دلچسپ مقابلا ڪهڙن تڪن تي ٿيندا
سمورن خدشن، گمانن ۽ اڳڪٿين دم ٽوڙي ڇڏيو آهي ۽ نيٺ سڀاڻي 3 فيبروري تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن. پوري ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن 207 مسلم ۽ 10 نان مسلم قومي اسيمبليءَ جي سيٽن لاءِ 1863 اميدوار اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. جن مان 115 قومي اسيمبلي جون سيٽون پنجاب ۾ آهن جڏهن ته 46 سنڌ ۾، 26 سرحد ۾، 11 بلوچستان ۾ 8 فاٽا ۾ ۽ هڪ وفاقي گادي واري سيٽ لاءِ 15 ڊسمبر 96ع تائين رجسٽرڊ ڪيل 56496773 ووٽر ووٽ وجهندا. جڏهن ته چئني صوبائي اسيمبلين جي 483 سيٽن لاءِ 54760127 ووٽر ووٽ وجهندا. هن دفعي صوبائي اسيمبلين جي اليڪشن ۾ 4426 اميدوارن وچ ۾ مقابلو آهي. صوبائي اسيمبلي جي 483 سيٽن مان 248 پنجاب ۾ آهن. جن مان 240 مسلم ۽ 8 نان مسلم آهن. سنڌ ۾ 100 مسلم ۽ 9 نان مسلم، سرحد ۾ 80 مسلم ۽ 3 نان مسلم ۽ بلوچستان ۾ 40 مسلم ۽ 3 نان مسلم سيٽون آهن. پنجاب ۾ 248 سيٽن لاءِ 1945 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن.
3 فيبروري تي رٿيل اليڪشن ۾ فاٽا ۾ به پهريون دفعو عام چونڊون ٿي رهيون آهن. اهو هڪ تاريخي عمل آهي. فاٽا ۾ 8 سيٽن لاءِ 298 اميدوار آهن جن کي 1602736 ووٽر ووٽ ڏيندا. فاٽا ۾ عورت ووٽرن جو تعداد 410509 آهي. اڳ ۾ فاٽا ۾ ڳوٺن جا چڱا مڙس جن کي ملڪ چئبو آهي، اهي ووٽ ڏيندا هئا.
هن دفعي عام چونڊن تي 93ع جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي خرچ اچي رهيو آهي، هڪ ارب رپين کان وڌيڪ لاڳت سان ٿيندڙ 3 فيبروري 97ع وارين عام چونڊن ۾ پوري ملڪ ۾ 36451 پولنگ اسٽيشنس ۽ 131607 پولنگ بوٿ هوندا. اليڪشن ڪميشن جي 560072 اهلڪارن جي نگراني ۾ اليڪشن ٿيندي. جڏهن ته امن امان قائم رکڻ لاءِ 3 لک کان وڌيڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس جا جوان مقرر ڪيا ويا آهن. فوج ۽ رينجرز کي اليڪشن ڪميشن صرف پيٽرولنگ لاءِ پيٽرول جو خرچ ڏيندي جڏهن ته فوج ٽي اي ڊي اي نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ ۾ 46 قومي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 515 اميدوارن وچ ۾ مقابلو آهي جن ۾ 35 نان مسلم ۽ 714 مسلم اميدوار آهن. جڏهن ته 109 صوبائي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 1359 اميدوار اليڪشن ۾ حصو وٺندا. جن ۾ 105 نان مسلم ۽ 1254 مسلم اميدوار شامل آهن. سنڌ ۾ ڪل ووٽرن جو تعداد 12848135 آهي. جنهن ۾ 12005141 مسلم ووٽر آهن. جن مان 6692385 مرد ۽ 5312756 عورت ووٽر آهن. جڏهن ته غير مسلم مرد ووٽر 466284 ۽ غير مسلم عورت ووٽر 376710 آهن.
پنجاب ۾ 115 قومي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 749 اميدوارن وچ ۾ مقابلو آهي جن مان 35 غير مسلم اميدوار آهن، جڏهن ته 248 صوبائي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 1945 اميدوار حصو وٺن پيا. جن ۾ 73 غير مسلم اميدوار شامل آهن. پنجاب ۾ ڪل ووٽرن جو انگ 32065070 آهي. جن ۾ مسلم مرد ووٽر 16900634، مسلم عورت ووٽر 14513484، غير مسلم مرد ووٽر 353745 ۽ غير مسلم عورت ووٽر 297207 شامل آهن.
سرحد ۾ 26 قومي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 178 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن. جڏهن ته سرحد مان هڪ به غير مسلم اميدوار قومي اسيمبلي لاءِ اليڪشن ۾ حصو نه پيو وٺي. صوبائي اسيمبلي جي 83 سيٽن لاءِ 653 اميدوار آهن جن ۾ 17 غير مسلم اميدوار به شامل آهن. سرحد ۾ ڪل ووٽر 6670235 آهن. جن ۾ مسلم مرد ووٽر 3910107، مسلم عورت ووٽر 2741565، غير مسلم مرد ووٽر 10270 ۽ غير مسلم عورت ووٽر 8293 آهن.
بلوچستان ۾ 11 قومي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 123 اميدوار حصو وٺن پيا جن ۾ 2 غير مسلم اميدوار به شامل آهن. صوبائي اسيمبلي جي 43 سيٽن لاءِ 469 اميدوار آهن جن ۾ 20 غير مسلم اميدوار به شامل آهن. بلوچستان ۾ ڪل ووٽر 3076687 آهي جن ۾ مسلم مرد ووٽر 1672767 آهن جڏهن ته مسلم عورت ووٽر 1376695، غير مسلم مرد ووٽر 14735 ۽ غير مسلم عورت ووٽر 12490 آهن.
اسلام آباد، جيڪو گادي وارو هنڌ آهي اتي هڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ آهي ڪل ووٽر 233910 آهن جن مان مسلم مرد ووٽر 126562، مسلم عورت ووٽر 102089، غير مسلم مرد ووٽر 2947 ۽ غير مسلم عورت ووٽرن جو تعداد 2312 آهي.
سڀاڻي ٿيندڙ چونڊن جي انهن حلقن بابت جائزو وٺون ٿا جن ۾ دلچسپ مقابلو ٿي رهيو آهي ۽ عوام انهن ئي حلقن جو نتيجو سڀني کان اڳ معلوم ڪرڻ چاهيندو.
سرحد صوبي جي قومي اسيمبليءَ جي تڪ نمبر 18 ڊيره اسماعيل خان ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ پشتو فلمن جي مشهور هيروئن مسرت شاهين وچ ۾ مقابلو آهي. پوري ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ دلچسپ مقابلو هن تڪ ۾ آهي. مولانا فضل الرحمان هن حلقي مان ڪامياب ٿيندو آيو آهي پر هن ڀيري مسرت شاهين سندس ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. هتي جي اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن موجب مولانا جي جلسن کان وڏا جلسا مسرت شاهين جا ٿيا آهن. جيڪڏهن مسرت شاهين کٽي وئي ته جمعيت جي مولوين ۽ مولانا فضل الرحمان لاءِ ڏچو ٿي پوندو. خدا سندن لڄ رکندو باقي هن حلقي جو عوام مولانا تي چڙيل گهڻو آهي.
پنجاب صوبي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ 38 راولپنڊي ۾ به دلچسپ مقابلو آهي جيڪو مسلم ليگ جي 40 سالن کان وڌيڪ عمر واري ڪنواري فرزند شيخ رشيد ۽ پيپلزپارٽي جي 40 سالن کان وڌيڪ عمر واري ڪنواري باجي ناهيد خان وچ ۾ آهي. جيتوڻيڪ شيخ رشيد جي پوزيشن تمام بهتر آهي. پر هن دفعي مسلم ليگ جو سابق ايم پي اي باشي خان، ٽڪيٽ نه ملڻ سبب شيخ رشيد جي مقابلي ۾ آزاد اليڪشن وڙهي رهيو آهي. هن حلقي ۾ باشي خان جو به سٺو اثر آهي ۽ هن جا ذاتي ووٽ 15 هزار جي لڳ ڀڳ آهن. راولپنڊي جنهن حلقي مان هر دفعي وڏي اڪثريت سان کٽندڙ شيخ رشيد هن دفعي کٽي ته ويندو پر ووٽن جو فرق ٿورو هوندو. بقول باشي خان ته بلاول جا پوتڙا ڌوئيندڙ ناهيد خان ۽ شيدا ٽلي کي اهڙي شڪست ملندي جو آئينده اليڪشن وڙهڻ کان توبهه ڪندا. مسلم ليگ جو شيخ رشيد ليگي عورتن ۽ نوجوانن جو ڊيئر رهنما آهي. جڏهن ته ناهيد خان پڻ پيپلز يوٿ جي سر ڦرين جي ڊارلنگ، رهنما آهي. ان ڪري مقابلو ڊيئر ۽ ڊارلنگ ۾ آهي.
لاهور جي قومي اسيمبلي جي تڪ 94 ۾ نيلام گهر جي ڪمپيئر طارق عزيز ۽ تحريڪ انصاف جي عمران خان وچ ۾ مقابلو آهي. هن حلقي ۾ نواز شريف به فارم ڀرايو هو پر عمران پاران فارم ڀرائڻ بعد هن طارق عزيز کي اڳيان آندو. زندهه دل لاهورين لاءِ هي ٻئي نوان اميدوار آهن. ٻنهي وچ ۾ مقابلو سخت آهي ٻئي پنهنجي پنهنجي شعبي جا موسٽ فيورٽ رانديگر آهن. ڏسون ته سياسي گيم ۾ ڪنهن جو پلڙو ڀاري ٿئي ٿو. گذريل دفعي ٻوڏ دوران ليگي اميدوار ٻن ڏينهن بعد هن حلقي ۾ آيا هئا جنهن سبب عوام مٿن ڪاوڙيل آهي. جماعت اسلامي سميت ننڍا ننڍا گروپ نواز دشمني سبب عمران کي اوليت ڏئي رهيا آهن. لاهور جي هڪ ٻئي قومي اسيمبلي جي تڪ 95 ۾ عمران خان ۽ نواز شريف ۾ مقابلو آهي. اهو پهريون دفعو آهي جو ملڪ جي ٻن سياسي جماعتن جي سربراهن وچ ۾ مقابلو آهي. هن حلقي ۾ پ پ وارا به نواز دشمني ۾ عمران جي اندروني طور مدد ڪري رهيا آهن. عمران کٽي يا نه کٽي پر پنجاب ۽ سرحد ۾ نواز ليگ کي مٿي ۾ سور ضرور وڌو اٿس.
ڊيره غازي خان جي حلقي 133 ۾ صدر سردار فاروق احمد لغاري جي پٽ اويس لغاري ۽ مسلم ليگ جي سردار امتياز لغاري وچ ۾ مقابلو آهي. هن ئي ضلعي جي هڪ ٻئي تڪ ۾ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ فاروق لغاري جي وڏي پٽ جمال خان لغاري ۽ مسلم ليگ جي سردار ذوالفقار علي کوسي وچ ۾ مقابلو آهي. ذوالفقار کوسو جڏهن ننڍو هو ته سندس ماءُ مري وئي هئي. جنهن بعد هن صدر فاروق لغاري جي ماءُ جي ٿڃ پيتي هئي. ان لحاظ کان هو صدر لغاري جو ڀاءُ ۽ جمال جو چاچو ٿئي پر ان رشتي جي باوجود به جمال لغاري جي پٽيشن تي اليڪشن ٽربيونل کوسي کي نااهل اقرار ڏنو. جنهن کي بعد ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ اهل قرار ڏنو. هن شهر جي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ تڪ تي دلچسپ مقابلو آهي، ڏسجي ته ڪير ٿو کٽي، پر صدر لغاري صدر آهي تنهن ڪري....
قومي اسيمبلي جي تڪ 164، لاڙڪاڻي ۾ به دلچسپ مقابلو آهي. جيڪو بيگم نصرت ڀٽو ۽ غنويٰ ڀٽو ۾ آهي. جيڪو سس ۽ ننهن وچ ۾ مقابلي جو پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ نئون مثال آهي. عوام لاءِ وڏو مسئلو آهي ته هو شهيد جي زال کي چونڊي يا ننهن کي. ڏسون ته عوام ڪهڙو ٿو فيصلو ڪري. جنهن به کٽيو اهو يقينن دلچسپ ۽ حيرت جوڳو هوندو. لاڙڪاڻي شهر جي قومي اسيمبلي جي تڪ 165تي شبير چانڊيو ۽ غنويٰ ڀٽو وچ ۾ ٿيندڙ مقابلو به دلچسپ آهي. هيستائين شايع ٿيل رپورٽن موجب غنويٰ جو زور مٿين حلقي بدران هن حلقي تي آهي. مزيدار ڳالهه اها آهي ته شبير چانڊيو جا ڀائر ۽ پيءُ به سندس خلاف آهن. جيڪڏهن ٻروچ کي مائي ماري وئي ته سندس لاءِ اڳتي ڏکيو ٿي پوندو. گذريل دفعي شبير چانڊيو وٽ جڏهن حلقي جا ووٽر ايندا هئا ته کين آسرا ڏئي ڀڄائيندو هو، جنهن سبب ماڻهو مڙيئي مٿس ڏمريل آهن.
ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي تڪ 184 ۾ پڻ دلچسپ مقابلو آهي. نصير الله بابر پ پ جو، عمران خان تحريڪ انصاف ۽ اعجاز شفيع مسلم ليگ (ن) جو اليڪشن ۾ حصو وٺن پيا. سڀاڻي ٿيندڙ اليڪشن ۾ دلچسپ واقعو اهو به آهي ته پاڪستان جا 3 خاندان اهڙا آهن جن مان وڏو ڀاءُ صوبائي ۽ ننڍو ڀاءُ قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهي رهيو آهي. انهن مان ٻه خاندان سنڌ جا ۽ هڪ پنجاب جو آهي. جن ۾ صدر لغاري جا پٽ ڊيره غازي خان مان حصو وٺي رهيا آهن. جمال لغاري صدر لغاري جو وڏو پٽ آهي. اهو صوبائي اسيمبلي ۽ اويس لغاري قومي جي اليڪشن، حصو وٺي رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ جي ضلعي گهوٽڪيءَ جو ٻيو خاندان مهر سردارن جو آهي. جتي سردار علي انور خان مهر جو وڏو پٽ علي گوهر صوبائي جي پي ايس 3 گهوٽڪي ٿري تي ۽ ننڍو پٽ علي محمد خان قومي اسيمبلي جي تڪ 152 مان اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. ان کانسواءِ ٺٽي جي شيرازين مان پڻ وڏو ڀاءُ سيد اعجاز شاهه شيرازي پي ايس 71 تي صوبائي اسيمبلي ۽ ننڍو ڀاءُ سيد شفقت شاهه شيرازي قومي اسيمبلي جي تڪ 183 مان اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. ٽنهي خاندانن جي اميدوارن ۾ هڪ مطابقت اها آهي ته ٽنهي خاندان جا ننڍا ڀائر جيڪي قومي اليڪشن پيا وڙهن، انهن جون سيٽون سيف آهن. بظاهر ڪا ڏکيائي ناهي پر وڏن ڀائرن بابت خدشو آهي ته اهي هارائي ويندا. ڇو ته جمال لغاري جي مقابلي ۾ سردار ذوالفقار کوسو، علي گوهر جي مقابلي ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ جو اميد علي چاچڙ ۽ اعجاز شاهه شيرازي جي مقابلي ۾ شهيد ڀٽو جو يونس ڀان ۽ فرنٽ جو شير خان لنڊ سگهارا اميدوار آهن. جمال لغاري، علي گوهر مهر ۽ اعجاز شاهه جي هارائڻ جا امڪان گهٽ آهن.
سنڌ ۾ ضلعي دادو جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر 59 تي به دلچسپ مقابلو آهي. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالله شاهه جو مقابلو سنڌ جي گانڌي سائين جي ايم سيد جي پوٽي سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر رهندڙ امداد محمد شاهه جي پٽ ۽ درويش صفت سائين امير حيدر شاهه جي نياڻي، جلال محمود شاهه سان آهي. عبدالله شاهه اقتدار جي مڌ ۾ ايترو ته فيل مست هو جو هن سائين جي ايم سيد کي ڪڏهن عدالت ۾ به پيش نه ٿيڻ ڏنو ۽ قيد ۾ ئي کيس ايذاءَ ۽ اهنج رسائي کيس شهيد ڪري جيڪو پنهنجي دامن تي داغ هنيو هو اهو ڌوئڻ هن لاءِ مشڪل آهي. هيستائين شايع ٿيل تجزين موجب عبدالله شاهه جي پوزيشن خراب آهي. ڇو ته ڪوڙل شاهه ۽ ملڪ اسد سڪندر کانسواءِ شهيد ڀٽو گروپ پڻ سن جي سائين جي پوٽي جي حمايت پيا ڪن. جنهن ڪري سيوهڻ جي سنهڙي سيد عبدالله شاهه جي شڪست ڏسڻ ۾ پئي اچي.
جيئن ته سڀاڻي اليڪشن ٿي رهي آهي ۽ ٻئي ڏينهن صبح تائين ڪيترن ئي اميدوارن جي ڪنڌ ڀر ڪرڻ جا اطلاع اخبارن، ٽي وي ۽ ريڊيو تي عوام کي ملي چڪا هوندا، بهرحال 3 فيبروري 97ع جي اليڪشن ۾ هن دفعي قومي اسيمبلي جو ڪو به اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ڪو نه ٿيو آهي.
(2 فيبروري 1997ع)