“نظريه ضرورت”جو پڙاڏو وري گونجي ٿو
سپريم ڪورٽ ڪجهه وقفي بعد وري گذريل ٻن ڏينهن کان لڳاتار مشرف حڪومت جي قيام خلاف، ان جي حمايت ۾ ۽ نواز حڪومت جي برطرفي خلاف ڌار ڌار داخل ڪيل 7 آئيني درخواستن جي سماعت شروع ڪئي آهي. نامياري قانون دان جنهن کي وهاب الخيري هر فوجي حاڪم جو مشير سڏيندو آهي تنهن يعني شريف الدين پيرزادي، جڏهن نواز شريف کي ڪالهه دليلن دوران ”مرحوم“ وزيراعظم نواز شريف چئي مخاطب ٿيو ته عدالت ۾ ويٺل خالد انور سميت مسلم ليگ جا وڪيل جن ۾ ظفر علي شاهه جهڙو جذباتي ماڻهو به هو، اعتراض وارڻ کانسواءِ ماٺ رهيا. سردار نسيم جهڙا ايم پي اي ۽ وسيم سجاد جهڙا قانوندان، گوهر ايوب ۽ سرتاج عزيز جهڙا سياستدان به ڪجهه ڪڇي نه سگهيا. 6 صفحن تي مشتمل 20 نقاطي دليلن بابت فارموليشن پيپر جڏهن شريف الدين پيرزادو پيش ڪيا ته چيف جسٽس ارشاد حسن خان نشاندهي ڪندي چيو ته ”اوهان ڄاڻي واڻي لفظ ”مرحوم“ استعمال ڪيو آهي يا ٽائيپنگ ۾ غلطي ٿي آهي؟ پيرزادو چيو ته جيڪو لکيو آهي اهو درست آهي. شريف الدين پيرزادو سينيئر ترين وڪيل آهي ۽ سپريم ڪورٽ جو سابق چيف جسٽس سعيد الزمان صديقي توڻي هاڻوڪي بينچ ۾ ويٺل جسٽس رياض احمد شيخ هن جا جونيئر رهيا هئا. هن کي پنهنجي قانوني علم جي سحر تي ايڏو ناز هوندو آهي جو هر ڪيس کٽن لاءِ وڙهندو آهي. سجاد علي شاهه هڪ ڪيس ۾ هن خلاف فيصلو ڏنو ته جيسين سجاد شاهه کي نواز شريف سان ملي گهر نه موڪليائين تيسين سڪون نه مليو هئس. شريف الدين بابت سجاد علي شاهه به چيو هو ته جيڪڏهن اهو نواز وارن سان گڏ نه هجي ها ته نواز حڪومت 97ع ۾ ئي ختم ٿي وڃي ها.
ذوالفقار ڀٽو کان حڪومت کسي مارشل لاءِ هڻندڙ ضياءَ الحق جو پهريون جاري ڪيل فرمان لکڻ وارو ۽ عدالت ۾ ڪيس جي وڪالت ڪرڻ وارو به شريف الدين پيرزادو هو. بيگم نصرت ڀٽو ڪيس 1977ع ۾ نظريه ضرورت جيڪو 15هين صدي ۾ ٺهيو ۽ ان وقت جي حاڪمن، شهنشاهن ۽ بادشاهن جو محبوب نظريو هو تنهن کي زندهه ڪندي ان جو سهارو وٺي سپريم ڪورٽ کان مارشل لا کي جائز قرار ڏياريو هو. جيتوڻيڪ اسين اڄ 21هين صدي ۾ آهيون پر اڄ به فوجي حڪومت جي دفاع ۾ سڄي عمر قانون جا ڪتاب پڙهڻ بعد به هن کي 12 آڪٽوبر جي دفاع لاءِ ڪو نئون قانوني دليل ۽ جواز ته نه مليو پر ساڳيو 6 صديون اڳ وارو نظريه ضرورت نئين نموني پيش ڪيو آهي.
اسلام جو جهڙي طرح ضياءَ دور ۾ سهارو ورتو ويو هو، ساڳئي نموني شريف الدين اڄ به اسلام جو سهارو وٺندي 1688ع وارو هڪ ڪتاب کڻي آيو هو جنهن جا اکر پڙهڻ جوڳا نه هئا ۽ جڏهن پڙهڻ شروع ڪيائين ته انتهائي ويجهي واري عينڪ لڳل هوندي به اکر پڙهي نه پئي سگهيو پر پنهنجي حق ۾ اسلامي ڪتاب جا دليل ڏئي رهيو هو. ياد رهي ته مشرف پهرين تقرير ۾ ”اسلام کي ايڪسپلائيٽ“ نه ڪرڻ جي سخت هدايت ڪئي هئي.
1977ع ۾ جڏهن ضياءَ الحق جي مارشل لا کي درست قرار ڏيڻ لاءِ نظريه ضرورت جو سهارو ورتو ويو هو ته ان وقت عدالت مشروط طور اهو چئي ان کي جائز سڏيو هو ته آئنده وري اهڙي روايت قائم نه ڪجو. ساڳئي فورم تي اڄ وري عمر جي لحاظ کان بزرگي وارو درجو حاصل ڪندڙ شريف الدين پيرزادو ڏڪندڙ هٿن سان پيپر بڪ اٿلائي رهيو هو پر هن جي آواز ۾ لرزش نه هئي. گرجدار آواز ۾ لفظن جي سحر ۾ جڏهن هو ڳالهائي رهيو هو ته ان وقت عدالت ۾ به خاموشي هئي. هن ڪيس ۾ عدالت جي معاونت ڪندڙ وڪيل ايس ايم ظفر جنهن کي اداڪاره شبنم جو ڪيس وڙهڻ بعد شهرت ملي اهو وڪيلن واري قطار مان اٿي مسڪرائيندو هال ۾ عوامي سيٽن تي وڃي ويٺو ۽ پنهنجي ڪنهن دوست سان ڪچهري ڪندو رهيو. شريف الدين پيرزادو جڏهن انائونسرز وانگر مائيڪ جي مٿان وات رکي چيو ته ”ماءِ لارڊ نصرت ڀٽو ڪيس 77ع جي آڌار تي گهانا، ۽ يوگنڊا وارن پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ لڳل مارشل لا کي درست قرار ڏيڻ لاءِ سهارو ورتو هو. خبر ناهي اها فخر جوڳي ڳالهه هئي يا شرم جوڳي ته دنيا جا مختلف ملڪ مارشل لاز کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ جڏهن روايتن ۽ قانون جي ڳولا ڪن ٿا ته کين مثال پاڪستان جو ملي ٿو ۽ هو پاڪستان کي بنياد بڻائي مارشل لا کي جائز قرار ڏين ٿا. نظريه ضرورت کي اڄ جيڪڏهن فرانس، جرمني، اٽلي يا دنيا جا ٻيا جج، قانوني ماهر يا مذهبي اڳواڻ جائز سڏين ٿا ته ان جا جواز به ٻڌائين ٿا. اهي ايڏا ته ٺوس جواز آهن جيڪڏهن اهڙا جواز پيدا ٿين ته پوءِ ان نظريي کي جائز سڏي سگهجي ٿو پر اسين پنهنجي مفادن لاءِ انهن جوازن جي ايجاد به پاڻ ڪريون ٿا، ڀلي اهي منطقي هجن يا نه. نظريه ضرورت منهنجي ڪم علم ۽ عقل آڌار هڪ مشروط نظريو آهي جنهن جو بنياد ”جيڪڏهن“ تي آهي مطلب ته جيڪڏهن صورتحال سنگين ٿي وڃي، جيڪڏهن رياستي مفاد خطري ۾ هجي، جيڪڏهن ملڪ ٽٽڻ جو خدشو هجي، انارڪي پيدا ٿيڻ جو انديشو هجي ۽ آئين يا قانون ڪو چارو فراهم نه ڪري ته پوءِ ان جو استعمال جائز قرار ڏنل آهي. اسان وٽ ان جو استعمال جيئن ۽ جهڙي نموني ٿيندو رهيو آهي ان جو مثال اوهان آڏو موجود آهي. جهڙي طرح اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ 58(2) بي واري شق جو سدائين غلط استعمال ٿيو، ساڳئي نموني نظريه ضرورت جو به ٿيندو رهيو آهي.
هن ڪيس ۾ شريف الدين پيرزادي وٽ نظريه ضرورت جي سهاري کانسواءِ ٻيو ڪو به منطقي دليل ناهي. جيتوڻيڪ هو 3 ڏينهن دليل ڏيندو يعني اربع تي ۽ سڀاڻي خميس تي به هو ڳالهائيندو پر هن وٽ به خالد انور جيان مواد گهٽ آهي. اڄڪلهه عدالتن ۾ آئيني معاملي بابت دليلن دوران گهڻو وقت وٺڻ وڪيلن جو فيشن بڻجي ويو آهي. سومر ڏينهن وهاب الخيري سڄو ڏينهن تقرير ڪندو رهيو جنهن ۾ قانوني نقطا گهٽ ۽ سياسي وڌيڪ هئا. پيرزادو به ڪالهه نظريه ضرورت جو فلسفو ٻڌائيندو رهيو ۽ هن وٽ حمايت ۾ Case law رڳو هڪ 1977ع ۾ سپريم ڪورٽ جو نصرت ڀٽو ڪيس جي فيصلي وارو دليل آهي. ڪالهه دليلن دوران شريف الدين پيرزادي هڪ سٺي ڳالهه ٻڌائي. هن قائداعظم جي ساٿي ۽ سيڪريٽري ڪميونيڪيشن جي عهدي تان رٽائر ڪندڙ ڪاموري مسرت زيدي جي يادگيرين واري ڪتاب ۾ لکيل واقعو ٻڌائيندي چيو ته مسرت زيدي لکيو آهي ته ”حسني هائوس تي مختلف مسلم اڳواڻن سان ملڻ لاءِ مائونٽ بيٽن کي 30 مئي تي اچڻو هو، پر هو 28 مئي تي پهچي ويو. ان بعد 29 مئي تي به هو مليو جنهن بعد قائداعظم اڌ ڪلاڪ تقرير ڪئي. ان بعد سوال شروع ڪيا. هڪ همراهه پڇيو ته اوهان پاڪستان ته ٺاهيو ٿا پر ان ڳالهه جي ڪهڙي گارنٽي آهي ته ان تي مفاد پرست ٽولو حاوي نه ٿي ويندو. ٻيو سوال پڇيو ويو ته بنگلاديش ايڏو پري آهي اهو ڪيئن گڏ هلي سگهندو؟ ان تي قائداعظم چيو ته پاڪستان ٺهڻ بعد ان جي حفاظت عوام ڪندو، نه مان ڪري سگهندس ۽ نه مون کان پوءِ ايندڙ اڳواڻ ڪري سگهندا. جيستائين سوال آهي بنگلاديش جي گڏ رهڻ جو ته جيڪڏهن انهن جي حقن جو احترام ڪيو ويو ته هو ڪڏهن به ڌار نه ٿيندا.“ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، بنگلاديش گڏ ٿيڻ کان اڳ ڌار ٿيڻ واري خدشي بابت هڪ ڪاموري جي سوال ۽ قائداعظم جي جواب ٻڌڻ بعد ته ٻنهي ڳالهين ۾ وزن ٿو لڳي پوءِ ته واقعي به رسول بخش پليجو حق تي آهي ته قائداعظم عظيم ليڊر هو. بنگلاديش جي عليحده ٿيڻ جي سببن بابت اڄ سوچيون ٿا ته سبب اهو ئي ٿو سامهون اچي جيڪو قائداعظم پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ٻڌايو هو.
شريف الدين جي ابتدائي دليلن بعد خالد انور صحافين وٽ آيو ۽ چيو ته ”ٻڌو ڇا ٿو چوي همراهه،“ مون چيو مانس سائين اوهان ته اڳ ۾ نظريه ضرورت کي Hit ڪندي ان کي دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر اڄ شريف الدين ان کي کوٽي اوهان آڏو آڻي پيو. ان تي خالد انور کليو ۽ چيو ته ”عجيب اتفاق آهي تاريخ جو الميو آهي.“ اهو چئي هو وري شريف الدين ڏانهن ويو ۽ ٻئي کلي رهيا هئا. ايئن پئي لڳو ڄڻ ته هو پيرزادي جي تعريف ڪري رهيو هجي جيئن وڪيل ڪندا آهن. منهن تي هڪ پر پٺ ٻي، ٻاهر آياسين ته ايس ايم ظفر سامهون بيٺو هو مون هن کان پُڇيو ته سائين ڇا تبصرو آهي. چيائين اهو دليلن دوران ٻڌائيندس. باقي حيرت آهي ته شريف الدين پي سي او جو سهارو نه ورتو آهي ڇو ته پي سي او ۾ لکيل آهي ته مشرف خلاف ۽ پي سي او خلاف ڪا به عدالت ڪيس جي سماعت نه ڪندي پر پيرزادي ان جو سهارو ناهي ورتو. جنهن بعد عدالت جي پوزيشن ڏکي ٿي وئي آهي. ڏسجي ته شريف الدين باقي ٻن ڏينهن ۾ ڇا ٿو رنگ لائي. هن ڪيس ۾ شريف الدين بعد اٽارني جنرل عزيز منشي ڳالهائيندو جنهن بعد خالد انور جواب ڏيندو. ان دوران ٻين درخواستين جن ۾ اقبال حيدر، شاهد اورڪزئي، امتياز خان ۽ ٻيا شامل آهن انهن کي به 15 کان 20 منٽ ملندا. جنهن بعد آخر ۾ ايس ايم ظفر دليل ڏيندو. ان مان لڳي ٿو ته هي ڪيس اڃا هڪ ڏيڍ هفتو وڌيڪ هلندو.
(3 مئي 2000ع)