اي آر ڊي جو اجلاس به ٿيو، جنهن ۾ وري مخدوم ڪو نه آيو ۽ هنن اصولي طور تي فضل الرحمان جي حمايت جو فيصلو ڪيو آهي. هوڏانهن ايم ايم اي وارن جو اجلاس به هلندو رهيو، جنهن ۾ هنن سينيٽ جي سيٽن بابت فوري ويچار ڪيو ۽ پي پي جي بي وفائيءَ تي افسوس به ظاهر ڪيو پي پي جي حمايت حاصل هئڻ تائين مولانا فضل الرحمان ۽ قاضي حسين احمد قومي اتحاد وارن سان ڪو رابطو نه ڪيو، پر پ پ جا تيور بدلجندي ڏسي قاضي حسين احمد ۽ فضل الرحمان فاروق لغاري سان مليا ۽ بدليل صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سرڪاري پريشانيءَ جو ويجهي کان مطالعو ڪندڙ سياسي حلقن جي دعويٰ آهي ته هو بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداريءَ کي رليف ڏيڻ لاءِ رضامند ٿيڻ تي سنجيدگيءَ سان غور ڪري رهيا آهن. پ پ ۽ مسلم ليگ (ق) کي ملائي گڏيل حڪومت ٺاهڻ واري تجويز تي وري سنجيدگيءَ سان غور شروع ڪيو ويو آهي. هي سٽون لکڻ وقت اي آر ڊي ۽ متحده مجلس عمل جو گڏيل اجلاس جاري هو، ڏسجي ته ان جو ڇا ٿو نتيجو نڪري ۽ اوهان کي فرنٽ پيج تي ان حوالي سان پڙهڻ لاءِ گهربل مواد به ملي ويندو.
گاديءَ واري شهر ۾ ڪالهه افواهه گرم هئا ته ايم ڪيو ايم ۾ وري اختلاف تيز ٿي ويا آهن. الطاف حسين ۽ عمران فاروق ۾ نه ختم ٿيڻ جي حد تائين غلط فهميون پيدا ٿي پيون آهن. ٿي سگهي ٿو ته اختلافن جو اعلان ڪنهن به وقت ٿي وڃي. چيو وڃي ٿو ته متحده قومي موومينٽ جو دائرو سنڌ تائين وسيع ڪرڻ، قومپرستن سان اتحاد ڪرڻ ۽ سنڌين کي ٽڪيٽون ڏيڻ واري معاملي تي عمران فاروق ۽ سندس ساٿي خوش نه هئا. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سيٽون وڌڻ ۽ حلقا مرضيءَ موجب ٺهڻ جي باوجود به ايم ڪيو ايم جي کٽيل سيٽن جي انگ ۾ اصافو نه ٿيڻ آفتاب شيخ ۽ ٻين اهم اڳواڻن جي هارائڻ متحده مجلس عمل جي ڪاميابيءَ وارن معاملن جي ڪڙي به عمران فاروق جي الطاف حسين جي پاليسين سان خاموش اختلافن سان مليل آهي. الطاف حسين جيڪو وطن اچڻ جو اعلان ڪري ڪارڪنن کي جذباتي ڪري ڇڏيو آهي. ”جذباتي ڪارڪن“ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا. ايم ڪيو ايم ۾ وري توڙ ڦوڙ ۽ اندر جو بحران هڪ دفعو ٻيهر ڪراچيءَ ۾ اڏامندڙ امن جي پکيءَ لاءِ خطري جو سگنل آهي. ڪراچيءَ جي ماڻهن کي ايم ڪيو ايم حقيقي ٺهڻ وقت ٿيل خون خرابو اڃا ياد آهي. جڏهن ”نوگو ايرياز“ جا اصطلاح عام ٿيا. لائينر ايريا ۽ شاهه فيصل ڪالوني سميت ڪيترن علائقن ۾ ماڻهن جا راشن ختم ٿي ويا هئا. پر پرائيويٽ ڪرفيو واري ماحول ۾ هو پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ زندگيءَ جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ انهن بکيو رهڻ کي ترجيح ڏني هئي. الطاف حسين جيڪو ”جذباتي ڪارڪنن“ جي ميڙ کي ڪراچيءَ ۾ جذباتي خطاب ڪيو آهي. ان بعد هن کي يقين آهي ته ڪجهه ڌريون متحده کي ٽوڙي وڏو ٽولو حقيقي وارن سان ملائڻ چاهين ٿيون ۽ عمران ڀائي (عمران فاروق) آفاق ڀائي سان ملڻ وارو آهي. سرڪار تي سخت ناراضگي ظاهر ڪندي الطاف حسين پنهنجي ايم اين ايز کي مسلم ليگ (ق) جي حمايت کان روڪڻ جو چئي اپوزيشن ۾ ويهڻ جو به حڪم ڏنو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اي آر ڊي ۽ متحده مجلس عمل جي حڪومت يقيني ٿي وئي آهي ۽ سرڪار سان بارگين ۾ هاڻي پ پ جو پلڙو ڀاري آهي.
(5 نومبر 2002ع)