نيليءَ ۽ مديحه شاهه وسيلي اتفاق راءِ حاصل ڪرڻ جون ڪوششون
قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث ڪالهه جمعي ڏينهن پڄاڻي تي پهتو. 12 جون تي پيش ڪيل بجيٽ تي بحث 14 جون کان شروع ٿيو هو ۽ صبح شام لڳاتار اجلاس ۾ بحث ٿيندو رهيو. نيٺ جمعي جي بابرڪت ڏينهن تي منجهند ڌاري بحث مڪمل ٿيو. بظاهر ته هي بحث بجيٽ تي هو پر جن به ميمبرن تقريرون ڪيون انهن مان چند ماڻهن کانسواءِ باقي سمورن ميمبرن بجيٽ تي گهٽ، پنهنجي حلقن جي مسئلن تي گهڻو ڳالهايو. 6 ڏينهن واري ان بحث ۾ ڪالاباغ ڊيم جو معاملو بجيٽ کان به وڌيڪ حاوي رهيو. 11 جون تي جڏهن وزيراعظم نواز شريف قومي ايجنڊا پيش ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ته ان مهل ڄڻ ته ملڪي سياست تي طاري ٿيل جمود ٽٽي پيو اهو اعلان ستون ڌماڪو هو. حڪومت جا حامي پٺاڻ، سنڌي ۽ بلوچ ايم اين ايز پريشان ٿيا هئا. هنن جي پريشاني ۾ اضافو تڏهن ٿيو هو جڏهن سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ خلاف باهه ڀڙڪي هئي. مسلم ليگ جا حامي سنڌي ميمبر شروع ۾ ته حيران هئا ۽ انهن ڪو تبصرو نه ڪيو پر جڏهن سنڌ ۾ مظاهرا ٿيا، هڙتال ٿي ته ان بعد هنن به محسوس ڪيو ته هاڻي سندن خاموشي کين ڳچي ۾ پوندي. اهو ئي سبب هو ته ايم اين ايز به ڪالاباغ ڊيم واري اعلان جي مذمت ڪرڻ شروع ڪئي. شروع ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ وارن احتجاجن جو ته وفاقي سرڪار گهڻو نوٽيس نه ورتو ۽ ميجر جنرل (ر) سڪندر حيات ذريعي پئي ڪم هلايو ۽ سنڌين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو ڪم پئي ڪيو پر جڏهن ايم اين ايز ميدان ۾ لٿا ته پوءِ وزيراعظم نواز شريف، شهباز شريف، مشاهد حسين ۽ سندس ڪابينا جا ساٿي سنڌ ۽ سنڌ وارن کي پاڻ سمجهائڻ لاءِ نڪتا.
وزيراعظم سنڌ جي ايم اين ايز (حڪومت جي حامين کي) گهرايو پر ايم ڪيو ايم کي نه گهرايو. سنڌ جي تاريخ ۾ اهو پهريون دفعو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪنهن سنڌ جي قومي مسئلي تي سنڌين جهڙو ئي موقف اختيار ڪيو. چاهي ان جا سبب ڪهڙا به هجن پر اهو نئون ۽ بهتر لاڙو آهي جنهن جي جيتري همت افزائي ٿيڻ گهرجي، سا نه ٿي سگهي آهي. وزيراعظم به هنن کي نه سڏائي جيڪو اڻ سڌي طرح ايم ڪيوا يم کي ميسيج ڪيو آهي اهو به معنيٰ خيز آهي. ڪالاباغ ڊيم بابت ايم ڪيو ايم جيڪو موقف اختيار ڪيو ان بعد کين نه وزيراعظم ٿو Own ڪري نه ئي سنڌ جا دانشور ۽ قومپرست اڳواڻ. ان رويي جا نتيجا سنڌ جي مجموعي مفادن ۾ مثبت هرگز نه ٿيندا.
پيپلزپارٽي وارن به قومي اسيمبلي ۾ 14 ۽ 15 جون تائين ڪالاباغ ڊيم بابت چٽو موقف اختيار نه ڪيو هو پر سنڌ ۾ ٻريل باهه جو سيڪ شايد بعد ۾ محسوس ٿيڻ کان پوءِ پاڻ نڀائيندي هنن جهڙي انداز ۾ احتجاج ڪيو آهي اهو تعريف جوڳو آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن جڏهن سکر جو سيد خورشيد احمد شاهه تقرير لاءِ اٿيو ته شروع ۾ هن بجيٽ تي ڳالهايو ۽ سندس ڊگهي تقرير سبب بوريت پئي محسوس ٿي پر بعد ۾ ڪالاباغ ڊيم بابت هن جيڪي جملا چيا ان مان ته ايئن پئي لڳو ته هي سکر وارو سيد نه پر سن وارو سيد ٿو ڳالهائي. جڏهن خورشيد شاهه چيو ته پنجابي مفادن خاطر بنگالين کي ڌار ڪرڻ بعد هاڻي سنڌين ۽ پٺاڻن کي به عليحده ڪري رهيا آهن، ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ پاڪستان کي ٽوڙڻ برابر آهي. پنجابي واضح ٻڌائين ته کين پاڪستان کپي يا ڪالاباغ ڊيم کپي؟ ٻئي شيون کين نه ملنديون. سندس اهڙن تير جهڙن تيز ۽ زهر آلوده سنگينن جهڙن سخت جملن تي پنجابي چڙي پيا ۽ خورشيد شاهه کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي چيو ته تون پاڪستان جو دشمن آهين. راجا نادر پرويز ته خورشيد شاهه جي چيل جملن تي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو پيلو ٿي ويو ۽ اٿي بيهي احتجاج ڪرڻ لڳو. راجا نادر جڏهن خورشيد شاهه کي چيو ته اوهين ملڪ دشمني پيا ڪيو، موچي دروازي جي جلسن جهڙي زبان بند ڪريو. ان تي خورشيدشاهه ۽ اسفنديارولي اٿيا ۽ چيو ته موچي دروازي جي زبان اوهان حڪمران ٿا استعمال ڪريو، پنجاب جي مفاد خاطر پاڪستان ٿا ٽوڙيو. شاباش هجي الاهي بخش سومرو کي جنهن ان جي باوجود، خورشيد شاهه جي مائيڪ بند نه ڪرائي. هونئن ته اڪثر ڪري ڪو به ميمبر جڏهن حڪومت خلاف ڳالهائيندو آهي ته الاهي بخش سومرو کيس چوندو آهي ته تنهنجو وقت پورو ٿي ويو هاڻي ماٺ ڪري ويهه پر ڪالهه الاهي بخش ايئن ڪو نه ڪيو.
سنڌ جي مفاد جي ڳالهه ڪرڻ پاڪستان جي مفاد جي خلاف ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ملڪ دشمني جو لقب ڏيڻ جو حق صرف پنجابين کي ئي ڇو آهي؟ محب وطني وارو بيراميٽر پنجابين جي هٿ ۾ ڇو آهي؟ آخر ڇا ۾ اهي سنڌين کان وڌيڪ محب وطن آهن. خورشيد شاهه اڄ ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ٿو ڪري ته هن جهڙي وفاق پرست ۽ پاڪستان پرست کي به پنجابي، ملڪ دشمن ٿا سڏين.
قومي اسيمبلي ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سابق قومپرستن حاصل بزنجو، شڪيل بلوچ ۽ ثناءُ الله بلوچ ڪالاباغ ڊيم بابت ڪجهه به نه ڳالهايو. بقول سردار صالح محمد ڀوٽاڻي جي ته بي اين پي وارن نواز شريف سان واعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن سندن صوبائي حڪومت بچائي وڃي ته هو ڪالاباغ ڊيم بابت ڪجهه به نه ڳالهائيندا. سدائين احتجاج لاءِ آتا رهندڙ بلوچ ڀائي بلوچستان حڪومت بچڻ بعد اجلاس مان ئي غائب ٿي ويا. جنهن مان ته لڳو پئي ته سردار ڀوٽاڻي سچ چيو هو.
ڪالاباغ ڊيم خلاف سخت تقريرن جي تياري ڪندڙ حڪومت جي حامي ميمبرن جن ۾ پير نور محمد شاهه، پير بخش خاصخيلي، ڪرشن ڀيل، بشير شاهه، شوڪت شاهه، ڄام معشوق ۽ اعجاز شفيع وغيره وزيراعظم سان ناشتو ڪرڻ بعد ان خاطري تي خاموشي اختيار ڪئي ته سنڌ کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ ڊيم نه ٺهندو. اها خاطري وزيراعظم هائوس جي بند ڪمري ۾ ڪرائي وئي جنهن جو ڪو به سرڪاري رڪاڊ ناهي. سڀاڻي اهو ڪير ۽ ڪيئن ثابت ڪندو ته وزيراعظم ايئن چيو هو، مٿين ميمبرن ڄاڻي واڻي تقريرون نه ڪيون يا کين حڪومت وارن هٿ کڻايو، وري به شاباس هجين ته چوڌري اشرف اينڊ ڪمپني جي چڪر ۾ نه آيا. چوڌري اشرف اينڊ ڪمپني سنڌ جي هڪ هڪ حڪومت جي حامي ميمبرن کي چيو ته ٽي وي تي هلو ۽ ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ ڳالهايو پر ڪنهن به حامي نه ڀري، حڪومت کي جڏهن ڪو به ماڻهو هٿ نه چڙهيو ته عليم عادل شيخ کي امپورٽ ڪري آندائون ۽ ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ ڳالهرايو. سنڌ جي 109 ايم پي ايز، 17 سينيٽرن ۽ 46 ايم اين ايز مان سڀني ٽي وي تي وڃي ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو صرف عليم عادل حڪومت وارن کي هٿ لڳو. شايد اهو ئي سبب هو ته حڪمران اڳ ۾ ريما، مديحه شاهه ۽ نيلي سميت فلم ۽ ٽي وي جي اداڪارن ذريعي ڪالاباغ ڊيم لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي جيڪا مهم هلائي ان بعد هو سوچڻ لاءِ مجبور ٿيا ۽ ميان برادرز پاڻ راءِ عامه ٺاهڻ لاءِ اڳتي وڌيا. لاهور ۽ اسلام آباد جي اخبارن ۾ فلمي اداڪارائن ذريعي ڪالاباغ ڊيم جي حمايت واري مهم هاڻي جهڪي ٿي وئي آهي. گادي واري شهر جي اهم حلقن جو چوڻ آهي ته نواز سرڪار هيوي مينڊيٽ جي زور تي ڊيم جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اتفاق راءِ کي ضروري نه سمجهيو ۽ سندن خيال هو ته ريما ۽ مديحه شاهه ڪالاباغ ڊيم واري آئيڊيا کي ڪنهن صابڻ جي اشتهار وانگر وڪرو ڪرائي ڇڏينديون پر هاڻي سندن اکيون کليون آهن ته اتفاق راءِ ضروري آهي ۽ اهو فقط ريما ۽ نيليءَ ذريعي ئي حاصل نٿو ڪري سگهجي. اسفنديار ولي ان تي تبصرو ڪيو ته هي معاملو بلڪل ايئن آهي ته ٻار اڳ ۾ ڄائو ئي ناهي ۽ شادي جون تياريون هاڻي ڪيون پيون وڃن. گاديءَ واري شهر ۾ اها چوپچو به آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ عوامي احتجاج جون خبرون جڏهن سگهارن ادارن تائين پهتيون ته انهن سرڪار کي اتفاق راءِ حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ اهو شايد اهڙي ئي ڪنهن دٻڙاٽ جو نتيجو آهي جو سڄي سرڪاري ڪمپني سنڌ ۾ ناراضگي ختم ڪرائڻ جي مهم تي اچي لٿي آهي.
ڪالاباغ ڊيم خلاف قومي اسيمبلي ۾ سخت تقريرون ڪندڙن ۾ غوث بخش مهر ۽ ارباب غلام الرحيم ٻه اهڙا ميمبر هئا جيڪي حڪومت ۾ آهن هنن جي تقريرن جي واکاڻ پ پ وارن به ڪئي پئي. سنڌ ۽ سنڌ واسين سان آواز ۾ آواز ملائيندڙ انهن ٻنهي وڏيرن جيڪي تقريرون ڪيون سي ساراهه لائق آهن. پ پ وارن سان شفقت شاهه شيرازي، علي محمد خان مهر ۽ خالد لنڊ اهڙا ميمبر هئا جن تقريرون ڪو نه ڪيون. ڪالاباغ ڊيم خلاف پٺاڻ ايم اين ايز ته احتجاج ڪيو پر اڃا تائين سرحد صوبي ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف عوامي طور تي ڪا به مهم نه هلي آهي. عوامي رد عمل صرف سنڌ ۾ ٿيو آهي شايد اهو ئي سبب آهي ته وفاقي ڪابينا ۽ پنجاب وارا سنڌ ۾ لٿا آهن. سيد غوث علي شاهه ۽ سيد اصغر علي شاهه ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت اڃا ڪو نه ڪئي آهي. هنن نه تقريرون ڪيون ۽ نه بيان ڏنا آهن. کانئن الله ۽ سنڌ جو عوام ضرور پڇندو. ڪالاباغ ڊيم خلاف انهن ٻنهي سيد وزيرن جي حلقن جا ماڻهو ۽ سندن ووٽر ته آهن پر هي پاڻ ڪو نه آهن.
حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ان تي اتفاق ٿيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم بابت قومي اسيمبلي ۾ تفصيلي بحث ٿيندو ۽ بجيٽ بعد اهو بحث شروع ٿيندو. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ڪيل سرتاج عزيز واري تقرير جو هڪ هڪ لفظ اهو پيو ٻڌائي ته حڪمران ڊيم ضرور ٺاهيندا ۽ هر قيمت تي ٺاهيندا. ان ڪري وزيراعظم نواز شريف، شهباز شريف، مشاهد حسين ۽ سڪندر حيات جي خاطرين ۽ واعدن تي انحصار ڪري ويهڻ سان سنڌ وارن سان شايد ڌڪ ٿي وڃي. اهي خاطريون معاملي کي ٿڌو ڪري ڇڏينديون. حڪمران جيڪڏهن واقعي سنجيده آهن ته سنڌ جي نمائنده سياستدانن، صحافين، انجنيئرز ۽ ماهرن کي اڳ ۾ ڪالاباغ ڊيم جو دورو ڪرائي کين بريفنگ ڏين، سنڌ وارن جا اعتراض ٻڌن، سندن فني اعتراض دور ڪن ۽ ڪالاباغ ڊيم ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ واري گنجائش گهٽائين ۽ ان منصوبي کي رڳو بجلي پيدا ڪرڻ تائين محدود ڪن ۽ ڊيم جو پاڻي زرعي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائين ته پوءِ واقعي سمجهبو ته وفاقي سرڪار رڳو پنجاب جي نه پر ٻين صوبن جي به ڳالهه مڃي ٿي.
(20 جون 1998ع)