سنڌ پاران منظور ڪيل ٺهراءُ کي مرڪز مڃيندو؟
خير سان سنڌ اسيمبلي جي سمورن ميمبرن اتفاق راءِ سان گريٽر ٿل ڪئنال خلاف ٺهراءُ پاس ڪري ڇڏيو آهي. اپوزيشن ۽ حڪومتي ڌرين ۾ مختلف معاملن تي اختلاف آهن پر سنڌ جي سوال ۽ مفاد واري معاملي تي گڏيل راءِ اختيار ڪرڻ هڪ سٺو سنوڻ آهي، سنڌ دوستن لاءِ هڪ مثبت پيغام آهي. جيئن اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ”ڪاوش“ جي هنن ئي ڪالمن ۾ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين توڙي ايم پي ايز کي گذارش ڪئي وئي هئي، تيئن هنن اها پوري ڪري ڏيکاري. گريٽر ٿل ڪئنال جي اڏاوت روڪڻ واري ان ٺهراءَ جو ڪريڊٽ ته پيپلزپارٽيءَ کي وڃي ٿو پر حڪومتي ڌر به ان ۾ برابر جي شريڪ آهي. هڪ پاسي سنڌ اسيمبليءَ ۾ جڏهن گريٽر ٿل ڪئنال خلاف ٺهراءَ منظور ڪيو ويو ته ان کان چند ڏينهن اڳ پنجاب اسيمبلي ۾ وڏو ڊيم تعمير ڪرڻ بابت اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. ان ٺهراءَ جي حمايت پيپلزپارٽي پنجاب وارن به ڪئي. افسوس ۽ حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته پوري پاڪستان جي نمائندگي جي دعويدار جماعت پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ شاخ گريٽر ٿل ڪئنال کي سنڌ دشمن رٿا قرار ڏئي ان کي رد ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ٿي ڪرائي ته پ پ پنجاب وري وڏو ڊيم تعمير ڪرڻ جو ٺهراءُ ٿي منظور ڪرائي. جيڪو يقينن سنڌ جي مفادن جي خلاف آهي. پيپلزپارٽيءَ جي اهڙي ٻٽي رويي سبب ئي اڄ پارٽي مختلف گروهن ۾ ورهائجندي پئي وڃي، جنهن جو نوٽيس پ پ جي گهڻ گهرن، همدردن ۽ مالڪن کي وٺڻ گهرجي. حڪومت ۾ به جڏهن پيپلزپارٽي هئي تڏهن غلام مصطفيٰ کر ڪالاباغ ڊيم جي حق ۽ منظور وساڻ مخالفت ۾ بيان ڏيندو هو. ٺيڪ آهي حڪومت ۾ ته ڪجهه مجبوريون ۽ مصلحتون ٿين ٿيون پر اپوزيشن ۾ رهندي به ساڳيو طريقيڪار اختيار ڪرڻ شايد درست حڪمت عملي ناهي.
سنڌ جي سياستدانن خاص ڪري قومپرست ڌرين کي گڏجي بلوچستان جي سياستدانن سان به ڳالهائڻ گهرجي ۽ گريٽر ٿل ڪئنال خلاف بلوچستان اسيمبليءَ مان به ٺهراءُ منظور ڪرائڻ گهرجي. نثار کهڙو، قائم علي شاهه، ممتاز ڀٽو، رسول بخش پليجو، بشير خان قريشي، قادرمگسي سميت سمورن سياستدانن کي گڏجي بلوچستان مان رٿ منظور ڪرائڻ لاءِ لابنگ ڪرڻ گهرجي ۽ اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن اهي سڀ گڏجي ان ڏس ۾ ڪوشش ڪن ته مون کي نٿو لڳي ته بلوچستان اسيمبلي وارا ڪا موٽ نه ڏيندا، ڇو ته بلوچستان جي آبپاشي جو دارومدار به سنڌ جي پاڻي تي آهي. جيڪڏهن سنڌ کي پاڻي ملندو ته بلوچستان کي به ملندو. ان ڪري پونم ۽ اي آر ڊي سميت جيڪا ڌر جتي آهي، انهن فورمز ذريعي يا خصوصي ڪاميٽي ٺاهي لابنگ ڪري بلوچستان مان به ٺهراءُ پاس ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن گريٽر ٿل ڪئنال خلاف سنڌ جيان بلوچستان به ٺهراءُ منظور ڪري ته ڪيس تمام وڌيڪ مضبوط ٿي ويندو. سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبليءَ مان ٺهراءُ منظور ٿيڻ بعد جيڪڏهن پي پي وارا اهو معاملو قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪن ته حڪومت جو ڌيان ڇڪائي ان معاملي تي وڏو پريشر پيدا ڪري سگهن ٿا ۽ اهو سنڌ جي نمائندگي نڀائڻ لاءِ سندن لاءِ بهترين موقعو هوندو. پيپلزپارٽيءَ جا اڳواڻ پاڻ ئي نجي ڪچهرين ۾ تسليم ڪندا آهن ته 94ع کان 96ع تائين جهڙو دور وري پي پي جو نه ايندو، جيڪڏهن آئنده ڪڏهن ڪنهن طريقي سان پي پي اقتدار ۾ اچي به وئي ته به هنن جي اختيارن جو دائره ڪار ايترو وسيع نه هوندو. هونئن به 94ع ۾ پاڻي جي ورڇ تاريخي حصي موجب ڪرڻ وارو فيصلو به پي پي وارن ڪيو هو، تنهن ڪري اها غلطي ڌوئڻ لاءِ کين سٺو موقعو آهي. سنڌ اسيمبليءَ پاران گريٽر ٿل ڪئنال جي اڏاوت رد ڪرڻ واري ٺهراءُ منظور ڪرڻ بعد سنڌ حڪومت اخلاقي طور پابند آهي ته هو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اهو معاملو پيش ڪري. بظاهر ته اها اميد ڪرڻ اجائي آهي، پر جيڪڏهن حڪومت ايئن ڪري ٿي ته واهه، واهه. سنڌ دوست ڌرين جن اهو ٺهراءُ منظور ڪرائڻ ۾ اهم ڪردارا دا ڪيو هو. انهن کي ايئن ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ گهرجي. سنڌ حڪومت جيڪڏهن اهو معاملو گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ رڳو پيش به ڪيو، تڏهن به اهو وڏو ڪارنامو هوندو. وزيراعظم مير ظفرالله جمالي جيڪو سنڌي به تمام سٺي ڳالهائيندو آهي، پر جڏهن کان وزيراعظم ٿيو آهي ته سنڌي ڳالهائڻ کان شرمائي پيو. سنڌي هو ڀلي نه ڳالهائي پر پنهنجي صوبي جي مفادن خاطر ئي صحيح کيس ان معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اهو معاملو آڻي سمورين ڌرين جو موقف ٻڌي اعتراض ۽ خدشا دور ڪري پوءِ هن رٿا بابت فيصلو ڪيو وڃي. وزيراعطم جي ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته جمالي صاحب ته سياست تان رٽائر ٿي چڪو هو پر سندس پٽ فريد جا ڪاغذ رد ٿيڻ ڪري قدرتي طور هو ايم اين اي ٿيو ۽ وزيراعظم به ٿيو. هن کي سياسي ڪيريئر جي بلندي ملڻ کان پوءِ هو وري شايد سياست نه ڪري، ان ڪري کيس موقعو آهي ته ڪي تاريخي ڪم ڪري وڃي. صوبن ۾ ايڏي وڏي پئماني تي اختلاف راءِ جي صورت ۾ ظاهر آهي ته ملڪ لاءِ اهو ماحول هرگز خوشگوار ۽ بهتر ناهي. جڏهن عالمي حالتن کي نظر ۾ رکجي ٿو ته پاڪستان لاءِ مشڪلاتون آهن ۽ ان صورتحال ۾ ملڪ اندر صوبن ۾ تضاد ۽ اختلاف راءِ واري صورتحال وري ملڪ لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪري ٿي. تنهن ڪري ملڪ جي گهڻ گهرن کي به ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.
اڄ جيڪڏهن پنجاب سرڪار جلد کان جلد ۽ وڌ کان وڌ مرڪزي وسيلن مان فائدو حاصل ڪرڻ واري پاليسي تي مسلسل عمل پيرا رهي ۽ غريب جي جهوپڙي ڊاهي پنهنجي محل ٺاهڻ واري پاليسي تي عمل پيرا ٿي ته ان سان صوبن ۾ اختلاف وڌڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به نتيجو نه نڪرندو. وزيراعظم نواز شريف سنڌ جي هاءِ ويز جي بجيٽ ختم ڪري هلندڙ ڪم بند ڪرائي رقم موٽر وي تي خرچ ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪندو رهيو ۽ هاڻي ظاهر آهي ته گريٽر ٿل ڪئنال لاءِ به خدشو آهي ته ساڳيو طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو.
(2 مارچ 2003ع)