گريٽر ٿل ڪئنال خلاف احتجاج ۽ پنجاب جا دانشور
سڀني صوبن کان اڳ پاڪستان ٺاهڻ جي رٿ جڏهن اتفاق راءِ سان سنڌ اسيمبليءَ منظور ڪئي هئي ته ان وقت سڀني ”واهه واهه“ پئي ڪئي، سنڌ ۽ سنڌين کي ”محب وطن“ جا لقب ٿي مليا ۽ عمل به جلد ٿي ويو. تازو جڏهن گريٽر ٿل ڪئنال جي تعمير روڪڻ ۽ رٿا ختم ڪرڻ، قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ جي تشڪيل جا بنياد رڳو آبادي نه پر جيڪو صوبو جيترو ٽيڪس ڏئي، اوترو حصو ان کي ڏيڻ بابت جيڪي ٻه ٺهراءُ اتفاق راءِ سان سنڌ اسيمبليءَ پاس ڪيا آهن ته انهن تي پنجاب سرڪار، پنجاب جي دانشورن، صحافين ۽ سماجي تنظيمن سخت رد عمل ظاهر ڪندي سنڌ ۽ سنڌ واسين کي ”غدار ۽ هندو لابيءَ جو ايجنٽ“ قرار ڏنو آهي.
سنڌ حڪومت ٺهراءَ پاس ڪرڻ وقت ته ”ها ۾ ها“ ملائي پر انهن ٺهرائن تي عمل درآمد لاءِ هن وقت تائين ڪجهه ناهي ڪيو. ڇا اهي ٺهراءَ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي اخبارن ۾ خبرون شايع ڪرائي اسيمبليءَ جي رڪارڊ روم ۾ دز چڙهيل فائيلن ۾ بند رکڻ سنڌ حڪومت جو ڪم آهي؟ هرگز نه! هجڻ ته ايئن گهرجي ها ته سنڌ جو وڏو وزير ٻئي ٺهراءَ پنهنجي نوٽ سان گڏ وزيراعظم سيڪريٽريٽ کي اماڻي ها ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي هڪدم تشڪيل جو مطالبو ڪري انهن ٺهرائن تي غور لاءِ ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪري ها، جيڪو سنڌ جي وڏي وزير ناهي ڪيو. سنڌ ۾ پهريون دفعو هر ٻولي ڳالهائيندڙن جي نمائندن ۽ سياسي ڌرين ۾ گريٽر ٿل ڪئنال خلاف اتفاق راءِ قائم ٿيو آهي. جيتوڻيڪ هن وقت گريٽر ٿل ڪئنال خلاف سنڌ جي احتجاجي تحريڪ ٻن ڪئمپن ۾ ورهايل آهي. هڪ ڪئمپ جي اڳواڻي پيپلزپارٽي ۽ ٻئي جي اڳواڻي متحده قومي موومينٽ پئي ڪري. انهن ڌرين کي سنڌ اسيمبليءَ جي منظور ڪيل ٺهرائن تي عمل درآمد لاءِ متحرڪ ٿيڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ متحده قومي موومينٽ جي ذميواري اڃا به وڌيڪ آهي. جو اها حڪومت ۾ آهي. سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ رڳو رٿون جمع ڪرائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. پ پ ته خير اهو به ڪو نه ڪيو، پر ايم ڪيو ايم تي ان ڪري ذميواري وڌيڪ آهي ته مرڪز ۽ صوبي ۾ هنن وٽ اهم وزارتون آهن. گريٽر ٿل ڪئنال خلاف گذريل 100 سالن دوران جيڪا لکت پڙهت ٿي آهي. ريسرچ ٿي آهي، ان ۾ ايترو مواد آهي جو جيڪڏهن ججن وٽ به ڪيس رکجي ته سنڌ ڪيس کٽي سگهي ٿي. سنڌ جي سياسي ڌرين کي عدالتي ۽ حڪومتي فورمز تي اهو ڪيس رکڻ گهرجي ۽ اهڙن ئي سنڌ جي وڪيلن جي ضرورت آهي، جيڪي سنڌ جو ڪيس پيش ڪن. حڪومت چوي ٿي ته ليه، بکر، خوشاب ۽ جهنگ جي غريب عوام جون زمينون آباد ٿينديون پر انهن چئني سرائيڪي علائقن جي سرائڪي پارٽين جو چوڻ آهي ته گريٽر ٿل ڪئنال سرائڪي عوام نه پر فوجين جي زمين آباد ڪرڻ لاءِ ٺهي پيو. جيڪڏهن انهن سرائڪي پارٽين جي ڳالهه غلط آهي، ته ڇا خوشاب جي ضلعي ناطم جو اهو انٽرويو به غلط آهي، جنهن ۾ هن پڻ ساڳئي ڳالهه چئي آهي، جيڪا سرائڪي سياسي جماعت چئي آهي. سنڌ ۾ گريٽر ٿل ڪئنال تي ٿيندڙ احتجاج جو اسلام آباد نوٽيس ورتو آهي ۽ قومي پريس کي ان احتجاج جون خبرون شايع ڪرڻ کان روڪڻ، سنڌ جي ڌرين ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ، پوءِ چاهي اهي ليڊرن جي انا جو مسئلو بڻائي اختلاف پيدا ڪري يا لٺ ۽ چٽ جي زور تي. اقتدار جا اصل ڌڻي ”وڙهايو ۽ راڄ ڪريو“ واري چوڻيءَ تي وري عمل پيرا آهن ۽ اهو سنڌ جي سياسي ڌرين تي مدار آهي ته هو هڪ ٻئي تي لٺيون ٿا کڻن يا هٿ ۾ هٿ ڏئي جدوجهد جاري ٿا رکن. تازو ٿل ڪئنال بابت ناڻي واري وزير شوڪت عزيز چيو هو ته، ”اصل ۾ هي گريٽر ٿل ڪئنال نه پر ٿل فلڊ ڪينال آهي.“ جنهن تي مون کانئس پڇيو ته، گذريل 10 سالن ۾ ته ٻوڏ آئي ناهي ۽ جيڪي حالتون آهن، ته ايندڙ 10 سالن ۾ به ٻوڏ نه ايندي. آخر پاڪستان جو پئسو اهڙي رٿا تي لڳائڻ جو ڪهڙو منطق آهي؟“ منهنجي ان سوال تي هن ڪاوڙجي پريس ڪانفرنس ختم ڪري ڇڏي هئي. صاف ظاهر آهي ته هنن جي نيت صاف ناهي. جڏهن چشما- جهلم لنڪ ڪينال ٺهيو، ته چيائون ته اهو سنڌ جي مرضيءَ سان استعمال ٿيندو. جڏهن سنڌ چوندي، بند ڪنداسين. هنن بعد ۾ سياڻپ ڪندي چشما نيوڪليئر پاور پلانٽ لڳايو ۽ چيو ته اها قومي ضرورت آهي، ان ڪري 24 ڪلاڪ هي واهه هلندو.ا ڄ جنهن کي ”فلڊ ڪينال“ ٿا چون، ان تي آباديءَ جون ڳالهيون ٿا ڪن. دنيا ۾ آهي ڪو فلڊ ڪينال، جنهن تي آبادي ٿيندي هجي؟ سمري ۾ ته چيو اٿن ته لکين مڻ ڪڻڪ هر سال وڌيڪ ٿيندي يعني هنن جي نيت صاف ناهي. جڏهن هر سال پيداوار جو هو طئي ڪن ٿا، پوءِ فلڊ ڪينال ڪيئن ٿيو؟ ڇا هر سال ٻوڏ ايندي؟ مون کي حيرت ان وقت ٿي، جڏهن پنجاب جو هڪ سنجيده صحافي به گريٽر ٿل ڪئنال واري معاملي تي چڙي پيو ۽ هن چيو ته، ”مون سدائين ڪالاباغ ڊيم جي خلاف لکيو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ آمر ضياءَ جي زيادتين خلاف لکيو. سنڌ اسيمبليءَ جي تالابنديءَ تي لکيو، قادرمگسي ۽ اسفند يار ولي سان گڏجي پشاور ۾ ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪيم پر هاڻي سنڌ سميت ننڍن صوبن جون گاريون ٻڌي ٻڌي تنگ ٿيو آهيان.“ هن چيو ته، ”ڀلي اسان کي عليحده ڪريو!“ مون چيو مانس ته، ”اوهان ايترو کاڌو آهي جو ان جو قرض ٽئي صوبا صدين تائين نه لاهي سگهندا.“ جڏهن پنجاب واٽر ڪائونسل جي حامد ملهي چيو هو ته، ”پاڪستان مان پنجاب آجو ٿيڻ چاهي ٿو، ڇڏيو جان پنجاب جي“ ته ان جو ايترو نوٽيس نه ورتو ويو هو. وري جڏهن پنجاب جي آبپاشي وزير چيما به ملندڙ جلندڙ ڳالهه ڪندي چيو ته، ”گريٽر ٿل ڪئنال جا مخالف هندو لابي وارا آهن“ ته ٿوري اک پٽي پر هاڻي جڏهن صحافي ۽ پنجابي دانشور به اهڙي ڳالهه ٿا ڪن، ته ”جان ڇڏيو“ ته انتهائي افسوس ۽ سنجيدگيءَ سان سوچڻو ٿو پوي. هن ته اهو به چيو ته، ”صدر، آرمي چيف، نائب آرمي چيف، وزيراعظم، سينيٽ چيئرمين ۽ ڪور ڪمانڊرن جي اڪثريت غير پنجابين جي آهي، پنجاب جي ته حق تلفي ٿي آهي.“ مون چيو مانس ته، آقا انگريز کان وٺي نواز شريف جهڙن ٺيٺ پنجابي سياستدانن، جن پنجاب لاءِ ڌار ٽي وي ۽ ڌار بئنڪ جي ڳالهه ڪئي. اهي به گريٽر ٿل ڪئنال نه ڏئي سگهيا ۽ پنجاب کي اهو تحفو غير پنجابي جرنيلن ڏنو. پوءِ به ناخوش آهيو!“ اهو جواب ٻڌي هن حسب معمول مسڪرائي ماٺ ڪئي.
سنڌ اسيمبليءَ جو ٻيو متفقه ٺهراءُ اين ايف سي ايوارڊ جي تشڪيل جو فارمولو تبديل ڪرڻ بابت آهي. وفاق پاران صوبن کان ضلعن ڏانهن ناڻي جي ورڇ جو جيڪو فارمولا ڏنو ويو آهي. اهو فارمولا سنڌ وارا جڏهن وفاق کان صوبن ڏانهن ناڻي جي ورڇ تي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪن ٿا ته انهن کي اکيون ٿا ڏيکارين. جڏهن اين آر بي جي صوبائي فنانس ڪميشن جو فارمولو قبول ڪيو ٿو وڃي ته اين ايف سي تي اعتراض ڇو؟ جڏهن بنگال پاڪستان ۾ هو. تڏهن وسيلن جي ورڇ آباديءَ جي بنياد تي ڪرڻ جو پنجاب مخالف هو ۽ اهو ئي سبب هو ته بنگالي جڏهن به موجوده پاڪستان ۾ ڪا وڏي بلڊنگ، بهترين روڊ، هوائي اڏو يا ريلوي اسٽيشن ڏسندا هئا ته چوندا هئا ته هي بنگال جي سڻيءَ جي پئسن مان ٺهيو آهي. هاڻي جڏهن به سنڌ يا ٽئي ننڍا صوبا ڪجهه چون ٿا ته پنجاب جواب ٿو ڏئي ته پاڪستان هلي ئي پنجاب جي ڪڻڪ، چانورن، ٽيڪسٽائل ۽ شگر انڊسٽري تي ٿو. جيڪڏهن گذريل 50 سالن ۾ ورتل پرڏيهي قرض ۽ معاف ڪرايل مقامي قرضن جا تفصيل ڏسون ته 70 سيڪڙو مستفيض پنجاب ٿيو آهي ۽ هاڻي ” پاڪستان کڻو، جان ڇڏيو“ جي ڳالهه به اتان جا ماڻهو ڪن ٿا.
گذريل اين ايف سي ۾ تڏهوڪي سنڌ جي ناڻي کاتي جي سيڪريٽري نويد احسن، جيڪو پنجاب جو آهي، تنهن سنڌ جي مالڪيءَ تان هٿ کنيو ۽ 5 سالن لاءِ سنڌ جي ڳچيءَ ۾ پنجاب پسند اين ايف سي فارمولا وڌو ويو. جنهن بعد نويد احسن کي ترقي ڏئي واپس مرڪز موٽايو ويو هاڻي هو ناڻي واري وفاقي وزارت جو سيڪريٽري آهي. ٽئي صوبا رڙي رڙي بيٺا آهن ته نئون ايوارڊ ڏيو، سال گذري ويو آهي. اصولي طور تي 30 جون 2002ع تي نئون اين ايف سي لاڳو ٿيڻ گهرجي ها پر وس وارن جي مرضي نه هئي. جنهن ڪري ايوارڊ لاڳو ڪرڻ ته ٺهيو پر تشڪيل ئي نه ڏنو ويو. هاڻي به سمري صدر وٽ پيل آهي ۽ ڪميشن تشڪيل ناهي ڏني وئي. گذريل مالي سال ۽ هلندڙ مالي سال بنا نئين اين ايف سي ٽپائي ويا ۽ جهڙا حال آهن ته ايندڙ سال به رڳو بحثن ۾ گذرندو. هاڻي سنڌ جو ناڻو کاتو ايم ڪيو ايم وٽ آهي ۽ اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته اين ايف سي ايوارڊ جي جڏهن تشڪيل ٿيڻ واري آهي ته وري 3 ڏينهن اڳ پنجاب جي ملڪ اسرار کي ناڻي کاتي جو سيڪريٽري ڪيو ويو آهي. گذريل 3 اين ايف سي ايوارڊز تي ريسرچ ڪندڙ سنڌي آفيسر نواز لغاري، جيڪو اين ايف سي بابت 16 سالن جو تجربو رکي ٿو، ان کي او ايس ڊي بڻائي گهر ويهاريو ويو آهي. ڇا سنڌ جو سنڌي وڏو وزير ۽ چيف سيڪريٽري ان جو جواب ڏيڻ جي زحمت ڪندا ته آخر اين ايف سي جي تشڪيل کان اڳ نواز لغاريءَ کي او ايس ڊي ٺاهي ۽ ملڪ اسرار کي گهرائي ناڻي کاتي جو سيڪريٽري ڪرڻ جوڪم هنن کان ڪنهن ڪرايو آهي. ۽ ڇو ڪرايو آهي؟ اسلم سنجراڻي ۽ جميل صديقي وارن سان اهو نواز لغاري ئي گڏ هو، جنهن راتيون جاڳي سنڌ ۽ واپڊا جي وڌيڪ بلن واري ڦڏي ۾ جسٽس شفيع الرحمان جي ثالثي ڪورٽ آڏو سنڌ کي ڪيس کٽايو هو ۽ سنڌ جا 10 ارب رپيا بچايا هئا. اها رقم هو گهر ڪو نه کڻي ويو هو. ان سان سنڌ جي او ڊي ختم ٿي وئي هئي. سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن، خاص ڪري بشير قريشيءَ کي عرض ڪندس ته هو ايم ڪيو ايم سان اهو مسئلو ضرور اٿاري ۽ سنڌ جي مالڪيءَ لاءِ نٽهڻ اس ۾ جلسا جلوس ڪرڻ سان گڏ ان محاذ تي به ڪم ڪيو وڃي. سنڌ ۾ اڌ کان وڌيڪ وزيرن وٽ جيڪي کاتا آهن. انهن جا نالا به هنن پهريون دفعو ٻڌا. ڪو جهنگلي جيوت، ڪو چوپايو مال، ڪو ڪميونٽي جي ترقي، ڪو بين الصوبائي رابطا، جيڪا هڪ اڌ چڱي چوکي وزارت ڪنهن سنڌي وزير وٽ آهي ته اهي رڳو بدلين ۽ ٺيڪن ۾ پورا آهن. باقي جيڪي ڪم جا کاتا آهن، اقتصادي ترقي ۽ نوڪرين پيدا ڪرڻ وارا کاتا اهي سڀ غير سنڌين وٽ. هاڻي ايم ڪيو ايم جو امتحان آهي ته هو سنڌ جي مجموعي مفادن جي مالڪي ۽ رکوالي ڪيئن ٿا ڪن ۽ سنڌ جي عوام کي نوڪرين ۽ ترقياتي رٿائن ۾ ڪيترو حصو ٿا ڏين. سنڌ جي ناڻي کاتي واري وزير سيد سردار احمد جو اين ايف سي سميت مختلف معاملن تي ڪردار اسان جي سنڌي ڀاءُ حفيظ شيخ کان وڌيڪ موثر ۽ بهتر رهيو آهي. شايد ان ڪري سردار شاهه کي مرڪز ۾ وزارت ناهي وٺڻي ۽ اميد آهي ته ”شاهه جي “ ناڻي کاتي جو سيڪريٽري گهٽ ۾ گهٽ اهڙي ماڻهوءَ کي رکندو، جيڪو سنڌ جي مفادن جو سودو نه ڪري.
ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم واري پاڻيءَ جي معاملي وارو سنڌ جو ٺهيل ڪيس خراب ڪندڙ ڪامورن خلاف جاچ رپورٽ ادريس راجپوت ڏئي ڇڏي آهي پر اڃا ڪابينا جي فيصلي جي باوجود سنڌ جو ڪيس خراب ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ناهي ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي ته سزا نه ملڻ ڪري هر ڪو اڃا اڳي کان اڳرو آهي. سنڌ کي نقصان ڏيندڙ سنڌي هجي يا ڪو ٻيو. ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي ۽ جيسين ڪنهن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي تيسين گدڙ سنڌ ڀيليندا رهندا.
(2003ع)