تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

ووٽر ڇو گهٽ هئا؟

ووٽر ڇو گهٽ هئا؟

نيٺ ڪالهه ريفرنڊم ٿي ويو، خبر ناهي ته عوام ريفرنڊم مخالف سياسي جماعتن جي سڏ کي مان ڏنو يا حسب روايت عدم دلچسپي ظاهر ڪندي ريفرنڊم ۾ ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪيو. پاڪستان ۾ 88ع ۾ ٿيل عام چونڊن کان وٺي 97ع تائين چئن عام چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ جو جائزو وٺون ته ٽرن آئوٽ جو رجحان مسلسل طور گهٽ رهندو آيو آهي. عام چونڊن ۾ وري به ٽرن آئوٽ 25 سيڪرو کان وڌيڪ رهيو، پر هن ريفرنڊم ۾ اهو رجحان ظاهري طرح ممڪن حد کان به تمام گهڻو گهٽ رهيو. اهڙيءَ صورتحال ۾ جنهن ”خاموش اڪثريت“ جي جنرل مشرف دعويٰ ڪندو رهيو آهي، ڏٺو وڃي ته اها خاموش اڪثريت هاڻي به خاموش رهي آهي. ريفرنڊم ۾ ٽرن آئوٽ گهٽ هئڻ جا ڪهڙا مک سبب ٿي سگهن ٿا. اچو ته انهن جو جائزو ٿا وٺون.
سڀ کان اهم سبب اهو آهي ته جنرل مشرف مک سياسي پارٽين سان تڪراري رويو اختيار ڪيو آهي، پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن)، جماعت اسلامي ۽ ان جي ٻين 5 مذهبي اتحادي جماعتن جيڪي متحده مجلس عامله ۾ شامل آهن. ان کانسواءِ پ پ ۽ مسلم ليگ سميت اي آر ڊي ۾ شامل ننڍيون وڏيون لاتعداد جماعتون به ريفرنڊم خلاف هيون. حڪومت شايد انهن سان جارحاڻو رويو رکيو، جنهن ڪري ريفرنڊم ۾ گهٽ ووٽ پيا، جيڪڏهن جنرل مشرف ريفرنڊم کان اڳ انهن جماعتن سان ڊائيلاگ ڪري ها ۽ کين ڳالهين ۾ مصروف رکي ها ته شايد ان سطح تي مخالفت نه ٿئي ها. هاڻي ريفرنڊم جي مخالفت ڪندڙ جماعتون اها دعويٰ ڪنديون ته عوام سندن چوڻ تي بائيڪاٽ ڪيو. جنرل مشرف پاران فاروق لغاري، ميان اظهر، عمران خان، عمر اصغر ۽ طاهر القادريءَ تي وڌيڪ انحصار ڪيو ويو. انهن جي عوامي سگهه جو جنرل مشرف کي ريفرنڊم ۾ اندازو ٿي ويو هوندو. صدر صاحب هڪ غلطي اها به ڪئي ته فوجي حڪومتن سان 50 سالن کان فطري اتحادي رهندڙ مذهبي جماعتن جي حمايت به هن وڃائي ڇڏي. جماعت اسلامي ۽ ٻين ضياءُ الحق واري ريفرنڊم جي حمايت ڪئي پر انهن جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ به جنرل مشرف ناڪام رهيو.
عين وقت تي ايم ڪيو ايم سان ان جي خواهشن موجب معاملا طئي نه ٿيڻ سبب سنڌ جي شهرن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ووٽنگ جي شرح گهٽ رهي. جنرل جلسو ته تمام وڏو ڪري ويو، پر ووٽ ايترا وٺي نه سگهيو. شايد حڪومتي مشيرن جي راءِ آهي ته جلسن ۾ ايڏي تعداد ۾ ماڻهو دنيا ڏسي چڪي آهي. تنهن ڪري ووٽ به اوترا ملي ويندا، جيڪڏهن ماڻهن ووٽ نه ڏنا ته فرشتا زندهه آباد. سنڌ جي شهري علائقن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ پ پ توڙي قومپرستن جي مخالفت سبب ووٽ نه مليا. پنجاب ۾ ووٽنگ جي شرح سنڌ کان ته بهتر رهي، پر اها ايتري هرگز نه هئي، جيڪا اطمينان بخش حد تائين هجي. سرحد ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي گول مول رويي ۽ خاموش مخالفت جو به ووٽ گهٽ ملڻ ۾ ڪافي عمل دخل آهي. سرحد جو گورنر صدر صاحب جو انتهائي پنهنجو ماڻهو آهي، تنهن ڪري هو دٻا خالي وڃڻ نه ڏيندو ۽ جڏهن نتيجا ايندا ته اوهين يقين ڪريو ته سرحد جو ٽرن اوور سڀني صوبن کان وڌيڪ هوندو.
ووٽ گهٽ ملڻ جو هڪ ٻيو مک سبب اهو به آهي ته ريفرنڊم جي ڏينهن عام موڪل نه ڪئي وئي. جنهن سبب مارڪيٽ، بازارون، ڪاروبار ۽ ڪاروباري مرڪزن جو پاڻ جائزو ورتو ته معلوم ٿيو ته جيڪي ماڻهو دڪان يا نجي آفيس کولي ويٺا آهن، اهي بند ڪري ڪيئن ووٽ ڏيڻ ويندا. موڪل نه ڪرڻ جو سرڪار کي اهو فائدو ٿيو ته سرڪاري ملازمن جا 80 کان 90 سيڪڙو ووٽ ته مليا، پر انهن جو تعداد عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ايترو نه هو، جنهن ڪري اهو سودو حڪومت کي مهانگو پيو. اڪثر پولنگ اسٽيشنن تي نه پرزائيڊنگ آفيسر هئا، نه اهي معززين هئا، جيڪي ريفرنڊم لاءِ حڪومت مقرر ڪيا هئا ۽ سندن لاءِ الائونس به منظور ڪيو. مون جي سڪس ٽو ۾ ارم مارڪيٽ جي پويان هڪ اسڪول ۾ قائم پولنگ اسٽيشن تي ووٽ ڏنو. اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ٻڌايو ته صبح جو 9 کان شام 4 وڳي تائين اڍائي سئو ماڻهو آيا آهن، عورتن جو تعداد تمام گهٽ هو. ان بعد پي ٽي وي جي هيڊ آفيس ۾ پولنگ تي سرڪاري ملازمن ووٽ ڏنا. پي بلاڪ ۾ ايس ۽ آر بلاڪ وارين پولنگز تي به سرڪاري ملازم وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيندي نظر آيا. هاليڊي ان هوٽل، جي پي او، ايف ايٽ، سپر مارڪيٽ جي پولنگز تي به ايتري رش نظر نه آئي. راولپنڊي ۾ مال روڊ، ويسٽرج (اعجاز الحق جو علائقو). صدر، مري روڊ، ڪاليج روڊ، سڪس روڊ تي به ڪا رش نظر نه آئي. پولنگ اسٽاف اوٻاسيون ڏيندو رهيو، جيڪي ڪئمپون هيون، انهن ۾ به 18 سال کان گهٽ عمر جا ڪجهه ٻار ۽ چند ووٽرز جي عمر جيترا ماڻهو ويٺا هئا. ”بحريه ٽائون“ هائوسنگ اسڪيم وارن 200 ديڳيون پلاءُ جون پولنگز تي ورهايون. اهڙيءَ طرح ٻين به تمام گهٽ خرچ ڪيو. هن ريفرنڊم جو اهو پهلو اهم آهي ته بينر ۽ پوسٽر ٺهرائڻ ۽ مانيون کارائڻ لاءِ خرچ ته ماڻهن ڪافي ڪيو، پر ووٽرن کي پولنگ تي آڻڻ ۾ هو ناڪام رهيا. عورتن جو تعداد پولنگز تي بنهه گهٽ نظر آيو.
مون کي 4 دوست اهڙا مليا، جن مان هڪ دوست 6 ووٽ ڏنا، ان همراهه ساڳئي پولنگ تي ٻه دفعا ووٽ ڏنا. ٻئي دوست 4 ووٽ ڏنا، ٽئين دوست به چار ووٽ ڏنا، جڏهن ته ٻئي همراهه رڳو ٻه ووٽ ڏنا. جيڪا ”اڻ مٽ“ مس لکين رپين جي لاڳت سان تيار ڪرائي وئي، اها پاڻي هڻڻ بعد لهي وئي. اليڪشن ڪميشن پاران ايتريون رعايتون ڏنيون ويون، جن ۾ بنا ووٽر لسٽ ۽ بنا شناختي ڪارڊ ووٽ ڏيڻ، 18 سال جي عمر وارن کي ووٽ جو حق ڏيڻ، پسند جي پولنگ تي ووٽ ڏيڻ وغيره جون سهولتون هيون، ان جي باوجود به ووٽنگ جو رجحان تمام گهٽ رهيو. جيڪڏهن پسند جي پولنگ تي بنا ووٽر لسٽن جي ووٽ ڏيڻ جو حق عام چونڊن ۾ ملي ته ووٽنگ جي شرح يقينن 70 کان 80 سيڪڙو هوندي.
مان جي سڪس ۾ موچي وٽ ويس. باجوڙ ايجنسي جا اهي ٻئي پٺاڻ ڀائر گذريل 5 سالن کان ان ٺيلهي تي ويهندا آهن. هنن کان پڇيم ته ووٽ ڏنو آهي، هنن چيو ته ”نه“ مون پڇيو ڇو؟ چيائون ته ”بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي دور ۾ به اسان موچڪو ڪم ڪندا هئاسين ۽ هاڻي به موچڪو ڪم ڪريون پيا، اسان لاءِ جهڙا بينظير ۽ نواز شريف هئا، تهڙو مشرف آهي. اسان جيڪڏهن ووٽ ڏيڻ وڃون ها ته ان دير ۾ 3 بوٽ پالش ڪري 15 رپيا ڪمائي وٺنداسين. اسان لاءِ حق حلال جي اها 15 رپين واري ڪمائي اهم آهي.“ ووٽنگ شرح جيتري به هجي پر ريفرنڊم ته خير سان جنرل صاحب کٽي ويو آهي پر سوال اهو آهي ته ريفرنڊم ۾ عوامي شرڪت جي اها شرح ڏسڻ بعد ڏسجي ته صدر مشرف پنهنجو رويو سياسي قوتن ڏانهن تبديل ڪري ٿو يا نه. جي هن اڃا وڌيڪ مخالفت وارو رجحان روا رکيو ته يقينن مستقبل ۾ سياسي قوتن ۽ حڪومت جو ٽڪراءُ ٿي سگهي ٿو. جنهن سان عدم استحڪام پيدا ٿيندو.
ريفرنڊم ڪرائڻ جو مقصد عالمي دنيا ۽ پاڪستان ۾ طاقت جي محور قوتن کي جنرل مشرف جيڪو نياپو ڏيڻ چاهي پيو ته عوام جي وڏي اڪثريت هن سان گڏ آهي ان ۾ هو گهڻو ڪامياب ناهي ويو ۽ سياسي حلقن موجب ريفرنڊم ”بائونس بيڪ“ ڪري ويو آهي. ڏسجي ته ان بائونس بيڪ جا نتيجا ڪڏهن ۽ ڪهڙا ٿا نڪرن؟ حڪومت ڀلي عدالتي ۽ عوامي حمايت جي دعويٰ ڪري پر ريفرنڊم جا نتيجا ”بائونس بيڪ“ ڪندا ۽ ان ۾ گهڻو وقت به ڪو نه لڳندو.
(پهرين مئي 2002ع)