اسلام آباد ۾ موجود هڪ ننڍڙي سنڌ
مرگلا پهاڙين جي هنج ۾ واقع پاڪستان جي سرڪاري شعبي هيٺ هلندڙ قائداعظم يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شاگردن جي غير سياسي تنظيم مهراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل پنهنجي پندرهين سالگره ملهائي. هونئن ته پاڪستان ۾ 22 کان وڌيڪ سرڪاري يونيورسٽيون آهن پر سنڌ جي ٻن يونيورسٽين سنڌ ۽ شاهه لطيف يونيورسٽين جي اڪثر شاگردن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ نجي شعبي ۾ نوڪريون نه ملنديون آهن. ساڳئي نموني بلوچستان جي يونيورسٽين جو به اهو ئي حال آهي. ان جو سبب اهو آهي ته انهن يونيورسٽين جا ڪجهه استاد به شاگردن کي چوندا آهن ته انگريزيءَ ۾ اسين ليڪچر ان ڪري نٿا ڏيون ته اها ڌارين جي زبان آهي. مطلب ته استادن کي انگريزي ئي نه ايندي آهي ته شاگردن کي ڇا ايندي هوندي (استادن ۽ شاگردن کان معذرت سان بلڪل ايئن به ناهي ته سڀ استاد ۽ سڀ شاگرد ڄٽ آهن، ڪجهه بهتر به آهن انهن کي سندن خدمتن تي سلام آهي). پر عام تاثر اهو ئي آهي.
هونئن ته مجموعي طور ملڪ جي سرڪاري شعبي وارن تعليمي ادارن جو حال خراب آهي پر سنڌ وارن جو ڪجهه وڌيڪ ئي آهي. اهڙي ماحول ۾ قائداعظم يونيورسٽي ملڪ جي واحد سرڪاري شعبي جي يونيورسٽي آهي جنهن جي ڊگري ملڪ جي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ڪيش ڊگري سمجهي ويندي آهي. جڏو شاگرد هتي هلي ئي نٿو سگهي. هن يونيورسٽيءَ ۾ 16 مختلف شعبا آهن. 2500 شاگرد هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا آهن. هر سال 256 شاگردن لاءِ سنڌ جي ڪوٽا آهي پر سنڌ جي ٻهراڙيءَ توڙي شهري علائقن جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون 100 کان 110 تائين مشڪل سان ايندا آهن، ڇوڪرين جو انگ اڄڪلهه 10 کان 15 تائين مشڪل سان ٿيندو، باقي ڇوڪرا آهن. جيتوڻيڪ بهتر تعليم لاءِ هي هڪ سٺو ادارو آهي پر پوءِ به سنڌ جي 3 ڪروڙ ماڻهن مان 100 کن شاگرد مشڪل سان اچن ٿا.
اسلام آباد ۾ ڊپلوميٽڪ مشنز جي ڀر ۾ واقع هن يونيورسٽيءَ ۾ سنڌين، پٺاڻن، سرائيڪين ۽ پنجابين جون ڪائونسلون آهن، اهي ڪائونسلون پنهنجي شاگردن لاءِ هڪ پاسي غير نصابي سرگرمين جو اهتمام ڪنديون آهن ته ٻئي پاسي سندن پڙهائيءَ ۾ ايندڙ مشڪلاتون دور ڪرڻ لاءِ به ڪردار ادا ڪنديون آهن. جيتوڻيڪ پنجابي ڳالهائيندڙن جو انگ هن يونيورسٽيءَ ۾ گهڻو آهي پر پنجابي ڪائونسل جي ميمبرشپ ڪا گهڻي ناهي. هتي جي سمورين ڪائونسلز ۾ پڙهڻ ۾ ٻئي نمبر تي ۽ ڦڏي جي لحاظ کان پهرين نمبر تي مهراڻ ڪائونسل آهي.
15 سالن اڳ ئي چار سنڌي ڇوڪرا جڏهن هتي پڙهڻ آيا هئا ته مارون کائڻ بعد شمس ڄامڙو نالي شاگرد مهراڻ ڪائونسل جو بنياد وڌو هو. شمس اڄڪلهه سنڌ ۾ سينيئر آفيسر آهي. تنهن جي ٻاريل لاٽ کي بعد ۾ ايندڙ شاگردن اڄ تائين وسامڻ نه ڏنو آهي. مهراڻ ڪائونسل جي عروج جو دؤر حسين ڪلوڙ جي چيئرميني سنڀالڻ بعد شروع ٿيو جيڪو اڄ به جاري آهي. جيتوڻيڪ هن وقت جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين خالق جوڻيجو جو پٽ چيئرمين آهي پر تنهن هوندي به مهراڻ جي ڦڏائي هئڻ واري شناخت هن به ختم نه ڪرڻ ڏني آهي.
اسلام آباد- جنهن کي مظهر الاسلام وڏن بنگلن جو شهر چوندو آهي. تنهن کي امر جليل گدڙن جو شهر چوندو آهي پر اسان جو يار مختيار ٽالپر سوئرن جو شهر چوندو آهي. ملڪ جو ڪاروهنوار هلائيندڙ وڏي مشينري به هتي آهي پر هتان جي گرين بيلٽس ۽ جنگلن ۾ سوئر ۽ باندر حد کان وڌيڪ آهن. شايد اهو ئي سبب آهي ته هن شهر کي هر ماڻهو مختلف حوالن سان سڏيندو آهي. هتي اٽڪل 2 هزار سنڌي ڪٽنب رهندا آهن پر سندن سماجي سرگرميون نه هجڻ جي برابر آهن. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۽ مهراڻ ڪائونسل هن شهر جون واحد سنڌين جون تنظيمون آهن جيڪي مڙئي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان سنڌي ماڻهن کي راڳ رنگ، ڊانس، جهمر پائڻ، ٻڌڻ ٻڌائڻ ۽ سنڌ سان تعلق کي ثابت قدم رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن. ڊاڪٽر سليمان شيخ جي اسلام آباد ڇڏڻ ڪري سگا تي فرق پيو آهي ۽ سڃي سڃي ٿي پئي آهي. باقي آهي مهراڻ ڪائونسل، جنهن جي مختلف پروگرامن ۾ جيتوڻيڪ شاگردن جي Participation (شرڪت) وڌيڪ هوندي آهي پر شهر ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو به ان جي پروگرامن ۾ ايندا آهن.
مهراڻ ڪائونسل جا سنڌي شاگرد جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ گهمندا آهن ته اڪثر ٽولن جي صورت ۾ هوندا آهن. هو زلزلن ۽ برساتن کان مضبوط يونيورسٽيءَ جي ڪلاسن، Lawns، لائبريري ۽ هاسٽلز وٽان گهمندي ڦرندي پڙهندڙ ڇوڪرين کي ڏسي دل ئي دل ۾ کلندا آهن. پري کان هو چوندا ”ادا فلاڻي سمجهه ته منهنجي آهي. فلاڻي، فلاڻي جي آهي.“ هڪ ڏينهن وڃڻ جو اتفاق ٿيو ته فلاڻي منهنجي فلاڻي منهنجي وارا جملا ٻڌي حيراني ٿي. سنڌي شاگردن جي هڪ اها به ”خوبي“ آهي ته هو موڪل جي وقت پوائنٽس جي روانگيءَ مهل ڪيفي ٽيريا جي سامهون روز پوڻي 3 وڳي گڏجڻ شروع ڪندا آهن ۽ روزانو اهو وقت مس نه ڪندا آهن، يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ برگر فيمليز جي رنگ برنگي پهراڻن وارين ڇوڪرين کي ڏسي پيا روح ريجهائيندا آهن پر ان سان گڏوگڏ پڙهائي به ڪو نه ڇڏيندا آهن. هنن کي خبر آهي ته هڪ سيمسٽر بعد پڙهائي ٺيڪ نه هئڻ ڪري کين گهر وڃڻو پوندو، ان ڊپ کان رات جو پڙهائي به ڏاڍي ڪندا آهن.
سنڌي ڇوڪرا سنڌ کان ايندڙ اديبن، دانشورن ۽ سياسي ماڻهن جا ليڪچر به ڪرائيندا آهن ۽ راڳ رنگ به ڪندا آهن. هتي پنجابين ۽ پٺاڻن سان نفرت گهٽ اٿن، سڀ پاڻ ۾ پيارا پاڪستاني لڳا پيا هوندا آهن. جيڪڏهن ڪو پروگرام هوندو آهي ته استادن کي به دعوت ڏيندا آهن ۽ سندن سامهون اجرڪ ڳچين ۾ وجهي جهمريون پائي گانا چئي سندن روح ريجهائيندا آهن. تازو بخشڻ مهراڻوي ۽ مظهر لغاري آيا هئا، ڪامريڊ ڪرشن ڀيل به گڏجي هليو مهراڻ وارن جي ميس ۾ ٿيل پروگرام ۾، ڄڻ ته موجون اچي ويو. بخشڻ مهراڻوي به چرچائي آهي پر ڇوڪرن به ساڻس چڱي جٺ ڪئي هئي. خيرپور، لاڙڪاڻي ۽ دادو جي ڇوڪرن جو ٽولو ڀوڳن ۾ مشهور آهي. ڇوڪرا هڪ ٻئي سان ڪچا ڀوڳ کلي عام ايئن ڪندا آهن جو جيڪر سندن ڀوڳن ۽ ٽهڪن جو چهچٽي پروگرام ۾ مقابلو ڪرائجي ته همراهه ڪنهن کي بور ڪو نه ڪندا. تازو ٿائيلينڊ ۾ کلڻ جو جيڪو مقابلو ٿيو ان ۾ ابراهيم مزناڻي، شعيب جاگيراڻي ۽ عجيب هيسباڻي کي موڪلجي ها ته پهريون نمبر کڻي اچن ها. روهڙيءَ جو عامر ميمڻ جيڪو سدائين مرڪندو رهندو آهي، اهو مارڪيٽنگ ۾ ايم بي اي پيو ڪري جهڙي مارڪيٽنگ جي شعبي جي ماڻهن جي Requirement (ضرورت) هوندي آهي هي همراهه ان لاءِ شايد اڳواٽ تياري ڪندي پيو مسڪرائيندو آهي، شرمائيندو به ڏاڍو آهي. ڇوڪرن کي چوندو آهي مون سان ڀوڳ نه ڪندا ڪريو. سنڌي ڇوڪرا سگريٽ به ڏاڍا ٿا پيئن. ايتري قدر مشهور آهن جو چوندا آهن ته يونيورسٽي ۾ ڪنهن پاسو کنهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سگريٽن جا سوين سوالي هٿ سامهون اچي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ سگريٽ ڇهه ڇهه ڄڻا به پيئندا آهن. هڪ ڳالهه حيرت جوڳي آهي ته سنڌي ڇوڪرا جيڪي سدا عاشق هوندا آهن پر هتي سنڌي ڇوڪرين جي ڀينرن وانگر عزت ڪندا آهن. شايد پنهنجي ڏيهه کان پري آهن ان ڪري ايئن ڪن ٿا. باقي سنڌ ۾ ته ادي ڀيڻ به چوندا ته سندن اکين ۾ اڻائي ضرور هوندي. جنهن جو اظهار تازو ڪاوش ۾ ڪرايل هڪ سروي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي مارئي هاسٽل جي ڇوڪرين ڪيو به هو.
ڪجهه ڇوڪرا جيڪي فيل ٿي پيا آهن اهي پوءِ به مائٽن کان ڇهن مهينن تائين خرچ وٺندا آهن ڇو ته هتان جو ماحول کين ڇڏيندي ڏکيو لڳندو آهي. انهن مان هڪ همراهه ته روز شهپرن ۽ ڏاڙهيءَ کي تيل هڻي عينڪ پائي اوڌر تي چانهه پيئڻ Huts تي ايندو آهي ته بيرا به کانئس بيزار هوندا آهن. مهراڻ جي فنڪشنز جي ڪمپيئرنگ اڪثر ڪري نور آريجو ڪندو آهي. جيڪو بقول مهراڻ وارن جي ته هنن جو انڌن ۾ ڪاڻو راجا آهي.
مهراڻ جي 15هين سالگره جو فنڪشن يونيورسٽيءَ جي سوشل هٽس جي پارڪ ۾ ٿيو جتي سنڌي توڙي پنجابي، پشتو ۽ سرائيڪي ڳالهائيندڙ ڇوڪريون توڙي ڇوڪرا به جام آيا. ان موقعي تي 30 پائونڊن جو چاڪيليٽي ڪيڪ وٺي آيا جيڪو سج جي روشني تيز هئڻ ڪري رجي شربت ٿي ويو هو. ان ڏينهن سيشنز استادن مهراڻ جي گذارش تي ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ڪيا.
اينٿروپالاجي جي شعبي جي پروفيسر هما حق به آئي هئي. سڪندر هليو جيڪو سندس شاگرد هو اهو به موجود هو. ميڊم اڃا شادي نه ڪئي آهي. هوءَ چوندي آهي ته هن کي 13 ڪروڙ پاڪستانين مان ڪو به سٺو نه لڳو آهي تنهن ڪري شادي نه ڪئي اٿس....
يونيورسٽيءَ ۾ برگر فيمليز جا ٻار ته گهٽ آهن باقي جيڪڏهن ڏسبو ته سڀ برگر لڳا پيا آهن. وارن جي ڪٽنگ کان وٺي ڪپڙن جي فيشن تائين سڀ ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون به ڄڻ ته برگر فيمليز ئي لڳندا آهن. مهراڻ جون سرگرميون ڏسڻ بعد ته واقعي ايئن لڳندو آهي ته اسلام آباد ۾ به هڪ ننڍڙي سنڌ آهي. جنهن جو بنياد ته شمس ڄامڙي وارن رکيو پر اڄ تائين اها قائم دائم آهي. مهراڻ وارا سدائين شڪايت ڪندا آهن ته سندن سرگرمين بابت اخبارن ۾ خبرون نٿيون اچن. ٻيو ته ٺهيو پر سنڌي اخبارون به نظر انداز ڪن ٿيون. سندن جائز ميارن کي مان ڏيندي اڄوڪيون سٽون سندن نالي آهن.
(16 نومبر 1998ع)