اٽي جي اوچتو اڻلڀ ٿيڻ پٺيان ڪهڙا اسرار آهن؟
اٽي جو بحران جيڪو اڄڪلهه ملڪ ۾ ملي رهيو آهي اهو پاڪستان جي 50 سالن جي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو سنگين ترين بحران آهي، جنهن نواز شريف جي تاريخي مينڊيٽ واري حڪومت کي واچوڙي جيان وڪوڙي ڇڏيو آهي. اڪنامڪ سروي 95-96ع مطابق 94-95ع دوران ملڪ ۾ 82 لک هيڪٽيئر (2.471 ايڪڙ هڪ هيڪٽيئر برابر هوندو آهي) ايراضي تي پوکيل ڪڻڪ جي فصل جي پيداوار هڪ ڪروڙ 70 لک ٽن هئي. 95-96ع دوران به 82 لک هيڪٽيئر ڪڻڪ پوکي وئي پر پيداوار جو اندازو هڪ ڪروڙ 74 لک ٽن لڳايو ويو. 4 لک ٽن وڌيڪ پيدا ٿيڻ جو آسرو سٺو ٻج استعمال ڪرڻ سبب هو پرسينيٽ ۾ ڏنل اعجاز جتوئي جي بيان مطابق ٻاهران گهرايل ڪڻڪ جو سٺو ٻج يوسف ٽالپر ۽ اهم پ پ اڳواڻن جي زمينن ۾ پوکيو ويو هو. 96-97ع دوران ڪڻڪ جي83 لک هيڪيٽيئر تي پوکي وئي آهي ۽ پيداوار جو اندازو هڪ ڪروڙ 76 لک ٽن آهي. اهو اندازو درست ثابت ٿيندو ڇو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ کي آخري پاڻي، پاڻي جي کوٽ سبب نه ملي سگهيو مٿان وري پڪل ڪڻڪ تي پهرين تازي برسات سبب نقصان رسيو ۽ باراني علائقن ۾ پوکيل ڪڻڪ به وقت سر برسات نه پوڻ سبب گهٽ پيدا ٿيندي.
ڪڻڪ جي بحران جو سڀ کان وڏو سبب ڪڻڪ جي چرپر تي لڳايل پابندي هٽائڻ آهي. پ پ دور ۾ اها پابندي برقرار هئي پر نواز حڪومت اچڻ سان اها هٽائي ڇڏي جنهن جو پس منظر اهو آهي ته عوامي نيشنل پارٽي جو نواز شريف تي دٻاءُ هو ته پابندي هٽايو ۽ افغانستان ڪڻڪ موڪلڻ جي اجازت ڏيو جيئن بک مرندڙ افغانين جي مدد ڪري سگهجي. هڪ اندازي موجب 15 لک ٽن ڪڻڪ ۽ اٽو افغانستان اسمگل ٿي چڪو آهي ۽ ڪيترن ئي پيشور واپارين ڪروڙين رپيا ڪمايا آهن. ڪسان ڪانفرنس کي خطاب دوران نواز شريف واضح طور اهو چيو هو ته اسان 14 ڪروڙ پاڪستانين جي خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ سان گڏ هڪ ڪروڙ افغانين جو بندوبست ڪنداسين ۽ ايئن سمجهنداسين ته پاڪستان جي آبادي 15 ڪروڙ آهي. وزيراعظم جي ان واضح اعلان بعد پاڪستاني ڪڻڪ افعانستان ڏانهن اسمگل ٿيڻ ۾ شڪ جي تر جيتري به گنجائش نه ٿي رهي. اهو به چيو وڃي ٿو ته افغانين کي خوش ڪرڻ ۽ سندن موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جي لابي لاءِ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ نواز حڪومت ”فلور ڊپلوميسي“ (اٽي واري سفارتڪاري) شروع ڪئي آهي.
اٽي جو بحران ايڏو وڏو سنگين آهي ته هر هنڌ بحث جو موضوع بڻيل آهي ان ڏس ۾ گريڊ 20 هين جي هڪ سينيئر بيورو ڪريٽ سان ڪچهري ٿي. هن عجيب ڳالهه ٻڌائي جيڪا موجوده حالتن سان مطابقت به رکي ٿي. هن جو چوڻ هو ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت 185 رپيا في مڻ مان وڌائي 240 رپيا ڪرڻ واري فيصلي کان اڳ هٿرادو طور مارڪيٽ مڪينزم ذريعي ڪڻڪ ۽ اٽو اڻلڀ ڪرائي قيمت وڌائڻ جو جواز پيدا ڪيو ويو. ان ڳالهه کي جيڪڏهن ڪالهوڪي بيگم عابده حسين جي پريس ڪانفرنس ۾ چيل ڳالهه سان ڀيٽو ته سچي لڳندي جنهن ۾ خوراڪ ۽ زراعت جي هن پهرين عورت وزير چيو ته اٽي جو بحران 4 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندو پر قيمتون گهٽائڻ مشڪل آهي. اليڪشن مهم دوران شايد ڪو جلسو اهڙو هوندو جنهن ۾ نواز شريف اهو نه چيو هجي ته اسان جي دور ۾ ماني اٺ آني ۾ ملندي هئي بينظير دور ۾ ڏيڍ رپئي ماني ٿي وئي. اهي ڳالهيون ماڻهن کان اڃا وسريون ناهن ۽ ميان صاحب پنهنجي ڏيڍ مهيني جي دور ۾ بينظير واري ڏيڍ رپئي ملندڙ ماني 3 رپيا ڪئي آهي اسلام آباد جي تندورن جي اگهه موجب)
زراعت متعلق ڏنل پيڪيج جو يقينن هارين کي فائدو ٿيندو پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هو واپارين کي پابند بڻائي ته جيتري سيلز ٽيڪس، ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي ۾ ڇوٽ ڏني وئي آهي، ان حساب سان زرعي دوائن، ڀاڻ ۽ ٻج جا اگهه به گهٽائين. مشينري تي ڊيوٽي گهٽ ٿيڻ سان حڪومت جي اعلان موجب ٽريڪٽرن ۽ لاباري جي مشينن جا اگهه 50 هزار گهٽجڻ گهرجن ها پر هتان جي منافعي خور واپارين صرف 3 کان 9 هزار جا اگهه گهٽايا آهن. ان پيڪيج تي جيڪڏهن عمل ٿي وڃي ته ايندڙ سال ملڪ ۾ 83 لک هيڪيٽيئر بدران 85 لک هيڪٽيئر تي ڪڻڪ پوکبي ۽ ايندڙ سال ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪرڻي پوندي جنهن سان نواز حڪومت جا 600 ملين ڊالر بچندا. اها رقم قرض لاهڻ ۾ ڪم ڏيندي ڇو ته اها رقم پوري قوم جي ڏنل چندي کان ٽيڻ تي آهي. اها ڳالهه يقينن سرتاج عزيز ۽ ميان نواز شريف جي ذهنن ۾ به هوندي.
پاڪستان ۾ في هيڪٽيئر 52.5 ٽن ڪڻڪ پيدا ٿيندي آهي. جيڪا دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ في هيڪٽيئر گهٽ پيداوار آهي. هڪ ته اسان کي في هيڪٽيئر پيداوار وڌائڻ لاءِ شارٽ ڪٽ رستا ڳولڻا پوندا ٻيو ته ڪڻڪ جي پوکي واري ايراضي به وڌائڻي آهي. مناسب امدادي اگهه مقرر ڪرڻ بعد هارين لاءِ ڪڻڪ وڌيڪ پوکڻ جو سبب پيدا ٿيو آهي ڇو ته کين کليل مارڪيٽ ۾ 270 رپيا في مڻ کان وڌيڪ اگهه ملي سگهي ٿو. جڏهن حڪومت 185 رپيا في مڻ ڪڻڪ وٺندي هئي ته کلي مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو اگهه 220 رپيا ۽ ان کان وڌيڪ هو تنهنڪري مستقبل ۾ به اهڙي امڪاني صورتحال کي رد نٿو ڪري سگهجي.
اڄڪلهه هلندڙ ڪڻڪ جو بحران حقيقت ۾ عيد کان اڳ ختم ٿي ويندو. اڳ ۾ پاڪستان ۾ ڪڻڪ جو اگهه گهٽ هئڻ سبب سنڌ ۽ پنجاب جي ڪڻڪ بارڊر ذريعي ڀارت، بلوچستان مان ايران ۽ سرحد مان افغانستان اسمگل ٿيندي هئي ڇو ته پاڪستان جي اگهه کان ڀارت ۾ ڏيڍوڻ، ايران ۾ ٽيڻ ۽ افغانستان ۾ ڇهوڻ تي اگهه وڌيڪ هئا. ان صورت ۾ اسمگلنگ کي ڪير ٿو روڪي سگهي. بقول ظفرالله جمالي جي ته سرحد ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن جي لکين ماڻهن جي پيٽ پالڻ جو اڪيلو ذريعو اسمگلنگ آهي.
افغانستان ڏانهن ڪڻڪ موڪلي وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته هو انساني بنيادن تي اسمگلنگ پيا ڪن. ڪالهه جڏهن مولانا فضل الرحمان ۽ پ پ جي حامي مولوي پٺاڻن کي ڪڻڪ ۽ اٽو افغانستان موڪلڻ جا پرمٽ مليا ته ويچارن جو جيئڻ حرام ٿي ويو هو ۽ مولانا فضل الرحمان کي هڪ اخبار پرمٽ الرحمان ۽ مولانا ڊيزل لکڻ شروع ڪيو پر اڄ عوامي نيشنل پارٽي جا پٺاڻ جڏهن ساڳيو ڪم پيا ڪن ته ڪوئي ڪجهه چوي ئي نٿو. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ گذريل هفتي کان روز اٽي جي بحران تي بحث ٿيندو رهيو. اجلاسن ۾ حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته فاٽا ۽ سرحد جا پٺاڻ نمائندا پنهنجي لاءِ ته ڪڻڪ ۽ اٽو داٻن سان گهرن پيا پر افغانستان جي به کلم کلا وڪالت ڪري رهيا هئا پر کين ڪنهن ڪو نه ٽوڪيو. عبدالحئي بلوچ ٿورو ڳالهايو ته پٺاڻن سان گڏ وزارتن جي چڪر ۾ ويٺل ليگي ٻروچ ۽ پنجابي سندس منهن پٽي ويا. جنهن بعد نه ڪنهن حئي بلوچ جي حمايت ڪئي نه وري هن مسڪين خود ئي زور ڏنو. مجبور ٿي کيس اڱاري ڏينهن واري اجلاس ۾ چوڻو پيو ته اسان لاءِ پٺاڻ ۽ پنجابي عوام به ايترو احترام لائق آهي جيترو بلوچ عوام پر... هن اڃا جملو ئي پورو نه ڪيو ۽ ڪجهه چوڻ چاهيو پئي ته سڀني زور سان ڊيسڪ وڄائي کيس داد ڏنو ۽ حئي بلوچ کان ڊيسڪن جي دٻڪن ۾ ”پر“ کان پوءِ واري ڳالهه چوڻ ئي وسري وئي.
اٽي جي بحران تي پ پ وارن کي سٺو موقعو هو احتجاج ڪرڻ جو، ان معاملي کي اشو بڻائڻ جو، پر هو پنهنجي آصف کي ڇڏاڻ واري ون پوائنٽ ايجنڊا کان اڳتي نه وڌيا. جيتوڻيڪ هنن رسمي احتجاج ته ڪيو پر ان ۾ اها گرج نه هئي جيڪا هجڻ گهرجي. شايد پ پ وارا اليڪسن ۾ ووٽ نه ڏيڻ جو عوام کان پلاند وٺي رهيا هجن. ان ڏس ۾ جڏهن هڪ پ پ ايم اين اي سان ڪچهري ٿي ته هن چيو ”يار آهيون 17 ڄڻا اسيمبلي ۾ اچن ٿا 5 ڄڻا، ڳالهايون ٿا ته ڪو ٻڌي ئي نٿو، صحافي به لفٽ گهٽ ٿا ڪرائين. ڇا ڪريون؟“ جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته ٺيڪ آهي اسيمبلي ۾ اوهين ٿورا آهيو پر سينيٽ ۾ ته ٺيڪ ٺاڪ آهيو اتي گوڙ ڇو نه ٿا ڪريو؟ اٽي جو ته اهڙو مسئلو آهي جو مسلم ليگ (ن)، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي کانسواءِ سڀ ڌريون اوهان جو ساٿ ڏينديون ته همراهه بولاٽيون کائڻ لڳو. بهرحال نيت جو به مسئلو هوندو آهي. جيڪڏهن پ پ وارا چاهين ته ڇا هو اٽي جي مسئلي کي ايڪسپلائيٽ نٿا ڪري سگهن؟ جيڪڏهن سياسي مفادن لاءِ نواز ليگ فلور ڊپلوميسي تحت افغانين وٽ نمبر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي ته پوءِ پ پ وارا عوام سان تعلق بهتر بنائڻ لاءِ فلور ڊپلوميسي واري پاليسي ڇو نه ٿا اختيار ڪن.
(10 اپريل 1997ع)