تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

ٿر واسيءَ کي ڀارت ياترا ڪيتري مهانگي پوي ٿي!؟

ٿر واسيءَ کي ڀارت ياترا ڪيتري مهانگي پوي ٿي!؟

ڪافي عرصو ٿيو آهي، شايد ٻن سالن کان به وڌيڪ جڏهن ٿر جي سرحد تي واقع هڪ ڳوٺ جو اڻپڙهيل ڳوٺاڻو 10 ٻڪريون وڪڻي ڀارت جي ويزا وٺڻ لاءِ اسلام آباد آيو هو. هن تنهن وقت ٻڌايو هو ته ”مون شادي سرحد پار يعني ڀارت جي سرحدي ضلعي ۾ ويٺل مائٽن مان ڪئي آهي ۽ پنهنجي ڀيڻ جي شادي به ان ڳوٺ ۾ ڪرائي آهي.“ پاڪ ڀارت سرحدي ڇڪتاڻ کان وڌيڪ غربت جو سبب ٻڌائيندي هن چيو هو ته، ”ٿر وسڻ بعد هر سال ۽ خشڪ ساليءَ سبب ٽئين سال اسان ان پوزيشن ۾ هوندا آهيون ته هڪ دفعو 15 کان 20 ڏينهن مائٽن سان ملڻ ويندا آهيون. ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 15 کان 20 ٻڪريون، رڍون وڪڻي مس خرچ پورو ڪندا آهيون. ان همراهه ٻڌايو ته هو ڳوٺان مٺيءَ آيو، جتان سنڌ آيو، مون چيو مانس ته، ”اوهين ٿريا ٿر کي سنڌ ڇو نٿا سمجهون؟ ته هن اڻپرهيل همراهه، جيڪو ڀارتي ويزا وٺڻ لاءِ سفارش ڪرائڻ آيو هو تنهن ڪو مطمئن ڪندڙ جواب ته نه ڏنو پر ميرپورخاص کان هن پاسي واري حصي کي هو سنڌ ئي سڏيندو رهيو. هن جڏهن ٻڌايو ته هو 5 ڏينهن بعد پنڊيءَ پهتو آهي ۽ 7 ڏينهن کان ڀارتي سفارتخاني ٻاهران ڌڪا ٿو کائي. پوليس وارا کانئس 300 رپيا به ڦري ويا آهن پر اڃا هن کي ٽوڪن ناهي مليو. سندس اها ڳالهه ٻڌي اوچتو ذهن ۾ عجيب غريب سوال اڀرڻ شروع ٿي ويا. هن چيو ته، ”خبر ناهي ته ويزا ملندي به الائي نه ۽ اڃا ڪيترا ڏينهن لڳندا!؟ جيڪڏهن ويزا ملي به وئي ته وري لاهور اچڻو پوندو ۽ سمجهوتا ايڪسپريس ۾ هندستان وڃڻو پوندو.“ هو ڳالهائيندو رهيو پر شڪاگو ٽريبون جي صحافڻ ”ڪم بارڪر“ سان گڏ واگها بارڊر گهمڻ، آسپاس جي ڳوٺن جو سير ڪرڻ ۽ واگها بارڊر تي دروازا بند ڪرڻ جي تقريب ڏسڻ وارا منظر منهنجي اکين اڳيان گهمڻ لڳا. ڪافي ڏينهن کان ان معاملي تي لکڻ چاهيندي به نه لکي سگهيس ۽ تازو جڏهن پاڪ-ڀارت بس سروس شروع ٿي ته وري لکڻ لاءِ سوچم پر اوچتو ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ ”کوکرا پار سرحد کلڻ گهرجي يا نه؟ وارو اسان جي دوست انعام شيخ ۽ عطا محمد نهڙي جو بحث پڙهي وري ارواهه کڄي ويو. دانشوري پاڻ کي اچي ڪا نه، اسين سڌي ڳالهه ڪرڻ وارا ماڻهو، ڊپ به لڳي پيو ته ڪٿي وري روز منهنجي خلاف نه اهي خط اچن، ڇو ته سنڌ جي اڪثر دانشورن جي عادت آهي ته هڪ دفعو جيڪو چئي ڇڏيائون، پوءِ ان تي ڪهاڙي کڻي بيهندا ته نه اهو ئي سهي آهي! هن تڪراري موضوع تي لکڻ وقت ذهن ۾ آيو ته ٻيو ڪو مخالفت ڪري يا نه پر اهي دانشور ضرور مخالفت ڪندا، جن جو خيال آهي ته کوکرا پار سرحد کلڻ سان سنڌ اقليت ۾ بدلجي ويندي. ڪڏهن ڪنهن سوچيو آهي ته ڪوسٽ گارڊ ۽ بارڊر فورس ۾ سپاهيءَ کان صاحب تائين سنڌي گهڻا آهن؟ محافظي ڪير پيو ڪري؟ سوال اهو آهي ته جڏهن سرحد بند آهي ته ڇا بنگالين، برمين ۽ ڀارتين جي اچ وڃ ڪير روڪي سگهيو آهي؟ 1988ع ۾ جڏهن سنڌ حڪومت ۾ هڪ شهري لساني تنظيم جي نامزد ڪيل ڪجهه وزيرن بابت خبرون شايع ٿيون ته اهي پاڪستان آيا ئي 1980ع ۾ آهن ۽ 88ع ۾ شهريت وٺي وزير بڻجي ويا ته ڇا کوکرا پار سرحد جي بندش انهن کي روڪي سگهي؟
گورک هل اسٽيشن ٺاهڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ٿيو هو، جنهن ۾ پنجاب جي ثقافت کاتي ۽ ريلوي جي وفاقي وزير ڌر بڻجي اهو چئي مخالفت ڪئي هئي ته ان سان سندن بزنس ۽ ٽوئرزم جي صنعت متاثر ٿيندي، ان پراسراريت جا به اڃا ڪنهن پيرا نه کنيا آهن ته ڪراچيءَ ۾ ڀارتي قونصليٽ کليل هئڻ وقت دهشتگردي وڌيڪ ڇو ٿيندي هئي ۽ اها تيسين جاري رهندي هئي، جيسين اهو بند نه ٿيندو هو، ان ڪري ته جيئن اهو قونصل خانو بند هوندو ته ماڻهو ويزا لاءِ اسلام آباد ايندا، جڏهن ايندا ته بس وارو هجي يا هوٽل وارو، مسافر خاني وارو هجي يا ڌوٻي، موچي، ٽيڪسي ۽ رڪشا ڊرائيور کان وٺي پوليس وارن تائين سڀني جو ڪم ٿئي ٿو. 10 ٻڪريون وڪڻي 15 ڏينهن تائين ويزا نه ملڻ ڪري همراهه کي هڪ صحافي دوست معرفت جلد ويزا ته ملي وئي پر هن جي آپ بيتي تي افسوس ضرور ٿيو آهي. واگها بارڊر تي ڪسٽم جي ڪمائي هجي يا بارڊر فورس جي، اها پنجاب ۾ اجازت آهي پر سنڌ جي سرحد تي نه.
ڪيٽي بندر رٿا ٺهي ته نواز شريف حڪومت ڏنڊ ڀري اها رد ڪرائي ٿر ۾ ڪوئلو مليو آهي پر ان جي کوٽائيءَ ۾ روز رڪاوٽون ٿا وجهن. جڏهن کوکرا پار سرحد کلندي ته مانڊڻيون ٿرين جون هونديون، چار سنڌي گهراڻا خوشحال ٿيندا، روڊ ٺهندو، ريلوي سرشتو بحال ٿيندو ته ٽوئرزم انڊسٽري کي فروغ ملندو. ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ بلوچستان جا ماڻهو يا ڏکڻ پنجاب وارا به کوکرا پار کان ويندا، واگها کان ڪو نه ويندا. ان سان هڪ پاسي سنڌ جي خزاني ۾ آمدني وڌندي، ته ٻئي پاسي ماڻهو خوشحال ٿيندا. باقي ان لاءِ اهو چوڻ ته سائين اڳ ۾ سنڌ جي مالڪي وٺو، پوءِ سوچيو ته سرحد کوليون، اهو عجيب منطق آهي. جيستائين تعلق آهي وڌيڪ ڌارين جي اچڻ ۽ سنڌين جو اقليت ۾ بدلجڻ جو، ته ان لاءِ عرض اهو آهي ته هڪ ته کوکرا پار سرحد بند هوندي به اسين اها يلغار روڪي نه سگهيا هئاسين پر هاڻي گذريل ڏهاڪي کان وٺي جيڪڏهن اوهين ڏسو ته ڀارت ۽ بنگلاديش جي ڀيٽ ۾ غربت جنهن شرح سان وڌي پئي، ان ۾ پاڪستان اڳتي آهي. ڀارت جو رپيو ۽ بنگلاديش جو ٽڪو پاڪستاني رپئي کان سگهارو آهي. گذريل ٻن اڍائي سالن کان هنرمند بنگالي واپس بنگلاديش وڃي رهيا آهن. ڪراچيءَ ۾ ڪيترن دوستن ٻڌايو ته هنن وٽ جيڪي بنگالي بورچي هئا اهي ڇڏي هليا ويا آهن، ڇو ته هاڻي اهي چون ٿا جڏهن هو پاڪستان مان 2 هزار رپيا بنگال موڪلين ٿا ته، ٽڪو رپئي کان سگهارو هئڻ ڪري، اها رقم تمام گهٽ ٿئي ٿي.
مٿين حقيقتن کان وڌيڪ اهم ٻي حقيقت اها آهي ته هاڻي سنڌي بيروزگارن جو تعداد ايترو آهي جو هو سنڌ ته ڇا، اسلام آباد ۾ به سپاهي ڀرتي ٿيڻ لاءِ سون جي تعداد ۾ اچن ٿا. سنڌ جي انڊسٽري ڌاڙيلن جا سبب ڄاڻائي پنجاب منتقل ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي اهڙا موقعا رهيا ئي ناهن جو هو سنڌ ۾ رهن. بهرحال منهنجو مقصد ان بحث ۾ ڌر بڻجڻ ناهي، مون پنهنجي عملي تجربي مان اهو سکيو ۽ سمجهيو آهي ته هڪ رٿابنديءَ هيٺ وقت بوقت کوکرا پار سرحد بند رکڻ جا بيان ڏياريا ويا آهن. (مان به شاگرد سياست ۾ ان نعريبازيءَ جو حصو رهيس) اسان کي هڪ دائري مان ٻاهر نڪري سوچڻو پوندو ته 21 هين صديءَ ۾ سنڌ، سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ آبادي جي اڪثريت کي اسين سرحدون بند رکي بچائي ڪو نه سگهنداسين ان لاءِ هر شعبي ۾ محنت ۽ مقابلو ڪرڻو پوندو.
(2 آگسٽ 2003ع)