تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

حادثاني تبديلين جون هوائون ۽ اجمل خٽڪ جو خاموش مشن

حادثاني تبديلين جون هوائون ۽ اجمل خٽڪ جو خاموش مشن

جيتوڻيڪ صدر تارڙ جي تبديلي جي حڪومت ترديد ڪري رهي آهي پر پوءِ به خبر ناهي ڇو ماڻهو يقين ئي نٿا ڪن. بلوچستان کانسواءِ باقي ٽنهي صوبن جي گورنرز جي تبديلي وارين خبرن جي حڪومت باقاعده نموني وضاحت ته نه ڪئي آهي پر ڄڻ ته ان کي به هوائي خبر قرار ڏيندي لفٽ نه پئي ڪرائي وڃي. افواهن تي مشتمل خبرن ۽ حڪومتي وضاحتن واري ماحول ۾ اصولن ته حڪومتي ڳالهه تي يقين ڪرڻ کپي پر ماڻهو ان جي باوجود به مڃن ئي ڪو نه ٿا. جيتوڻيڪ مشرف حڪومت کي اڃا چار مهينا مس گذريا آهن پر وري هن شهر جي ڊرائنگ رومز ۾ سفارتي حلقن جي حوالي سان مليل معلومات جي آڌار تي پروفيشنل سياسي ڪهاڻين (فڪشن) جي گهاڙيٽن نئين ڪهاڻي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان جي ڄاڻ مطابق گذريل هڪ هفتي کان اهي سرٻاٽ هلن پيا ته ”آمريڪي صدر بل ڪلنٽن چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته پاڪستان ۾ لولو لنگڙو سياسي سيٽ اپ هئڻ گهرجي ۽ ڪو نه ڪو نيم سياسي ماڻهو نگران وزيراعظم هجي جنهن سان هو ملندو باقي وردي واري حاڪم سان هو نه ملندو.“ ڪلنٽن جي اها خواهش، جيڪا خبر ناهي درست آهي به يا نه، پر ان جي آڌار تي جيڪا ڪهاڻي گهڙي وئي آهي اها هيءَ آهي ته ”جنرل مشرف صدر تارڙ کي چلتو ڪندو، پاڻ صدر ٿيندو ۽ هارون فيملي مان ڪنهن به هڪ کي يا اجمل خٽڪ يا اصغر خان يا يوسف رضا گيلاني يا امين فهيم يا ڪنهن اهڙي ماڻهو کي وزيراعظم ڪندو پر ان کان اڳ عبوري آئيني حڪم نمبر 1 ۾ ترميم به ڪئي ويندي جنهن ۾ چيف ايگزيڪيوٽو جو لفظ خارج ڪري ان جي جاءِ تي صدر لکيو ويندو يعني سمورا اختيار صدر کي هوندا.“
خبر ناهي ته هُما ڪنهن جي مٿي تي ويهي ٿو ۽ ڪلنٽن سان فوٽو سيشن ڪنهن جي ڀاڳن ۾ ٿو اچي. نالن جي لسٽ ۾ شريف الدين پيرزادو به آهي پر چون ٿا ته ان کان واڳ ڌڻي لنوائين ٿا، جنهن سبب کي سمجهڻ لاءِ هتي هڪ قصو پيش ڪيون ٿا، (اهو قصو مون کي مولانا عزيز الله ٻوهيو ٻڌايو هو، مون پڙهيو ناهي)، هن ٻڌايو ته جڏهن مولانا ابوالڪلام آزاد ڪانگريس جو صدر ٿيو هو ته هن سياسي سيڪريٽري رکڻ لاءِ اخبار ۾ اشتهار ڏنو، لاتعداد ماڻهن انٽرويو ڏنا. ٽن مرحلن ۾ مولانا کي هڪ ماڻهو چونڊڻو هو پر ٽن مرحلن بعد ابو الڪلام آزاد 2 ماڻهو چونڊيا، جن ۾ علي محمد راشدي مرحوم به هو. مولانا، راشدي کي چيو ته علم ۽ عقل جي لحاظ کان تنهنجون مارڪون وڌيڪ آهن پر توکي سيڪريٽري نه رکندس ڇو ته هوشيار ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڳچي ۾ پئجي ويندا آهن. تون هل مان ٻئي کي ٿو رکان. بقول عزيز الله ٻوهئي جي ته بعد ۾ راشدي صاحب پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”جيڪڏهن مولانا آزاد مون کي رکي ها ته سڄي ڪانگريس انگريزن کي وڪڻي ڇڏيانس ها، ڇو ته هن کي انگريزن ئي ان نوڪري لاءِ چيو هو.“ اهو قصو خبر ناهي سچو آهي يا نه ان لاءِ آريسر جي شاهدي ۽ تصديق ڪافي آهي پر اسان جو ڪم قصي سان نه پر ان جي مقصد سان هو.
اهو عجيب اتفاق آهي ته اسانجي ملڪ ۾ حادثاتي طور وزير ٿيڻ يا وزيراعظم ٿيڻ جا واقعا گهڻا آهن جن جي ڪرونالاجي رسول بخش پليجو بهتر نموني ٻڌائي سگهي ٿو پر اسان جي علم مطابق ذوالفقار ڀٽو کان مشاهد حسين تائين اهڙا مثال ملن ٿا. جڏهن گذريل ڀيري نواز دور حڪومت ۾ سي اين اين وارن هندستان ۽ پاڪستان جي وزيراعظمن جا انٽرويو پئي ورتا ته ڀارت کان پوءِ پاڪستان جو وارو آيو. ميان نواز شريف کي جڏهن اهو ٻڌايو ويو ته انٽرويو انگريزيءَ ۾ ٿيندو ته هن چيو ته کيس وقت ناهي، مصروف آهي. مصروفيت ظاهر ڪرڻ لاءِ هن بٽ گرام ۽ اترين علائقن جا دورا شروع ڪيا جيئن فون تي به سي اين اين وارا ساڻس رابطو نه ڪري سگهن. تنگ ٿي سي اين اين وارن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم اوچتو مصروف آهي ته ڀلا اطلاعات وارو وفاقي وزير انٽرويو ڏئي. ان وقت خالد انور قانون جو ۽ مشاهد اطلاعات جا مشير هئا. راتوڪي رات نواز شريف ٻنهي کي وفاقي وزير ڪيو ۽ حادثاتي طور ٿيل وفاقي وزير مشاهد حسين ٻئي ڏينهن سي اين اين تي اچي ”ڪڙاڪا ڪڍيا.“ اهو معاملو سينيٽ ۾ به اٿيو هو ۽ اعتزاز احسن طنز به ڪيو هو. ساڳئي طرح اقتدار جڏهن يحييٰ کان ذوالفقار ڀٽو مرحوم کي مليو ته ان وقت به اهو ساڳيو حادثاتي لفظ استعمال ٿيو. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي صدر ممنون حسين جا دال چانور جڏهن نواز شريف کي وڻيا ته هن کي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو. جڏهن هو گورنر ٿيو ته پارليامينٽ لاجز واري ٽيلي ڪارڊ جي بوٿ تان گهر فون ڪيائين ۽ گهر وارن کي ٻڌايائين ته هو سنڌ جو گورنر ٿي ويو آهي. (هن وٽ موبائيل فون به هئي. جنهن جي ان مهل بيٽري ڊائون ٿي وئي هئي) هن جا گهر وارا ممنون جي ڳالهه تي يقين ئي نه پيا ڪن. ممنون قسم کڻڻ شروع ڪيا ته هو گورنر ٿي ويو آهي. خير ممنون به حادثاتي طور گورنر ٿيو. چون ٿا ته دال چانور جنرل مشرف کي ڏاڍا وڻندا آهن ۽ سندس موجوده ڪابينا ۾ هڪ همراهه اهڙو آهي جيڪو اڪثر کيس دال چانور کارائيندو هو.
بهرحال ڳالهه پئي هلي تبديليءَ جي سو پاڪستان ۾ ڪلنٽن جي دوري کان اڳ تبديلي بابت اهو به چيو وڃي ٿو ته بلوچستان کانسواءِ ٽنهي صوبن جا گورنر نيم سياسي ماڻهو لڳايا ويندا. مرڪز ۽ صوبن ۾ ڪابينا جا ڪجهه ميمبر به اهڙا مقرر ٿيندا جن جي وجهه شهرت ۾ سياست جو به عمل دخل هوندو. اها تبديلي فيبروري ۾ ئي متوقع آهي يا دير ٿي ته به عيد کان اڳ اهو مسئلو حل ٿي ويندو. ڪلنٽن لاءِ سياسي سيٽ اپ ڪو گهڻو ضروري ته ناهي ۽ ان جو منطق به سمجهه ۾ نٿو اچي ڇو ته جڏهن ترڪي ۾ اسلامڪ فرنٽ وارا اڪثريت سان کٽي آيا ته پارلياماني بحران پيدا ٿي ويو جنهن جي ذميواري اڻ سڌي طرح آمريڪا تي وڌي وئي. الجزائر ۾ جڏهن اسلامڪ فرنٽ واضح اڪثريت سان کٽي آيو ته ان وقت کين حڪومت ڏيڻ بدران فوج اقتدار ۾ اچي وئي جنهن جي اڄ تائين آمريڪا مذمت ڪو نه ڪئي ۽ نه ئي الجزائر جي امداد بند ڪئي. آمريڪا لاءِ جمهوريت ته پرابلم رهيو ئي ناهي، هو ته پنهنجي عظيم ۽ وسيع قومي مفاد مطابق قدم کڻندا آهن.
هن وقت تائين باقاعده طور ڪلنٽن پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو اڃا اعلان نه ڪيو آهي پر پوءِ به روز دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جي ميڊيا ۾ اها خبر هلي پئي ته ڪلنٽن پاڪستان جو دورو ڪندو. ڪلنٽن جي اچڻ يا نه اچڻ واري معاملي بابت لولو لنگڙو سياسي سيٽ اپ اهميت جوڳو آهي يا نه پر ان کان اڳ وڌيڪ اهميت سي ٽي بي ٽي (Comprehensive Test Ban Treaty) جي آهي. جاپان سميت هر ملڪ کي موجوده حڪومت خاطري پئي ڪرائي ته پاڪستان ۾ سي ٽي بي ٽي تي صحيح لاءِ راءِ عامه جوڙڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. سي ٽي بي ٽي بابت هاڻي هتي اها ڳالهه عام ٿي وئي آهي ته موجوده حڪومت صحيح ڪري ڇڏيندي پر توثيق بعد ۾ ڪئي ويندي.
ڪالهه جمعي جي ڀلاري ڏينهن کان لاهور جي هڪ حادثاتي طور راتو رات وجود ۾ آيل ”پاڪستان احتساب فرنٽ“ اڪثر اخبارن ۾ اشتهار ڏيڻ شروع ڪيا آهن ۽ عوامي ريفرنڊم جي عنوان سان جاري ڪيل اشتهار ۾ پڇيو ويو آهي ته اوهان کي نئون نظام ۽ نئين موجوده حڪومت گهرجي يا پراڻو نظام ۽ پراڻي اسيمبلي وارا ماڻهو گهرجن. چيو وڃي ٿو ته ان ريفرنڊم جي نتيجن جي آڌار تي سي ٽي بي ٽي تي صحيح ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو. ڪير ڄاڻي ته ان جا نتيجا ڪيترا حقيقي هوندا پر سڀاڻي جيڪڏهن اهڙي ئي ڪنهن ريفرنڊم جي نتيجي ۾ سي ٽي بي ٽي تي صحيح جو فيصلو ڪيو به ويو ته ڪنهن ۾ جرئت آهي مخالفت جي! پ پ ۽ ليگ جو ان معاملي تي ٿڌو موقف رهيو آهي تنهن ڪري کانئن مخالفت جي اميد نظر ڪو نه ٿي اچي.
اجمل خٽڪ جنهن سڄي زندگي اصولن تي گذاري آهي ۽ سدائين اينٽي اسٽيبلشمينٽ سياست ڪئي آهي. سو هاڻي زندگي جي پڇاڙڪي حصي ۾ ڪافي سرگرم آهي. اي اين پي جي قيادت کي به خانداني ۽ موروثي سياست جي ور چڙهندي ڏسي هن دلگير ٿي شايد اهو مشن شروع ڪيو آهي ۽ هاڻي هو جڏهن ٻي پچ تي آهي ته اتي به نوان لازوال مثال قائم ڪرڻ چاهي ٿو . مون کي ذاتي طور خبر آهي ته اجمل خٽڪ جڏهن سينيٽر هوندو هو ته دوستن جي پٽن جي شادين ۾ وڃڻ لاءِ کيس ڀاڙو به نه هوندو هو اهو اجمل خان اڄ جڏهن سينيٽر به ناهي ۽ آڪٽوبر کان سندس پگهار به بند آهي ته به هو دوري تي نڪتل آهي جنهن مان لڳي ٿو ته عنقريب ڪجهه نه ڪجهه سياسي سيٽ اپ جي حوالي سان ٿيڻ وارو آهي. اجمل خٽڪ جي خاموش مشن بابت اسفند يار ولي تحفظات جو اظهار ڪندي سندس نوڪري وڃائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي پر اجمل خٽڪ شايد اهو ڏاڪو ٽپي ويو آهي ۽ هو پنهنجي ۽ دوستن جي پڇاڙي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
(19 فيبروري 2000ع)