آئيني پيڪيج، جنهن ۾ صوبائي خودمختياريءَ کي جاءِ نه ملي!
نيٺ ملڪ جي سمورين سياسي ڌرين جي مخالفت باوجود به صدر جنرل پرويز مشرف 29 آئيني ترميمون لاڳو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. سياسسي ڌرين پاران رسمي مخالفت واري بيان کانسواءِ ڪو به رد عمل سامهون ناهي آيو نه ئي معاشري جي ٻين شعبن ۽ سول سوسائٽيءَ جي تنظيمن ان تي ڪو احتجاج ڪيو آهي. جنهن عمل مان لڳي ٿو ته اهي ترميمون قبول ڪيون ويون آهن. آئيني ترميمن لاڳو ڪرڻ لاءِ صدر جنرل پرويز مشرف جواز ٻڌايو آهي ته ”اسيمبلين ۽ سينيٽ جون سيٽون وڌائڻ، عورتن لاءِ سيٽون مخصوص ڪرڻ، گڏيل چونڊ نطام وغيره سميت منظور ڪيل ترميمن ۾ ڪافي ترميمون اهڙيون آهن، جيڪي هر سياسي پارٽيءَ جي منشور ۾ شامل هيون ۽ انهن جا واعدا سياسي پارٽيون ووٽ وٺڻ وقت ڪنديون هيون. اهي واعدا 30 سالن ۾ پورا نه ڪرڻ جو سبب اهي جماعتون اهو ڏينديون رهيون ته کين پارليامينٽ ۾ اڪثريت نه هئي، حقيقت ۾ سمورين ڌرين کي 97 کان 99ع تائين 12 سال مليا، نواز ليگ جي حڪومت ۾ جڏهن هارس ٽريڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ پارٽي سربراهن کي آمراڻا اختيار ڏيڻ وارا معاملا آيا ته سمورين جماعتن پاران اتفاق راءِ سان اهي آئيني ترميمون منظور ڪري سگهجن پيون پر هنن ايئن نه ڪيو. جنهن مان ثابت ٿيو ته انهن پارٽين شخصي ۽ پارٽي مفادن کي عوامي مفادن تي اوليت ڏني.“
صدر جنرل مشرف جيڪي به آئيني ترميمون ڪيون آهن، بهتر آهن رڳو اعتراض اهو آهي ته ترميمون پارليامينٽ ڪري ها. ان نقطي تي سياسي جماعتن سان آئون بلڪل سهمت آهيان ته اهو قانوني ۽ آئيني اختيار پارليامينٽ جو آهي ۽ پارليامينٽ ئي ڪري ها. جيڪڏهن ضياءُ الحق جهڙو آمر پارليامينٽ ۾ وڃي سگهي ٿو ته ان جي ڀيٽ ۾ لبرل جنرل مشرف ڪجهه معاملن ۾ پارليامينٽ سان رجوع ڇو نٿو ڪري سگهي؟ صدر مشرف جنهن وقت تي انهن ترميمن جو اعلان ڪيو آهي، اهو به اهم آهي. نامينيشن فارم ڀرائڻ ۾ مصروف سياستدان ان تي ڪو رد عمل نه ڏئي سگهيا. بينظير ڀٽو ۽ شهباز شريف جي آئوٽ ٿيڻ سبب پارٽين لاءِ ڄڻ ته هيءُ اشو ئي نه رهيو. اهڙيءَ طرح ترميمون صدر کي ڦٻي ويون ۽ مخالفت ڪندڙ مخالفت نه ڪري سگهيا. لڳي ايئن ٿو ته هاڻي صدر صاحب جنهن پوزيشن ۾ آهي، ان تي 5 سال رهڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي. گهڻن ماڻهن جو ته اهو به تجزيو آهي ته پاڻ کي پنج سال پڪو رکڻ وارو اعلان ته اڃا پهريون مرحلو آهي. ان کان وڌيڪ عرصي تائين به هو پاڻ کي اقتدار ۾ رکي سگهي ٿو پر ان جو اعلان مرحليوار ڪندو رهندو ۽ پوءِ اهي مرحلا سڄي حياتيءَ لاءِ به ٿي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ تازو هڪ پرڏيهي ميگزين کي ڏنل انٽرويو ۾ صحبا مشرف ۽ جنرل مشرف جي استاد رٽائرڊ ڪرنل چيو هو ته ”جنرل مشرف اڄڪلهه ڊنل آهي، پر اهو نٿو مڃي ۽ هر هر چوي ٿو ته هو ڪنهن کان نٿو ڊڄي.“ پريس ڪانفرنس ۾ به هن اها ڳالهه ٻه دفعا ڪئي. حقيقت اها آهي ته ڳچ عرصي کان صدر مشرف جي سيڪيورٽي ايتري ته سخت ڪئي وئي آهي جيڪا انتهائي غير معمولي حد تائين آهي. آگسٽ جي وچ ڌاري هن کي ڪراچي اچڻو هو ۽ سڄي شهر ۾ ناڪابندي، تلاشي ۽ سخت سيڪيورٽيءَ جا انتظام هئا پر صدر نه آيو ۽ چيو ويو ته اها سيڪيورٽي ٽيسٽ هئي. هر وقت بلٽ پروف جيڪٽ پاتل جنرل مشرف جي پريس ڪانفرنس دوران به سيڪيورٽي سخت هئي ۽ سندس سيٽ صحافين کان به گهڻو پري هئي. صحافين جي هجوم ۾ به پاڻ کي عدم تحفظ جو شڪار سمجهندڙ صدر مشرف ڀلي چوي ته هو ڊنل ناهي، پر صورتحال ان جي برعڪس آهي. جنرل مشرف هڪ غير ملڪي اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته هو هر وقت پستول پاڻ سان گڏ رکندو آهي، چاهي هو صدر جي ڪُرسيءَ تي هجي يا ڪور ڪمانڊرز جي ڪانفرنس جي صدارت ڪندو هجي. سياستدان سان ملندو هجي يا رات جو گهر ۾ ستل هجي پستول ساڻس گڏ هوندو آهي. بهرحال جنرل مشرف ڀلي کڻي ڪيترو به خوف زده هجي پر سياسي پارٽيون سنڍ ٿي ويون آهن. انهن ۾ ايترو دم ناهي جو کيس هٽائي سگهن. ٿورو گهڻو آسرو پ پ مان هو ته اها شايد ٽڪراءُ ۾ اچي پر پنهنجي والد جي ٺاهيل ”ٿري پيز“ يعني پ پ پ واري پارٽيءَ سان گڏ بينظير ڀٽو پارليامينٽيرين جي چوٿين ”پي“ لڳائي پارٽيءَ ۾ ترميم ۽ تبديليءَ جي شروعات ڪئي آهي، جيڪا هاڻي ”اتي رُڪندي ڪو نه، پر هاڻي ان ۾ پنجين ”پي“ جو اضافو چونڊن کان پوءِ ٿيندو، جڏهن ”پاڪستان پيپلزپارٽي پروگريسو پارليامينٽيرين“ (پي پي پي پي پي) ٺهندي. سياسي مُبصرن ۽ خود پ پ جي جيالن جو چوڻ آهي ته پروگريسو پ پ ٺاهي بي بي وڏي غلطي ڪئي آهي. هاڻي ”عوام“ جي ڌار پارٽي آهي ۽ ”خاص“ جي ڌار آهي. يعني جيڪڏهن ڪنهن کي جيل وڃڻو آهي يا ڏندا کائڻا آهن ته پ پ ۾ وڃي جيڪڏهن اقتداري ايوان ۾ وڃڻو آهي ته اهو پروگريسو پ پ ۾ وڃي، جيڪڏهن حڪومتي حڪم آڏو سر تسليم خم ئي ڪرڻو هو ته پوءِ بهتر حل اهو هو ته محترمه پارٽي مفاد ۾ امين فهيم تي اعتماد ڪندي کيس چيئرمين بڻائي ها، پاڻ رهبر ٿي وڃي ها. جيالن موجب بي بي جي اها غلطي سندس ليڊر طور سروائيو ڪرڻ آڏو هڪ سواليه نشان بڻجي وئي آهي.
خير اسان ڳالهه پئي ڪئي آئيني ترميمن جي، صدر مشرف اعلانيل 29 آئيني ترميمن جو جڏهن پريس ڪانفرنس ۾ حتمي اعلان پئي ڪيو ته ان وقت هن چيو هو ته جن ترميمن تي وڌيڪ تنقيد ٿي انهن کي هن ڇڏي ڏنو آهي، جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي. سڀ کان وڌيڪ تنقيد اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ فوجي سربراهن جا ڀرتي وارا اختيار صدر کي ڏيڻ ۽ قومي سلامتي ڪائونسل جي قيام تي ئي هئي، پر اهي ٻئي ترميمون بنا پرواهه ڪندي ڪيون ويون آهن. سڀ کان وڌيڪ ساراهه ۽ مطالبو صوبائي خودمختياري ڏيڻ وارين ترميمن بابت هو، اهي صدر مشرف پيڪيج مان خارج ڪري ڇڏيون آهن. حقيقت اها آهي ته 1973ع وارو آئين اتفاق راءِ سان منظور ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب ۽ ڪارڻ اهو هو ته صوبن کي 10 سالن بعد يعني 83ع ۾ مڪمل صوبائي خودمختياري ملڻي هئي. ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ٿيڻي هئي پر اها نه 83ع ۾ ٿي نه 93ع ۾ ٿي ۽ نه هاڻي 3/2002ع ۾ ٿي آهي. موجوده حڪومت جو وڏي ۾ وڏو نعرو هو ته اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي ۽ ان چڪر ۾ هيٺان کان شروعات ڪندي صوبن جا اختيار کسي ضلعن کي ته ڏنا ويا، پر مرڪز جو هڪ اختيار به صوبن کي نه مليو. بقول اسفند يار ولي ته واقعي هاڻي صوبا ته رڳو پوسٽ آفيس بڻجي ويا آهن. مون اهو معاملو سوال ذريعي صدر آڏو اٿارڻ پئي چاهيو پر سرڪاري ڪامورن سوال ڪرڻ جو وارو نه ڏنو ۽ حسب روايت جن کي هنن پرچين تي سوال لکي ڏنا هئا انهن کي ڀرپور موقعا ڏنا ويا، جن دل کولي تعريف جا بند ٻڌا. بعد ۾ پي ٽي وي وارن کي کُٽي کنيو جو مون کان تبصرو رڪارڊ ڪرايائون. ان ۾ به مون صوبائي خودمختياريءَ کي نظر انداز ڪرڻ تي ڳالهايو پر هنن کي ڳالهه نه وڻي ۽ قومي خبرنامي ۾ هنن اهو نشر نه ڪيو. صوبائي خودمختياري پاڪستان جهڙي ملڪ جي بقا، مضبوطي ۽ مالياتي طور پاڻ ڀرو ٿيڻ جو واحد ذريعو آهي پر خبر ناهي ڇو 47ع کان وٺي ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ هر فوجي توڙي سول حڪمران صوبن جا اختيار کسي وفاق کي ڏنا آهن. تعليم، صحت، زراعت، مڪاني ادارا، ماحوليات سميت لاتعداد کاتا وفاق ۽ صوبن ۾ ساڳيا آهن ۽ هروڀرو ڊبل خرچ ٿي رهيو آهي. ”اهي جيڪڏهن صوبن کي ملن ته وفاق جو 50 کان 60 ارب رپيا ساليانو خرچ بچي سگهي ٿو ۽ عوام کي به سهولت ملندي“ پر خبر ناهي ڇو ان کي هرڪو نظر انداز ڪري ڇڏي ٿو. صدر مشرف جي نيت تي اسين شڪ نٿا ڪريون پر يقين ڪيئن ڪريون ته آخر ڪهڙي مصلحت هئي. ان ۾ ڪهڙو قومي مفاد هو جو صوبائي خودمختياريءَ بابت هر شق پيڪيج مان خارج ڪئي وئي. حڪومت جڏهن آئيني ترميمن جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو هو ته اڳ ۾ صوبن کان ضلعن کي ۽ پوءِ مرڪز کان صوبن کي اختيار منتقل ٿيندا ته ڪاوش جي هنن ئي ڪالمن ۾ مون ان وقت ئي اهو خدشو ظاهر ڪيو هو ته حڪومت صوبائي خودمختياري نه ڏيندي. افسوس آهي ته صدر مشرف جي مشيرن کانئس اهڙو فيصلو ڪرايو. ماضيءَ جي حڪمرانن جيان ڪير ايئن سمجهندو ته جنرل مشرف هن معاملي ۾ ماضيءَ وارن کان مختلف آهي. (23 آگسٽ 2002ع)