تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

دردان دي ماري دلڙي عليل اي!

دردان دي ماري دلڙي عليل اي!

ڪالهه جڏهن پوليس موبائيلز عدالت ۾ سائرن بند ڪيا ته هاءِ ڪورٽ جي هر گيلري ۾ ماڻهن جا هجوم هن کي ڏسڻ لاءِ بيٺا هئا. پوليس عدالتي ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته رجسٽرار جو حڪم آهي ته سواءِ واسطيدار ڌرين ۽ ماڻهن جي ڪو اندر نه ويندو ته انهي تي وڪيلن احتجاج ڪندي در کي لتون هنيون ۽ رجسٽرار جو حڪم رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته پنجاب پوليس جا بي رحم ڏنڊا بردار سپاهي عدالتي ورانڊي ۾ اچي هجوم جي چوگرد گهيرو ڪري بيٺا. پر هنن سپاهين جي منهن تي اها بي رحمي نه هئي. نيٺ احتجاج رنگ لاتو، آصف علي زرداري سميت سڀني کي هڪ هڪ ڪري اندر وڃڻ ڏنو ويو. جسٽس مولوي انوار الحق ۽ جسٽس تنوير بشير انصاري آيا ۽ سماعت شروع ٿي. سائونڊ سسٽم واري مائيڪ تي آصف پنهنجي وڪالت پاڻ ڪرڻ لاءِ آيو. اڄ کان ٺيڪ 15 ڏينهن پوءِ 5 نومبر تي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ آصف علي زرداري کي مسلسل قيد تنهائي ۾ 7 سال پورا ٿي ويندا.
زرداري قانون قائدن جو حوالو ڪو نه ڏنو، پر سياسي طور تي اهو تاثر قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته هن کان انتقام ڇو ٿو ورتو وڃي. هن چيو ته ”مان ڪنهن جگا بدمعاش جو پٽ نه، پر عالمن جو اولاد آهيان. منهنجي پڙ ڏاڏي (حسن علي آفندي) سنڌ مدرسته الاسلام ٺاهيو. جتي قائداعظم ميٽرڪ تائين پڙهيو“ هن چيو ته سندس والد 60ع کان سياست ڪئي. سدائين پارليامينٽ ۾ رهيو، ڪڏهن مٿس ڪرپشن جو الزام نه لڳو، زرداري چيو ته هو جڏهن 35 سالن جو هو ته ان وقت تائين نه هن جي والد، نه سندس خلاف ڪرپشن يا ڪرائيم جو الزام لڳو، پر جڏهن بينظير سان شادي ٿي ته هن جي والد توڙي هن خلاف ڪيس داخل ٿيا ۽ ڪرپٽ ۽ ڪرمنل هجڻ جا الزام لڳا. اسين عوامي نمائنده آهيون، سياستدان آهيون ملڪ سان مخلص آهيون، ڪنهن آڏو جهڪيا ناهيون نه جهڪنداسين. اهو ئي سبب آهي ته ڪيس ٺاهيا ٿا وڃن. پهرين دور ۾ غلام اسحاق خان ڪرپشن جا ڪيس ٺاهيا، پر سندس اقتدار خطري ۾ پيو ته جيل مان ڪڍي، ڪيس واپس وٺي، وزير جو حلف کڻايائين. مان پڇان ٿو ته ان مهل الزام ڪٿي هئا؟
جڏهن آصف زرداري قانون جي ڪتابن بدران خشونت سنگهه جي ڪتاب The end of india جيڪو 3 ڏينهن اڳ اسان جي دوست سردار علي شاهه هن کي تحفي ۾ ڏنو تنهن جو حوالو ڏيندي چيو ته ”جن هٽلري ۽ نازي فورسز جو خشونت ذڪر ڪيو آهي. اهي اسان جي موجوده جرنيلن جهڙا آهن.“ بظاهر بي ذوق لڳندڙ آصف زرداري جڏهن پنهنجي وڪالت پاڻ ڪندي ججن آڏو هيءُ شعر پڙهيو ته:
جس دھج سے کوئی مقتل میں گیا وہ شان سلامت رہتی ہے
یہ جان تو آنی جانی ہے اس جان کی کوئی بات نہیں
هن عدالت ۾ چيو ته هو شهيد ڀٽو، فيض احمد فيض، حبيب جالب جو پوئلڳ آهي، جن ڪڏهن جهڪڻ جو تصور به نه ڪيو. زرداري دعويٰ ڪئي ته هن کي ڊيل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو، هن انڪار ڪيو ته سختي وڌائي وئي. زرداري عينڪ ٺاهيندي چيو ته مان آخري ساهه تائين وڙهندس.
ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس جي ڪارروائي ڏٺي ته ڪو نه هئم، مختلف دوستن واتان ٻڌل ڳالهين موجب ته هن کي جڏهن انصاف نه ٿيڻ جو يقين ٿي ويو هو ته يحيٰ بختيار کي هٽائي پاڻ پنهنجي وڪالت لاءِ ججن آڏو آيو هو ۽ هن به قانون جي ڳالهه بدران سياسي تقرير ڪري آخر ۾ چيو هو ته هن کي سرائڪي زبان مٺي لڳندي آهي ۽ هن پنهنجي ڪيس جي پيروي جي پڄاڻي خواجا فريد جي هن شعر سان ڪئي هئي. مون کي پورو شعر ته ياد ناهي پر هي سٽون به هيون ته:
شوق شديد اي درد جديد اي
نه ڪوئي وڪيل نه ڪوئي دليل اي
دردان دي ماري دلڙي عليل اي
زرداري به ڪالهه پنهنجي قائد جي انداز ۾ جڏهن پيروي شروع ڪئي ۽ عين ان انداز ۾ شعر به پڙهڻ شروع ڪيا ته زرداري هڪ نئون زرداري لڳي رهيو هو. فرانس جي مشهور اڳ ڪٿيون ڪندڙ ناسٽرا ڊامس جي ڪتاب جو حوالو ڏيندي جڏهن آصف چيو ته هو ڪيترا سال اڳ چئي ويو آهي ته هڪ عورت سربراهه ايندي، جيڪا برطانيا جي راڻي نه هوندي، ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هوندي، اها دنيا ۾ وڏي تبديلي آڻيندي. زرداري چيو ته هن جو يقين آهي ته اها بينظير ڀٽو آهي ۽ هو وري سربراهه ٿيڻي آهي ۽ هن دفعي دنيا ۾ تبديلي آڻيندي.
گهوڙن ۽ ڪتن جي شوقين آصف زرداري لاءِ شايد چند ماڻهن کي خبر هوندي ته 7 سالن جي جيل آصف کي هاڻي سياستدان سان گڏ مطالعاتي شخص به بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن کي شعر به تمام گهڻا ياد آهن، باوجود ان جي ته هو اردو ۽ سنڌي نه لکي ٿو سگهي، نه پڙهي ٿو سگهي.
آصف جو ايمان آهي ته هن سان انصاف ٿيندو ۽ اهو انصاف عوام ڪندو، تاريخ ڪندي، عدالتون ڪنديون. آصف زرداري کي انصاف ڪڏهن ٿو ملي ۽ ڪير ٿو ڏئي اهو ته وقت ۽ حالتون ثابت ڪنديون، پر هن سائين جي ايم سيد کان پوءِ بنا ڪنهن ڪيس ۾ سزا ملڻ باوجود گهڻو قيد ڪاٽيندڙ شخص هجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. اڄ شاهين صبحائي جڏهن آصف تي ڪالم ٿو لکي ته ان ۾ هن کي معصوم، مظلوم ۽ بهادر ماڻهو ٿو سڏي ۽ بينظير ڀٽو اهو ڪالم آصف کي ڄمڻ جي ڏينهن تي سالگره جي تحفي طور ٿي موڪلي. 7 سال قيد ڪاٽي آصف پنهنجي متعلق جڙيل راءِ عامه کي تبديل ڪيو آهي ۽ هاڻي سياست ۾ ۽ خاص ڪري پيپلزپارٽي جي سياست ۾ پنهنجو حق تسليم ڪرايو آهي. جنهن آصف کي بينظير ڀٽو اهو چئي وزير نه ٺاهيندي هئي ته توهان کان وڌيڪ قربانين وارا ويٺا آهن، هاڻي سڀاڻي شايد بينظير ڀٽو اهو عذر پيش نه ڪري سگهندي ۽ کيس ڪو ٻيو عذر تلاش ڪرڻو پوندو!!
صحافي جن ۾ اسان جا دوست عامر متين، شاهين صحبائي ۽ حامد مير به شامل آهن، اهي مون سميت جڏهن لکندا هئا ته زرداري ڪرپٽ آهي، ڏوهاري آهي، مسٽر ٽين پرسينٽ آهي، اڄ اهي سڀ صحافي زرداري کي هڪ ارڏو سياستدان لکي رهيا آهن. زرداري ڪرپشن ڪئي يا نه، اهو ڌار سوال آهي، ڪرپشن بابت فيصلو ته عدليا ڪندي يا عوام ڪندو، اسين هن جي سياسي حوصلي جي ڳالهه ٿا ڪريو. جيڪي ماڻهو زرداري کي غير سياسي، غير نظرياتي ماڻهو سمجهندا هئا انهن هاڻي پنهنجي راءِ ضرور تبديل ڪئي آهي. جيڪي ريڙهي وارا، فروٽ وڪڻندڙ ماڻهو، يا ڪراچي جي دڪانن وارا کنڊ ۽ صوفن جو اگهه 2 رپيا ڪلو وڌڻ تي به چوندا هئا ته زرداري ڪميشن ٿو کائي ان ڪري مهانگائي وڌي آهي هاڻي انهن عام ماڻهن جي راءِ به تبديل ٿي آهي. اڄ اهي رٺل ڪارڪن به زرداري جي حاضري تي اچن ٿا.
ٽڪيٽون نه ملڻ بعد موسمي ماڻهن جي رش گهٽ ٿي ۽ اليڪشن کان پوءِ اقتدار ملڻ واري صورتحال کان پوءِ سياست ۾ سيڙپ ڪندڙن به زرداري جي عدالتن ۾ حاضرين وارا رستا ئي وساري ڇڏيا، پر اڄ به راولپنڊي جا ڪارڪن ۽ پارٽي جا ڪجهه ايم اين ايز ڪي مجبوري کان ته ڪي وري دل سان آصف وٽ اچن ٿا. جتي بقول هن جي ”مفاد پرستن ۽ مطلبين جو انگ گهٽ آهي“ ڪالهه آصف زرداري جڏهن واحد سزا مليل اسٽيل ملز ڪيس ۾ احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اپيل جي سماعت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي واري بينچ ۾ حاضريءَ لاءِ آيو ته سندس پارٽي ايم اين ايز راجا پرويز اشرف، آفتاب شاهه جيلاني، زمرد خان، شيري رحمان کانسواءِ ڪافي تعداد ۾ ڪارڪن، وڪيل ۽ صحافي به موجود هئا.

(23 آڪٽوبر 2003ع)