اسلام آباد ۾ قومپرستن جو ڪاڄ
ڪالهوڪي قومپرستن جي ڪانفرنس شروع ٿي ته اڪثر مقررن صوبائي خودمختياري بدران چيو ته سنڌين، سرائڪين، بلوچن ۽ پٺاڻن کي قوم طور تسليم ڪرايو ۽ پوءِ حق وٺو. خودمختياري بدران آزادي جي ڳالهه ڪريو. اهڙن مطالبن بعد ميزبان اجمل خٽڪ ۽ عطاءُ الله مينگل بظاهر حيران ٿي ويا ۽ شايد صوبائي خودمختياري ڪانفرنس جو ڊڪليئريشن جوڙڻ ۾ به کين ان سوال تي ڏکيائي ٿئي ته جدوجهد نيٺ ڇا لاءِ ڪجي..... صوبائي خودمختياري يا قوميتن کي تسليم ڪرائڻ لاءِ؟ ٿي سگهي ٿو ته دل ئي دل ۾ اجمل خٽڪ ۽ مينگل آزادي واري مطالبي تي خوش هجن پر في الحال هو ان معاملي کي پاسيرو رکي رهيا هئا.
گادي وارو شهر جنهن کي ڪي ماڻهو خوبصورت ۽ پرفضا شهر ته ڪي ماڻهو سوئرن، گدڙن ۽ ايجنسين جو شهر سڏيندا آهن تنهن ۾ پاڪستان کان بيزاري جي ڳالهين جو پڙاڏو هتان جي قومي پريس جي ڪن تي ته نه پيو ۽ ڄاڻي واڻي ان کي ڪوريج نه ڏئي وئي. ساڳيو حال حڪمرانن جو به هو پر ايجنسين جا اهلڪار ڏاڍا سرگرم هئا جنهن مان لڳو پئي ته اسٽيبلشمينٽ کي ڦڦڙي لڳل هئي. ون يونٽ کان پوءِ اٽڪل 35 سالن بعد چئني صوبن جي قومپرست ڌرين جو هي اتحاد يقينن ملڪي سياسي تاريخ کي نئون موڙ ڏيندو. ڪانفرنس دوران جيتوڻيڪ ڪچايون ڦڪايون به ٿيون پر جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي هجي اتي هلڪا ڦلڪا واقعا معمول جي ڳالهه آهن.
چئني صوبن جي قومپرست ڌرين جي ٻن ڏينهن واري صوبائي خودمختياري ڪانفرنس ڪالهه گادي واري شهر اسلام آباد جي علائقي ميلوڊي ۾ واقع فور اسٽار هوٽل هاليڊي ان جي بيس مينٽ واري هال شيش محل ۾ شروع ٿي. 200 جي لڳ ڀڳ شرڪت ڪندڙن مان اڪثريت سنڌين جي هئي. ٻئي نمبر تي سرائڪي ۽ ٽئين نمبر تي پختون هئا. جهڙي طرح سنڌي اخبارون پوري پاڪستان ۾ اردو کانسواءِ ٻين ٻولين کان وڌيڪ آهن اهڙي نموني سنڌين ۽ سرائڪين جون وڏيون پارٽيون توڙي ٽانگا پارٽيون به جام هيون. جن سرائڪي اڳواڻن ڪالهه تقريرون ڪيون تن جي پارٽين جا نالا لکجن ته هي ڪالم شايد پورا نه پون. ان سڄي ماجرا جي باوجود به هڪ ڳالهه مڃڻي پوندي ته انهن پارٽين جي ليڊرن ڳالهيون بهرحال ڪم جون پئي چيون.
ڪانفرنس شروع ٿي ته صبح جو سوير سنڌ، سرحد ۽ سرائڪي بيلٽ ۽ بلوچستان جون ”وڏيون“ پارٽيون اڳ ۾ ئي هال ۾ موجود هيون. بلڪل اهڙي نموني جيئن اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڪنهن اهڙي سرڪاري پريس ڪانفرنس جنهن ۾ کائڻ جو انتظام سٺو هجي يا ٽي وي ڪئميرا هجي ته ڊمي اخبارن وارا همراهه هڪ ڪلاڪ اڳ ۾ اڳيون سيٽون والاري ويهي رهندا آهن. اهڙي نموني ڪالهوڪي ڪانفرنس ۾ اڳين سيٽن تي ويٺل چهرا به اڪثر نامعلوم پئي لڳا.
ايڏي وڏي ڪانفرنس کي مقامي اخبارن ڪوريج نه ڏني جنهن مان سندن پروفيشنل نيت جي ڪٿ ڪري سگهجي ٿي. شايد اهو ئي سبب هو جو تاج لانگاهه سميت اڪثر مقررن صحافين ۽ ميڊيا کي مجموعي طور نشانو بڻائيندي پريس ۽ پريس وارن جو پٽڪو لاٿو. هڪ موقعي تي جڏهن پاڪستان جي محبت سان سرشار هڪ صحافي گوڙ ڪيو ته هي ڪانفرنس صوبائي خودمختياري بابت آهي يا پاڪستان کي گاريون ڏيڻ لاءِ، ته ان تي تاج لانگاهه جيڪو اڳ ۾ ئي پريس تي تتو ويٺو هو تنهن بجاءِ ان صحافي کي ڪجهه چوڻ جي مجموعي طور پريس تي تنقيد ڪئي. جنهن تي ٻين صحافين احتجاج ڪيو ته گوڙ ٿي ويو. سرائڪي پارٽي جا ٻه همراهه مرڳو صحافين کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ان دوران رسول بخش پليجي کان به رهيو نه ٿيو ۽ چيائين ته ڇا پريس وارا سياستدانن تي تنقيد نه ڪندا آهن؟ اڄ جيڪڏهن اسين تنقيد ڪريون ٿا ته اوهين ڪاوڙجو ڇو ٿا؟ پليجي واري ڳالهه ۾ ڪنهن حد تائين لاجڪ هو. صحافين هن کي چيو ته جيڪو صحافي يا جيڪا اخبار اوهان کي ٽارگيٽ بڻائي اوهين ان سان ڳالهايو، سڀني کي گار نه ڏيو. هونئن ته خيرن سان منڍ کان وٺي اجمل خٽڪ سميت اڪثر مقررن جن ۾ پليجو به شامل هو تن ۽ سرائيڪين پنجاب جي پريس کي ٽارگيٽ بڻايو. هڪ سرائيڪي همراهه ته ايتري قدر چيو ته پنجاب جي ڪا پارٽي ناهي، پنجاب جي فوج، پريس ۽ ڪامورا شاهي گڏيل نموني پنجاب جي پارٽي آهي.
هڪ موقعي تي جڏهن سنڌين ۽ سرائيڪين چيو ته پاڪستان پنجابستان آهي، پنجابي قابض آهن، هي پاڪستان نه کپي، اسان کي نئون پاڪستان کپي جنهن ۾ پنجن قوميتن (سرائڪي سميت) کي تسليم ڪيو وڃي ۽ نئين سر صوبن جي حد بندي ٿيڻ گهرجي ته اي اين پي جنهن جو ليڊر به ساڳي ڳالهه ڪري چڪو هو تنهن جي سينيٽر بشير مٽا، ايم پي اي حاجي عديل ۽ ايم اين اي غلام احمد بلور پاڻ ۾ صلاح ڪئي ۽ بعد ۾ بلور اٿيو ۽ چيائين ته هي ڇا هي؟ هي ڪانفرنس صوبائي خودمختياري بابت آهي، اسين هتي پاڪستان ٽوڙڻ يا ان کي گاريون ڏيڻ نه آيا آهيون. ان تي ماحول عجيب و غريب ٿي ويو. اي اين پي سنڌ جي صدر امين خٽڪ سميت جيالا پٺاڻ ۽ سنڌي توڙي سرائڪي بلور کي گهوريندا رهيا. بهرحال اجمل خٽڪ بلور کي سمجهايو ته هو ويهي رهيو پر بلور پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو.
ڪانفرنس جي صدارت ۾ ممتاز ڀٽو شامل نه هو. هڪ موقعي تي ممتاز ڀٽي اوچتو چيو ته مون کي وڃڻو آهي سو مون کان جلدي تقرير ڪرايو، ممتاز تقرير ڪئي. سندس تقرير ٺاهوڪي لڳي. هن چيو ته وفاق ناڪام آهي. صوبائي خودمختياري ڪنهن کان ٿا گهرو؟ اڳ ۾ قوم جي حيثيت مڃرايو ۽ پوءِ حق وٺو. ممتاز ڀٽي جو اهو جملو بعد ۾ ايندڙ مقررن لاءِ ڄڻ ته پاليسي بڻجي ويو. قادرمگسي، قمر ڀٽي، خالق جوڻيجي ۽ عزيزالله ٻوهئي سميت هڪ درجن کان وڌيڪ سرائڪين به اها ڳالهه ورائي چئي. جنهن بعد اجمل خٽڪ وارا به پريشان هئا ته هن ڪانفرنس جو رخ ڦري ويو آهي. ممتاز ڀٽي پ پ تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته لٽيرن کي اهڙي ميڙ ۾ شامل نه ڪريو. جنهن تي نثار کهڙو ڪاوڙ ۾ هو. چانهن جي وقفي ۾ پڇڻ تي چيائين ته ممتاز ڀٽو سدائين پنهنجي ٻڌائي هليو ويندو آهي، هن ۾ دم آهي ته اسان جي ڳالهه به ٻڌي پوءِ وڃي ها. ممتاز ڀٽو ته خير هليو ويو پر گل محمد جکراڻي ۽ لطيف ٻگهيو آخر تائين ويٺا رهيا.
ڪانفرنس ۾ قادرمگسي، نثار کهڙي، اجمل خٽڪ، خالق جوڻيجي، عزيز الله ٻوهئي ۽ عبيدالله ڀٽي جون تقريرون بهتر هيون. اظهر جتوئي ۽ قمر ڀٽي سٺو وارو وڄايو. منصور قادر جوڻيجي به منجهي منجهي آخر ۾ اهو چئي جان ڇڏائي ته اميد ته اوهان منهنجي ڳالهه سمجهي ويا هوندا. سرائڪين جون به تقريرون چڱيون هيون. مجيد ڪانجو چيو ته اسان اوهان سان جدوجهد ۾ گڏ آهيون پر سڀاڻي ايئن نه ڪجو ته پنهنجا حق وٺي اسان کي پنجابين حوالي ڪري ڇڏيو جيئن ون يونٽ ۾ اوهان ڪيو هو. ان تي اجمل خٽڪ کي دل سان ڳالهه لڳي ته مرڪي پيو. عزيزالله ٻوهئي چيو ته خٽڪ صاحب، خدا نه ڪري جيڪڏهن سڀاڻي هي صوبائي خودمختياري واري تحريڪ ناڪام ٿي ته اسين ايئن سمجهنداسين ته اوهان پنجاب جي چوڻ تي صوبائي خودمختياري جي نالي ۾ وفاق لاءِ مهلت وٺڻ لاءِ هي ڪاڄ ڪيو آهي. ان تي اجمل خٽڪ کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ امداد محمد شاهه به مرڪيو ۽ سرائڪين تاڙيون وڄايون. ڪانفرنس ۾ آريسر جي تقرير جي کوٽ محسوس ڪئي ويئي جيڪڏهن هجي ها ته شايد ميلو لٽي وڃي ها. رسول بخش پليجو جڏهن ويٺلن کي پنهنجي جادو بيانيءَ سان سحر ۾ آڻي رهيو هو ۽ اهو چوڻ شروع ڪيائين ته آءُ پنجابين ۽ پاڪستان جي خلاف ناهيان ته خالق جوڻيجو اٿيو ۽ چيائين ته هن کي چئو ته موضوع تي ڳالهائي. غير متوقع طور خالق جي ان جملي پليجي جو ٽيمپو ٽوڙي ڇڏيو ۽ ان بعد چند جملا چئي پليجو لهي آيو. ان کان اڳ 4 دفعا اسٽيج سيڪريٽري لطيف آفريدي پليجي کي تقرير لاءِ سڏيو ته پليجي چيو ته هو آخر ۾ تقرير ڪندو. اجمل خٽڪ بشير خان قريشي جو به پڇيو پئي پر هن کي مولانا ٻوهئي ٻڌايو ته هو نه ايندا. هنن چيو آهي ته اسين آزادي پسند آهيون ۽ هن ڪانفرنس جو مقصد وفاق کي مضبوط ڪرڻ آهي. ان تي اجمل خٽڪ مرڪيو. سندس مرڪ مان لڳو پئي ته هو چاهيندي به اهو نه چئي سگهيو ته ”ظاهر آهي ته هن ڪانفرنس جو اصل مقصد اهو ئي آهي جيڪا ڳالهه قريشي ڪري ٿو.“ اڄ وري صبح جو ڪانفرنس جو ٻيو اجلاس شروع ٿيندو. محمود خان اچڪزئي، امداد محمد شاهه، عطاءُ الله مينگل ۽ ڪجهه ٻيا تقريرون ڪندا جنهن بعد صوبائي خودمختياري بابت ڊڪليئريشن پڌرو ڪيو ويندو. (2- آڪٽوبر 1998ع)