واگها جي ويران ريلوي ا سٽيشن ڪنهن جي انتظار ۾ آهي؟
60ع واري ڏهاڪي جي شروع ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ”چناب فارمولي“ جي نالي سان هڪ تجويز پيش ڪئي وئي هئي. ان فارمولي موجب درياءَ چناب کي عالمي سرحد تسليم ڪرڻ جو چيو ويو هو. فارمولي مطابق مسلم اڪثريت وارا علائقا آزاد ڪشمير ۽ هندو اڪثريت وارا علائقا ڀارت حوالي ٿيڻا هئا. اهو فارمولو جوزف ڪاربل ڏنو. جوزف ڪاربل ڪلنٽن جي پرڏيهي وزير ميڊلن البرائيٽ جو والد هو. البرائيٽ ڊيموڪريٽس جي حڪومت ۾ 2 ٽرم رهڻ باوجود پنهنجي والد جي فارمولي تي عمل نه ڪرائي سگهي، نه ئي ان تي زور ڀريو. ميڊلن البرائيٽ جو مڙس البرائيٽ صحافي هو. ڪشمير جي حل واري ان چناب فارمولي موجب آزاد ڪشمير واري علائقي جي ماڻهن کي بعد ۾ ريفرنڊم جو حق به ملڻو هو، جنهن ۾ کين اهو فيصلو ڪرڻو هو ته هو پاڪستان سان گڏ رهندا يا آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ رهندا. تقريباً 47 سال اڳ ڏنل جوزف ڪاربل جي ان فارمولي تي هن وقت سنجيدگيءَ سان غور هلي رهيو آهي.
چيو ويندو آهي ته برطانيا ڪشمير کي اهڙي طرح تقسيم ڪري ويو جو ڪشمير ڀارت کي ۽ مسئلو پاڪستان کي ڏئي ويو. جيتوڻيڪ ڀارت سرڪاري طور اهو تسليم نٿو ڪري پر ڀارت جي سول سوسائٽي جا لاتعداد ادارا، تنظيمون ۽ ماڻهو مختلف فورمز تي اهو تسليم ڪري چڪا آهن ته هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڇڪتاڻ، دورين ۽ نفرتن جو مک ڪارڻ ڪشمير آهي. 1948ع، 1965ع، 1971ع ۽ 1991ع (ڪارگل) وارين ويڙهين ۽ جنگين ۽ اڄوڪي خوف ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال جو مک ڪارڻ به ڪشمير آهي. جيتوڻيڪ کوکرا پار سرحد ته ڳچ عرصي کان بند پئي آهي، پر هاڻي واگها بارڊر به بند ٿي ويو آهي. واگها جي روڊ واري سرحد تي اڄ به روزانو شام جو ساڍي چئين وڳي رسمي پريڊ ٿئي ٿي، ٻنهي پاسن کان ماڻهو ڏسڻ اچن ٿا ۽ ويراني جي ماحول ۾ عجيب سوچون کڻي واپس وڃن ٿا. واگها جي ريلوي اسٽيشن ته صفا سنسان آهي، رات جو ڪتا ٿا گهمن پر پوءِ به ريلوي اسٽاف هيٽر هلائي ويران اسٽيشن تي ويٺو رهي ٿو. ڇنڇر ڏينهن ساڍا چار ڪلاڪ نواز شريف واري موٽر وي ذريعي سفر ڪري واگها بارڊر تي پهتاسين، ”شڪاگو ٽربيون“ جي خصوصي رپورٽر مس ڪم بارڪر به گڏ هئي. اسين گاڏي واگها بارڊر تي لڳل گيٽ کان تقريباً اڌ ڪلوميٽر پري پارڪ ڪري، پنڌ ڪري سرحد وٽ پهتاسين. رستي ۾ ڪسٽمز، ايف آءِ اي، اميگريشن ۽ ٽوئرازم وارن جون آفيسون به ويران لڳيون. جڏهن کان سرحد بند ٿي آهي تڏهن کان هتان جي ايف آءِ اي ۽ ڪسٽمز وارا اهلڪار به حد کان وڌيڪ پريشان آهن. ايف آءِ اي جي ٻن اهلڪارن نالو ۽ عهدو ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ٻڌايو ته هفتي ۾ دوستي بس سروس جون ٻه بسون ڀارت وينديون هيون ۽ 2 بسون واپس اينديون هيون. هر هڪ بس ۾ 35 کان 40 مسافر هوندا هئا. ماڻهو مٽن مائٽن سان ملڻ ويندا هئا، ڪجهه تحفا کڻي ويندا هئا، ڪجهه کڻي ايندا هئا، ڪڏهن اسان جو به ڀلو ٿي ويندو هو. هاڻي الله الله پيا ڪريون. مس ڪم بارڪر کي شايد پنهنجي ايڊيٽر ٻڌايو هو ته پينٽ شرٽ پائي نه وڃجان ۽ ان ڪري هن هڪ ڏينهن اڳ اسلام آباد مان بند ڳلي وارا پاڪستاني ڪپڙا (شلوار قميض) خريد ڪيا هئا، پوتي به پاتي هئائين، هن کي ڏسي ڪري ئي شايد ڪسٽم وارن احوال ڪيا هئا، اڪيلو هجان ها ته شايد ايتري لفٽ نه ڪرائين ها. انهن چوڪين تان ٿي اسين سرحد تي لڳل گيٽ وٽ پهتاسين، ٻنهي پاسن جي دروازن کي ٻنهي ملڪن جي جهنڊي وارو رنگ ٿيل هو. گهري خاڪي وردي وارا ڀارتي رينجرز ۽ ڪاري مليشي شلوار قميض وارن پاڪستاني رينجرز جي جوانن کي ڊگهن طرن وارا پٽڪا پاتل هئا. هندستاني قد جا هلڪا هئا. پاڪستاني ست ۽ ساڍن ستن فٽن وارا جوان، لڳي پيو ته پوري رينجرز مان ڳولي ڳولي وٺي آيا هئا. آهستي آهستي ٻنهي پاسن کان ماڻهو گڏ ٿيڻ شروع ٿيا، هڪٻئي جي ماڻهن کي ڏسي رينجرز وارا جيڪي سڄو ڏينهن ماٺ ميٺ ۾ هوندا آهن، هڪٻئي کي اکيون ڦوٽاري ڏسڻ لڳا ۽ جي ٿري رائيفل جي کڙڪندڙ ميگزينن تي هٿ هڻي مڇون وٽي هڪٻئي ڏانهن تڪيندا رهيا. ٻنهي ملڪن پنهنجي پاسن کان پنهنجي پنهنجي ماڻهن لاءِ خوبصورت لان، بئنچون ۽ ڪرسيون لڳايون آهن. ڀارتي پاسي کان ڊولپيمنٽ ٿوري وڌيڪ لڳي رهي هئي. ساڙهيون ۽ جينز پاتل ڀارتي عورتون ۽ ڇوڪريون، پوڙها ۽ نوجوان ڪيمرائون ڳچين ۾ لڙڪائي ايڏي خوف ۽ ڊپ واري ماحول جي باوجود به پڪنڪ ملهائڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ آيا هئا. ڀارت جي پريڊ واري حد تي ساڄي پاسي نظارو ڪرڻ لاءِ اسٽيڊيم جيان تمام سٺي ويهڪ لاءِ جاءِ ٺاهيل هئي. ايڪو سائونڊ تي ڀارتي فلمي گانا هلي رهيا هئا. ”غدر“ فلم جي گاني ”مين نڪلا گڊي ليڪر، رستي ۾ اڪ موڙ آيا“ جڏهن هلي رهيو هو ته لاتعداد ڀارتي ڪرائوڊ وارا شايد حسرتن ۽ آسن سان پاڪستاني پاسي ڏسي رهيا هئا ۽ لڳي رهيو هو ڄڻ هو به لاهور ڏسڻ جا خواهشمند هئا. جنهن جاءِ تي ٻنهي ملڪن جي سرحدن تي لوهي، گيٽ لڳل آهن. ان جاءِ کان پاڪستان واري پاسي ٺيڪ ساڍن 27 ڪلوميٽرن بعد لاهور شهر آهي. جڏهن ته ايتري ئي مفاصلي تي ڀارت واري پاسي امرتسر آهي. سرحد وٽ گيٽ جي اوڀر واري پاسي هڪ جاءِ اهڙي هئي جتي ڪو به جنگلو وغيره نه هو، رڳو 3 انچن جي سفيد چوني جي پٽي هئي، جيڪا امن سرحد جي نشاندهي پئي ڪري. ٻنهي پاسن جي ماڻهن انهن سمورين رڪاوٽن نه هجڻ واري جاءِ تي ٺاهيل ننڍڙي برج کي هٿ لائي هڪٻئي جي ڌرتين تي قدم ٽپائي فوٽو پئي ڪڍايا. سندن اتساهه، آسن ۽ اميدن مان ته لڳو پئي ڄڻ ته هو ان سرحد کي تسليم ئي نٿا ڪن. هو بنا ويزا هڪٻئي جي حدن ۾ اچڻ لاءِ آتا پئي لڳا. ان موقعي تي ڪم بارڪر ۽ مون کي ميجر غوري بريفنگ ڏئي رهيو هو ته ڀارتي پاسي کان سندن ميجر غير ملڪين جي هڪ وفد کي به بريفنگ ڏئي رهيو هو، اسان جي وچ ۾ رڳو برج هئي. ڪا رڪاوٽ نه هئي. ڀارتي ميجر پاڪستان واري پاسي ٻه ٽي قدم هلي آيو ۽ ميجر غوري سان هٿ ملايائين، هنن عليڪ سليڪ ڪئي ۽ پوءِ هو واپس هليو ويو. ايستائين پاڪستاني پاسي پريڊ ڏسڻ لاءِ ٺاهيل اسٽيڊيم نما ويهڻ واري جاءِ تي قومي نغما هلي رهيا هئا. الله اڪبر جي زور دار نعرن ۽ ڪلاشنڪوف جي برسٽ هلڻ جي آوازن واري ڪيسٽ پئي هلي. پاڪستان واري پاسي مردن لاءِ ڌار گيلري آهي، عورتن لاءِ ڌار آهي، عورتون گهٽ مرد گهڻا هئا. ”چاچا ڪرڪيٽ“ واري اسٽائيل جو هوبهو هڪ پوڙهو اڀ ڏاريندڙ ”نعره تڪبير ۽ نعره حيدري“ جا نعرا هڻي رهيو هو. ايتري ۾ پريڊ شروع ٿي. ٻنهي پاسي جي رينجرز جا 8-8 جوان پريڊ ۾ حصو وٺندا آهن. پريڊ دوران ٻنهي ملڪن جا جوان ٽنگ مٿي تائين کڻي اهڙي نموني روڊ تي دافوڙو پيا هڻن جو کڙڪي تي ڇرڪ پيو نڪري. مون ميجر غوري کان پڇيو ته ”هنن جي بوٽن جا ترا ته ڌڪ ئي نه جهليندا هوندا؟“ چيائين ”هنن کي هر هفتي ۾ نوان ترا لڳرائڻ لاءِ خصوصي الائونس ڏيندا آهيون.“ ٻنهي پاسن کان هڪ هڪ جوان تمام تيزي سان گيٽ ڏانهن آيا، گيٽ کولي رسمي طور هٿ ملائي واپس آيا. وري ٻي جوڙي آئي، اهي اڳين کان وڌيڪ ڪاوڙ ۾ آيا. سندن اکين ۾ ڄڻ ته رت تري رهيو هو. جهنڊي جي پاسن ۾ بيٺا، ٽين جوڙي به ساڳئي نموني آئي ۽ جهنڊا لاٿائون، جهنڊا لاهڻ مهل پاڪستاني سپاهي جهنڊو آهستي آهستي لاهي رهيو هو ۽ ڀارتي جهنڊي کان مٿان مٿان رکي پاڪستان جي بالادستي جو احساس ڏياري رهيو هو. ان کان پوءِ چوٿين جوڙي آئي ۽ ايترو ته ڪاوڙ ۽ خار ۾ اچي ٺڪاءُ ڪري پنهنجا دروازا بند ڪيائون ڄڻ اجهو ٿا وڙهن. تقريب پوري ٿي ته اونداهي به ڪر کنيو، تيز تيز گهمندي واپس آياسين، هڪ ننڍڙو چارپائي هوٽل هو. کٽن تي ويهي چانهن پيئندي آس پاس جي ڳوٺاڻن کان احوال پڇياسين ته ڇا خبرون آهن. نرڙ ڳوٺ جي محمد عارف ۽ ڀان جي الله بخش ٻڌايو ته ”بارڊر جي اوڀر واري پاسي آبادي ناهي. اولاهئين پاسي ڏهاڪو ڳوٺ آهن. اندازي موجب هڪ لک جي آبادي آهي.“ نرڙ ڳوٺ ۾ رڳو 2 هزار گهر آهن. 80 سيڪڙو آبادي مائٽن ڏانهن منتقل ٿي وئي آهي. عارف ٻڌايو ته ”هو چار ڀائر آهن. والده ۽ والد سميت ٻارن ٻچن سوڌو 35 گهرڀاتي آهن. جن مان 4 ڀائر والد، والده، هڪ ڀاڄائي ۽ هڪ ڀائٽي گهر ۾ آهن. باقي هن پنهنجي زال ۽ ٻارن کي پتوڪي ۾ ڇڏيو آهي. هن چيو 20 ڏينهن کان ٻار ڀيڻ جي گهر ۾ آهن، سڪ به لڳي آهي. جنگ جو خوف گهٽ ته ٿيو آهي پر اڃا ٽريو ناهي. هزارين ڀارتي فوجي پنهنجي بارڊر تي ويٺا آهن ۽ جيسين واپس نه ويندا، تيسين خوف ختم نه ٿيندو.“ تيستائين اوندهه مڪمل طور ڇانئجي وئي هئي ۽ ڀارتي سرحد تي لڳل سرچ لائيٽون به ٻري چڪيون هيون، جيئن ڪراچي ريل ذريعي ويندي اسٽيل ملز وٽان بتين جي قطار خوبصورت لڳندي آهي، اهڙيءَ طرح سرحد تي لڳل سرچ لائيٽون به سهڻيون پئي لڳيون.
اسين عارف سان گڏ ويران ٿيل واگها ريلوي اسٽيشن تي وياسين. نظارو ڪري نرڙ ڳوٺ وياسين. هي ڳوٺ 48ع ۾ هندستان کان آيل مهاجرن آباد ڪيو. ميون قوم جي انهن ماڻهن جي ٻولي لياقت آباد ۽ حيدرآباد جي تيلين واري ٻولي پئي لڳي. قمبر جي گوپانگن وانگر لفظ لفظ سان هڪٻئي کي گار پئي ڏنائون. ڳوٺاڻا آمريڪي عورت کي حيرت ۽ حسرت مان ڏسي رهيا هئا. مال جي سڪايل ڇيڻن جي مچ تي ويٺلن کي ڏسي ڪم بارڪر کان ٽهڪ نڪري ويو. اتي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اڄڪلهه ڪجهه گهرن جا ماڻهو واپس آيا آهن. ڪولن پاول ۽ ٽوني بليئر جي دورن بعد ماحول بهتر ٿيڻ جي اميد ته پيدا ٿي آهي پر اڃا خوف برقرار آهي. واپسي تي عارف ڪڻڪ جي فصل ۾ وڇايل بارودي سرنگهون ڏيکاريون، ڪجهه جاين تي پاڪ فوج جا جوان به ڏسڻ ۾ آيا. واگها ريلوي اسٽيشن جي ڪوارٽرز ۾ به پاڪ فوج جا چاق ۽ چوبند دستا ويٺل نظر آيا. اسين واپس لاهور جي پرل ڪانٽينينٽل هوٽل ۾ آياسين، ڪم بارڪر اسلام آباد کان هلڻ کان اڳ ئي ڌار ڌار ڪمرا بڪ ڪرايا هئا. اهي ڪمرا بارگين بعد پاڪستانين کي 6 هزار في رات لاءِ ڏيندا آهن، پر هن آمريڪي عورت کان 210 ڊالر في ڪمرو چارج ڪيائون. اهو ٻڌايو مانس ته چيائين ”اخبار وارا ڀريندا. امير ڪمپني آهي.“ رات جو کائي پي لڪشمي چوڪ جو چڪر هڻي پنهنجي پنهنجي ڪمري ۾ ستاسين. صبح جو داتا درٻار تي وياسين. گيٽ تي بورچين ورايو، چيائون ديڳ جو نذرانو ڏيو. 6 ڪلو چڻا پلاءُ جي ديڳ جا 250 ريٽ ٻڌايائون. انهن مان جان ڇڏائي ته اچي فقيرن گهيرو ڪيو. الله جي نالي نه، پر ڪپڙن کان ڇڪي سلطان راهي اسٽائيل ۾ خيرات پئي گهريائون. بوٽ جمع ڪرائي درگاهه جي حد ۾ داخل ٿياسين، آمريڪي عورت کي ڏسي عورتن توڙي مردن جا هجوم پئي گڏ ٿيا. ايتري ۾ هڪ ملنگ آيو. هر آڱر ۾ منڊي پاتل هئس، چيائين ”هي آمريڪي ظالم آهن، هيءَ سڀاڻي اخبار ۾ لکندي ته مسلمان سڀ فقير آهن، هن سان نه ڳالهايو.“ اهو ملنگ انگريزي ڳالهائي رهيو هو، ڪم بارڪر کي سڌيون ٻڌائي الله الله ڪندو هليو ويو. هجوم ۾ بيٺل هڪ همراهه ٻڌايو ته ”هي پائليٽ هو. فقيري رنگ چڙهيس. سڀ ڇڏي درگاهه تي ويٺو هوندو آهي.“ سهيل نالي هڪ نوجوان ماءُ ۽ ڀيڻ سان گڏ دال ماني ورهائي رهيو هو. ٻڌايائين ته آمريڪي ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ جو ملازم آهي. هن چيو ته جڏهن پريشان ٿيندو آهيان ته هتي ايندو آهيان. سرڪار جي زيارت بعد خوش ٿي ويندو آهيان. اسان بوٽ ورتا ته بوٽ رکندڙ گونگو هو، چيائين ”100 رپيا ڏيو، انگريزياڻيءَ جو بوٽ آهي.“ 50 ڏئي جان ڇڏائي. ڊرائيور چيو ته موٽر وي تي ننڊ ٿي اچي. جي ٽي روڊ سان هلنداسين. شير شاهه سوري وارو گرينڊ ٽرنڪ روڊ پڻ هاڻي ڊبل ٿي ويو آهي ۽ موٽر وي جهڙو ئي آهي، اهو وٺي شام جو واپس ماڳ موٽياسين. ڪم بارڪر جي انارڪلي گهمڻ ۽ مجرا ڪندڙن جا انٽرويو ڪرڻ جي خواهش پوري نه ٿي. چيائين، ”اڃا 3 هفتا آهيان، بسنت ۾ لغڙ ڏسڻ اينديس، مٿئين مهيني پوءِ انارڪلي تي به اسٽوري ڪنديس.“
(23 جنوري 2002ع)