اقتداري گيم جي آخري مرحلي ۾ پ پ جو ڪردار
گذريل هڪ هفتي کان حڪومت ٺاهڻ لاءِ هلندڙ جوڙتوڙ وارين ڪوششن بعد ڪالهه تائين اها صورتحال هئي ته پ پ جو پتو ڪٽجي رهيو هو، جڏهن ته مسلم ليگ (ق) جي حڪومت ٺاهڻ لاءِ راهه هموار ٿي رهي هئي. متحده مجلس عمل ۽ ٻين سان مخدوم امين فهيم جيڪي به ملاقاتون ڪيون انهن جو ڪو کڙتيل نه نڪتو. اقتدار جي سيج ماڻڻ لاءِ مخدوم امين فهيم جي مسلم ليگ (ق) سان رابطن ۽ شجاعت سان ملاقات واري عمل هڪ پاسي پ پ ڪارڪنن جي دل رنجائي ته ٻئي پاسي پارٽي قيادت ۾ به سخت اختلاف پيدا ڪيا. رضا رباني، صفدر عباسي، ناهيد خان ۽ خورشيد شاهه سميت اڪثر پ پ اڳواڻ قائد ليگ سان رابطن ۽ ملاقات جي حق ۾ ناهن. ڪالهه تائين انهن کي ڪنگز پارٽي سڏيندڙ، ڌانڌليءَ جي پيداوار قرار ڏيندڙ ۽ جنرل مشرف جي بي ٽيم جو خطاب ڏيندڙ پ پ جيڪا شجاعت کي چور ۽ ڊيفالٽر قرار ڏئي رهي هئي ان چوڌريءَ جي گهر وڃي جڏهن مخدوم امين فهيم ملاقات ڪئي ته پ پ وارن وٽ اصولي سياست جي حوالي سان باقي ڇا رهيو!! ماڻهو سوال ڪن ٿا ته سياست کي عبادت سڏيندڙ اقتدار لاءِ ايترا آتا ڇو آهن. ڇا جمهوريت ۽ سياست نالو ئي اقتدار جو آهي؟ اهي اهڙا سوال آهن، جيڪي عام ماڻهن توڙي پ پ ورڪرز اٿاري رهيا آهن. پ پ جا اندريان ۽ ان کان ٻاهر جا ڪيترائي حلقا اهو سوال به پڇن ٿا ته مخدوم صاحب هونئن ته ٿڌي مزاج جو سلڇڻو ماڻهو آهي پر ڇو پنهنجي پاڻ کي اقتداري راند جي 5 ڏينهن واري ٽيسٽ ميچ ۾ پڌرو ڪري ڇڏيائين؟ سندس همدردن توڙي معتقدن کي به افسوس ٿي رهيو آهي ته آخر مخدوم صاحب ڇا پيو ڪري!
سياستدانن جي اهڙن روين ئي سياست جي معنيٰ ۾ اڻ وڻندڙ محاورا ايجاد ڪرايا آهن. شاباش هجي ملڪ کان ٻاهر ويٺل بينظير ڀٽو کي، جنهن وري به وقت تي ڪارائتو پتو کيڏي گيم کي فورن بچائي ورتو ۽ مخدوم امين جي ڪوششن سان پ پ جو ڪٽيل پتو وري ساهه کڻڻ لڳو. بي بي مخدوم معرفت متحده مجلس عمل جي اجلاس کان هڪ رات اڳ جڏهن فضل الرحمان کي نياپو موڪليو ته اوهان پاڻ کي متحده مجلس عمل پاران وزيراعظم نامزد ڪرايو، پ پ اوهان جي حمايت لاءِ تيار آهي. ان کان اڳ چوڌري شجاعت متحده مجلس عمل وارن سان معاملا فٽ ڪري ڇڏيا هئا، پر بينظير جي ان پتي چوڌرين جي گيم خراب ڪري ڇڏي ۽ متحده وارن به وزيراعظم ٿيڻ جا ڏينهن ۾ خواب ڏسڻ شروع ڪيا. مخدوم صاحب شايد ايترو سادو آهي جو هن کي تڏهن به خبر نه پئي ته جڏهن بي بي فضل الرحمان جي حمايت جو کيس ئي نياپو ڏنو آهي ته به هو ٻئي ڏينهن شجاعت سان ملڻ ويو.
اسلام آباد ۾ 16 آڪٽوبر تائين جي رابطن ۽ ملاقاتن بعد جيتوڻيڪ صورتحال چٽي ته نه هئي پر ڌانڌلي جي صورتحال ۾ به مسلم ليگ (ق) جي حڪومت ٺاهڻ بابت اشارا نظر اچي رهيا هئا. اهڙي ماحول ۾ پ پ کي وري گيم ۾ داخل ڪرڻ لاءِ ٻيهر بينظير ڀٽو نوابزاده نصرالله معرفت قاضي حسين احمد کي نياپو ڪرايو ۽ هڪ دفعو ٻيهر پاسو وري پ پ جي حق ۾ پلٽجي ويو. ڪالهه 17 آڪٽوبر تي صبح جو روميو جيولٽ جا سگار پيئندي نوابزاده نصرالله هلي وڃي قاضي حسين احمد سان ملاقات ڪري اهڙي ڳالهه ڪئي.جنهن بعد قاضي حسين احمد خوش ٿي هڪدم هلچل ۾ اچي ويو. فضل الرحمان ۽ مولانا نورانيءَ سان ملاقاتون ڪري وري شام جو قاضي حسين احمد نوابزادي جي گهر پهچي ويو ۽ ساڻس احوال اوريا آهن. نوابزادو جنهن چونڊن ۾ ايترو خرچ ڪيو، پ پ وارن سندس سامهون اميدوار به نه بيهاريو ته به چونڊون هارائي ويو ۽ لڳي ٿو ته خرچ به کٽي ويو اٿس ۽ شايد ان ڪري بل ادا نه ڪرڻ سبب سندس اسلام آباد واري گهر جو فون به ڪٽيل آهي. بل نٿو ڀري، باقي سگار اڃا به اعليٰ ترين نسل ”روميو جيوليٽ“ کان گهٽ نٿو پيئي. سڀاڻي حڪومت پ پ ۽ متحده مجلس عمل جي ٺهي نه ٺهي پر 16 تاريخ تائين گيم کان آئوٽ ٿيل پ پ کي نوابزادي نصرالله وري اکاڙي ۾ آڻي ڇڏيو آهي. بظاهر ته ايئن ٿو لڳي ته پ پ ۽ متحده مجلس عمل جي گڏيل حڪومت جنرل مشرف کي ڪنهن به قيمت تي قبول نه هوندي ۽ اها صورتحال از خود چونڊ نتيجا رد ڪرڻ واري اعلانن جي گناهه کي دعوت ڏيڻ برابر هوندي، پر پوءِ به نوابزادو ان لاءِ سرگرم آهي. مرڪز ۽ سنڌ ۾ پ پ ۽ متحده مجلس سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ وارو خوبصورت خيال پيش ڪندڙ نوابزادو نصرالله جيڪو جوڙ توڙ جي حوالي سان موجوده سياستدانن جي عمر جيترو تجربو رکي ٿو، تنهن جي سرگرمين سبب صورتحال نئون رُخ اختيار ڪري ورتو آهي. جيڪڏهن نصرالله جي ڪوشش ڪامياب ٿي وئي ته پوءِ صدر مشرف کي قومي سلامتي ڪائونسل جي قيام واري خواهش قربان ڪرڻي پوندي ۽ مسلم ليگ (ق) به هنن سان گڏجي قومي حڪومت ٺاهيندي. پ پ ۽ متحده مجلس عمل ڀلي قسم کڻي مشرف سان واعدا ڪيا ته به هو مٿن اعتماد نه ڪندو، ان ڪري انهن ٻنهي ڌرين جي گڏيل حڪومت جو سوال سمجهه کان مٿي آهي.
سياسي پارٽين جي حامي اميدوارن جي تعداد بابت هن وقت ڪجهه نٿو چئي سگهجي، ڇو ته آزاد ميمبر مسلم ليگ (ق) پ پ ۽ متحده مجلس عمل وارن سميت سڀني سان واعدا ڪن ٿا ته هو سندن حمايت ڪندا ۽ شامل به ٿيندا. ٻيو وڏو اهم مسئلو اهو آهي ته ڪيترا اڳواڻ اهڙا آهن. جيڪي ٻن ٻن سيٽن تان کٽي آيا آهن. مثال طور متحده مجلس عمل جا ٻئي مک اڳواڻ قاضي حسين احمد ۽ فضل الرحمان ٻن ٻن قومي اسيمبليءَ جي حلقن مان ڪامياب ٿيا آهن. فاروق لغاري به ٻن تڪن تان ڪامياب ٿيو آهي. چوڌري شجاعت به ٻن تڪن تان ڪامياب آهي. اعتزازا حسن به ٻن تڪن مان ڪامياب ٿيو آهي. هو جڏهن حلف کڻندا ته هڪ تڪ جي ميمبر طور کڻندا، هر پارٽيءَ جا ووٽ گهٽ هوندا. ٻيو ته غوث بخش مهر ۽ لياقت جتوئي سميت ڪجهه اهڙا ميمبر به آهن، جيڪي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ تي ڪامياب ٿيا آهن. انهن کي به هڪ هڪ سيٽ ڇڏڻي آهي. ان سان به مرڪز توڙي صوبن ۾ پارٽي پوزيشن تي فرق پوندو. هن وقت جڏهن هڪ هڪ ووٽ قيمتي آهي. ان وقت ميمبر جيڪڏهن وڌڻ بدران گهٽ ٿيڻ شروع ٿيا ته ان سان به سياسي ماحول تي فرق پوندو ۽ امڪان آهي ته ننڍي چونڊ ۾ جن ڌرين جا ميمبر سيٽون خالي ڪندا. انهن تي سندن مخالف اتحاد ذريعي جوڙ توڙ ڪري انهن جا نتيجا تبديل ڪري سگهن ٿا. ڪالهه قومي اتحاد جي اجلاس ۾ فاروق لغاريءَ کي پارلياماني ليڊر ٺاهيو ويو آهي ۽ جڏهن مسلم ليگ ق، ظفرالله جماليءَ تي هٿ رکيو آهي ته فاروق لغاري به پاڻ کي وزيراعظم نامزد ڪرايو آهي. ڏسجي ته هر پارٽيءَ پاران ڌار ڌار نامزد ڪيل انهن وزيراعظمن جو حشر ڇا ٿو ٿئي؟ فاروق لغاري تي ته پ پ وارا مُئي مارائي به ڪو نه بيهندا. ان ڪري اهڙي منظر ۾ هڪ تجويز جيڪا غور هيٺ آهي، ان موجب زبيده جلال جهڙي ڪنهن غير جانبدار ۽ غير تڪراري ماڻهوءَ کي سامهون آندو وڃي. قومي حڪومت جيڪڏهن ٺهي ته ان لاءِ ته زبيده جلال جهڙو ئي ڪو اميدوار سڀني لاءِ قابل قبول هوندو.
هنن عام چونڊن جي نتيجن بعد جيڪي گروپ سامهون آيا آهن. انهن ۾مُک اڳواڻ بي اي جي شرط يا ڪنهن ٻئي قانوني نقطي سبب نااهل ٿيڻ يا چونڊ هارائڻ سبب آئوٽ ٿيڻ جي ڪري انهن جي ڄڻ ته پارلياماني راند مان دلچسپي ئي ختم ٿي وئي آهي. پيپلزپارٽيءَ ۾ بينظير ڀٽو ناهي، هوءَ جيڪڏهن هجي ها ته شايد صورتحال ئي مختلف هجي ها. پاڻ آئوٽ رهڻ ڪري اڃا تائين هنن پنهنجي پارلياماني ليڊر جو فيصلو ناهي ڪيو. مسلم ليگ (ق) مان ميان اظهر چونڊ هارائڻ بعد ميان منير ۽ طارق عزيز سان گڏ غم غلط ڪري رهيو آهي. چوڌري شجاعت کي خبر آهي ته هن جي سئوٽ پرويز الاهيءَ لاءِ پنجاب جي وڏ وزارت گهرجي ۽ اها ملڻ بعد هو پاڻ اڪثريتي پارٽيءَ جي چڱي مڙس هجڻ جي باوجود به وزيراعظم نٿو ٿي سگهي. ان ڪري هو به ٻين لاءِ ايتري دلچسپي نٿو وٺي، جيتري پنهنجي لاءِ وٺي ها. قومي اتحاد، جنهن ۾ ڪارڪنن کان ليڊر وڌيڪ آهن، اتي به جتوئي صاحب ۽ ٻيا رسمي طور اجلاسن ۾ ته اچن ٿا پر دل سان ايتري ڀڄ ڊڪ ڪو نه ٿا ڪن. اجمل خٽڪ گهر آرامي آهي. متحده مجلس عمل ۾ فضل الرحمان جي نامزدگيءَ بعد قاضي حسين ۽ مولانا نورانيءَ جي اها دلچسپي ناهي، جيڪا سندن پنهنجي ڪيسن ۾ هجي ها. اهڙيءَ طرح مسلم ليگ (ن) وارن جو چيئرمين راجا ظفرالحق هارائڻ بعد هاڻي ته پريس ڪانفرنس به نه پيو ڪري. جاويد هاشمي جيل ۾ آهي ۽ ان کي هو ليڊر نامزد ڪندا.
حڪومت جي تشڪيل ۾ انهيءَ ڪري به مونجهارا آهن جو متحده مجلس عمل پاران گڏيل حڪومت جي تشڪيل ۾ سهڪار لاءِ لياقت بلوچ جي سربراهيءَ ۾ جيڪا ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي، ان ڪاميٽيءَ وٽ ٻين ڌرين سان ڳالهائڻ لاءِ ليگل فريم ورڪ آرڊر ذريعي ٿيل ترميمن کي رد ڪرڻ، نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو خاتمو ۽ جنرل مشرف پاران آرمي چيف ۽ صدارت مان ڪنهن به هڪ عهدي کي ڇڏڻ جهڙا تڪراري نقطا شامل آهن. اهي اهڙا نقطا آهن، جن تي مسلم ليگ (ق) جو جنرل پرويز مشرف جي حق ۽ متحده مجلس عمل جو ان جي خلاف موقف آهي. هوڏانهن جماعت اسلاميءَ جا اڪثر ڪارڪن پڻ پيپلزپارٽيءَ سان اتحاد جي مخالفت ڪري رهيا آهن پر جي يو آءِ جا ڪارڪن ان ڪري به پيپلزپارٽيءَ جي ويجهو ٿيڻ جا حامي آهن جو پيپلزپارٽيءَ مولانا فضل الرحمان جي وزارت عظميٰ ۾ حمايت ڪرڻ جا اشارا ڏنا آهن. جيستائين مولانا فضل الرحمان جي وزيراعظم ٿيڻ جي ڳالهه آهي ته ان معاملي کي مبينا طور اسٽيبلشمينٽ جي حمايت يافته پارٽي مسلم ليگ (ق) ان ڪري به قطعي قبول نه ڪندي جو فضل الرحمان جي پارٽي طالبان جي حامي رهي چڪي آهي ۽ هو پاڻ به اهڙا بيان جاري ڪندو رهيو آهي ته ”پاڪستان ۾ ڪو آمريڪي نظر اچي ته ان کي گولي هنئي وڃي.“ عام چونڊن کي 7 ڏينهن گذري چڪا آهن. جوڙ توڙ جي سر ٽوڙ ڪوششن بعد به اڃا اهو واضح ناهي ته ڪير حڪومت ٺاهيندو ۽ حڪومت ٺهندي به يا نه!
(18 آڪٽوبر 2002ع)