تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5028
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

آصف سان ٿيل خفيه ملاقات جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا؟

آصف سان ٿيل خفيه ملاقات جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا؟

29 ۽ 30 آڪٽوبر جي وچ واري رات خفيه سياسي سرگرمين ملڪ جي سياستدانن پاران حڪومت سازي لاءِ ڪيل ڪوششن بعد پيدا ٿيل صورتحال جو وري رُخ موڙي ڇڏيو آهي، جيئن ته اسان اڳ ۾ به لکيو هو ته هن ملڪ ۾ هر ڏينهن، بلڪه هر ڪلاڪ ۾ صورتحال تبديل ٿي رهي آهي. مٿي ڄاڻايل تاريخ تي ٽويوٽا ڪرولا 2002ع ماڊل ڪار، جنهن جو نمبر 3693 IDK هو. اها رات جو سوا ڏهين وڳي پمز اسپتال جي وي آءِ پي وارڊ، جتي آصف علي زرداري قيد آهي. اتي آئي ۽ آصف کي کڻي هلي وئي. 29 آڪٽوبر تي صبح جو ”اتفاقيه زرداري شيرپائو ملاقات ٿي“ جنهن آصف زرداري سان عدالت ۾ 2 ڪلاڪ ڪچهري ڪئي، پر هن هوا لڳڻ ئي نه ڏني. آصف زرداري شام جو زرداري هائوس مان گرم ڪپڙا گهرايا. وهنجي سهنجي پنهنجي پسند جو گري فلينيل پرفيوم هڻي رات جو روانو ٿي ويو ۽ رات جو هڪ لڳي 40 منٽن تي ساڳئي ڪار ۾ واپس آيو پر هن جي پويان مخدوم امين فهيم پنهنجي مرسڊيز گاڏي نمبر هالا-1 ۾ آيو، جڏهن ته ٽئين گاڏي بليڪ ڪلر جي هئي. جنهن تي وڏي انٽينا به لڳل هئي. اطلاع ملڻ شرط رات جو پوڻي ٻارهين کان پوڻي هڪ وڳي تائين وي آءِ پي وارڊ جي سامهون پارڪنگ ۾ بتيون بند ڪري مان به گاڏيءَ ۾ ويهي لڪاءُ ڏسندو رهيس. مخدوم امين فهيم موجب ته هو ٻاهر نه ويا هئا. هنن جون گاڏيون اينديون وينديون رهيون، پر هنن ڳالهيون اسپتال ۾ ئي ڪيون. مان سمجهان ٿو ته اهو صحيح ناهي. ڇو ته ان رات جو اکين ڏٺو شاهد آئون به آهيان. آصف علي زرداري، جنهن کي انٽرنيشنل ڊائلنگ واري فون گذريل هڪ هفتي کان ئي مليل هئي ۽ مسلسل بينظير ڀٽو سميت گهر وارن ۽ پارٽي توڙي سرڪاري ساٿين سان رابطن ۾ هو. هتي اهو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته جنهن ڪار ۾ آصف کي اسپتال مان نيو ويو هو، اها ساڳئي گاڏي هئي جيڪا مساوات بلڊنگ ۾ جتي پيپلزپارٽيءَ جي ميڊيا آفيس آهي ۽ مخدوم جي هڪ دوست جو فليٽ به آهي اتي بيٺل هئي. دبئي روانگي واري ڏينهن ڪچڙي منجهند ڌاري ان ساڳئي گاڏيءَ ۾ هڪ ڪلين شيو همراهه آيو هو ۽ مخدوم کي دبئي روانگي کان اڳ خاص نياپو ڏئي هليو ويو هو ۽ اها روئداد به مون اکين سان ڏٺي هئي.
آصف زرداريءَ جي خفيه سرڪاري بااختيار ماڻهن سان ملاقات جي نتيجن بابت چيو وڃي ٿو ته اهي نتيجا شايد اڄ يا سڀاڻي اچن. هنن جي ان ملاقات ۾ آصف زرداريءَ جي وڃڻ ۽ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ جا آصف کي ڪيترائي فائدا ٿيندا. هڪ ته سرڪار هن سان ڳالهيون ڪري اهو تسليم ڪيو ته زرداري جيل ۾ هجي يا ٻاهر هجي ”بادشاهه گر“ اهو ئي آهي. ٻيو ته مخدوم امين فهيم، جيڪو سرڪار سان سندن پاران ڳالهائي رهيو هو. ان تي ڄڻ ته هن کي اطمينان نه هو ۽ هو پاڻ ڳالهيون ڪرڻ پيو چاهي. جڏهن اڄ قيد ۾ هوندي به آصف سان حڪومت ڳالهائي ٿي ته سڀاڻي به کين ڳالهائڻو پوندو ۽ هاڻي پ پ پاران مخدوم صاحب نياپا ته کڻي ويندو. پر منهان منهن ڳالهين لاءِ هاڻي آصف جو رستو کليو آهي. ڳالهين دوران هن بينظير ڀٽو سان آمريڪا ۾ رابطو ڪري ساڻس به ڳالهايو ۽ باخبر هئڻ جي دعويدار حلقن جو چوڻ آهي ته حڪومت سازيءَ کان وٺي، بينظير ۽ آصف کي رليف ڏيڻ بابت مختلف معاملن بابت ڳالهيون ٿيون آهن. حڪومت جي آڇ هئي ته آئيني ترميمن جي حمايت ڪريو ته سرڪار مرڪز ۾ امين فهيم کي وزيراعظم ۽ سنڌ ۾ به پ پ کي حڪومت ڏيڻ لاءِ تيار آهي. في الحال زرداريءَ کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويندو. بينظير ڀٽو کي وطن اچڻ تي گرفتار نه ڪيو ويندو ۽ سندن ڪيس آهستي آهستي ختم ڪيا ويندا. بينظير ڀٽو سان ڳالهائڻ بعد زرداريءَ جو زور هو ته مون کي اوهان 6 سال مُفت ۾ رڳڙو ڇو ڏنو. جڏهن اڄ ڳالهايو ٿا ته ان جو مطلب اسين صحيح آهيون ته منهنجي 6 سالن جو حساب ڪير ڏيندو؟ قصو ڪوتاهه ته زرداري هنن کي چيو ته بينظير ڀٽو ۽ منهنجا ڪيس ختم ڪرڻ بابت معاهدو ڪيو، پ پ آئيني ترميمن بابت حڪومت جي مدد لاءِ تيار آهي. جنهن تي کين جواب مليو ته صدر جنرل پرويز مشرف ملڪ کان ٻاهر آهي ۽ هو اچي ته ساڻس مشوري بعد هو ڪو جواب ڏئي سگهن ٿا. ان کان پوءِ هو واپس هليو آيو. حڪومت جي سڌيءَ طرح زرداريءَ سان ڳالهائڻ واري مجبوري حڪومت جي ڪمزوريءَ جو وڏو ثبوت آهي. جنرل پرويز مشرف جيڪو کلم کلا چئي رهيو هو ته بينظير يا مان، يعني هوءَ ايندي ته هيءُ (جنرل مشرف) نه هوندو. هاڻي آخر ڪهڙي مجبوري آهي جو هو پ پ سان ڳالهائين ٿا؟
بظاهر لڳي ٿو ته واقعي حڪومت آئيني ترميمن جي پارليامينٽ مان منظوري ۾ مشڪلات محسوس ڪندي پ پ سان ڳالهايو آهي. ٻيو اهو ته متحده مجلس عمل جي وڏي طاقت ۾ سامهون اچڻ سبب بينظير ڀٽو جي آمريڪا واري دوري دوران ٿيل ڳالهين سبب پيدا ٿيل دٻاءَ جي ڪري حڪومت ايئن ڪيو آهي. عالمي دٻاءَ سبب حڪومت جي پاليسين ۾ نرمي اختيار ڪرڻ جي راءِ رکندڙن جو چوڻ آهي ته سڀاڻي (يعني تمام جلد) جڏهن آمريڪا عراق تي حملو ڪندو ته ان وقت جيڪڏهن پاڪستان ۾ اڌ پارلياماني طاقت ان جي مخالفت ڪندي ته نه صرف عالمي طور آمريڪا لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا، پر خاص ڪري ان صورتحال ۾ جتي چين، فرانس، جرمني ۽ روس جهڙا ملڪ ان جا مخالف آهن. اتي پاڪستان ۾ به مخالفت وڌيڪ هئڻ سان اسلامي ملڪن ۾ وڏو مسئلو پيدا ٿيندو. انهيءَ ڪري آمريڪا جي لاءِ پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ صورتحال بهتر هئڻ واري سندن خواهش سبب شايد سياسي معاملن جو رُخ تبديل ٿيو آهي. بينظير ڀٽو جي ڏکڻ ايشيا بابت نائب آمريڪي پرڏيهي وزير ڪرسٽينا روڪا سان ملاقات ۽ واشنگٽن پوسٽ جي ايڊيٽوريل بورڊ سان ڳالهين جو به اهو اثر ٿي سگهي ٿو.
29 آڪٽوبر تائين جيڪي به روزانو اڌ درجن جي حساب سان سياسي ڌرين جون ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن. انهن ۾ هر ڌُر پنهنجي علم، عقل، طاقت ۽ خواهش موجب جيڪي به فيصلا ڪيا، اصل صورتحال ان جي برعڪس لڳي پئي آهي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته حڪومت سازي لاءِ جڏهن به موجوده سرڪار ڪو نئون پتو کيڏي ٿي ته اقتدار جي خواهشن جا غلام اسان جا سياستدان اصولن جو جنازو ڪڍڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن. ڪالهه تائين نوابزادو نصرالله ۽ مسلم ليگ (ق) وارا هڪٻئي جي ”مهذبانه“ سياسي مخالفت ڪري رهيا هئا پر زرداريءَ جي خفيه مشن بعد چوڌري شجاعت حسين غلام مصطفيٰ جتوئي کي ساڻ ڪري وڃي نوابزادي نصرالله جو در جهليو ۽ اقتداري سيج ماڻڻ جي حوالي سان ساڻس نه چاهيندي به فرمائش تي ملاقات ڪئي آهي. نصرالله جي به ظاهر آهي ته مسلم ليگ (ق) سان ذاتي دشمني ته ناهي ان ڪري شجاعت جڏهن وٽس لنگهي آيو ته هن به روايتي حال احوال ته ڪو نه ڪيا هوندا ۽ حڪومت سازيءَ بابت ئي سازباز ڪئي هوندي. انهن جي ملاقات جا فوري تفصيل ته دستياب نه ٿي سگهيا آهن پر ڏينهن ٻن ۾ معاملا چٽا ٿي ويندا ۽ اصولن جي دعويدار نوابزاده نصرالله لاءِ شجاعت جي ملاقات ۾ ڪيل ڳالهين جو نتيجو هن لاءِ ٽيسٽ ڪيس هوندو. چيو وڃي ٿو ته آصف زرداري سان خفيه ڳالهين جو هڪ ٻيو دور به ٿيڻ وارو آهي ۽ صدر جنرل مشرف، جيڪو ڪالهه شام 6 وڳي سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري موٽي آيو آهي، اهو ڏسون ته ڪهڙو سگنل ٿو ڏئي.
صدر جنرل پرويز مشرف روزانو نوان قانون جاري ڪري رهيو آهي. 2 ڏينهن اڳ هن هڪ دلچسپ قانون جاري ڪيو آهي. جنهن موجب قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جو ڪو به هارايل اميدوار، جنهن چونڊن ۾ حصو ورتو، اهو سينيٽ جي سيٽ لاءِ اهل نه هوندو. ان قانون سياستدانن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن اهو قانون نه اچي ها ته ڪنگز پارٽيءَ وٽ سينيٽ لاءِ جن وفاقي توڙي صوبائي وزيرن درخواستون جمع ڪرايون آهن. انهن کي ٽڪيٽون نه ملي سگهن ها. ڇو ته بيگم عابده حسين، فخر امام، ميان اظهر سميت لاتعداد مسلم ليگ (ق) جا مُک اڳواڻ، جيڪي سينيٽ جا اميدوار هئا، اهي ڦڏو ڪن ها. ساڳئي طرح پ پ ۾ به ڦڏو پيو هلي ته آفتاب ميراڻي، جهانگير بدر، احمد مختار ۽ خالد کرل سميت هارائيندڙ اميدوارن مان ڪنهن کي سيٽ ملي. ان قانون سبب سياسي پارٽين تان هارايل اميدوارن جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. حڪومت جو چوڻ آهي ته ان قانون جو مقصد عوام جي رد ڪيل اميدوارن کي پارليامينٽ کان پري رکڻ آهي ۽ هيءُ قانون عوامي خواهشن موجب آهي. جيئن ته هڪ هفتو اڳ اسين لکي چڪا هئاسين ته حڪومت عجيب و غريب قسم جا قانون آڻڻ واري آهي. اڄڪلهه پنجاب جي قانون واري وزير رانا اعجاز احمد ۽ وفاقي قانون واري وزير خالد رانجها ۾ ڦڏو پيو هلي. رانا اعجاز احمد ٿو چئي ته باخبر هو آهي ۽ خالد رانجها چوي ٿو ته مان وڌيڪ باخبر آهيان. فلورڪراسنگ جي اجازت ڏيڻ وارو آرڊيننس جاري ٿيڻ بابت رانا اعجاز چوي ٿو ته اهو جلد ايندو، جڏهن ته خالد رانجها چوي ٿو ته اهڙي ڪا تجويز غور هيٺ ناهي. هنن وزيرن کي وڏا بيان ڏئي شهرت حاصل ڪرڻ جو جيڪو چسڪو لڳو آهي، ان سبب ئي هو هڪٻئي کان وڌيڪ وڏيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
29(31 آڪٽوبر 2002ع)