تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

ڳالهائيندڙ گونگن جي زبان وري ڪٽجي وئي

ڳالهائيندڙ گونگن جي زبان وري ڪٽجي وئي

نيٺ ميان نواز شريف ڪالهه جمعي جي بابرڪت ڏينهن تي آئين ۾ 15هين ترميم وارو بل قومي اسيمبليءَ مان منظور ڪرائي ورتو. 4 سيپٽمبر 98ع کان شريعت بل تي شروع ٿيل بحث هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذرڻ بعد ڪالهه پڄاڻيءَ تي پهتو. 217 قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن مان نواز حڪومت جي حمايت ۾ شروع ۾ ته 199 ميمبر هئا رڳو 18 ڄڻا پ پ وارا اپوزيشن ۾ هئا پر حڪومتي پاليسين سبب 18 وڌيڪ ميمبر جيڪي مختلف پارٽين جا آهن اهي به اپوزيشن سان ملي ويا ۽ هن وقت اپوزيشن جو انگ 36 ٿيو آهي. جڏهن ته حڪومت جي حامين جو تعداد 199 مان گهٽ ٿي 181 وڃي بچيو آهي. انهن 181 ميمبرن مان مسلم ليگ جا پنهنجا 142 ميمبر آهن باقي ميمبر اتحادي ڌرين جا آهن.
5 آڪٽوبر تي جڏهن آرمي چيف جهانگير ڪرامت حڪومت جي پاليسين تي اعتراض ڪيو ته 14هين ترميم واري تلوار سبب گونگا بڻجي ويل حڪومتي ميمبر ڳالهائڻ لڳا هئا. 7 آڪٽوبر تي ڪراچي مسئلي بابت بحث دوران کلم کلا حڪومتي ميمبرن حڪومت تي تنقيد پئي ڪئي پر جڏهن 8 آڪٽوبر تي آرمي چيف رٽائر ڪيو ته جن گونگن ميمبرن کي زبان ملي هئي اها ڄڻ ته ڪٽجي وئي ۽ وري ساڳئي حال ۾ خوش رهڻ کي غنيمت سمجهندي انهن ميمبرن مسلم ليگ جي چوليءَ کي زور سان پڪڙڻ شروع ڪيو. اها نواز شريف جي قسمت آهي يا سندس پنجاب سان تعلق هجڻ وارو اتفاق، جو هيستائين هو چيف جسٽس سان اٽڪيو ته چيف جسٽس کي پنهنجي ڀائر ججن ڪڍي ڇڏيو. صدر لغاريءَ سان اٽڪيو ته هو استعيفا ڏئي هليو ويو. آرمي چيف سان ڦڏو ٿيو ته اهو به شريف ماڻهو 96 ڏينهن رٽائرمينٽ کان اڳ رٽائر ڪري هليو ويو. نامياري صحافي ماريانا بابر موجب ته هاڻي باقي ميان ۽ ملڪ باقي آهن. ٻيا ته سڀ هليا ويا.
ڪالهه شريعت بل پاس ٿيڻ بعد وزيراعظم جيڪا اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪئي، ان ۾ چيو ته ماڻهن کي انصاف نٿو ملي. انصاف ۾ دير ٿئي ٿي. هيءَ اسان جي نطام جي خرابي آهي تنهن ڪري نظام تبديل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته شريعت بل سان اسان جا ٻئي مسئلا حل ٿي ويندا. وزيراعظم اهي ڳالهيون اڳ ۾ به چيون هيون پر ڪالهه سندس انهن جملن جي ادائيگي جو انداز ڏاڍو فاتحانه هو. اسيمبليءَ مان ته هو بل پاس ڪرائي ويو آهي. هاڻي ڏسجي ته سينيٽ ۾ حشر ڇا ٿو ٿئي ڇو ته سينيٽ ۾ حڪومت کي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت حاصل ناهي. شايد اهو ئي سبب آهي ته سينيٽ ۽ اسيمبليءَ جا اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ختم ڪيا ويا آهن. تيستائين حڪومت ڪوشش ڪري سينيٽ ۾ گهربل اڪثريت حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻندي. جيڪڏهن سينٽ مان به هو بل پاس ڪرائي ويا ته پوءِ نوازشريف کي بادشاهت قائم ڪرڻ ۾ دير ڪا نه لڳندي.
ڪالهه اسيمبليءَ مان جيڪو شريعت بل پاس ڪيو ويو آهي. ان موجب حڪومت کي اهو اختيار حاصل هوندو ته نماز قائم ڪرڻ، زڪوات ڏيڻ، نيڪي جي تلقين ڪرڻ، برائي کان روڪڻ، ڪرپشن ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن کي انصاف ڏيڻ لاءِ ڪو به حڪم اسلامي اصولن موجب جاري ڪري سگهي. جيڪڏهن اهو حڪم آئين، قانون يا عدليا جي ڪنهن حڪم جي خلاف به هجي ته به حڪومت جو حڪم اوليت وارو هوندو. جيڪڏهن سڀاڻي حڪومت چاهي ته فلاڻو آفيسر، فوجي يا شهري نماز نٿو پڙهي تنهن ڪري کيس هٽايو ته اهو هٽايو ويندو. جيڪڏهن ڪا عورت پوتي يا برقعو نٿي پائي ته ان کي جيل موڪلي سگهبو. ڪو جج فيصلي ۾ دير ڪري ٿو ته ان کي گهر اماڻي سگهبو، ڪو آفيسر گڙ ٻڙ ڪري ته رشوت جي الزام ۾ کيس جيل موڪلي سگهبو. جيڪڏهن ڪنهن آفيسر کي حڪومت چوي ته فلاڻو ڪم ڪري اچو، فلاڻي کي ٻڌي اچو ۽ هو انڪار ڪري ته اهو آفيسر به جيل وڃي سگهندو. مطلب ته اسلام موجب جيڪو حڪومت حڪم جاري ڪري اهو هر شيءِ کان بالاتر آهي، عدليا هجي يا آئين، انهن جي حڪومت جي حڪم آڏو ڪا حيثيت ناهي.
اهو بل جيڪو جمعي ڏينهن ئي اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيو هو سو پاس به جمعي تي ئي ٿيو. ڪالهه جڏهن ڪارروائي شروع ٿي ته پ پ دور ۾ بينظير خلاف ڳالهائڻ جي ڏوهه ۾ مار کائيندڙ رائو قيصر مٿي تي سفيد ٽوپي پائي آيو هو. ڪارروائي مقرر وقت کان 40 منٽ دير سان ڏهه لڳي ڏهن منٽن تي شروع ٿي. ڄاڻي واڻي سوالن جوابن جي ساهي مختصر رکي وئي هئي. گهڻا سوال اصغر شاهه جي وزارت بابت هئا. اي اين پي جي حاجي ولي محمد ڊگها سوال ڪيا ته اسپيڪر کيس دڙڪو ڏنو ته اجائي ڊيگهه نه ڪريو ڪم جي ڳالهه ڪريو. اصغر شاهه جوابن ۾ دير پيو لڳائي ته سومري کيس به دڙڪو ڏنو ته شاهه سائين اجائي ڊيگهه نه ڪر. ان دوران ڪافي ماڻهو وزيراعظم وٽ ايندا ويندا رهيا. ڪرشن ڀيل جيڪو فل سوٽ پائي آيو هو تنهن به وزيراعظم کي پاسو ڏنو ته هن کي وزيراعظم ڀر ۾ ويهاريو ۽ چيو ته توهان وڏو ڪم ڏيکاريو آهي. مسلم ليگ جي اقليت ونگ قائم ڪري توکي ان جو سربراهه بڻائيندس. مان توکان خوش آهيان، جيڪو گهرڻو اٿو سو گهرو. ڪرشن ڀيل تي ميان نوازشريف ان ڪري مهرباني آهي ته هن ڪجهه ڏينهن اڳ جنرل فراحت پاران قومي سلامتي ڪائونسل واري بيان جي مخالفت ۾ سخت تقرير ڪئي هئي، جڏهن اعجازالحق سميت اڪثر اهم ماڻهن جنرل جي حمايت ڪئي هئي. شڪر ٿيو ته جڏهن نواز شريف ڪرشن ڀيل کي چيو ته جيڪو گهرڻو اٿي گهر ته ڪرشن چيس اوهان جي نظر ڪرم کپي. هونئن ته اقليتن وارا ٺاهوڪا ڌڪ ڪندا آهن پر خبر ناهي ته ڪرشن الائي ڇو پيو ايئن ڪري، شايد هو پڪو ڪري کيس تپ ڏيندو.
ان دوران جڏهن بل تي هلندڙ بحث سميٽڻ لاءِ الاهي بخش، خورشيد شاهه کي چيو ته تقرير ڪريو ته سکر جو سيد اٿيو. الاهي بخش، خورشيد شاهه کي چيو ته سائين ٽائيم جو خيال ڪجو باقي خير آهي. خورشيد شاهه جي کيس خبر هئي ته هو ڪلاڪ چٽ ڪري ڇڏيندو. 10 منٽن بعد اسپيڪر کيس چيو ته رمضان جي ڪري وقت ٿورو آهي. ان تي خورشيد شاهه چيس ته لڳي ٿو ته اڄ ناشتو نه ڪيو اٿو جو توهان کي رمضان ياد آهي. الاهي بخش شڪي ٿيندي چيو ته نه، رمضان نه پر جمعي جي ڪري. بهرحال خورشيد شاهه تقرير ڪئي ته وري ٽائيم تي سومرو ساڻس اٽڪي پيو ۽ نيٺ منٿ ڪري چيائين ته سائين اڄ منهنجي مدد ڪريو ڇو ته هي بل پاس ڪرڻو آهي. نويد قمر ڳالهايو يا اسفنديار ته هنن کي به سومرو اهو چوندو رهيو ته منهنجي مدد ڪريو. شايد هن کي به کٽڪا اچي لڳا آهن ڇو ته جنرل ڪرامت جڏهن سيڪيورٽي ڪائونسل جي رٿ ڏني ته سومرو ان کي ويلڪم ڪري چڪو هو، ٻئي ڏينهن آرمي چيف استعيفا ڏني ته هو پريشان ٿي ويو ڇو ته ميان نواز شريف هاڻي کانئس ناراض آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته الاهي بخش وارو اسپيڪر جو عهدو الله کي پيارو ٿي وڃي ۽ سومري بدران ڪنهن سيد کي ان تخت تي ويهاريو وڃي. ڪالهه اسيمبلي ۾ اها به سڌ پئي ته پنجاب جي گورنر شاهد حامد کان شهباز شريف خوش ناهي ۽ اهو به اڄ سڀاڻي جو مهمان آهي. الاهي بخش، شاهد حامد ۽ سرحد جا گورنر جيڪڏهن هيڏانهن هوڏانهن ٿين ٿا ته وڏي پئماني تي ڪامورڪي سيٽ اپ ۾ عنقريب تبديلي ايندي جيڪو پڻ هڪ ڀونچال هوندو.
ياسين وٽو جي تقرير دوران جڏهن غوث علي شاهه وزيراعظم سان ڳالهائڻ آيو ته وٽو کيس چيو ته شاهه صاحب سيٽ تي ويهو لڙ نه ڪريو، منهنجي تقرير ۾ خلل ٿو پوي، غوث علي شاهه وٽو جي اوچتي رد عمل سبب گهٻرائجي ويو ۽ وٽو کي چيو ”ميان جي، خيال ڪر مان به وڏي ميان سان ٿو ڳالهايان“ ياسين وٽو نواز شريف جي تعريف ڪندي چيو ته جيڪو به ميمبر شريعت بل جي حق ۾ ووٽ ڏيندو ان کي ثواب ملندو. جوش خطابت ۾ هن جي ان جملي تي نواز شريف سميت سڀ کل ۾ ويڙهيا پيا هئا. وري مٿان شعر پڙهيائين ته ڳلو خشڪ هئس. واجا ڪريمداد رڙ ڪري چيس ته اڙي هن کي گلاس پاڻي جو ڏيو ”اس ۾ پاني ڊالو“ ان تي اڃا وڌيڪ ٽهڪ آيو. ووٽن دوران هڪ موقعي تي خورشيد شاهه حجت ڪندي سومرو کي چيو ته ”اڄ توهان ٺيڪ نه ڪيو آهي توهان سان حساب ٿيندو“ ته الاهي بخش هٿ ٻڌندي چيس ”شاهه سائين اڄ معاف ڪريو.“
ووٽنگ دوران راڻو چندر سنگهه ڪشنچند پارواڻي ۽ ٻين اقليتي ميمبرن سان گڏ پوئتي ويٺو هو ته ڄام معشوق پنهنجي مٺ ۾ نه ايندڙ ڏاڙهي ڏيکاريندي چيس ته اسان ته ووٽ ڏئي آياسين، شريعت تي اڳ ۾ ئي عمل ڪندي ڏاڙهي به رکي آهي. راڻي چندر شهپر وٽيندي کيس چيو ”واهه ڙي واهه مور ٿو ٺهين!“ اها به تاريخ هوندي ته اقليت جا اهي پنج ئي ميمبر جن ۾ راڻو ۽ ڪشچند ٻه سنڌي هئا تن شريعت بل جي خلاف ووٽ ڏنو. جڏهن ته کٽو مل حمايت ڪري پنهنجون مارڪون وڃايون. ڪرشن ته ٺهيو منڍ کان ئي شريعت بل جو مداح هو پر کٽو مل ته آخر وقت تائين مخالفت ڪندو رهيو پر عين وقت تي الائي ڇو بل جي حق ۾ ووٽ ڏنائين. کٽو مل جي چهري جا تاثر ٻڌائي رهيا هئا ته هو دل سان ووٽ نه پيو ڏئي. خبرناهي ته ڪهڙي مجبوريءَ هئس جو همراهه هيسجي پيو. مولانا ابراهيم پراچا جيڪو هاڻي پ پ وارن جي ڊسڪو مولوي غضنفر گل جو ڪردار ادا ڪندو آهي تنهن چيو ته جيڪو بل جي حق ۾ ووٽ ڏيندو اهو جنت ۾ ويندو. ان تي راڻو کيس گهوريندو رهيو ۽ ٻيا کلندا رهيا. غضنفر گل ته نيويارڪ ۾ جوا جي ڪلب ۾ وڃي جوا به کيڏندو هو پيئڻ کائڻ ۾ به شير هو پر پراچا انهن ڪمن کان پري آهي.
جيتوڻيڪ ڪالهه وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس ۾ حڪومت جي حامي ميمبرن جو انگ 160 هو پر اسيمبليءَ اندر 154 ٿي ويو جيڪو بعد ۾ گهٽ ٿي 151 ٿي ويو جيڪڏهن 3 اقليتن وارا، حاصل بزنجو، فريد الله جمالي ۽ هڪ اڌ ڪو ٻيو مڙسي ڪري ها ته هي بل پاس نه ٿي سگهي ها، بهرحال بل ته پاس ٿي ويو پر ميان کي به خبر پئي ته سندس هيوي مينڊيٽ هاڻي آهستي آهستي هلڪو ٿيندو پيو وڃي. هاڻي ڏسون ته سينيٽ مان هو ڪيئن ٿا بل پاس ڪرائين لٺ تي يا چٺ تي، ڇو ته ٻيو ڪو طريقو ناهي بچيو.
(10 آڪٽوبر 1998ع)