سرڪاري کاتن ۾ سنڌين سان ٿيندڙ سرڪاري جُٺيون
سرڪار سڳوري جون هونئن ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪافي ڪرم نوازيون آهن پر اڄڪلهه ملازمتن ۾ جيڪي سنڌي ماڻهو آهن تن سان مهربانين ۾ مڙئي اضافو ڪيو ويو آهي. خاص ڪري گادي واري شهر ۾ سرڪاري ملازمت ڪندڙن سان اهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي جو کين ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. بک ۽ بي روزگاري کان تنگ ٿي سنڌي ماڻهو هاڻي سپاهي جي نوڪري لاءِ به اسلام آباد جا طواف ٿو ڪري. ڪو زمانو هو جو سکر وارا ماڻهو حيدرآباد ۾ نوڪري ملڻ تي به نه ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته پرديس ۾ ڪير وڃي. فوج ۾ به نوڪرين کان لنوائيندا هئا پر اڄڪلهه جي مهانگائي ۽ بيروزگاري اچي سنڌين کي اهڙو سوڙهو ڪيو آهي جو پنجاب جي ڪنهن علائقي ۾ ته ٺهيو پر افغانستان جي سرحدي علائقن ۽ چين سان بارڊر واري پاڪستاني علائقن ۾ معمولي نوڪري کان وٺي هر نوڪري ڪرڻ لاءِ سنڌي ماڻهو ايترو تيار آهن جو هتان جا مقامي همراهه به پريشان آهن ته آخر سنڌين کي ڇا ٿيو آهي!
آدمشماري تنظيم پوري ملڪ جي 106 ضلعن مان هيستائين 18 ضلعن بابت آدمشماري رپورٽون رليز ڪيون آهن. جن جي اسٽڊي مان اهو واضح ٿيو ته هيستائين بلوچستان جي 3 ضلعن ڪوهلو، سبي ۽ زيارت ۾ 22009 سنڌي ٻارن ٻچن سوڌو رهن ٿا.سرحد جي 6 ضلعن لوئر دير، بنون، چترال، بٽ گرام، مردان ۽ ايبٽ آباد ۾ 1626 سنڌي رهن ٿا. پنجاب جي 4 ضلعن راولپنڊي، جهلم، اٽڪ ۽ راڄن پور ۾ 4444 سنڌي رهن ٿا ۽ اسلام آباد ۾ 4521 سنڌي ماڻهو آباد آهن. چوڻ جو مقصد آهي ته هيستائين جن به 18 ضلعن جون رپورٽون آيون آهن تن مان ڪو به اهڙو ضلعو ناهي جتي سنڌي ماڻهو نه هجن. هڪ لحاظ کان اهو تمام گهٽ آهي پر جيڪي سنڌي سکر ۽ حيدرآباد کي پرديس چوندا هئا ته اهڙي سوچ وارن جو ايتري تعداد ۾ به ٻاهر نڪرڻ هڪ سٺو سنوڻ آهي. گهر تڙ ڇڏي نوڪرين لاءِ پهاڙن توڙي ريگستانن ۾ دربدر ٿيندڙ سنڌي ماڻهن مان سياچين جي اونچائي تي مقرر ٿيل فوج ۾ شامل هئڻ ۽ ڪارگل جي جنگ ۾ شهيد ٿيڻ اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌي ماڻهو بزدل ناهن ۽ نه ئي غدار آهن. جيئن ٻيا وطن خاطر شهيد ٿين ٿا تيئن سنڌي ماڻهو به ٿين ٿا. جڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي ته پوءِ انهن سنڌين سان خراب رويو رکڻ جو سبب ڇا آهي؟ تازو گلگت مان 2 سنڌي ڇوڪرا جيڪي اڄڪلهه راولپنڊي ۾ آهن. مون وٽ آيا ۽ داستان پئي ٻڌايائون ته کين ڪچيون گاريون ڏئي سخت کان سخت ڊيوٽي وٺي نوڪريون ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ٿو وڃي. گادي واري شهر ۾ به گذريل هڪ ڏيڍ مهيني کان جيڪو به جنهن به سطح جو سنڌي آفيسر توڙي ملازم ملي ٿو اهو دانهون ٿو ڪري ته پنجابي ڪامورن جو رويو ساڻن انتهائي خراب آهي. سي ڊي اي (ڪيپٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي) ۾ ڪم ڪندڙ 4 ڄڻا مليا جن کي ”چڱين جاين“ تان هٽائي لوپ لائين واري پوسٽنگ ڏيڻ بعد آهستي آهستي کين حاصل سهولتون ختم ڪرڻ شروع ڪيون ويون آهن. ڪنهن کي ميڊيڪل بل نٿو ملي، ڪنهن جي پگهار ڪاٽين ٿا. ڪنهن کي ڪلاڪ اڌ دير سان اچڻ تي آفيسر گاريون ڏين ٿا، مطلب ته ڪو نه ڪو بهانو بڻائي سندن ايتري ته تذليل ڪن ٿا جو يا ته کين مجبور ٿي نوڪري ڇڏڻي پوي ٿي يا وري سندن نوڪري ختم ڪرڻ لاءِ جواز ٺاهيا وڃن ٿا. ڪو وزير يا ايم اين اي ڪنهن جي دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. وزير ته خير هاڻي ڪو سنڌي رهيو به ناهي سواءِ سائين اصغر شاهه جي جيڪو اڌ کان گهڻو وقت ڪراچي ۽ ڳوٺ ۾ رهي پنهنجي تڪ وارن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر جيڪڏهن اچي به ٿو ته دانهن کڻي ايندڙن مان جيڪي خوشنصيب وٽس پهچي وڃن ٿا تن کي پنهنجي بي اختياري جا قصا ٻڌائي مطمئن ڪرڻ بدران الٽو مايوس ڪري موٽائي ٿو. آخر هو (شاهه صاحب) به ڀلا ڇا ڪري هن جي به ڪو ٻڌڻ وارو ڪونهي. هتي ته مافيائون پيون آهن.
تازو وفاقي سرڪار سيد محب الله شاهه کي رٽائر ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جيڪو پڻ تعصب جو وڏي ۾ وڏو ثبوت آهي. اپريل 97ع ۾ جڏهن ڪرپٽ ڪامورن جي لسٽ حڪومت احتساب بيورو معرفت اخبارن کي جاري ڪئي هئي ته ان ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ڪامورن جا نالا هئا. ان لسٽ ۾ سيد محب الله شاهه نه هو. ان رات پرڏيهي آفيس جي ڊنر ۾ به شاهه صاحب کي کٽي کنيو جو ويو. کيس ڏسڻ بعد جاري ڪيل لسٽ ۾ ترميم ڪري محب الله شاهه جو نالو به شامل ڪيو ويو. رات دير سان وري ٻي لسٽ جاري ڪئي وئي پر گهڻين اخبارن ۾ محب الله شاهه جو نالو ڪو نه شايع ٿيو هو ڇو ته هن جو نالو رات 12 وڳي کان پوءِ شامل ڪيو ويو هو. خير لسٽ ۾ نالو ته محب الله شاهه جو آيو ۽ هن کي معطل به ڪيو ويو. گريڊ 22 هين جو اهو آفيسر 3 مهينا تڪيندو رهيو ته ڄاڻ ڪو انڪوائري وارو آيو، پڇا ڪندو ته توهان تي فلاڻا الزام آهن جواب ڏيو. نيٺ جڏهن ڪو ظاهر نه ٿيو ته هن پاڻ خط لکي اسٽيبلشمينٽ وارن کي چيو ته 4 مهينا ٿيا آهن مون کي الزام نه ٻڌايو ويو آهي ته آخر ڪهڙي ڏوهه ۾ اوهان مون کي معطل ڪيو آهي. بهرحال هن خلاف تڙ تڪڙ ۾ چارج شيٽ ٺاهي ان وقت گريڊ 22هين جي ٻن آفيسرن مفتي لطف الله ۽ مظفر محمود قريشي ٻئي حڪومت جا پنهنجا ۽ غير سنڌي هئا. تن آڏو محب الله شاهه جواب پيش ڪيا. ان چارج شيٽ ۾ مک الزام اهو هو ته اوهان بورڊ آف انويسٽيمنٽ جا جڏهن چيئرمين هئا ته ان وقت سيڙپڪاري لاءِ اوهان وڊيو ٺاهڻ بابت اخبارن ۾ اشتهار ڏنا پر بعد ۾ وڊيو نه ٺاهيا. اهڙي طرح اوهان سرڪاري خزاني کي لکين رپين جو نقصان پهچايو. ان جي جواب ۾ محب الله شاهه تڏهوڪي ناڻي واري وزير جو اهو خط پيش ڪيو جنهن ۾ لکيل هو ته سيڙپڪاري لاءِ ڏنل رعايتون آءِ ايم ايف جي دٻاءَ سبب ختم ڪريون ٿا. اوهان سيڙپڪاري لاءِ ڪوشش نه ڪريو. محب الله شاهه جو چوڻ هو ته جڏهن ٽيڪس ڇوٽ ۽ رعايتون ختم ٿي ويون ته پوءِ سيڙپڪاري لاءِ ويڊيو ڪيسٽ ٺاهي ٻاهر موڪلڻ جو جواز ئي نه هو. خير قصو ڪوتاهه سيپٽمبر 97ع ۾ ان ڪاميٽي تحقيقات مڪمل ڪري اسٽيبلشمينٽ کي جيڪا رپورٽ ڏني تنهن ۾ چيو ته محب الله شاهه کي ڏنل چارج شيٽ مان هڪ الزام به ثابت نه ٿيو آهي ۽ هن کي آجو ڪندي باعزت نوڪري تي بحال ڪرڻ جي سفارش ڪجي ٿي. ان رپورٽ ۾ هنن اهو به لکيو ته جيڪي الزام چارج شيٽ ۾ آهن قانون مطابق اهي معطلي لاءِ به ناڪافي آهن. اسٽيبلشمينٽ سيڪريٽري افضل ڪهوٽ ۽ هنن جاچ آفيسرن سميت ٽن سينيئر وفاقي سيڪريٽرين جي وضاحت بعد شاهه ته آجو ٿي ويو پر اسٽيبلشمينٽ وارن وزيراعظم کي لکيو ته هي ايماندار ماڻهو آهي الزام ثابت نه ٿيا، اسين کيس پوسٽنگ ڏيون ٿا. اها خبر پئي ”جناب سعيد مهدي“ کي ته هن هڪ سال فائيل دٻائي رکيو ۽ هڪ سال بعد ٻيهر انڪوائري جو حڪم ڏنو. اي ڊبليو قاضي ۽ شاهد حسين کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو وري ساڳيا الزام، ساڳيا جواب آيا. ان دوران 98ع ۾ سينيئر سيڪريٽري رٽائر ٿيڻ بعد گريڊ 22 هين جي سمورن آفيسرن ۾ ٽاپ موسٽ سينيئر محب الله شاهه ٿي ويو. محب الله شاهه جنهن جي پوري سروس رڪارڊ ۾ 30 سالن تائين ڪڏهن کيس ايڪسيلينيشن ڪال به نه ملي هئي تنهن سان اها ٿي جو سندس جونيئرن کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو جن سال تائين پنهنجي رپورٽ نه جوڙي. بنا سبب بنا ڏوهه پاڪستان جي سروس ۾ ٽاپ گريڊ يعني 22هين جي سمورن آفيسرن ۾ سڀ کان وڌيڪ سينيئر سيد محب الله شاهه 3 سال گهر ويٺو رهيو. هن وزيراعظم کي خط لکيو ته مون سان هي ناجائزي ڇو ٿي رهي آهي. ان جو ڪو کيس جواب ته نه مليو پر هن احتجاج طور جڏهن قبل از وقت رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو ته حڪومت سندس آڇ بنا دير قبول ڪندي هن کي 3 سال سروس هوندي به رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ سرڪار سڳوري نوٽيفڪيشن ۾ اهو واضح طور لکيو آهي ته 97ع ۾ معطلي کان وٺي سيپٽمبر 99ع تائين سڄو عرصو هن جو نوڪري ۾ شمار ڪيو ويندو ۽ هن تي لڳايل الزام ثابت نه ٿيڻ تي کيس آجو قرار ڏنو وڃي ٿو پر جيئن ته هو پاڻ ذاتي مصروفيتن سبب رٽائر ٿو ڪرڻ چاهي ان ڪري کيس رٽائر ڪيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ اڃا ٻيهر انڪوائري لاءِ جوڙيل جاچ ڪاميٽي رپورٽ نه ڏني آهي پر پوءِ سرڪار کيس آجو تسليم ڪيو. پاڪستان جي 52 سالن ۾ اهو پهريون دفعو آهي جو ڪو سنڌي آفيسر ٽاپ گريڊ 22 هين وارن سمورن آفيسرن کان سينيئر هجي ۽ اها به تاريخ بڻجي وئي ته ان ماڻهو کي ڪيئن ذهني ٽارچر ڏئي بنا ڏوهه 2 سال معطل ڪري پوسٽنگ نه ڏني وئي ۽ ڪيئن کيس رٽائر ڪيو ويو. محب الله شاهه جنهن سيڙپڪاري بورڊ جو تصور پيش ڪيو ۽ اهو ادارو ٺاهيو. ڪيٽي بندر رٿا جو خالق به هي ئي شخص هو، جنهن لاءِ هڪ ارب ڊالر جي پرڏيهي سيڙپ هن آندي، ڪيٽي بندر رٿا جيڪڏهن ٺهي ها ته ان جا 50 ٻيا سبسڊريز پراجيڪٽ به هجن ها جن ۾ 2 لک ماڻهن کي روزگار ملي ها. انهن ٻن لکن مان ٻيو نه ته به 60 هزار سنڌي ماڻهو ضرور روزگار سان لڳن ها. اها رٿا موجوده نواز سرڪار گهران پئسا ڏئي ڏنڊ ڀري رد ڪري ڇڏي. محب الله شاهه جو ان کانسواءِ وڏو ڪريڊٽ فرسٽ وومن بئنڪ ٺاهڻ آهي جنهن جو تصور پيش ڪرڻ کان وٺي بئنڪ جي قيام تائين سڀني مرحلن جي نگراني هن ماڻهو ڪئي. سيڙپڪاري واري شعبي ۾ سنڌي ماڻهو علمي ۽ تجربي جي لحاظ سان تمام گهٽ آهن پر اهي به ايڏي سينيئر ليول تي ناهن. شايد اهو ئي سبب هو ته هن کي زوري قبل از وقت رٽائر ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. جڏهن ڪو الزام ثابت نه ٿيو ۽ خود سرڪار نوٽيفڪيشن ۾ لکيو ته مٿس ڪو الزام ثابت نه ٿيو ۽ هن کي آجو ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ ساڻس اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جو مقصد ۽ سبب ڇا آهي؟ گريڊ 22هين وارن آفيسرن ۾ هاڻي رڳو هڪ وفاقي سيڪريٽري سنڌي فضل الله قريشي بچيو آهي.
محب الله شاهه کانسواءِ فارين سروس جي اقبال آخوند کي به انتطار ۾ رکي نيٺ پوسٽنگ نه ڏني وئي. هو به گريڊ 22هين جو آفيسر هو، آخرڪار رٽائر ٿي ويو پر هن کي پوسٽنگ نه ملي. پنجاب جي رٽائر ٿيل سول توڙي ملٽري ڪامورن مان 6 کي وفاقي سيڪريٽري طور مقرر ڪيو ويو جن ۾ ڊاڪٽر گلزار، چوڌري ارشاد، توفيق، فهمي، خالد جاويد، افتخار علي ۽ لهراسب خان شامل آهن پر اسان جا سنڌي هڪ ته گريڊ 22 هين ۾ پهچن ڪو نه ٿا پر جيڪي اچن ٿا انهن کي ري ايمپلاءِ ته پري پر سروس ۾ هوندي به پوسٽنگ نٿي ملي. حسن ڀٽو ۽ اقبال جوڻيجو رٽائر ڪري ويا. انهن کي ري ايمپلائيمينٽ نه ملي. اي ڪيو انصاري اڄ به او ايس ڊي لڳو پيو آهي کيس به پوسٽنگ نٿي ملي. پاڪستان ٽوئر ازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ۾ هڪ ئي گريڊ 18 جو آفيسر عبدالرسول زاهدي آهي جنهن کي به کڏي لائين ۾ لڳايو ويو آهي. هن وقت وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ 69 بئنڪون، مالياتي ادارا، خودمختيار ادارا، ڪارپوريشنز ۽ صنعتي يونٽ آهن جن مان 7 جا سربراهه رڳو سنڌي آهن. باقي سڀ الله وارا آهن.
هن وقت گريڊ 22 هين جي 50 آفيسرن مان هڪ سنڌي آهي فضل الله قريشي، 30 ايڊيشنل سيڪريٽرين مان 2 سنڌي آهن سليم گل شيخ ۽ ڪمال قاضي جڏهن ته 50 سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري گريڊ 21هين ۾ آهن جن ۾ هڪ به سنڌي آفيسر ناهي. گريڊ 21هين جي ٻين آفيسرن ۾ ڪل 20 ڄڻا آهن جن مان 3 سنڌي آهن. مجموعي طور گريڊ 21 هين جي 100 آفيسرن مان 5 سنڌي آهن. گريڊ 20 هين ۾ جوائنٽ سيڪريٽري سطح جا 148 آفيسر آهن جن مان 5 سنڌي آهن. گريڊ 19هين ۾ ڊپٽي سيڪريٽري جي عهدي وارا 271 آفيسر آهن جن مان 7 رڳو سنڌي آهن. گريڊ 17 ۽ 18 ۾ 594 آفيسرن مان 16 سنڌي آهن. 70 سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرن ۾ رڳو 2 سنڌي آهن. اها پوزيشن واضح ڪري ٿي ته آئنده گريڊ 22 هين ۾ سنڌي آفيسر کي ترقي ملڻ تمام مشڪل آهي ڇو ته هيٺين گريڊن ۾ ويٺل آفيسرن جا هڪ ته پروموشن تڪڙا ٿيندي نظر نٿا اچن ۽ ٻيو ته هو رٽائرمينٽ جي به اچي ويجهو پهتا آهن.
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن مان مليل دستاويز مطابق 12 جنوري 99ع تائين وفاقي سرڪار جي ملازمن جو تعداد 405423 آهي. جن مان 43.59 سيڪڙو پنجاب، 24.36 سيڪڙو سنڌي شهري. 9.91 سيڪڙو سنڌ ٻهراڙي. 14.4 سيڪڙو سرحد، 4.31 سيڪڙو بلوچستان ۽ ٻيا 3.44 سيڪڙو آهن. گروپ وائيز به عجيب صورتحال آهي ته سڀ کان ڪمائي واري ۽ طاقت واري گروپ ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ ۾ گريڊ 22هين ۽ 21 هين ۾ هڪ به سنڌي ناهي. ڊي ايم جي ۾ گريڊ 17 هين کان 22 جا جيڪي به آفيسر آهن تن ۾ پنجاب جي نمائندگي 44 سيڪڙو کان 76.9 سيڪڙو آهي. ڊي ايم جي ۾ گريڊ 22هين جا 13 آفيسر آهن جن مان 10 پنجاب جا آهن. سنڌ جو هڪ به ناهي. پوليس گروپ ۾ 5 آفيسر 22هين گريڊ ۾ آهن انهن ۾ به هڪ سنڌي ناهي. پنجاب جا 4 آهن. مطلب ته وفاقي سروس ۾ گريڊ وائيز هجي يا گروپ وائيز، سنڌي ماڻهن جي نمائندگي نه هجڻ برابر آهي ۽ جيڪي آهن ته انهن سان حالت اها آهي جو پوسٽنگ جو انتظار ڪري ڪري رٽائر ڪري ٿا ڇڏين. اهڙي صورتحال هجڻ جي باوجود جيڪي هيڏانهن هوڏانهن ويٺا آهن تن خلاف وري اڄڪلهه مهم شروع ڪئي وئي آهي.
نور محمد لاڙڪ بدقسمتي سان گريڊ 21 هين جو آفيسر آهي جيڪو فيڊرل اسٽيٽسٽڪس بيورو جو سربراهه آهي. تازو ان اداري ۾ گريڊ 19هين ۾ ترقيون ٿيون. ترقين جو فيصلو اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جوڙيل 3 رڪني سليڪشن بورڊ ڪيو جنهن ۾ 2 پنجابي آفيسر شامل هئا. تنهن بورڊ هڪ پنجابي آفيسر جون اي سي آر خراب هئڻ ڪري ٻئي نمبر تي سينيئر آفيسر مخدوم عبدالحڪيم کي پروموشن ڏنو. فيصلو بورڊ ڪيو. نوٽيفڪيشن اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جاري ڪيو پر نور محمد لاڙڪ خلاف اخبارن ۾ باهه ٻاري وئي آهي ته سنڌي آفيسر نور محمد لاڙڪ پنجابي آفيسرن سان ظلم ٿو ڪري.
هونئن ته ماشاءَ الله اڪثر ڪري چند آفيسرن کان سواءِ باقي سنڌي ڪامورا به بل ڪلنٽن کان گهٽ ناهن. 17 هين گريڊ ملڻ تائين هو مڙئي منهن مان ۾ هوندا پر 18 هون گريڊ ملڻ سان هنن مان اڪثر جي ڪنڌ ۾ ڪلي لڳي ويندي آهي (معذرت سان- جيڪي اهڙا ناهن انهن جو هرڪو احترام ڪري ٿو ۽ اهي پاڻ ڏانهن نه سمجهن) ۽ جيئن گريڊ وڌندو آهي تيئن تيئن هنن جو ڪنڌ مٿي ٿيندو ويندو آهي. اها اسان جي خوشقسمتي آهي يا اتفاق آهي ته اسلام آباد ۾ چند ماڻهن کي ڇڏي باقي جيڪي به آفيسر 19 کان 22 تائين آهن اهي عام سنڌي ماڻهن سان ڪافي سهڪار ڪندا آهن.
(6 آڪٽوبر 1999ع)