تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

افواهن جي موسم ۽ تبديليءَ جا اهڃاڻ

افواهن جي موسم ۽ تبديليءَ جا اهڃاڻ

نوٽ: هي تاريخي ڪالم آهي، جنهن ۾ صدر، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، آرمي چيف ۽ نيول سربراهه کي گهر ڀيڙو ڪندڙ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت واري طاقتور وزيراعظم جي جنرل مشرف سان اختلافن نئون جنرل ضياءَ قوم تي مڙهڻ ۽ حڪومت ختم ٿيڻ جي پيشن گوئي ڪيل آهي ۽ اها درست ثابت ٿي آهي.

اسلام آباد مان سيارو آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي ۽ سردي به هلڪي ٿيندي پئي وڃي پر ان سان گڏوگڏ ئي وري حڪومتون ختم ٿيڻ جون بشارتون ٻڌائيندڙ سازشي ذهنن وارن جا دماغ به تيزيءَ سان سازشن جون نيون ٿيوريز گهڙي رهيا آهن. جيتوڻيڪ گاديءَ واري هن شهر ۾ افواهن جي ڄڻ ته فيڪٽري لڳل آهي پر جيڪي به افواهه هتان اٿندا آهن انهن جي پويان ڪجهه نه ڪجهه حقيقت ضرور هوندي آهي. اڄڪلهه گاديءَ واري شهر جا باحواس حلقا وري سياسي گهوٽالي جي بوءِ سونگهڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن.
پروفيشنل بشارتين رمضان جي مهيني کان وٺي پيشنگوئيون ٻڌائڻ تان ڪجهه ڏينهن موڪل ڪئي هئي پر ٿورن ڏينهن ۾ وري لڳي ٿو ته هو سرگرم ٿيڻ وارا آهن. رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ هڪ آمريڪي نجوميءَ هڪ وڏي پيشنگوئي ڪئي هئي پر اها ڪامياب نه ٿي. جنهن بابت پيشنگوئين ۾ ايمان رکندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته ”ان ڪافر ڀلاري مهيني ۾ خراب ڳالهه ڪئي تنهنڪري سندس پيشنگوئي غلط ثابت ٿي.“ هونئن به پاڪستان سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ جڏهن به وڏيون سازشون ٿينديون آهن ته انهن کان اڳ سازشن تي عمل ڪرائڻ واريون ڌريون وڏن پيرن ۽ نجومين کي اشارا ڏئي ڇڏينديون آهن ۽ انهن نجومين جون ڳالهيون اخبارن ۾ شايع ڪرائڻ جو اهتمام به اهي ڌريون پاڻ ئي ڪنديون آهن. پاڪستان ۾ به پيرن ۽ نجومين جي کوٽ ڪانهي، هتي نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو سميت شايد ڪو سياسي ليڊر اهڙو هجي جنهن جو پيرن ۽ نجومين سان واسطو نه هجي. ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن به ٿيندو آهي ته جنهن مسئلي بابت ايجنسين کي سروي ڪرڻي هوندي آهي ان معاملي بابت نجومين کان پيشنگوئيون ڪرائي عوامي رد عمل ۽ راءِ معلوم ڪري پوءِ فيصلن تي عمل ڪيو ويندو آهي. اهڙو رواج ٻين ملڪن ۾ به آهي. جنهن پير جو جڏهن جانٺو ۽ تُڪو فٽ ٿي ويندو آهي، في الحال ته ان جا عيش ٿي ويندا آهن.
هتي اڄڪلهه اهي سرٻاٽ هلي رهيا آهن ته حڪومتي ڌر ۾ اختلاف وڌي ويا آهن. مسلم ليگ ته ٺهيو پر ڪابينا ۾ به ايترا اختلاف ٿي ويا آهن جو هڪڙا وزير ٻين جا پير ڇڪي رهيا آهن. چوڌري نثار ۽ اعجاز الحق جا اختلاف ته هاڻي پراڻا ٿي ويا آهن پر اڄڪلهه سيف الرحمان ۽ ميان اظهر وارا معاملا هارڊ اشوز آهن. حڪومتي حلقن ۾ اها پچر عام ٿي وئي آهي ته سيف الرحمان جي چوگرد گهيرو تنگ ٿي ويو آهي ۽ پيشنگوئيون ڪندڙ ته اها دعويٰ به ڪن ٿا ته سيف الرحمان احتساب واري ذميواريءَ جو ڪوٽ لاهي قطر جي ٽڪيٽ وٺڻ وارو آهي پر سيف الرحمان جي حلقن جو چوڻ آهي ته هاڻي هو ٿڪجي پيو آهي. پاڻ ئي ذميواريون ڇڏڻ لاءِ تيار آهي ۽ ان ڏس ۾ هن نواز شريف کي چيو به آهي.
ڪجهه ڏينهن کان هتي مخصوص محفلن ۾ اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته فوج ڊيفالٽرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ واري آهي. جيتوڻيڪ عيد کان پوءِ لاهور ۾ جنرل پرويز مشرف واپڊا جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل ذوالفقار علي خان کي حڪم ڏئي آيو هو ته هو بجلي چورن ۽ واپڊا جي ڊيفالٽرن خلاف ڪارروائي ڪري. جنهن فاروق لغاري، ذوالفقار کوسو سميت پنجاب ڪابينا جي ٽن وزيرن ۽ ڪجهه مسلم ليگ (ن) جي ايم پي ايز خلاف ڪارروائي ڪئي. 4 فيبروري تي فوج نواز شريف جي ڀيڻوئي ايم اين اي شير علي ۽ هڪ ٻئي مسلم ليگي ايم اين اي زاهد توصيف جي گهرن تي ڇاپا هنيا آهن. عابده حسين ۽ فيصل صالح حيات جي گهر به ڇاپا لڳا آهن. پنجاب جي ايم پي ايز زاهد گورايا، صفدر شاڪر ۽ ٻين جي گهرن تي به فوجي جوان پنهنجا قدم گهمائي آيا. جلد ئي چوڌرين سميت مختلف وڏن وڏن جي گهرن تي ڇاپن جون خبرون اينديون. سو ان ريت هڪ پاسي واپڊا وارا فوجي ٻئي پاسي راولپنڊي وارا فوجي قرض خورن خلاف ڪارروائيءَ لاءِ ٻانهون کنجي رهيا آهن.
باخبر حلقا دعويٰ سان چئي رهيا آهن ته الاهي بخش سومرو جنهن کي پيار مان سندس ويجها ”آءِ بي“ سڏيندا آهن، آءِ بي جي معنيٰ انٽيليجنس بيورو آهي پر هتي ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ڇو ته سومرو صاحب آءِ بي کان گهڻو مٿي آهي ڇو ته هن جا واسطا به وڏن سان آهن. چيو وڃي ٿو ته ڪجهه ڏينهن اڳ نيشنل بئنڪ واري صدر محمد ميان سومرو، الاهي بخش سان گڏجي ملڪ جي هڪ سگهاري شخصيت سان مليو هو. هن نه صرف پنهنجي بئنڪ پر الاهي بخش جي پٽ زبير سومرو واري بئنڪ يو بي ايل سميت مختلف بئنڪن ۽ مالياتي ادارن تي وڏن ڊيفالٽرن جون تازو تيار ڪيل خصوصي لسٽون ان شخصيت کي ڏنيون آهن. خصوصي لسٽون ان ڪري ٿا انهن کي چئون ڇو ته انهن ۾ مسلم ليگي ڊيفالٽرن جا نالا به آهن، اهڙي سڌ حڪومت کي ملي چڪي آهي.
ڊيفالٽرن خلاف ڪارروائيءَ جي تياري ۽ معزز بجلي چور پارليامينٽيرين خلاف ڪاررواين بعد حڪومتي حلقن جو چوڻ آهي ته حڪومتي ٿنڪ ٽئنڪ ان تي سنجيدگيءَ سان سوچين پيا ته فوجي عدالتن جو دائرو وڌائڻ وارو پلان ڊراپ ڪجي. ٽيڪس چورن ۽ قرض خورن خلاف ٿيندڙ امڪاني ڪارروائي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي حڪومت متبادل طور انتظام ڪرڻ بابت جنهن تجويز تي سنجيدگيءَ سان غور ڪري رهي آهي اها هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ بابت آهي. ان نوٽيفڪيشن ذريعي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽيءَ واري جاءِ ڀري ويندي. حڪومت جا ويجها چون ٿا ته ان عهدي تي واري جي لحاظ کان هاڻي نمبر آرمي جو آهي ڇو ته نيوي ۽ ايئرفورس وارا ان عهدي حاصل ڪرڻ جو وارو حاصل ڪري چڪا آهن تنهن ڪري آرمي چيف جنرل پرويز مشرف جي ان عهدي تي مقرري ويچار هيٺ آهي جڏهن ته نئين آرمي چيف طور جنرل ضياءَ يا ڪنهن ٻئي کي آڻڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
حڪومت وڃڻ جون افواهون ۽ ٿيوريز هاڻوڪي حڪومت جي اچڻ جي هڪ سال کان پوءِ ئي شروع ٿي ويون هيون پر انهن ٿيوريز کي بنياد بڻائي شرطون لڳائيندڙ جڳادري هن مهل تائين ڏوڪڙ هارائيندا رهيا آهن. جو حڪومتن وڃڻ جي ڪا به ٿيوري ثابت ناهي ٿي سگهي ۽ هاڻي شايد حڪومت به انهن ٿيوريز جي گهڻي پرواهه ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي. پر جن جو ”گذر سفر“ ئي نيون نيون سازشون ڳولڻ ۽ مارڪيٽ ۾ نيون ٿيوريز آڻڻ آهي، اهي همٿ هارڻ بدران اڄڪلهه وري مارڪيٽ ۾ نيون ٿيوريز لاهي رهيا آهن ۽ اسلام آباد جي سياسي مارڪيٽ ۾ اڄڪلهه جيڪي ٻه ٿيوريز ”وڏي واڪ پر سستي اگهه“ تي وڪرو ٿي رهيون آهن اهي هن ريت آهن ته مسلم ليگ جي گهر ۾ هلندڙ گڙٻڙ جيڪا ميان اظهر جي استعيفا ۽ چوڌري شير علي سميت ٻين ليگي پارليامينٽيرين جي گهرن تي بجليءَ جي چوريءَ جي ڇاپن سبب وڌي وئي آهي. ان آڌار تي ”گهر اندران“ تبديليءَ لاءِ ڪوشش ٿيندي ۽ ميان اظهر ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. جڏهن ته قرض خورن ۽ ٽيڪس چورن خلاف ڪارروائي ۽ ان جي نتيجي ۾ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ واري ٿيوري پيش ڪندڙن جو خيال آهي ته ملڪ ۾ هاڻي مارشل لا اچڻ جا امڪان آهن. مارشل لا ضياءَ الحق وارن 90 ڏينهن جهڙو نه هوندو پر واقعي ۾ 90 ڏينهن کان به گهٽ مدت وارو هوندو. ان دوران نظريه ضرورت مطابق آئين معطل ڪري پاڪستان ۾ صوبن جي ڀائيواري ۽ حقن لاءِ نئون فارمولا جوڙڻ لاءِ ڊگهي ايڪسرسائيز ڪئي ويندي ۽ آئين جي اوور هالنگ ڪئي ويندي پر ان دوران قاضي حسين احمد جي مطالبي جهڙو بي رحم احتساب بنا فرق جي ڪيو ويندو. اهو ڪم سرتاج عزيز جهڙن ٽيڪنو ڪريٽس، اصغر خان جهڙن ايماندارن ۽ ميان اظهر ۽ شير باز مزاريءَ جهڙن سياستدانن ذريعي ٿي پيو سگهي. راز جون ڳالهيون ته خدا کي خبر ۽ ٻيو مالڪن کي پر جيڪي هتان جي سياسي مارڪيٽ ۾ اڃا تائين عام نه ٿيندڙ ڳالهيون آهن ۽ هن وقت تائين رڳو ڊرائنگ رومز تائين محدود آهن. انهن جو ذڪر ڪريون پيا، باقي ٿي سگهي ٿو ته اڳ جيان انهن ٿيوريز کي به وقت غلط ثابت ڪري ڇڏي.
(6 فيبروري 1999ع)