اين ايف سي ايوارڊ جي نئين سر تشڪيل جي ضرورت
ڳچ عرصي کان وفاق ۽ صوبن وچ ۾ پئسن جي معاملي تي ڦڏو هلي رهيو آهي. صوبن کي اها شڪايت آهي ته مرڪز نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ مطابق صوبن کي پئسا نٿو ڏئي. صوبن جي اها شڪايت بلڪل جائز آهي، جيڪڏهن مستقل طور تي پئسن جو ڦڏو صوبن ۽ مرڪز ۾ هلندو رهيو ته ان جا نتيجا ڪي سٺا ۽ مثبت ڪو نه نڪرندا.
هلندڙ اين ايف سي ايوارڊ جيڪو 95ع ۾ اچڻو هو، اهو پ پ حڪومت نه ڏئي سگهي. 5 نومبر 96ع تي جڏهن بينظير حڪومت برطرف ٿي ته صدر فاروق لغاري اين ايف سي ڪميشن جوڙي ۽ نگران حڪومت کان تڙ تڪڙ ۾ مالياتي ايوارڊ تي صحيحون ڪرايون، ان تي صحيحون ته 2 فيبروري 97ع تي ڪوئٽا واري اجلاس ۾ ٿيون پر ان ايوارڊ کي نالو 1996ع جو ڏنو ويو. پهريون اين ايف سي ايوارڊ 1951ع ۾ آيو. ٻيو 62-1961ع ۾، ٽيون 1964ع ۾ چوٿون 1970ع ۾، پنجون اين ايف سي ايوارڊ 1974ع ۾ ڏنو ويو: موجوده آئين جيئن ته 1973ع ۾ آيو تنهن ڪري موجوده آئين مطابق 74ع وارو اين ايف سي ايوارڊ پهريون ايوارڊ هو. 1974ع کان پوءِ 1979ع ۾ اين ايف سي ايوارڊ اچڻو هو پر اختلاف راءِ سبب نه اچي سگهيو ۽ 12 سالن بعد 1990ع ۾ 73ع جي آئين مطابق ٻيو ايوارڊ آيو ۽ مجموعي طور تي ڇهون ايوارڊ هو، جيتوڻيڪ آئين جي آرٽيڪل 160 مطابق هر 5 سالن لاءِ لازمي طور مالياتي ايوارڊ ڏيڻو آهي پر اها آئيني گهرج ضياءَ الحق جي آمراڻي دور ۾ پوري نه ڪئي وئي. ضياءَ الحق ته خير پوري آئين کي ڪاغذ جو ٽڪرو قرار ڏئي ڦاڙڻ جي حام هنئي هئي سو هن کي ان آئين جي هڪ آرٽيڪل جي ڪهڙي پرواهه هئي. خير ان بعد مجموعي طور ستون مالياتي ايوارڊ فاروق لغاري 1997ع ۾ ڏنو.
98-1997ع جي مالي سال ۾ موجوده هلندڙ اين ايف سي ايوارڊ پهريون دفعو لاڳو ٿيو ۽ اڃا اهو ايوارڊ 2002-2001ع جي مالي سال تائين لاڳو رهندو. موجوده اين ايف سي تي تڏهوڪي نگران وزيراعظم ملڪ معراج خالد، پنجاب جي ناڻي واري وزير اظهر الحق، سنڌ جي ناڻي واري وزير ڪنور ادريس، سرحد جي ناڻي واري وزير محب الرحمان ڪياني، بلوچستان جي وڏي وزير ظفر الله جمالي، وزيراعظم جي ناڻي واري مشير شاهد جاويد برڪي، پنجاب جي ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد، سنڌ جي ميمبر نبي بخش ڀرڳڙي، سرحد جي ميمبر امتياز احمد صاحبزاده، بلوچستان جي ميمبر خورشيد ماڪر ۽ وفاقي ناڻي واري سيڪريٽري معين افضال صحيحون ڪيون هيون. جيتوڻيڪ پنجاب کانسواءِ باقي سمورن صوبن اعتراض ڪيا ته هن مالياتي ايوارڊ ۾ کين فائدو ناهي پر فاروق لغاري سڀني کي ماٺ ڪرائي ڇڏيو. ان ايوارڊ بابت ننڍن صوبن کي اڄ به اعتراض آهن ۽ ڪيترائي دفعا مرڪز کي چيو آهي ته ان تي نظرثاني ڪري نئون ايوارڊ ڏيو پر هميشه مرڪز وارن اهو مطالبو رد ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هي ايوارڊ ڪافي ناهي پر پوءِ به ان ايوارڊ ۾ ڪيل واعدي مطابق ڪڏهن به وفاقي حڪومت صوبن کي ڄاڻايل رقم نه ڏني آهي. ايوارڊ تي صحيحون وٺڻ کان پوءِ وفاقي حڪومت چالاڪي اها ڪئي جو هڪ اڻ لکيل آرڊر ذريعي چئني صوبن کي زوري تسليم ڪرايو ته ضروري ناهي ته اوهان کي اين ايف سي ايوارڊ مطابق هر سال فنڊز ملن پر جيتري وفاقي حڪومت کي ٽيڪس ملندي ان حساب سان اوهان کي پئسا ملندا جيڪڏهن ٽيڪس گهٽ وصول ٿيندي ته پئسا به گهٽ ملندا. ان فارمولي تي پنجاب 97ع کان وٺي ان ڪري اعتراض نه ڪيو آهي جو مرڪز ۾ به هو پاڻ ئي آهن ۽ وڏي صوبي جي واڳ به وٽن آهي. سرحد کي جڏهن کان هائيڊل بجلي جي رائلٽي ملي رهي آهي ته هو به گهڻو احتجاج نٿا ڪن. باقي سنڌ جنهن جو ڪو ڌڻي سائين، والي وارث ڪونهي روئن به پاڻ ريجهن به پاڻ، بلوچستان ۾ مسلم ليگي حڪومت هوندي به مڙئي پٽڪو جام پيا ڪن پوءِ ڪڏهن چاغي ته ڪڏهن گوادر جي نالي اسپيشل امداد وٺي ڪم پيا هلائين. جيتوڻيڪ سندن اهو عارضي انتظام آهي پر پوءِ به هو ناخوش ناهن.
ننڍن صوبن سان هڪ زيادتي اها آهي جو اين ايف سي ايوارڊ ۾ واضح ڪيل فارمولي مطابق پئسا نٿا ملن ٻيو ته جيڪا رقم حڪومت اين ايف سي کان گهٽ واري ڏيڻ جو واعدو ڪري ٿي اها وقت تي رليز نٿي ڪري. جنهن ڪري ننڍا صوبا اسٽيٽ بئنڪ کان اوڌر وٺي ڪم پيا هلائين جنهن ڪري سندن مالياتي نظام درهم برهم لڳو پيو آهي. نه صرف اهو پر اهي صوبا اسٽيٽ بئنڪ کان جيڪو قرض وٺن ٿا ان تي ڪروڙين رپيا وياج به ادا ڪن ٿا جيتوڻيڪ هنن جي رقم وفاق وٽ پيل آهي جيڪڏهن اها کين وقت سر ملي ته نه صرف صوبن جو انتظام ٺيڪ ٿيندو پر هو وياج ڀرڻ کان به بچي ويندا. سنڌ جي مناسب نمائندگي نه هئڻ ۽ سنڌ ۾ سدائين ڪمزور حڪومت رهڻ ڪري سنڌ وارا پنهنجي حڪومت بچائڻ ۾ ئي هميشه رهيا آهن پوءِ اهو کڻي قائم علي شاهه هجي يا عبدالله شاهه، لياقت جتوئي هجي يا معين الدين حيدر. اڄ وفاق خلاف جذبات اڀري رهيا آهن. پنجاب خلاف به ننڍن صوبن ۾ ڪا سٺي راءِ ناهي جيڪڏهن اها صورتحال اڃا به ڪجهه عرصي لاءِ جاري رهي ۽ ان دوران سنڌ کي ڪو سنڌ ڄائو سٺو ليڊر يا نمائندو مليو ته پوءِ هڪ نئون باڪس کلندو ۽ فلڊ گيٽ کلندا جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. اهڙي صورتحال تي هاڻي ته پير صاحب پاڳارو به اسلام آباد جي ايوانن ۾ اهو آواز اٿاري ٿو ته ”ون يونٽ کان اڳ سنڌ خوشحال ۽ مالي وسيلا سرپلس هئا ۽ پنجاب خساري ۾ هو پر بعد ۾ پنجاب سدائين سرپلس ۾ ٿو هلي ۽ سنڌ خساري ۾.“ اها ڳالهه مون پهريون دفعو سائين امداد شاهه جي واتان اٺ مهينا اڳ ٻڌي هئي جيڪا ڪوٽ به ڪئي هئي ۽ هاڻي پير صاحب به ساڳئي ڳالهه ڪري ٿو.
اها جائز ۽ حقيقت تي ٻڌل ڳالهه آهي جنهن جو تاريخي ثبوت موجود آهي. پير صاحب ته اڃا وڌيڪ اڳتي ويندي اهو به چوي ٿو ته صوبن کي حق ڏيو، ڪالوني وارو ورتاءُ نه ڪيو، غلام نه بڻايو، پنجاب رويو ٺيڪ ڪري. سنڌ کي اهڙي بي ڊپي ليڊر شپ ۽ نمائندي جي ضرورت به آهي جيڪو اسلام آباد جي پنجابي پريس ۽ پارليامينٽرن کي سڌا جواب ڏئي حقيقت مڃائڻ تائين پوئتي نه هٽي. بهرحال اهو هڪ ڌار موضوع ۽ بحث آهي اسين هتي اين ايف سي بابت بحث ڪري رهيا هئاسين.
آئين ۾ اهو به لکيل آهي ته مالي وسيلن جي ورڇ آدمشماري جي بنياد تي ٿيندي. 96ع وارو اين ايف سي ايوارڊ 1981ع واري آدمشماري مطابق آهي. هاڻي جڏهن 98ع واري آدمشماري جا نتيجا اچي ويا آهن ته پوءِ انهن مطابق اين ايف سي تي نظرثاني ڪري نئين سر تشڪيل ڇو نه ٿي ڏني وڃي؟ سنڌ ۽ سرحد ٻه اهڙا صوبا آهن جن کي 98ع واري آدمشماري مطابق اين ايف سي ايوارڊ جوڙڻ سان وڌيڪ فائدو ٿيندو. پنجاب ۽ بلوچستان جو حصو گهٽ ٿيندو هن وقت 1981ع واري آدمشماري مطابق صوبن کي وفاقي ڊويز ايبل پول مان ملندڙ حصو هن طرح آهي.
سنڌ 23.28 سيڪڙو، پنجاب 57.88 سيڪڙو، سرحد 13.54 سيڪڙو، بلوچستان 5.30 سيڪڙو.
1998ع واري آدمشماريءَ مطابق جڏهن اسين صوبن ۾ مالياتي وسيلن جي ورڇ ڪريون ٿا ته ان صورت ۾ هي پوزيشن بيهي ٿي.
سنڌ 23.68 سيڪڙو، پنجاب 57.31 سيڪڙو، سرحد 13.86 سيڪڙو، بلوچستان 5.14 سيڪڙو
مٿي ڄاڻايل فارمولن مطابق انگن اکرن کي ڏسبو ته پنجاب ۽ بلوچستان جي رقم گهٽ ٿيندي سنڌ ۽ سرحد کي وڌيڪ حصو ملندو. 98-97ع ۾ اين ايف سي مطابق صوبن کي ڊويز ابيل پول مان 39.6- ارب رپيا ملڻ گهرجن ها پر کين 139 بدران 115 ارب رپيا به ڪو نه مليا. 99-98ع دوران اين ايف سي ايوارڊ مطابق صوبن کي 165 ارب رپيا ملڻ گهرجن ها پر مليا رڳو 122 ارب رپيا. (پنجاب کي 70.61 ارب، سنڌ کي 28.40 ارب، سرحد کي 16.51 ارب ۽ بلوچستان کي 6.46 ارب رپيا). ٻين صوبن جي خبر ناهي پر سنڌ کي 99-98ع جي هلندڙ مالي سال ختم ٿيڻ ۾ رڳو 16 ڏينهن بچا آهن پر اڃا تائين 8 ارب رپيا اڃا ڪو نه مليا آهن.
هاڻي جڏهن 2000-99ع لاءِ بجيٽ پيش ٿي چڪي آهي ته ان ۾ صوبن کي 138 ارب رپيا ملڻا ٿيا آهن. جڏهن ته اين ايف سي ايوارڊ مطابق 195.22 ارب رپيا ملڻ گهرجن. ٺيڪ آهي مجموعي طور ٽيڪس وصولي گهٽ ٿيڻ جو سبب جيڪڏهن تسليم ڪجي ته جيڪي هن وقت 138 ارب رپيا وفاق ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي ان جي گارنٽي ته ڏئي. وفاق آخر زيادتي ڪري جهان خان ۽ فيصلو به هو ڪري.“ وارو رويو ڪڏهن ختم ڪندو. 2000-99ع واري بجيٽ ۾ مالياتي ورڇ جو فارمولو 81ع جي آدمشماري وارو ڇو آهي؟ 98ع جي آدمشماري کي بنياد ڇو نه ٿو بڻايو وڃي.
اين ايف سي ايوارڊ ۾ جيڪا وڏي ۾ وڏي صوبن سان زيادتي ڪئي وئي آهي اها سيلز ٽيڪس وفاقي پول ۾ شامل ڪرڻ واري آهي. پوري دنيا ۾ سيلز ٽيڪس صوبائي ٽيڪس آهي پر پاڪستان ۾ اها وفاق ٿو وصول ڪري. شروع ۾ اهو چيو ويو هو ته وفاق جي حالت خراب آهي عارضي بنياد تي صوبن کي اها ٽيڪس قرباني ڏئي وفاق کي ڏيڻ گهرجي ايندڙ ايوارڊ ۾ صوبن کي واپس ڪئي ويندي. اڄ 25 سال ٿيا آهن پر وفاق اها ٽيڪس صوبن کي واپس نٿو ڪري. ٻيو ظلم اهو آهي ته پوري دنيا ۾ ٽيڪس وصول ڪرڻ جي چارج 5 کان 10 سيڪڙو هوندي آهي پر پاڪستان ۾ وفاق صوبن کان 20 سيڪڙو وصولي چارجز وٺي ٿو. جيڪا ٽيڪس وصول ٿيندي آهي ان مان 20 سيڪڙو رقم کي 100 سيڪڙو ڊڪليئر ڪري اها صوبن ۾ 81ع جي آدمشماري مطابق ورهائي ٿو. گذريل 25 سالن کان صوبا رڙيون ٿا ڪن ته وفاق پهرين ڳالهه ته ٽيڪس وصول پاڻ نه ڪري ۽ سيلز ٽيڪس صوبن کي پاڻ وصول ڪرڻ ڏئي. اها ڳالهه وفاق ان ڪري نٿو مڃي ته ڪجهه صوبن جا خاص ڪري سنڌ مان سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ٿئي ٿي سرحد ۽ بلوچستان مان رقم بنهه ٿوري ٿي ملي. پنجاب کي به نقصان ٿئي ٿو. هلو ٺيڪ آهي وفاق وصول ڀلي ڪري پر صوبا چون ٿا وصولي چارجز 10 سيڪڙو ورتي وڃي 20 سيڪڙو ڇو؟ پر هتي ته هر حڪمران پنهنجو خرچ به صوبن جي کيسي مان ٿو ڪڍي. اهڙي صورتحال صوبن کي انتهائي ڪمزور ۽ تباهه ڪيو آهي پر مضبوط وفاق به نه ٿي سگهيو آهي. بهرحال سنڌ جي جيڪڏهن ڪو مالڪي ڪري ۽ ڪورٽ ۾ ڪيس کڻي وڃي ته ڪيس ڏاڍو مضبوط آهي.
(14 جون 1999ع)