تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

اڳتي ڏسو ته اڃان ڪهڙا ٿا ڪمال ٿين!

اڳتي ڏسو ته اڃان ڪهڙا ٿا ڪمال ٿين!

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته قومي اسيمبلي جون سيٽون وڌائڻ، عورتن ۽ ٽيڪنو ڪريٽس کي نمائندگي ڏيڻ ۽ اقليتن لاءِ ڌار چونڊ نظام ختم ڪرڻ وارا صدر جنرل پرويز مشرف جا فيصلا تاريخي آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پيپلزپارٽي کان تحريڪ انصاف تائين سمورين سياسي جماعتن (مذهبي جماعتن کانسواءِ) جي منشور ۾ به اهي نقطا شامل آهن. صدر مشرف ڄڻ ته انهن پارٽين جي منشور تي عمل ڪيو آهي. هڪ وڏي سياسي پارٽي جي اڳواڻ تبصرو ڪندي چيو ته ذوالقفار ڀٽو کان پوءِ صدر مشرف جي صورت ۾ پاڪستان کي هڪ اهڙو ليڊر مليو آهي، جنهن ۾ فيصلي ڪرڻ جي سگهه به آهي ته عمل ڪرائڻ به ڄاڻي ٿو. ضياءُ الحق واري فوجي راڄ ۽ جنرل مشرف جي حڪومت ۾ تمام گهڻو فرق آهي. ضياءُ الحق اسلام جي اوٽ ۾ آئين ۾ ترميم ڪئي. جنهن سبب انتهاپسندي جا رجحان وڌيا، هاڻي جنرل مشرف انتهاپسند ۽ رجعت پسند لاڙا ختم ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي رهيو آهي، جهادين خلاف ڪاررواين، طالبان خلاف آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ، مدرسن کي ريگوليٽ ڪرڻ، گڏيل چونڊ نظام متعاف ڪرائڻ سميت جنرل مشرف جيڪي به فيصلا ڪيا آهن. انهن جي واکاڻ مغربي دنيا ۾ حد کان وڌيڪ ٿي رهي آهي، مغربي دنيا جن معاملن ۾ لبرل پاليسي جي توقع بينظير ڀٽو جهڙن ليڊرن کان ڪري پئي پر جنرل مشرف ان کان وڌيڪ ڪري رهيو آهي. هڪ صحافي جي بقول ته جنرل مشرف بينظير جهڙن سياستدانن جي کپت گهٽائي رهيو آهي، هاڻي ته پ پ سميت سمورين سياسي جماعتن کي پنهنجي منشورن تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، سياسي ڌرين وٽ وڪڻڻ لاءِ هاڻي گهڻو ڪجهه گهٽبو پيو وڃي. جيڪو ڪجهه جنرل مشرف ڪيو آهي، اهو عالمي مارڪيٽ سان گڏوگڏ مقامي سياسي مارڪيٽ جي حساب سان به بهتر آهي. جنهن جو ڪنهن نه ڪنهن حد تائين فائدو عوام کي به ٿيندو. صدر مشرف ته هاڻي ڊارلنگ آف ويسٽ (مغرب جو محبوب) ٿي ويو آهي پر ان سان گڏوگڏ ڊارلنگ آف پاڪستان به ٿيندو پيو وڃي.
صدر مشرف کي هيستائين ته ذاتي فائدو گهٽ ٿيندو، سياستدان بظاهر آن دي رڪارڊ ته ڪجهه نٿا چون پر ڊرائنگ رومز ۾ ويهي اها تنقيد ڪن ٿا ته صدر مشرف فرد واحد آهي ۽ فرد واحد کي آئين ۾ ترميم جو اختيار نه هئڻ گهرجي. هيستائين ڪيل انهن فيصلن لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي ۽ آئيني ترميم لاءِ هن هڪ رستو ٺاهيو آهي، گڏيل چونڊ نظام رائج ڪرڻ ۽ سيٽون وڌائڻ لاءِ آئيني ترميمن کي ته شايد ڪو چئلينج ئي نه ڪري پر جيڪڏهن ڪنهن ڪيو به ته سپريم ڪورٽ انهن ترميمن کي عوامي مفادن لاءِ نقصان ده قرار نه ڏيندي، عوام جي اڪثريت به انهن ترميمن خلاف ناهي.
جيئن ته مون مٿي لکيو آهي ته صدر مشرف اهڙن مثبت معاملن سبب آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو هڪ رستو حاصل ڪيو آهي، هاڻي جيڪي هو وڌيڪ ترميمون ڪندو اُهي خطرناڪ هونديون. صدر مشرف جلد ئي آئين ۾ اها ترميم به ڪندو ته ڪو ماڻهو 2 دفعن کان وڌيڪ وزيراعظم نٿو ٿي سگهي، گريجوئيٽ هئڻ واري شرط سبب ته 97ع جي اسيمبلي وارن ميمبرن مان ته اڌ کان وڌيڪ خودبخود نااهل ٿي ويندا پر وزيراعظم جو عهدو 2 دفعا کان وڌيڪ نه رکڻ واري ترميم جي تلوار جيڪا ٺپجي پئي ان سان بينظير ۽ نواز شريف جو به صفايو ٿي ويندو. خبر ناهي ته ان تي عوام ڪيترو رد عمل ظاهر ڪندو پر شايد انهي امڪاني خدشي جي بوءِ پ پ قيادت سونگهي ورتي آهي ۽ 20 جنوري تي بينظير جي هدايت تي خصوصي طور ايمرجنسي ۾ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۽ وفاقي ڪائونسل جو گڏيل اجلاس اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي. صدر مشرف به امڪان آهي ته جلد ئي اهڙن فيصلن جو به اعلان ڪري ڇڏيندو، جنهن ۾ معاملو رڳو 2 دفعا کان وڌيڪ وزيراعظم هئڻ تي پابندي تائين محدود نه رهندو پر قومي سلامتي ڪائونسل ٺاهڻ واري ترميم به اچڻ واري آهي. انهي ترميم تحت قومي سلامتي ڪائونسل جو سربراهه صدر هوندو، وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر، سينيٽ جو چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر، چئني صوبن جو هڪ هڪ نمائندو پرڏيهي، دفاع ۽ ناڻي وارا وفاقي وزير به ان جا ميمبر هوندا، اهو ادارو ايٽمي معاملن کان وٺي هر اهم فيصلي ڪرڻ ۾ مجاز هوندو، اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ فيصلي جو اختيار به هن اداري کي هوندو، هيستائين وارن فيصلن تي ته هرڪو خوش آهي پر جيڪي فيصلا هاڻي ٿيڻا آهن. انهن جو سوڳ موجوده فيصلن جون خوشيون به کسي ڇڏيندو. معاملو رڳو قومي سلامتي ڪائونسل تائين نه بيهندو پر ڪم اڳتي به هلندو، جيڪي ماڻهو اين آر بي (ٿنڪ ٽئنڪ) جي ڪارڪردگي تي شڪ ڪندا هئا انهن جي دماغ جا ڪمالات ته هاڻي آهستي آهستي ظاهر ٿيندا، ٿورو صبر ڪريو!!
ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سياسي پارٽين واري قانون ۾ به ترميم لاءِ پُلندو تيار آهي. جنهن ۾ پارٽي سربراهه سميت مک عهديدارن جي خفيه ووٽ ذريعي هر 3 کان 4 سالن ۾ چونڊ لازمي قرار ڏيڻ سميت سياسي پارٽين ۾ جمهوري لاڙا ۽ رجحان پيدا ڪرڻ بابت به لاتعداد ترميمون تجويز ڪيل آهن، جيڪا پارٽي پنهنجي ليڊر جي چونڊ وارو طريقو اختيار نه ڪندي حساب ڪتاب جي آڊٽ نه ڪرائيندي، اليڪشن ڪميشن ان جي رجسٽريشن ختم ڪري ڇڏيندي. اهڙي قسم جون ترميمون جمهوري سسٽم لاءِ ڪيترو خطرناڪ هونديون، اهو اڃا به بحث طلب مسئلو آهي. آمريڪا ۾ به اهڙي پابندي موجوده آهي ته جيڪو 2 دفعا صدر ٿيندو اهو ٽيون دفعو نه ٿي سگهندو. تنهن ڪري آمريڪا سميت مغربي دنيا صدر مشرف جي اهڙين ترميمن تي شايد ڌيان نه ڏيندي ۽ پٽڪو ڪندڙ پارٽين جي ڳالهه کي به ڪوئي نه ڪنائيندو.
هي ته هيون قانون ۾ تبديليون پر اڃا چونڊ قانون ۽ رولز ۾ ترميمون جيڪي رات ڏينهن جي محنت سان جسٽس (ر) ارشاد حسن خان تيار ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن اهي قابل عمل ٿي ويون ته پاڪستان ۾ سياسي ڪلچر ئي تبديل ٿي ويندو. مالڪن جي گمان ۾ به اهڙيون ترميمون ۽ تجويزون نه هونديون جيڪي جسٽس (ر) ارشاد حسن خان تيار ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ ماضي ۾ ڪو به چيف جسٽس اليڪشن ڪمشنر ٿيڻ نه قبوليندو هو ڇو ته اها عام جج جي پوسٽ آهي ۽ هونئن به رٽائرڊ چيف کي مليل فائدا چيف اليڪشن ڪمشنر کان گهڻا وڌيڪ آهن، پر جيتري محنت جسٽس (ر) ارشاد حسن خان ان عهدي تي اچڻ لاءِ ڪئي آهي ان ۾ اهي قول قرار، واعدا ۽ عهد به شامل آهن، جيڪي ارشاد حسن خان ڪري رهيو آهي. جسٽس ارشاد حسن خان جنن وانگر ڪم ڪندو آهي. هو واندو هرگز نه ويهندو آهي، مثبت هجي يا منفي هن جو ذهن ڪمپيوٽر کان به وڌيڪ تيز ڪم ڪندو آهي. وڏين سياسي ڌرين کي اين آر بي واري ٿنڪ ٽئنڪ کان هي اڪيلي ٿنڪ ٽئنڪ وڌيڪ ڏکي لڳندي.
ڏسجي ته مستقبل قريب ۾ وڌيڪ ڪهڙا ٿا پهاڙ ڪرن، جيڪڏهن اهي ترميمون اچي ويون ۽ عمل به ڪيو ويو جيڪو اڻٽر آهي ته وڏن وڏن ليڊرن جي سياست مان دلچسپي ختم ٿي ويندي. ايندڙ عام چونڊن بعد گهڻيون سيٽون کٽڻ جي باوجود به وزيراعظم نه ٿيڻ بابت ميان اظهر ته پنهنجو ذهن ٺاهي ڇڏيو آهي پر امين فهيم لاءِ هاڻي آئيني ۽ قانوني طرح رستو صاف ٿيندو پيو وڃي.
(18 جنوري 2002ع)