سپريم ڪورٽ جو فيصلو ۽ پيرزادي جو
هوائن ۾ ڦرندڙ جهاز
سپريم ڪورٽ جي 10 ججن اتفاق راءِ سان 12 ڏينهن جي سماعت بعد 2 نمبر عدالت ۾ چيف جسٽس سجاد علي شاهه کي هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي 10 ججن جو فيصلو توقعات جي ابتڙ ته بنهه ڪو نه هو، پر اتفاق راءِ سان فيصلو اچڻ ٿورو توقع جي ابتڙ ٿي ويو. جهڙي طرح لغاري جي استعيفيٰ کان اڳ واري بحران بابت پاڪستان ته ٺهيو پر دنيا جي صحافين جا تجزيا غلط ۽ ابتا نڪتا اهڙي طرح اتفاق راءِ سان فيصلو اچڻ بعد صحافين جون اهي اڳڪٿيون درست ثابت نه ٿيون جن ۾ هنن دعويٰ ڪئي هئي ته هڪ ٻه جج چيف جسٽس طور جسٽس سجاد علي شاهه کي هٽائڻ واري فيصلي سان اتفاق نه ڪندا.
ڪالهوڪو اڱاري وارو ڏينهن جسٽس سجاد علي شاهه سميت ڪيترن ئي لاءِ منحوس هوندو، پر ان سان گڏوگڏ تاريخي به هوندو، ڇو ته ان ڏينهن سپريم ڪورٽ جي 10 ججن پنهنجي ئي سربراهه جي مقرري کي 3 سالن بعد غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو ۽ Majority is Authority (اڪثريت اختياري آهي) وارو نئون اصول به قائم ڪيو آهي. جيتوڻيڪ حفيظ پيرزادو جيڪو چيف جسٽس جو وڪيل هو، تنهن جي 8 ڏينهن وارن لڳاتار دليلن جي سماعت ڪندڙ بينچ جي سمورن ججن ساراهه ڪئي هئي، پر پوءِ به حفيظ ڪيس کٽي نه سگهيو. ڪالهوڪي ڪارروائي دوران حفيظ پيرزادو کي ئي دليل ڏيڻا هئا، پر هو پهچي نه سگهيو. هو صبح جو اسلام آباد لاءِ روانو ٿيو، پر جنهن جهاز ۾ هو سوار هو، اهو گادي واري شهر جي هوائي اڏي تي ڪوهيڙي سبب ڇانيل ڌنڌ ڪري لينڊ نه ڪري سگهيو. عدالت 9:30 بدران 9:50 تي لڳائي وئي جو کين احمد رضا قصوري ٻڌايو ته حفيظ اچڻ وارو آهي، سندس جهاز ڌنڌ سبب لهي نه سگهيو، اوهان ڪارروائي ملتوي ڪريو ۽ انتظار ڪريو ته بهتر ٿيندو. ان بعد جسٽس سعيد الزمان صديقي چيو ته ٺيڪ آهي عدالت 11:30 وڳي لڳائينداسين. ان بعد وقفو ٿيو ۽ سڀ بار روم ۾ آيا. وري عدالت پوڻي ٻارهين بعد شروع ٿي ته به قصوري عدالت کي ٻڌايو ته ڌنڌ سبب جهاز آيو هو، پر لهي نه سگهيو ۽ هاڻي 12 وڳي جهاز لهڻ وارو آهي. ان تي جسٽس سعيد الزمان چيو ته sorry we can’t
Wait (افسوس آهي، اسين وڌيڪ انتظار نٿا ڪري سگهون). ان بعد عدالت قصوري کي چيو ته اوهين به چيف جسٽس جي پينل ۾ آهيو ۽ اوهين ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا ته اچو، ڇو ته اوهين به سينيئر وڪيل آهيو. جيتوڻيڪ ساڳي عدالت حفيظ جي دليلن بعد خميس ڏينهن قصوري کي ٻڌڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو هو ته هن کي اڳ ۾ ٻڌي چڪا آهن. هي قانوني معاملو آهي، هاڻي حفيظ جي دليلن بعد هو ڇا ڳالهائيندو، پر بعد ۾ جڏهن جمع تي قصوري چيف جسٽس سجاد شاهه کان ججن جي نالي خط وٺي آيو هو ته هن کي به ٻڌو وڃي ته عدالت هن کي ٻڌو هو. قصوري جنهن کي صحافي ٿامس جيفرسن سڏيندا آهن. ڇو ته هو به لفظ Upon کي ”هفان“ پڙهندو آهي ۽ اهڙي طرح انگريزي ڳالهائيندو آهي جيئن ڪراڙا انگريزي ڳالهائيندا آهن. قصوري جنهن کي اڳ ۾ ساڳيا جج ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئا، تن هن کي جڏهن سينيئر وڪيل سڏيو ته هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڪجهه ڪتاب کڻي روسٽرم تي آيو ۽ ججز ڪيس ۾ ڏنل فيصلو پڙهيو ۽ چيو ته هن فيصلي موجب ”مستقبل ۾ سينيئر جج کي چيف جسٽس بنائڻ لازمي آهي. موجوده چيف جسٽس کي هٽائي نٿو سگهجي.“ هن لفظ مستقبل تي ڏاڍو زور ڏنو جڏهن 4 دفعا ورجايائين ته جسٽس سعيد الزمان پڇيس ته مستقبل کان لاڳو ڪرڻ وارو تنهنجو دليل حفيظ پيرزادو جي دليلن جي ابتڙ آهي. ڇا اهو دليل تون پنهنجي موڪل چيف جسٽس جي صلاح سان ٿو ڏين، تو هن کان پڇيو آهي يا پنهنجي طرفان ٿو ڏين ته قصوري منجهي پيو ۽ ماٺ رهڻ بعد چيائين ته مان پنهنجي طرفان ٿو ڏيان. هڪ موقعي تي هن جسٽس ارشاد حسن خان کي چيو ته سائين پاڻ ته هڪ ئي ڪاليج ۾ پڙهيا آهيون ۽ هم ڪلاسي آهيون. ان تي جسٽس ارشاد چيس ته پوءِ؟ ان تي عدالت ۾ زوردار ٽهڪڙو پئجي ويو. جج ۽ وڪيل، وزيٽر ۽ صحافي سڀ کلڻ لڳا. ان کان اڳ جڏهن پهريون دفعو جسٽس سعيد الزمان حفيظ جي انتظار ۾ ڪارروائي ملتوي ڪئي ته جسٽس فضل الاهي خان ٻن ٻين ڪيسن جو فيصلو ٻڌائڻ پئي چاهيو. جسٽس سعيد الزمان ڪرسي ڇڏي در وٽ پهتو ته پويان جسٽس ارشاد سڏ ڪيس ”ڀائي ڪيا جلدي هي“ جسٽس فضل الاهي خان پٺاڻڪي اسٽائيل ۾ چيو ته هو ڀلي وڃي، پر جسٽس سعيد الزمان مسڪرائيندي موٽي آيو ۽ جسٽس فضل الاهي خان جي ڪرسي تي هٿ رکي بيٺو رهيو جيئن ته عدالتي روايتن موجب جڏهن ڪارروائي شروع ٿيندي آهي ته سڀني کان اڳ ۾ جونيئر ۽ آخر ۾ سينيئر جج عدالت ۾ ايندو آهي ۽ ڪارروائي ختم ٿيڻ بعد اڳ ۾ سينيئر جج ويندو آهي ۽ آخر ۾ سڀني کان جونيئر ويندو آهي پر نه صرف ڪالهه ججن جي اچڻ بعد اها ترتيب پوري نه هئي، پر وڃڻ وقت به سينيارٽي موجب اها ترتيب نه هئي ۽ اڳتي پوئتي هئي. عدالت ۾ رش ته هئي پر ايتري ڪو نه هئي جيتري حفيظ جي دليلن واري پهرئين ڏينهن تي هئي. اهو به پهريون دفعو هو ته عدالت ڪنهن وڪيل لاءِ ايترو انتظار ڪيو هجي ۽ ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي هجي. اڪثر ڪري وڪيل نه اچڻ جي صورت ۾ يا ته ڪيس جي ڪارروائي ملتوي ڪئي ويندي آهي يا ان وڪيل جي ٻئي ساٿي وڪيل کي ٻڌو ويندو آهي. چيف جسٽس جو دفاع ڪندڙ پينل ۾ 4 وڪيل شامل هئا. جن جو سربراهه حفيظ پيرزادو هو ۽ سندس استاد غلام حسين عباسي ان پينل ۾ حفيظ جي مدد لاءِ آيو هو ٽيون احمد رضا قصوري ۽ چوٿون نعيم بخاري (ٽي وي ڪمپيئر) هو. نعيم بخاري جو نالو ته اچي ويو، پر هن دليل نه ڏنا، 3 ڏينهن اڳ ۾ ڪارروائي مان غائب رهيو ۽ ڪالهه فيصلي واري ڏينهن به هو نه آيو جنهن تي صحافي اهو معلوم ڪري رهيا هئا ته هو آيو ڪيئن؟ ۽ جيڪڏهن آيو ته دلچسپي ڇو نه ورتائين ۽ دليل ڇو نه ڏنائين. بهرحال ان جو هڪدم جواب ته نه ملي سگهيو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ صورتحال واضح ٿيندي پر جيڪڏهن هن کي ٽي وي تي ڏسبو ته پڪ سمجهبو ته معاملو ڇا هو ۽ ڪيئن نبريو!
10 رڪني بينچ ۾ جسٽس سعيد الزمان صديقي، جسٽس فضل الاهي خان، جسٽس ارشاد حسن خان، جسٽس راجا افراسياب خان، جسٽس ناصر اسلم زاهد، جسٽس منور مرزا، جسٽس اعجاز نثار شيخ، جسٽس خليل الرحمان، جسٽس رياض شيخ ۽ جسٽس عبدالرحمان خان شامل هئا. جن مان هڪ جج به اختلاف نه ڪيو. سمورن ججن اتفاق راءِ سان چيف جسٽس طور سجاد علي شاهه جي مقرري کي غير قانوني ۽ غيرآئيني قرار ڏيندي 26 نومبر بعد سندس جاري ٿيل هر حڪم کي غيرقانوني ۽ غير موثر قرار ڏنو آهي. 3 سال سندس سربراهيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ججن ۾ جسٽس سعيد الزمان، جسٽس ارشاد ۽ جسٽس فضل الاهي خان ۽ جسٽس راجا افراسياب شامل آهن. باقي جج بعد ۾ آيا هئا. 3 سال سندس هدايتون مڃيندڙ انهن ججن کان سواءِ باقي جج جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ هئا تڏهن ۽ جڏهن هاءِ ڪورٽن ۾ هئا تڏهن به هو سندس هدايتون مڃيندا رهيا.
ڪالهوڪو چيف جسٽس طور سجاد علي شاهه کي هٽائڻ وارو حڪم 20 مارچ 96ع تي ڏنل ججز ڪيس جي فيصلي جي بنياد تي ڏنو ويو آهي ۽ ججز ڪيس جو پهريون فائدو جسٽس ناصر اسلم زاهد کي ٿيو هو جنهن کي ان فيصلي جي روشني ۾ ئي شريعت ڪورٽ مان سپريم ڪورٽ ۾ گهرايو ويو هو ۽ هيستائين آخري شڪار ان فيصلي جو خالق چيف جسٽس سجاد علي شاهه پاڻ بڻيو آهي.
چيف جسٽس جو دفاع ڪندڙ وڪيلن ۾ ٽي قانوندان جن دليل ڏنا تمام سينيئر آهن. جن مان به حفيظ پيرزادو ۽ احمد رضا قصوري اهڙا هئا جن 73ع وارو آئين ٺاهيو. آئين ٺاهيندڙ ٻئي ڏاها به پنهنجي لکيل آئين جي وضاحت واضح نموني ڪرڻ بعد به عدالت کي قائل نه ڪري سگهيا ۽ سندن لکيل آئين جي تشريح (خاص ڪري آرٽيڪل 177۽180جي) تي عدالتي موقف ۽ انهن آئين جي خالقن جي موقف ۾ اختلاف راءِ هو. حفيظ پيرزادو ۽ قصوري جو موقف هو ته چيف جسٽس آرٽيڪل 177 هيٺ صدر مقرر ڪندو آهي ۽ صدر ڪنهن به سپريم ڪورٽ جي جج کي چيف جسٽس بڻائي سگهي ٿو. پر مستقل چيف جسٽس جي غير موجودگي ۾ 180 آرٽيڪل موجب قائم مقام چيف جسٽس مقرر ٿيندو آهي ۽ ان لاءِ آئين ۾ لکيل آهي ته سينيئر ترين جج ئي قائم مقام چيف جسٽس ٿيندو. هنن جو موقف هو ته 73ع ۾ آئين ٺاهڻ وقت هنن ڄاڻي واڻي قائم مقام چيف جسٽس جي مقرري لاءِ ”سينيئر ترين“ وارو لفظ نه لکيو ۽ اهو صدر کي صوابديدي اختيار ڏنو. تنهن ڪري آئين موجب سجاد علي شاهه جي مقرري درست آهي. جڏهن ته عدالت جو اعتراض اهو هو ته آئين جي تشريح جي ڊيوٽي عدليا جي آهي. عدليا اهو سمجهي ٿي ته جيڪڏهن قائم مقام چيف جسٽس جو سينيئر ترين هئڻ ضروري آهي ته پوءِ مستقل چيف جسٽس جو به سينيئر ترين هئڻ ضروري آهي. آئين ۾ لکيل هجي يا نه، پر اصول ساڳيو هوندو. بهرحال اهو بحث ڪالهوڪي فيصلي بعد ختم ٿيو. حڪومت پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وئي. پر ان کان به وڌيڪ ڪاميابي شريف الدين پيرزادو کي ملي جنهن ملڪ اسد سميت چيف جسٽس خلاف ٻين جون پٽيشنز تيار ڪيون ۽ هٽائڻ جي اها واٽ حڪومت کي ٻڌائي. جهڙي طرح نواز شريف اڄڪلهه ناقابل شڪست آهي، اهڙي طرح شريف الدين پيرزاادو ڀٽو ڪيس کان وٺي اڄ تائين ناقابل شڪست رهيو آهي. ٻن مهينن کان خصوصي جهاز استعمال ڪندڙ شريف الدين پيرزادو جيڪو چيف جسٽس (هٽايل) سجاد علي شاهه جو ذاتي دوست به آهي، ان جي ساڻس اڻبت 14هين ترميم کي معطل ڪرڻ واري معاملي بعد شروع ٿي. شريف الدين ته منڍ کان هر قسم جو ڪيس کٽڻ تي هريل آهي، تنهن ڪري جڏهن 14 هين ترميم کي نوابزاده نصر الله پاران چئلينج ڪرڻ واري پٽيشن ۾ حڪومت جو دفاع ڪرڻ لاءِ شريف الدين پيرزادو آيو ته هو ڪامياب نه ٿيو. اڃا ته مڪمل سماعت بعد ۾ ٿيندي پر عبوري حڪم تي به هو ناراض ٿيو.
ڪالهه عدالت جڏهن چيف جسٽس طور سجاد علي شاهه کي هٽائي جسٽس اجمل ميان کي مستقل چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته سندن فيصلي اچڻ بعد وفاقي حڪومت هڪدم ان تي عمل ڪندي جسٽس سجاد علي شاهه کي هٽائڻ ۽ جسٽس اجمل ميان کي چيف جسٽس (مستقل) بنائڻ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا ۽ جسٽس اجمل ميان مستقل چيف جسٽس طور حلف به کڻي ڇڏيو. اهو سمورو ڪم هڪ ئي ڏينهن بلڪه ستن ڪلاڪن ۾ ٿيو آهي. ملڪ جي اعليٰ عدالت جي حڪم تي وفاقي حڪومت پنجن ڪلاڪن اندر ساڳئي ڏينهن تيزي سان عملدرآمد ڪري جيڪا نئين روايت قائم ڪئي آهي، اها بهتر آهي ڇو ته عدالت جي هر فيصلي تي عمل حڪومت کي هڪدم ڪرڻ کپي، پر ڇا سڀاڻي اها روايت ڪٿي حڪومت جي ڳچيءَ ۾ ته نه پوندي؟ ڇا حڪومت سنڌ هاءِڪورٽ ۽ ان بعد سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب آصف زرداري کي حلف کڻائي صدارتي چونڊ ۾ ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ به اوتري تيزي سان عمل ڪندي، ڇو ته آصف کي جلد حلف کڻائڻ جو حڪم به ساڳي سپريم ڪورٽ ساڳئي ڏينهن ڏنو آهي. جنهن ڏينهن عدالت جسٽس سجاد علي شاهه کي چيف جسٽس طور هٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي. بلڪه آصف وارو حڪم ته ساڳي عدالت جي چيف جسٽس اجمل ميان، جسٽس سجاد علي شاهه واري فيصلي کان به ٽي ڪلاڪ اڳ ڏنو آهي.
آصف زرداري کي حلف کڻائڻ لاءِ ڏنل سنڌ هاءِ ڪورٽ واري حڪم کي حڪومت اڳ ۾ چئلينج نه ڪيو، پر چيف جسٽس طور سجاد علي شاهه کي هٽائڻ وارو فيصلو اچڻ واري ڏينهن کان صرف چند ڪلاڪ اڳ يعني 22 ڊسمبر تي شام جو ڪيو. 22 ڊسمبر تي شام جو حڪومت اوچتو آصف واري ڪيس کي چئلينج ڪرڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪئي ۽ اسٽي آرڊر وٺڻ لاءِ درخواست ڏني. اها پٽيشن شام جو ئي رجسٽر ٿي وئي ۽ شام جو ئي اضافي ڪاز لسٽ جاري ٿي وئي ۽ 23 ڊسمبر تي سماعت لاءِ منظور به ٿي وئي ۽ ڪلاڪ جي سماعت بعد اها رد ٿي وئي فيصلو حڪومت جي خلاف ۽ آصف جي حق ۾ اچي ويو. ايتري ترت ان پٽيشن جي ڪارروائي مان ته لڳي ٿو ته اهو عمل حڪومت ڄاڻي واڻي ان ڪري ڪيو جيئن چيف جسٽس سجاد علي شاهه کي هٽائڻ واري فيصلي واري ڏينهن سندن خلاف ڪنهن ڪيس ۾ فيصلو اچي. جيئن حڪومت چئي سگهي ته انصاف انصاف ٿيندو آهي ۽ ڏسو حڪومت خلاف به فيصلو آيو آهي. ٻيو اهو ته ساڳئي ڏينهن فيصلو اچڻ سان پيپلزپارٽي سميت حڪومت جي مخالفن کي چيف جسٽس طور سجاد علي شاهه کي هٽائڻ واري فيصلي تي ڪو تبصرو ڪرڻ کان به ٻنجو اچي ويو.سيد مشاهد حسين جي اها ڪمپيوٽر دماغ جهڙي ڪارروائي يقينن حڪومت کي اڄوڪي سيزن ۾ ڏاڍو فائدو ڏيندي. ايترو فائدو کين ٿيندو جيترو حڪومت سوچيو به نه هوندو. بهرحال هڪ چيف جسٽس کي ۽ جج کي هٽائڻ لاءِ اڳ ۾ آئين ۾ جيڪو هڪ طريقو هو، اهو هاڻي هڪ نه رهيو آهي، پر ان آئيني طريقي سان گڏ ڪنهن به جج کي هٽائڻ جو ٻيو طريقو به تخليق ٿي ويو آهي ۽ اها رسم ڏسون ته مستقبل ۾ ڪنهن جي مٿان ٿي ”فضل“ ڪري.
(24 ڊسمبر 1998ع)