ڪالاباغ ڊيم جي نئين راڳڻي!
ڪالاباغ ڊيم، جنهن کي پنجاب کانسواءِ باقي ٽنهي صوبن ۾ عام طور تي ”ڪارو نانگ“ سڏيو ويندو آهي. اهو اڄڪلهه وري جوڳيءَ جي پنڊيءَ مان ٻاهر نڪري آيو آهي ۽ هن ڀيري ان اڳ کان وڌيڪ ڦڻ ڪڍي آهي. ڇاڪاڻ ته هن دفعي ان نانگ کي ٻئي قسم جي جوڳيءَ پنڊي مان ڪڍيو آهي.
تازو اي آر ڊي جي اجلاس ۾ جڏهن ڪالاباغ ڊيم جو ذڪر نڪتو ته نواز ليگ جي تمام سمجهو ۽ ڄاڻو سمجهيو ويندڙ اڳواڻ چوڌري نثار علي خان ڏاڍي مزيدار ڳالهه چئي هئي. چوڌري نثار چيو ته، ”ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ جڏهن به، جنهن به ڪوشش ڪئي ۽ گهڻو زور ڀريو آهي، تڏهن ان حڪمران جا آخري ڏينهن هوندا آهن،“ چوڌري نثار جي ڳالهه واقعي سوچڻ جهڙي آهي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته بينظير حڪومت ۾ آگسٽ 96ع دوران غلام مصطفيٰ کر جڏهن پاڻي ۽ بجليءَ وارو وفاقي وزير هو ان وقت هن ڏاڍي زور شور سان اهو معاملو اٿاريو ۽ نومبر 96ع ۾ پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ختم ٿي وئي. نواز شريف، جنهن وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت (جهڙي ۽ جيئن به) هئي، تنهن به ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ وسان ڪو نه گهٽايو ۽ بقول چوڌري نثار ته هنن جي به حڪومت هلي وئي. نواز شريف جنهن کي پنجابي قومپرست ليڊر به سڏيو ويندو هو، اهو قومپرست پنجابي ليڊر ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت هجڻ جي باوجود هٿ کڻي ويو.
جنرل مشرف شروع کان وٺي هڪڙي ڳالهه تمام سٺي ڪندو رهيو آهي ته پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ هم آهنگي قائم رهي ۽ مضبوط وفاق لاءِ ضروري آهي ته صوبن سان انصاف ٿئي. گذريل 3 ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنسز جي سرڪاري طور جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، ”پاڪستان جي اندروني سلامتيءَ کي خطرو آهي.“ جيڪڏهن واقعي به ايئن آهي. ملڪ جي اندروني سلامتيءَ جي نازڪ صورتحال آهي ۽ وفاق کي به مضبوط بڻائڻو آهي. صوبن ۾ به هم آهنگي پيدا ڪرڻي آهي ته پوءِ ڇا اها عقلمندي آهي ته اهڙي دفن ٿيل انتهائي تڪراري معاملي کي ڇيڙي قومي مفاد جي نالي ۾ هڪ صوبي جي خواهش پوري ڪندي، اهو ڊيم ٺاهيو وڃي؟
چئن صوبن جي هن وفاق ۾ پنجاب کانسواءِ باقي ٽنهي صوبن جون صوبائي اسيمبليون اتفاق راءِ سان ڪالاباغ ڊيم خلاف سخت ٺهراءُ پاس ڪري چڪيون آهن. سنڌ ۽ سرحد اسيمبلي ته هڪ کان وڌيڪ ڀيرا اهڙا ٺهراءُ پاس ڪيا آهن. جڏهن 3 حصا ملڪ ان جي مخالفت ڪري ته ڇا پوءِ به اها رٿا ملڪ ۽ قومي مفاد لاءِ بهتر ٿي سگهي ٿي؟ جڏهن هڪ پاسي صوبن ۾ هم آهنگيءَ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ڇا اها دانائي هوندي ته اهڙي تڪراري رٿا بابت ٽن صوبن جي چونڊيل اسيمبلين جي راءِ کي زور ۽ زبردستيءَ سان تبديل ڪرايو وڃي؟ ڇا ان سان اندروني سلامتيءَ کي خطرو وڌندو يا گهٽ ٿيندو؟
ڪالاباغ فني لحاظ کان ٽنهي صوبن لاءِ خطرناڪ ڪيئن آهي. ان بابت ته فني ماهر ئي ٻڌائي سگهن ٿا پر مان رڳو ايترو چوندس ته ”ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ ملڪ لاءِ ضروري آهي“ واري ڳالهه جڏهن کان شروع ٿي آهي، ان وقت بجلي پيدا ڪرڻ جو عذر پيش ڪيو ويو، جڏهن ته بجلي وافر مقدار ۾ دستياب ٿي ۽ بقول وفاقي حڪومت پاران قومي اسيمبليءَ ۾ لکت ۾ پيش ڪيل معلومات موجب ته، ملڪ ۾ بجلي گهرج جيتري آهي. جڏهن بجليءَ وارو عذر ختم ٿيو ته پوءِ چيائون، ”آبپاشيءَ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته ڊيم ٺهي“ 15 سالن کان جڏهن ڪالاباغ ڊيم جا حامي بجليءَ جو جواز ڏئي رهيا هئا ته ان وقت به سنڌ وارن چيو ته بجليءَ جو مقصد نه پر هي اصل سوال آبپاشيءَ جو آهي. هاڻي جڏهن اها نيت پڌري ٿي آهي. تڏهن چون ٿا ته اهو ڊيم بجليءَ سان گڏوگڏ زرعي مقصد لاءِ آهي. ڪالاباغ ڊيم لاءِ ضياءَ الحق به ڪوشش ڪئي ۽ 1980ع کان پوءِ جون اخبارون کڻي ڏسجي ته اڄ کان 20-24 سال اڳ جڏهن به ڪالاباغ ڊيم ڪر کنيو آهي، ته ماهرن چيو پئي ته 10-15 سال اڳ ڊيم نه ٺهيو ته پاڪستان ۾ خوراڪ جا وسيلا، 50 سيڪڙو گهٽ هوندا ۽ ماڻهو ماڻهوءَ کي مانيءَ لاءِ ماريندو، پر انهن ماهرن ڏٺو ته ڊيم نه ٺهڻ جي باوجود به انهن جي 10-15 سالن جي مدت بعد پاڪستان تاريخ ۾ ڪڻڪ، ميوا، ڀاڄيون ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ بڻيو. هاڻي ساڳيو ورجاءُ وري آهي ته ايندڙ 10-15 سالن ۾ ڊيم نه ٺهيو ته ملڪ ۾ بک ۽ بدحالي ٿيندي.
حڪمرانن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته قومي اتفاق راءِ زور زبردستيءَ سان نه ٿيندي آهي، ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو ٽن صوبائي اسيمبلين مان رد ٿيڻ بعد ته ٻيهر ٿيڻ ئي نه گهرجي، اهو مسئلو اٿارڻ ٽنهي صوبن جي راءِ جي توهين آهي. ڪالاباغ ڊيم بابت اتفاق راءِ ته اڳ ۾ ئي موجود آهي ته اهو نه ٺهي، ان اتفاق راءِ کي ”نفاق راءِ“ ۾ ڇو ٿو تبديل ڪيو وڃي؟ جنرل صاحب ڪالاباغ ڊيم تي اتفاق راءِ لاءِ هاڻي قومي سلامتي ڪائونسل ۾ معاملو پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ جنرل مشرف سميت 6 حاضر سروس جرنل ميمبر آهن ۽ باقي 7 سويلين آهن، جن مان مخالف ڌر جي ليڊر کانسواءِ باقي سڀ يعني ڇهه ئي جنرل جا حمايتي آهن. حڪمران ڀلي قومي سلامتي ڪائونسل يا گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اتفاق راءِ ڪرائين پر عوام ۽ صوبن ۾ اتفاق راءِ ڪڏهن به نه ٿيندو. عوام ۽ صوبن اڪثريت راءِ سان فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم وفاق لاءِ خطرناڪ آهي، جيڪڏهن اڃا به ان کي ملڪ لاءِ بهتر قرار ڏنو ويو ته پوءِ ٽنهي صوبن جا ماڻهو اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب هوندا ته حڪمران صرف ۽ صرف هڪ صوبي جي مفاد لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. جنرل مشرف ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪئنال تي اتفاق راءِ حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ پهتل آهي. سندس مقصد اهو آهي ته ڪنهن به ريت انهن ٻنهي رٿائن بابت رضامندي حاصل ڪجي. جنرل مشرف پنهنجي حڪومت جي وفاقي وزير آفتاب شير پائو کان ان رٿا جي واضح رضامندي ڪيئن حاصل ڪندو. جنهن سرحد اسيمبليءَ مان ان ڊيم خلاف رٿ منظور ڪرائي هئي.
جنرل صاحب چوي ٿو ته هاڻي ٽيليميٽري سسٽم هر بئراج ۽ هيڊ ورڪس تي لڳي ويو آهي. ڪنهن به صوبي جو هڪ انچ پاڻي هيڏانهن هوڏانهن نه ٿيندو. اها زحمت ڪري معلوم ته ڪيو وڃي ته گذريل 6 مهينن کان ٽيليميٽري سسٽم جا ڪمپيوٽرائيزڊ نتيجا ڇا آهن؟ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان لڳايل ان سسٽم جي غلط معلومات فراهم ڪرڻ سبب ارسا وارا چارج نٿا وٺن. واپڊا جا انجنيئر تنگ آهن ته اهو ٺيڪ ڪيئن ٿئي؟ جيڪو نظام لڳڻ سان اهي حال آهن ان جي آڌار تي حڪمران ڪيئن اها دعويٰ ڪن ٿا ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ گهرجي. کڻي اهو سسٽم سڀاڻي ٺيڪ به ٿئي پر ان جو ڊيم سان ڪهڙو واسطو آهي؟
مون کي ته لڳي ٿو ته گريٽر ٿل ڪينال تي جيڪا مخالفت هئي ان تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هي شو شو ڇڏيو ويو آهي. هن وقت ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو اٿاري ماڻهن جو ڌيان اوڏانهن ڪيو ويندو ۽ آخر ۾ چوندا ته ڀلا ڇڏيو ڪالاباغ کي، ٿل ڪئنال ئي ٺاهڻ ڏيو. ٻيو اهو ته جنرل صاحب جي ڪوشش آهي ته ڪالاباغ ڊيم بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيري اوور ڊيم طور ٺاهڻ لاءِ رضامندي حاصل ڪئي وڃي. ڪيري اوور ڊيم اهو هوندو آهي جتان ڪو به واهه وغيره نه ڪڍيو ويندو آهي، رڳو بجلي پيدا ڪئي ويندي آهي، سنڌ جي ماهرن ۽ دانشورن کي اهو ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ڪيري اوور ڊيم لاءِ جيڪڏهن هو راضي ٿيا ته سڀاڻي ان جي گارنٽي ڪير ڏيندو ته ان مان واهه نه ڪڍيا ويندا.
چشما- جهلم لنڪ ڪينال ٺهڻ وقت چيائون پئي ته هي موسمي واهه هوندو پر هاڻي سڄو سال هي واهه ڏينهن رات هلي ٿو. چشما- جهلم لنڪ تي هيڊ ورڪس 20 سال اڳ ٺاهيو ويو ۽ هاڻي گريٽر ٿل ڪئنال ان ئي هيڊ ورڪس مان ڪڍيو پيو وڃي. ڇا اها نيڪ نيتي آهي؟ پنجاب ۽ سنڌ جي وچ ۾ پاڻيءَ جي سوال تي 150 سال جي بي اعتمادي ۽ عدم اطمينان جي تاريخ آهي. ان ڪري ڪيري اوور ڊيم تي رضامندي پڻ تمام وڏي غلطي هوندي. هن صورتحال ۾ جڏهن جنرل صاحب ڪالاباغ ڊيم تي اتفاق راءِ لاءِ آيل آهي.ان صورتحال ۾ سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙڻ جي دعويدار متحده قومي موومينٽ لاءِ پڻ امتحان جي گهڙي آهي ته اها ان معاملي بابت ڪهڙو موقف اختيار ٿي ڪري. متحده جي ڪالاباغ ڊيم ۽ ٿل ڪئنال بابت اختيار ڪيل موقف جي تناظر ۾ قوم پرست ڌرين کي به سوچڻو پوندو.
(25 آگسٽ 2003ع)