سجاد علي شاهه کان پوءِ جسٽس اجمل ميان جو ٽرائيل
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي تان جسٽس سجاد علي شاهه کي هٽائڻ واري سندس ئي 10 ججن جي فيصلي کي جيتوڻيڪ اڃا 5 مهينا به پورا نه ٿيا آهن ته وري چيف جسٽس اجمل ميان خلاف نااهلي جي پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي. سجاد علي شاهه خلاف جڏهن مبينا طور سرڪار پاران ڪارروائي ڪرائي وئي هئي ته ان وقت ملڪ جي باشعور ماڻهن ان معاملي تي احتجاج ڪيو هو. وڪيلن ۽ صحافين سميت ڪيترائي ماڻهو جيڪي ذاتي طور سجاد علي شاهه جي رويي مان کڻي خوش نه به هئا پر پوءِ به هنن کيس هٽائڻ تي پنهنجو احتجاج نوٽ ڪرايو هو ڇو ته انهن جو احتجاج سجاد علي شاهه کي نه پر چيف جسٽس آف پاڪستان کي بچائڻ لاءِ هو. هاڻي جڏهن ججن ذريعي چيف جسٽس کي هٽائڻ جي روايت هڪ دفعو پئجي وئي آهي ته ان جي جائز توڙي ناجائز نموني استعمال جو مثال اسان کي 5 مهينن ۾ ئي ملي ويو آهي.
ڪالهه سومر ڏينهن سپريم ڪورٽ جي 4 نمبر ڪمري ۾ جسٽس ناصر اسلم زاهد جي سربراهي ۾ جوڙيل فل بينچ جنهن ۾ جسٽس منور مرزا ۽ جسٽس عبدالرحمان خان به شامل هئا تن مسلم ويلفيئر موومينٽ جي درخواست گذار اقبال حيدر جي پٽيشن تي چيف جسٽس جي عهدي تان اجمل ميان کي هٽائڻ واري ڪيس جي سماعت شروع ڪري ڇڏي آهي. هي ٽئي جج اهي آهن جيڪي سجاد علي شاهه کي هٽائڻ وارو فيصلو ڪندڙ 10 رڪني بينچ ۾ شامل هئا. سجاد علي شاهه کي هٽائيندڙ 10 رڪني بينچ به جسٽس سعيد الزمان جوڙي هئي ۽ هيءَ بينچ به سعيد الزمان وقتي چيف جسٽس جي حيثيت ۾ جوڙي آهي. جڏهن چيف جسٽس جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ سجاد علي شاهه خلاف ڪارروائي ٿي هئي ته هو ملڪ کان ٻاهر ويل هو ۽ اڄ ڪلهه جسٽس اجمل ميان به ٻاهر آهي. سجاد علي شاهه خلاف به ان وقت ڪارروائي تيز ٿي هئي جڏهن هو وزيراعظم هائوس ۾ (لاهور وارو) نواز شريف سان ملاقات ڪري آيو هو ۽ خصوصي عدالتن واري قيام تي اختلاف ڪري موٽي آيو هو. ساڳي طرح چيف جسٽس اجمل ميان خلاف به اهڙي عدالتي ڪارروائي ان وقت شروع ٿي آهي. جڏهن هو به گذريل هفتي اسلام آباد ۾ مانجهاندي جي موقعي تي وزيراعظم سان مليو هو ۽ ماني گڏ کائڻ بعد به ڪجهه معاملن تي اختلاف ڪري آيو هو. جسٽس اجمل ميان قانون واري وفاقي وزير خالد انور سان گذريل 6 مهينن کان ملاقات نٿو ڪرڻ چاهي ۽ خالد انور ملڻ ٿو چاهي. جسٽس اجمل ميان ٿو چوي ته جيڪو ڪجهه حڪومت چاهي ٿي اهو لکت ۾ ڏئي. ملڻ جي ضرورت ناهي. ججن جي مقرري هجي يا اهم معاملن جي سماعت هجي. عدالت تي حملي وارو ڪيس هجي يا ڪرپشن وارا ڪيس هجن مطلب ته ڪيترائي اهڙا ڪيس آهن جن ۾ حڪومت عدليا جي ڪارڪردگي کان خوش ناهي. هيستائين اجمل ميان خلاف ٿيل ڪارروائي ۽ سجاد علي شاهه خلاف ٿيل ڪارروائي ۾ فرق اهو آهي ته شاهه صاحب وقت ڊيڊ لاڪ پيدا ٿي پيو هو ۽ ميان صاحب (اجمل ميان) واري معاملي ۾ اڃا ايئن ناهي ٿيو.
جسٽس ناصر اسلم زاهد جي مادري زبان اردو آهي ۽ هو ڪراچي جو رهاڪو آهي. درخواست گذار اقبال حيدر جي مادري زبان اردو آهي ۽ ڪراچي جو آهي جڏهن ته چيف جسٽس اجمل ميان جي مادري زبان به اردو آهي ۽ ڪراچي جو آهي. جسٽس ناصر اسلم زاهد واري بينچ ۾ جيڪي ٻه ٻيا جج آهن انهن مان جسٽس منور مرزا بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو ۽ جسٽس عبدالرحمان خان پشاور هاءِ ڪورٽ جا سابق چيف جسٽس آهن. يعني ته پنجاب کانسواءِ ٽن ننڍن صوبن جي ججن تي مشتمل بينچ جنهن جو سربراهه يعني منصف به سنڌ جو آهي ۽ اردو ڳالهائيندڙ آهي ته جوابدار ۽ فريادي به سنڌ جا آهن ۽ اردو ڳالهايئندڙ آهن.
ڪالهه عدالت ۾ اقبال حيدر (فريادي) جڏهن پنهنجي حق ۾ دليل ڏئي رهيو هو ته غلط سلط انگريزي به هن کان ڳالهائجي نه پئي. عدالت هن کي چيو ته تون تياري ڇو نه ڪري آيو آهين. اقبال حيدر چيو ته تڪڙ ۾ آيو آهيان. ججن کيس چيو ته في الحال خاموش ٿي ويهه ۽ تياري ڪري وٺ. اسان ٻيا ڪيس هلايون ٿا بعد ۾ توکي ٻڌون ٿا. هڪ ڪلاڪ بعد جڏهن اقبال حيدر تياري ڪري ورتي ته هن کي ڪنهن صلاح ڏني ته تون انگريزي بدران اردو ۾ وڪالت ڪر. هن اردو ۾ جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته پنهنجي ڳالهه ڪاميابي سان ٻڌائڻ ۾ ڪامياب ويو. هن جا ٻه نقطا هئا. هڪ ته اجمل ميان ميٽرڪ پاس نه آهي يعني هن نائين درجي تائين آگره ۾ پڙهڻ بعد پاڪستان هجرت ڪئي ۽ هتي مبينا طور ڪوڙو حلف نامو ڏنو ته هو ميٽرڪ پاس آهي. اقبال جو چوڻ آهي ته اجمل ميان ميٽرڪ پاس ناهي جيڪڏهن آهي ته ثبوت پيش ڪري ته هن ڪڏهن ۽ ڪٿان ميٽرڪ پاس ڪئي. ٻيو ته اقبال موجب جسٽس اجمل ميان 1932ع ۾ آگره ۾ ڄائو آهي پر اجمل ميان موجب هو 1934ع ۾ دهلي ۾ پنهنجو ڄم ڏيکاري چڪوآهي. اقبال حيدر وٽ ڀارت جي شهر آگره جي واسطيدار اسڪول ۽ ميونسپل جو تصديق ٿيل رڪارڊ آهي. جيڪڏهن اجمل ميان جو ڄم 1932ع ۾ ثابت ٿيو ته پوءِ هو چيف جسٽس جي حيثيت سان هڪ ڏينهن به نه رهي سگهندو ڇو ته آئين موجب سپريم ڪورٽ جو هر جج 65 سال عمر ٿيڻ جي صورت ۾ رٽائر ٿيندو، چيف جسٽس اجمل ميان جي ڄم جي تاريخ ۽ سن ، اقبال حيدر جي پيش ڪيل رڪارڊ موجب پهرين جون 1932ع آهي. بهرحال هن پنهنجا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا آهن. عدالت انهن جو جائزو وٺندي ۽ 30 اپريل تي پنهنجو تاثر ۽ مشاهدو ظاهر ڪندي. ان ڏينهن چيف جسٽس پاران به رڪارڊ پيش ڪيو ويندو. جنهن بعد ٻنهي ڌرين جي رڪارڊ جي جاچ ٿيندي. ڏسون ته ڪنهن جو ٿو رڪارڊ درست نڪري. وڪيلن جو چوڻ آهي ته معاملو ڏاڍو ڳرو آهي.
ڪيس جي ڪارروائي بعد جڏهن بار روم آياسين ته درخواست گذار اقبال حيدر مون کي چيو ته ڏي خبر ڀلا اڄوڪي مون واري خبر فرنٽ پيج جي خبر آهي يا نه! مون چيو ڀلا هي ڪيس تو خبر لاءِ ڪيو آهي ڇا؟ ته هن چيو ”سمجها ڪرو سب ڪام هونگي.“ بار روم ۾ ئي ويٺل هڪ وڪيل چيو ته هي قصو ساڳي ڌر شروع ڪرايو آهي جنهن سجاد علي شاهه کي هٽرايو هو.
سپريم ڪورٽ تي مسلم ليگي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پاران 28 نومبر تي ڪيل حملي واري سانحي خلاف داخل ڪيس جي ڪارروائي به سپريم ڪورٽ جي ساڳي بينچ جسٽس ناصر اسلم زاهد واري ڪري رهي آهي. ان ڪيس ۾ جيتوڻيڪ عدليا جي وقار ۽ شان جو سوال آهي. انتهائي اهميت جوڳو ۽ نازڪ معاملو آهي پر پوءِ به ان ڪيس جي ڪارروائي عدالتي معيار ۽ انصاف جي تقاضا جي عين مطابق ٿڌي نموني هلي رهي آهي ۽ هڪ هڪ حاضري مهينن کان پوءِ ٿيندي آهي پر اجمل ميان واري ڪيس جي ٻي حاضري صرف 2 ڏينهن جي وقفي بعد 30 اپريل تي ٿيندي.
گادي واري شهر ۾ هڪ حلقو اهو به چوي ٿو ته جسٽس اجمل ميان خلاف هن Move ۾ سجاد علي شاهه سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح ملوث آهي. ٿي سگهي ٿو ته سجاد علي شاهه جي اها کڻي خواهش هجي پر جيڪڏهن سندس خواهش هجي به ته هن وٽ ايترا وسيلا ناهن جو اقبال حيدر کي پئسا ڏئي ته هو دهلي ۽ آگره گهمي اچي. جيڪڏهن سجاد علي شاهه کي ڪنهن کان وياج تي قرض کڻي اهڙو ڪم ڪرڻو ئي هجي ته پوءِ اجمل ميان خلاف ڇو، کيس برطرف ڪندڙن خلاف ڇو نه ايئن ڪري!
جهڙي نموني چيف جسٽس سجاد علي شاهه جو Unceremonial Ouster ٿيو تنهن بعد هيوي مينڊيٽ وارن آڏو ڳاٽ اونچو ڪري هلڻ جي هيراڪن ۾ خوف ته پيدا ٿيو پر اڃا سڪتو طاري نه ٿيو آهي. ڳاٽ اونچو ڪري هلندڙن کي جهڪائڻ جا هيراڪ بڻجي ويل حڪمران ان خوف کي ڏهڪاءُ ۾ تبديل ڪري شايد اهڙي روايت قائم ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن ڪو وري اڄ جو فيض چوي ته ”چلي هي رسم ڪي ڪوئي نه سراٺا ڪي چلي.“
(28 اپريل 1998ع)