وزيراعظم جي لکيل تقرير مان ڊيم جو اعلان ڪاٽيو ويو هو، پر....
پنجاب جا مسلم ليگي ايم اين اي، وزيراعطم نواز شريف پاران اٻهرائپ ۾ ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪرڻ تي خوش آهن. جيتوڻيڪ اڃا تائين پنجابي ڳالهائيندڙن کانسواءِ ٻي ڪنهن به زبان ڳالهائڻ وارن ميمبرن ڪالاباغ ڊيم جي کليل حمايت ڪو نه ڪئي آهي پر ساڳئي طرح حڪومت ۾ شامل هجڻ ڪري کليل نموني مخالفت به ڪو نه ڪئي آهي. حڪومت ۾ شامل ماڻهن پاران خاموش رهڻ جو منطق ته سمجهه ۾ اچي ٿو پر اپوزيشن ۾ ويٺل پيپلزپارٽي جي سنڌي ميمبرن پاران معاملي کي گول ڪرڻ تي حيرت ظاهر ڪئي پئي وڃي. بجيٽ اجلاس دوران محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي هڪ ڪلاڪ ڊگهي تقرير ۾ سندس خلاف ٿيندڙ ڪارروائي بابت ته اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ ڳالهايو هو پر ڪالاباغ ڊيم بابت ”منو جملو“ چئي معاملي کي ڍڪ ڏئي ڇڏيو هو. ان مهل ايئن لڳو هو ته متان محترمه ڀلجي وئي هجي ۽ غلطي سبب ذڪر نه ڪيو هجي پر ايئن ڪو نه هو. ان جي ثابتي ڪالهه اڱاري ڏينهن ملي جڏهن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران سيد نويد قمر ۽ بابو غلام حسين جو وارو آيو ته هنن به توقع کان گهٽ رد عمل ظاهر ڪيو. نويد قمر ته بنهه ڪالاباغ ڊيم جو ذڪر ئي ڪو نه ڪيو پر بابو غلام حسين مڙئي ڪالاباغ ڊيم جو ذڪر ڪري شهيدن ۾ نالو ڳڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪالاباغ ڊيم جي مذمت نه ڪرڻ بابت جڏهن نويد قمر کان پڇيو ويو ته هن چيو ته تقرير جو وقت 10 منٽ هو ان مختصر وقت ۾ ٻين مسئلن تي به ڳالهائڻو هو تنهنڪري مون پاڻ کي صرف بجيٽ تائين محدود رکيو. نويد قمر جيڪو موجوده اپوزيشن ۾ محترمه کان پوءِ وڌيڪ باهوش ميمبر ڄاتو ويندو آهي تنهن پاران ڪالاباغ ڊيم جهڙي Hotest (گرم ترين) معاملي تي خاموش رهڻ رڳو اتفاق ڪونهي. اسيمبلي جي اجلاس بعد پيپلزپارٽي جي هڪ ٻن ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪالاباغ ڊيم جي معاملي تي سندن خاموشي بابت ۽ وڌيڪ سخت نموني مزاحمت نه ڪرڻ بابت جڏهن پڇا ڪئي وئي ته هڪ ميمبر چيو ته ڊيم ٺهندو ئي ڪو نه، ٻئي ميمبر ڪنڊ ۾ سڏ ڪري ڏند ڪرٽيندي چيو ”ڪالاباغ ڊيم جي مزاحمت کان روڪيو ٿو وڃي، جيتري اجازت هوندي ان آڌار ئي ڳالهائبو نه!“
ڪالاباغ ڊيم واري معاملي تي حڪومتي حلقن مان سڌ پئي ته وزيراعظم جي قومي ايجنڊا واري تقرير مان ڪالاباغ ڊيم جي اعلان وارو جملو ڪاٽيو ويو هو. وزيراعظم جي صلاحڪار انور زاهد ۽ چوڌري نثار اهو جملو ڪاٽي ڇڏيو هو ۽ ڪيترن ماڻهن کي ان تقرير جو ڪاٽيل اهو جملو ڏيکاريو به آهي پر پوءِ به خبر ناهي ته ڪيئن وزيراعظم ان جو اعلان ڪيو آهي. چوڌري نثار اڃا به ڪالاباغ ڊيم واري اعلان تي اعتراض ڪري ٿو ۽ سندس چوڻ آهي ته ان جا ملڪي سلامتي لاءِ خطرناڪ نتيجا نڪرندا پر ساڳئي وقت وزيراعظم کي اهڙا مشورا ڏيندڙ اڃا به کيس ساڳيا ڏس پيا ڏين.
ميجر جنرل (ر) سڪندر حيات جيڪو اڄڪلهه وزيراعظم سيڪريٽريٽ عملدرآمد ڪميشن جو چيئرمين آهي سو سنڌ جي دوري تي ڪتابڙا شايع ڪرائي نڪتو آهي ۽ عليم عادل ذريعي خدمت ڪاميٽين جي ميمبرن معرفت سنڌ جي عوام کي ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۾ مصروف آهي. ڪالاباغ ڊيم جيڪو سنڌ لاءِ موت ۽ زندگي جو مسئلو آهي، سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي توڙي غير سنڌي مسلم ليگي هجي يا پيپلزپارٽي جو، ايم ڪيو ايمي هجي يا جيئي سنڌ وارو سڀني لاءِ ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ معاشي قتل برابر آهي. ڏسجي ته سنڌي ماڻهو خاص ڪري خدمت ڪاميٽين وارا سنڌ جا نوجوان توڙي ڪراڙا ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪن ٿا يا جنرل سڪندر جي ڪتابڙن جي چڪر ۾ الجهي ٿا وڃن. سڪندر حيات جو اهو به مشن آهي ته سنڌي صحافين، ايڊيٽرن، سياسي ڪارڪنن، دانشورن ۽ سنڌ ۾ راءِ عامه هموار ڪندڙ ادارن، ڌرين ۽ فردن جي هر قيمت تي حمايت حاصل ڪئي وڃي. ان لاءِ کيس پئسي ڏوڪڙ جي پرواهه ناهي. هو ڪجهه به ڪري سگهن ٿا. هاڻي سنڌ جي محب وطنن کي ان تي به نظر رکڻي پوندي ته جنرل سڪندر واري سيل مان ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ٿا مستفيض ٿين. اهو ضروري ناهي ته رڳو جنرل سڪندر واري مشن ۾ ڪالاباغ ڊيم جا حامي ڳوليا وڃن پر چيو وڃي ٿو ته هن کي اهو به مينڊيٽ آهي ته هو ڀلي ڪالاباغ ڊيم جا مخالف به ڪرائي تي حاصل ڪري جيڪي سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف هلندڙ تحريڪ جا روح روان هجن ۽ عين وقت تي تحريڪ جو رخ مٽائيندا رهن ۽ مرڪز مان ملندڙ هدايتن تي عمل ڪندا رهن.
جنرل (ر) سڪندر حيات کي آسرو مليو آهي ته سڀاڻي سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ جي صورت ۾ کيس سنڌ جو نئون گورنر مقرر ڪيو ويندو. سنڌ جي مستقبل جي گورنر ٿيڻ واري خوشي ۾ هن خدمت ڪاميٽين ذريعي جيڪو سنڌي ماڻهن کي ڪالاباغ ڊيم جي حمايت لاءِ راضي ڪرڻ جو مشن شروع ڪيو آهي ان لاءِ هو جان جي بازي به لڳائيندو. جهڙي طرح جنرل سڪندر کي گورنري جو آسرو ڏنو ويو آهي اهڙي طرح حڪومت ۾ شامل مرڪز توڙي سنڌ ۾ مسلم ليگين کي به وڏيون آڇون ڪيون پيون وڃن. ڪنهن کي وزير بڻائڻ جي، ڪنهن کي زر، ڪنهن کي زمين، ڪنهن کي ڪجهه ته ڪنهن کي ڪجهه آڇ ڏني پئي وڃي.
اڄ جڏهن سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي صوبائي اسيمبلين ۽ انهن صوبن جي عوام جي راءِ جو احترام ڪرڻ کانسواءِ ڪالاباغ ڊيم وارو فيصلو مڙهيو پيو وڃي ته ان صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۽ سرحد جي چونڊيل ميمبرن تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو ڪالاباغ ڊيم خلاف واضح موقف اختيار ڪن. مصلحتن جو شڪار مسلم ليگي توڙي پ پ ميمبرن کي پنهنجو موقف چٽو ڪرڻو پوندو، گول مول موقف رکندڙ ميمبرن ۽ خاموش رهندڙ ميمبرن جي نشاندهي تاريخ جو ڪو نه ڪو لکاري ضرور ڪندو. مصلحت سبب ماٺ رهندڙ پاڻ کي ته دوکو ڏئي سگهن ٿا پر عوام کي شايد دوکو نه ڏئي سگهن.
ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي بابر غوري ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندي چيو ته ”هڪ صوبو پنهنجا فيصلا ٽن صوبن تي نه مڙهي، ڪالاباغ ڊيم لاءِ جيڪڏهن سنڌ سميت ٻين صوبن کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو ۽ سڀاڻي ڪا وڏي تحريڪ هلي ته ان وقت شايد ڳالهيون به نه ٿي سگهنديون.“ پ پ جي سنڌي ميمبرن کان ته ايم ڪيو ايم واري بابر غوري جي ٻولي واضح هئي جنهن جون مارڪون جڙن ٿيون.
پنجاب ۾ رهندڙ پنجابي توڙي سرائڪي نان ڊڪليئرڊ قومپرست جيڪڏهن گڏ ٿي سگهن ٿا ته پوءِ سنڌ ۾ پ پ وارا قومپرست ڌرين سان گڏ ڇو نه ٿا ويهن؟ سنڌ ۾ رهندڙ پ پ وارا جيڪي ڪالاباغ ڊيم خلاف وٺ وٺان ڪن ٿا. سي پنهنجي اسلام آبادي ايوانن ۾ ويٺل ساٿين کي ڪالاباغ ڊيم بابت ڳالهائڻ جي اجازت به ڏيارين ۽ کين پنهنجي قيادت سان به واضح موقف اختيار ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن اڃا به پ پ وارا ڪالاباغ ڊيم واري معاملي تي سنڌ جي قومپرست ڌرين سان گڏ نه ويٺا ته پوءِ شايد وقت کين اهڙي اجازت نه ڏئي.
هيستائين اڌڪا سڌڪا جيڪي ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ ۾ مظاهرا ٿيا آهن انهن تي گادي واري شهر جا ڌڻي خوش آهن ڇو ته اهي مظاهرا تمام ننڍا هئا. سنڌ جي قومپرست ڌرين توڙي اينٽي ڪالاباغ ڊيم ڌرين ۾ هيستائين اتفاق نه ٿيڻ ۽ عليحده عليحده تحريڪ هلائڻ واري خواهش ۽ هٺ کي به معنيٰ خيز سمجهيو پيو وڃي، ڪٿي ان اسٽائيل ۾ به ڪنهن جنرل سڪندر جو ڪمال نه هجي.!
(17 جون 1998ع)