انٽرويو:
لبيا کي ايٽمي معلومات فراهم ڪرڻ وارو معاملو منهنجي حڪومت کان پوءِ جو آهي: بينظير ڀٽو
ڪاوش: مشرف حڪومت سان اوهان جي تعلقات ۽ رابطن جي تازي صورتحال ڇا آهي؟ پارليامينٽ مان ايل ايف او جي منظوريءَ کي ڪيئن ٿا ڏسو ۽ صدر جنرل مشرف پاران اعتماد جي ووٽ ذريعي پاڻ کي آئيني صدر چونڊرائڻ بابت ڇا چوندا؟
بينظير ڀٽو: مشرف حڪومت سان لاڳاپا نه هجڻ برابر آهن ۽ هن سان ڪو رابطو به ناهي، ڇو ته هن پيپلزپارٽيءَ کي پنهنجي تعصب واري رويي سبب اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي، ايل ايف او کي آئين جو حصو بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ ذريعي بلڊوز ڪيو ويو آهي ۽ غلط ووٽن جي ڳڻپ به ڪئي وئي. اهي ناجائز ووٽ پيپلزپارٽيءَ سان بي وفائي ڪندڙن جا هئا، جيڪي پارٽي اجازت کانسواءِ بدعنواني ۽ هارس ٽريڊنگ ذريعي ورتا ويا. عالمي طور تي ٿيل تنقيد مان ثابت ٿئي ٿو ته ايل ايف او وارو بل پاس ٿيڻ تڪراري معاملو آهي. 17هين آئيني ترميمي بل جي ايڇ ڪيو ۾ ڊرافٽ ٿيو. بجاءِ ان جي ته چئني صوبن جي صلاح سان ڊرافٽ تيار ٿئي ها. ان ڪري اهو بل عوامي خواهش جي برعڪس آهي. اهو بل هڪ ڊڪٽيٽر کي آئين معطل ڪرڻ جي اختيارن جي حمايت برابر آهي. جنهن سپريم ڪورٽ جا اڌ جج فارغ ڪيا ۽ حقيقي عوامي نمائندن کي چونڊن کان محروم رکيو. ايل ايف او فوجي آمريت جو بدنما چهرو آهي، جنهن آئين کي تباهه ڪيو. بار ڪائونسلز ۽ حقيقي عوامي نمائندن ان بل کي رد ڪيو آهي. اهو آمريتي قانون به هڪ ڏينهن ختم ٿيندو، بلڪه جلد ٿيندو، جيئن ٻين آمرن جا قانون ختم ٿيا هئا. جڏهن صوبن کي ڦٻايل آئيني حق ملندا ته آمراڻا قانون ختم ٿيندا، جنرل مشرف اعتماد وڃائي چڪو هو پر غلط ڳڻپ سبب کيس ڪامياب قرار ڏنو ويو، اعتماد جو وٽ 17هين آئيني ترميم بل جي خود خلاف ورزي هو. پيپلزپارٽي جي ميمبرن جي غيرقانوني ووٽن سان هن اعتماد جو ووٽ ورتو. پيپلزپارٽي جنرل مشرف پاران اعتماد جي ووٽ وٺڻ کي غيرآئيني سمجهي ٿي ۽ جلد ان ڏس ۾ آئيني پٽيشن فائيل ڪئي ويندي.
ڪاوش: نواز شريف سان توهان جو آخري دفعو رابطو ڪڏهن ٿيو هو؟ ڇا اوهان جي ساڻس ڪا روبرو ملاقات به ٿي آهي؟
بينظير ڀٽو: جلاوطنيءَ کان پوءِ نواز شريف سان آمهون سامهون ملاقات نه ٿي آهي پر آڪٽوبر 2002ع جي عام چونڊن بعد اسان جو رابطو ٿيو هو.
ڪاوش: چيو پيو وڃي ته اسامه بن لادن محفوظ هٿن ۾ آهي ۽ آمريڪا ۾ عام چونڊن وقت ان کي منظر تي آندو ويندو. ڇا اوهين سمجهو ٿا ته پاڪستاني سيڪيورٽي ايجنسين جو به ان معاملي ۾ هٿ آهي؟
بينظير ڀٽو: مون به اهو افواهه ٻڌو آهي ته اسامه محفوظ هٿن ۾ آهي ۽ آمريڪي عام چونڊن وقت کيس پيش ڪيو ويندو پر خبر ناهي ته اهو ڪيترو سچ آهي. يقينن اهڙا افواهه ته، اسامه کي آمريڪي چونڊ وقت سامهون آندو ويندو ”هڪ مزيدار لٽڪندڙ گجر“ جيان آهن. ماضيءَ ۾ جڏهن به جنرل آمريڪا ويندو هو ته ڪو نه ڪو ناليوارو انتها پسند گرفتار ٿيندو هو ۽ جنرل ان جو سياسي فائدو حاصل ڪندو هو. جيتري قدر پاڪستاني ايجنسين جي ملوث هجڻ جو تعلق آهي ته اهو انهن کان پڇيو وڃي.
ڪاوش: ملٽري ۽ مولوين جي اتحاد بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟
بينظير ڀٽو: ملا-ملٽري ڳٺ جوڙ سرد جنگ جي پيداوار آهي. مذهبي جماعتن کي مغرب جي حامي ملڪن ان يقين سان متحده ڪيو هو ته هو ڪميونسٽن سان وڙهندا پر جڏهن مصر ۾ جمال عبدالناصر ۽ ايران ۾ مصدق اقتدار ۾ آيا ته کاٻي ڌر جي جماعتن شڪ ظاهر ڪيو. افغان جهاد کان پوءِ ۽ سوويت يونين جي خاتمي بعد اها راءِ سامهون آئي ته فوج جي ضرورت آهي نه مذهبي جماعتن جي. دنيا ۾ جمهوري عمل جي مضبوطيءَ سبب اهو اپ سيٽ ٿيو ته انهن ڌرين آمريڪا کي دشمن بڻائي ورتو. انتها پسندي ۽ انتهاپسنديءَ جا مک حمايتي اهي آهن، جيڪي ڪنهن زماني ۾ افغان جهاد دوران مغربي اثاثو سمجهيا ويندا هئا. مذهبي جماعتن کي اجازت ملي ته هو تربيتي ڪئمپون قائم ڪن ۽ اهڙو حق ٻين جماعتن کي نه ڏنو ويو، جيڪي انهن جون مخالف قوتون هيون. پاڪستان جي سياسي ڪلچر ۾ ٻن قسمن جون سياسي جماعتون آهن، هڪڙيون حقيقي عوامي ۽ ٻيون هٿ ٺوڪيون ٺاهيل جماعتون. عوام جي نمائندگي ڪندڙ حقيقي جماعتن خلاف سدائين ڪارراوئي ڪئي ويندي آهي ۽ هٿ ٺوڪيون جماعتون هميشه ذاتي مفاد ۾ عوام سان دوکو ڪنديون رهنديون آهن. فوج ايم ايم اي کي ملڪ ۾ اقتدار عام انقلاب ذريعي سنڀالڻ لاءِ مدد ڪري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي ته خاموشيءَ سان قاضي حسين احمد کي آمريڪا ۽ مولانا فضل الرحمان کي ڀارت موڪليو ويو، ته جيئن وڏين جماعتن کي ٻاهر ڪري رواجي پارٽين کي ڀائيوار ڪري سگهجي. جنرل مشرف جي خفيه ايجنڊا ايم ايم اي جي پڌري ايجنڊا برابر آهي پر اهو پلان رد ٿيندو. ڇو ته عوام ان کي رد ڪري ڇڏيندو. ايل ايف او پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ ۾ هڪ سال ڄاڻي واڻي دير ڪرائي وئي ۽ مغرب ۾ اهو تاثر ڏنو ويو ته ايم ايم اي کانسواءِ مسئلي جي حل جو ڪو ٻيو آپشن ناهي. جنرل مشرف نه چاهي ها ته ايم ايم اي وارا اهم ڪم عام چونڊن جي ٻئي ڏينهن تي ئي ڪري ڇڏين ها. 2001ع ۾ آمريڪا خلاف وڙهندڙ طالبان جي مددگار ايم ايم اي هاڻي اقتداري ايوانن ۾ پهچي وئي آهي. مون کي يقين آهي ته هنن جنرل مشرف کان مدد جي قيمت وصول ڪئي آهي. هوڏانهن اها خفيه ڊيل پڌري ٿيندي ته حقيقي عوامي قوتن کي پاسيرو ڪري اسٽيبلشمينٽ خلا ڪيئن پيدا ڪيو ۽ ڪهڙي نموني صورتحال کي ”ايڪسپلائٽ“ ڪيو ويو.
ڪاوش: خبرن موجب اوهان تي الزام آهي ته اوهان اتر ڪوريا کي ايٽمي ٽيڪنالاجي ڏئي ملڪ لاءِ ميزائيل نطام حاصل ڪيو، جڏهن ته اڳوڻي آءِ ايس آءِ جي سربراهه (حميد گل) چيو آهي ته اوهان لبيا کي ايٽمي ٽيڪنالاجي وڪرو ڪري پئسا ورتا هئا. اوهان جي ڇا راءِ آهي؟
بينظير ڀٽو: منهنجي دور حڪومت ۾ بينظير ڊاڪٽرائن (نظريو) اهو هو ته پاڪستان ايٽمي ٽيڪنالاجي ڪنهن کي نه ڏيندو. پئسن خاطر، يا ميزائيل ٽيڪنالاجي يا ڪنهن ٻي ٽيڪنالاجي بدلي ايٽمي ٽيڪنالاجي نه ڏني ويندي. اهي ئي عالمي دٻاءَ کي منهن ڏيڻ ۽ پاڪستان جي ايٽمي اثاثن جي تحفظ لاءِ اعتماد جي بحاليءَ وارا وڏا قدم هئا. منهنجي دور ۾ اسلام آباد (پاڪستان) وٽ وڏي تعداد ۾ پئسا موجود هئا ۽ جيڪو چاهيو پئي سو خريد ڪيو ويو. پوءِ انتهائي حساس ۽ جديد ميراج جنگي جهاز هجن يا اگوسٽا آبدوز، انتهائي جديد هاءِ ٽيڪ ٽئنڪون هجن يا ميزائيل، اسان کي ڪنهن ٽيڪنالاجي بدلي ايٽمي ٽيڪنالاجي ڏيڻ جي ضرورت ئي نه هئي، ڇو ته هر شئي خريدڻ لاءِ ڪافي رقم موجود هئي. جيڪڏهن ڪا مٽا سٽا ٿي هوندي ته سا به تڏهن، جڏهن مون کي اقتدار کان ٻاهر اڇلايو ويو ۽ جڏهن پاڪستان جا پرڏيهي ڪرنسي اڪائونٽ منجمند ڪيا ويا هئا. قوم کي اهو معلوم ٿيڻ کپي ته اسان جي ايٽمي اثاثن کي ڪنهن خطري ۾ وڌو. پاڪستان کي اهي ايٽمي اثاثا منهنجي والد ڏنا ۽ مون ايٽمي ٽيڪنالاجي هرگز ايڪسپورٽ نه ڪرڻ جي پاليسيءَ جو اعلان ڪري رول بيڪ ٿيڻ کان بچايو. اهي جن ايٽمي اثاثن کي چاڪليٽ سمجهيو ۽ وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي نه صرف احمق هئا پر پاڪستان جا غدار به هئا. انهن ايٽمي مواد ڦهلائي نه صرف دنيا کي خطري ۾ وڌو پر پاڪستان کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو. انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. ڀٽو خاندان پاڪستان جو عزت دار خاندان آهي. لبيا يا ايران کي ايٽمي ٽيڪنالاجي وڪرو ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. جيستائين لبيا کي ڀٽو خاندان تي ايٽمي ٽيڪنالاجي وڪرو ڪرڻ جو آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جي الزام جو تعلق آهي. ان جي هن پاڻ ئي ترديد ڪئي آهي. مان پڇان ٿي ته لبيا جي صدر جي پٽ سيف قذافي چيو آهي ته هنن 4 ڪروڙ ڊالر ”بم ڊوزيئر“ (بم بابت معلومات) خريد ڪرڻ لاءِ ڏنا هئا. پيپلزپارٽي معلوم ڪرڻ چاهي ٿي ته اها رقم ڪنهن ورتي؟ قدرت جو پنهنجو نطام آهي ته ”هر ڪنهن کي پنهنجي ڪئي جو لوڙڻو آهي.“ اهي ماڻهو جن معصوم ماڻهن کي بدعنوانيءَ جي الزامن ۾ ڦاسايو، هاڻي لبيا ۽ ايران جهڙا دوست ملڪ انهن ماڻهن کي بي نقاب ڪري رهيا آهن. جن پاڪستان جي قومي اثاثن کي ذاتي مفاد خاطر خطري ۾ وڌو. پاڪستاني قوم اهو ڄاڻڻ گهري ٿي ته سيف قذافي ايٽم بم بابت دستاويزي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي 4 ڪروڙ ڊالر ڏنا، اهي آخر ڪنهن ورتا آهن؟
ڪاوش: توهان جي پهرين دور اقتدار ۾ جڏهن اوهان چين جو دورو ڪيو ۽ اتان ئي اتر ڪوريا وڃڻ چاهيو، ته ڪجهه ايجنسين اوهان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر اوهين اتر ڪوريا ويا ۽ ميزائيل ٽيڪنالاجي حاصل ڪئي. مان اهو معلوم ٿو ڪرڻ چاهيان ته اوهان کي روڪڻ وارا اداري جي مفاد ۾ ايئن ڪري رهيا هئا يا ذاتي مفاد ۾؟
بينظير ڀٽو: اتر ڪوريا جو دورو رواجي پرڏيهي دورو هو، جنهن جو مقصد ٻطرفا لاڳاپ مضبوط ڪرڻ هو. ان جي ڪنهن انٽيليجنس ايجنسيءَ مخالفت نه ڪئي هئي.
ڪاوش: جنرل مشرف پاران انتهاپسندن خلاف کنيل قدمن کي مغربي ميڊيا مصنوعي قدم قرار پئي ڏئي. اوهان جو ڇا خيال آهي؟
بينظير ڀٽو: منهنجو به اهو ئي يقين آهي ته جنرل مشرف پيپلزپارٽيءَ جي مخالفت ٿو ڪري ڇو ته پ پ واحد جماعت آهي جيڪا انتهاپسندن کي منهن ڏئي سگهي ٿي، جن کي سندن گاڊ فادر ضياءُ الحق منظم ڪيو هو. پابندي لڳل گروپن جو ڪو ليڊر نه گرفتار آهي، نه ئي جلاوطن. پيپلزپارٽي سان خراب سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اسان جي چونڊ وڙهڻ تي بندش آهي پر انتها پسند پابندي لڳل جماعتن جي ليڊرن تي بندش ناهي. جنرل مشرف چوي ٿو ته مون وٽ هارورڊ يا آڪسفورڊ جي ڊگري ناهي ۽ هن چونڊن ۾ حصي وٺڻ کان روڪيو. جڏهن مون گريجوئيشن جي ڊگري پيش ڪئي ته هن مون کي روڪڻ لاءِ وري نئون قانون ٺاهيو. مان چوان ٿي ته جنرل وٽ پاڻ وٽ ڊگري ناهي ۽ ملڪ پيو هلائي. هن مدرسي جي سندن تي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني. جيڪي مڊل اسڪول سرٽيفڪيٽ برابر آهن. انهن کي يونيورسٽي ڊگري برابر قرار ڏنو. هن هميشه مذهبي جماعتن جي مدد ڪئي ۽ فائدو ڏنو. هڪ پاسي مشرف جهادين تي پابندي لڳائي پر ٻين نالن سان ڪم ڪرڻ جي اجازت به ڏني. ڪجهه پابندي لڳل جماعتن جا ليڊر چونڊ وڙهيا ۽ پارليامينٽ ۾ به پهتا. 11 سيپٽمبر کان اڳ جنرل مشرف اعلان ڪيو ته افغان جهاد ڪشمير ۾ منتقل ٿيو آهي پر 11 سيپٽمبر بعد هن چيو ته پاڪستاني جهادي ڪنهن به ملڪ کي جهاد ايڪسپورٽ نٿا ڪن. مان سمجهان ٿي ته مشرف پنهنجي اڳوڻي فوجي سربراهه کان به وڌيڪ ناقابل اعتبار آهي. جيڪو چوندو آهي ته، ”منهنجي پوئين ڳالهه کي ڇڏيو Cancel My last Announcement (CMLA) ڪير به هن تي يقين يا اعتبار نٿو ڪري سگهي. جيڪي سمجهن ٿا ته جنرل مشرف اقتدار کي ڊگهو ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪرتب ڪري ٿو، اهي هن کي في الحال هوشياريءَ سان استعمال به ڪري رهيا آهن. بهرحال اهو قبول ڪرڻ ڏکيو آهي ته ڪارگل جو خالق ڪنهن اهڙي مرحلي مان گذريو هجي. جو امن لاءِ هن جي سوچ ۾ تبديلي آئي هجي. اهو ئي سبب آهي ته اڪثر ماڻهو سوچين ٿا ته هن جا دهشتگردي ٽوڙ اپاءَ حقيقي ناهن پر مصنوعي آهن.
ڪاوش: ايٽمي معلومات فراهم ڪرڻ ۾ اوهين سائنسدانن، سياستدانن ۽ فوجين مان ڪنهن کي وڌيڪ ذميوار سمجهو ٿا؟
بينظير ڀٽو: اها معلومات لبيا ۽ آمريڪا جي ٺاهه بعد پڌري ٿي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ لبيا ايٽمي پلانٽ منجمد ڪيو آهي. ان بعد رخ ايران ڏانهن مڙيو. انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي ايران جو دورو ڪيو. ايران ۽ لبيا جي ايٽمي پلانٽ جا نمونا پاڪستاني پلانٽ جهڙا هئا. جنهن بعد انٽرنيشنل ايجنسي پاڪستان کي خط لکيو. يو پي آءِ جي رپورٽ مطابق اهو معاملو واشنگٽن ۽ اسلام آباد ۾ ٻن سالن کان بحث هيٺ هو، هاڻي جيڪڏهن ايٽمي ٽيڪنالاجي وڪرو ٿي هئي يا ايڪسپورٽ ٿي ته اهو عمل پيپلزپارٽيءَ جي متعارف ڪرايل پاليسيءَ جي خلاف ورزي آهي. هاڻي اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ڇا حڪومت اها پاليسي تبديل ڪئي يا سائنسدانن پنهنجو پاڻ ڪئي يا فوجي محافظن ڪئي، جيڪي ان جي حفاظت جا ذميوار هئا.
ڪاوش: آصف علي زرداري مسلسل ستون سال قيد ڪاٽي پيو، پر اوهان جي سياسي قيادت هن کي دل سان سياسي ليڊر تسليم نه ٿي ڪري. اوهان آصف زرداريءَ جو سياسي مستقبل ڪيئن ٿا ڏسو؟
بينظير ڀٽو: پارٽي ڪيڊر هجي يا نان پارٽي ڪيڊر، سڀ آصف علي زرداريءَ جي ڏيکاريل بهادريءَ جو انتهائي قدر ۽ احترام ڪن ٿا. هن جو سياسي مستقبل روشن ۽ شاندار آهي. ڇو ته هن مشڪل ترين حالتن ۾ پاڻ مڃرايو آهي.
ڪاوش: تاثر اهو آهي ته پ پ محب وطن (پيٽرياٽ) کي اوهان جي خفيه حمايت حاصل آهي. ڇا هنن کي وري پارٽيءَ ۾ واپس قبوليندا؟
بينظير ڀٽو: اهو تاثر هرگز درست ناهي.
ڪاوش: جنرل مشرف پاران هڪ طرفي طور ڪالاباغ ڊيم سميت ٻيا وڏا ڊيم ٺاهڻ واري فيصلي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڇا ان سان وڏي صوبي ۽ ننڍن صوبن ۾ پيدا ٿيل بي اعتماديءَ واري فضا وڌيڪ خراب نه ٿيندي؟
بينظير ڀٽو: چئني صوبن ۽ سياسي قوتن جي اتفاق راءِ حاصل ڪرڻ کانسواءِ جيڪڏهن مشرف حڪومت ڊيم ٺاهيو ته اهو تباهه ڪن عمل هوندو. اڳ ۾ ئي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ بي اعتماديءَ کي وڌايو ويو آهي. جيڪڏهن اها بي اعتماديءَ واري فضا نظر انداز ڪئي وئي ۽ ڪالاباغ ڊيم جهڙا وڏا ڊيم ٺاهيا ويا ۽ ننڍن صوبن جا اعتراض رد ڪيا ويا ته اهو عمل وفاق لاءِ خطرناڪ ۽ تباهه ڪن هوندو.
(8 فيبروري 2004ع)