اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي حلف کڻڻ واري تقريب
نئين چونڊيل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ سڏايل اجلاس جي ڪارروائي مقرره وقت 9 وڳي کان 56 منٽ دير سان شروع ٿي. جنهن جو سبب مسلم ليگ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس هو جيڪو نواز شريف جي صدارت ۾ ساڍي نائين وڳي تائين جاري رهيو. پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ووٽ ڏيڻ بابت ميمبرن کي گوهر ايوب ليڪچر ڏنو. جڏهن ته اين اي 17 سرحد مان چونڊيل آزاد ميمبر، مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان پڻ ڪيو.
ڪالهوڪي اجلاس پاڪستان جي 50 سالن جي پارلياماني تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو. پهريون دفعو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طور مسلم ليگ (ن) جو الاهي بخش سومرو ۽ ڊپٽي اسپيڪر طور چوڌري جعفر اقبال بنا مقابلي ڪامياب ٿيا. هنن جي مقابلي ۾ پيپلزپارٽي جو اسپيڪر لاءِ خورشيد شاهه ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نويد قمر اميدوار هئا. جڏهن يوسف رضا گيلاني چونڊ لاءِ ووٽ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ته اڳواٽ رٿيل پروگرام موجب مسلم ليگ جا 3 چوڌري ۽ هڪ پٺاڻ ميمبر جن ۾ مجيد ملڪ، نثار، شجاعت ۽ گوهر ايوب خان شامل هئا. اهي تڪڙا محترمه ڏانهن ڀڄندا آيا. هو محترمه جي چوگرد گهيرو ڪري بيهي رهيا ته پيپلزپارٽي جا ميمبر، صحافي، مهمان، سفارتڪارن ۽ وزيرن جا گيلرين ۾ ويٺل مهمان به پريشان ٿيا ته هو ايئن ڇو پيا ڪن. محترمه بينظير ڀٽو سان پاڇي وانگر باڊي گارڊ طور گڏ هلندڙ لياري جو واجا ڪريمداد به سمجهي نه سگهيو ته ليگي، محترمه ڏانهن ڊوڙ پائي سندس گهيرو ڇو ڪري رهيا آهن، پر محترمه جڏهن اٿي بيٺي ۽ ڳالهائڻ لڳي ته واجا ڪريمداد جيڪو ٻانهون کنجي ميڙ ۾ پهتو هو، اهو مسڪرائي ٿڌو ٿي ويو. ليگ جي ٽنهي چوڌرين مان مجيد ملڪ کانسواءِ نثار ۽ شجاعت سميت گوهر ايوب پڻ محترمه کي نماڻي منهن سان چئي رهيا هئا ته اوهان پنهنجي اميدوارن کي هٿ کڻايو، جيئن اسان جا اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر شپ وارا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿين. ان سان جمهوري طور ملڪ ۾ سٺي روايت پوندي. اوهان جي به عزت آهي، اسان جي به. ان تي محترمه جيڪا شايد اڳواٽ تيار هئي، تنهن کين مايوس نه ڪيو ۽ چيو ته ٺيڪ آهي اسان جي اميدوارن کي کٽڻ جي پڪ نه هئي پر پوءِ به جمهوريت خاطر اسان ميدان نه ڇڏيو. اوهين آيا آهيو ته اسان هٿ کڻايون ٿا. اها گهڙي ۽ لمحو ايڏو ته عجيب هو جو ٻنهي ڌرين جي نمائندن جي چهرن مان نماڻائي ۽ اچرج جا آثار ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا. اداسائي، نراسائي، اوپرائپ ۽ نيم پنهنجائپ جي احساسن ۽ تاثر واري ان گهڙي ڪيترن ئي ڏسندڙن جا هينئان جهوري وڌا. ان جي باوجود به مجيد ملڪ جيڪو آرمي جو رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل آهي، اهو خاموش هو، شايد اڃا هو شهيد ذوالفقار علي وارو اهو فيصلو وساري نه سگهيو آهي جنهن موجب ان وقت کيس سينيئر جنرل هجڻ جي باوجود به باءِ پاس ڪري، ڀٽو صاحب پنهنجي (تيستائين) وفادار رهندڙ جنرل ضياءُ الحق کي چيف آف آرمي اسٽاف بڻايو هو. ان وقت کان وٺي هو نه صرف ڀٽو خاندان پر پيپلزپارٽي جو به سخت مخالف رهيو. اهو جڏهن ڪالهه محترمه وٽ هلي آ يو ته مڪمل طور خاموش رهيو، شايد هن جو اندر به ڪونئرو ٿي ويو آهي.
بهرحال اهو بنا مقابلي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ وارو واقعو تاريخ ۾ جتي نواز ليگ کي منفرد مقام ڏيندو، اتي محترمه جي مثبت رويي کي به هڪ مثال طور محفوط ڪندو. اجلاس کان اڳ خورشيد شاهه فاٽا جي هڪ ميمبر جي ڀاءُ کي ووٽ لاءِ چئي رهيو هو ته هن چيس ”شاهه صاحب توهين اسان جا ڀائر آهيو پر ووٽ وٺڻو هو ته رات اچو ها ٻيو ته ووٽ ته کڻي ڏيون به پر اوهين خدا ڪري ڪامياب ٿيو“ خورشيد شاهه چيس ته ”ڪامياب ٿيان يا نه پر ووٽ ته ڏيو نه!“ فاٽا جي پٺاڻ چيس ته ”الله چڱي ڪندو“ ايوان اندر ستار لغاري نئون ”ٽو پيس“ پائي آيو هو.هر هر ٽاءِ ٺاهي رهيو هو. ڪنهن مهل ڪنهن سان ڪنهن مهل ڪنهن سان پيو ملي. استري خراب ٿيڻ جي ڊپ کان هو اجلاس شروع ٿيڻ تائين هڪ ڪلاڪ سيٽ تي نه ويٺو. مهمانن سان گيلريون ڀريل هيون. ڄام معشوق ۽ هزار خان بجاراڻي پاڻ ۾ گپ شپ ڪندا رهيا. بجاراڻي شجاعت کي سلام ڪيو پر شجاعت هن ڏانهن ڪو نه ڏٺو. جنهن بعد هزار خان به پري منهن ڪري ويهي رهيو.
نگران وزيرعبدالله ميمڻ، جاويد جبار ۽ مير عبدالجبار وزيرن واري گيلري ۾ مٿي کي هٿ ڏئي تماشو ڏسندا رهيا. اعجاز جتوئي جيڪو ڀولو پهلوان کان به وزندار ٿي ويو آهي، اهو سينيٽر فضل آغا سان گڏ ويٺو هو، مهمانن جي گيلرين ۾ عام ماڻهو گهٽ، ۽ مسلم ليگ جا”پيارا“ وڌيڪ ويٺا هئا. پريس گيلري به ڳتيل هئي. هڪ انٽيليجنس بيورو جو اهلڪار به پريس گيلري ۾ ويٺو هو. هن کان صحافين پڇيو ته ڪير آهين، هن همراهه مڇ تي هٿ هڻي چيو ڊيوٽي تي آهيان. صحافين هن کي ان ئي مهل چلتو ڪيو ۽ ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
اقليتي قومي اسيمبلي جي ميمبر گوڙ ڪندي چيو ته هر دفعي اسان جا نوٽيفڪيشن دير سان ڪيا ويندا آهن. اهو سلوڪ بند ٿيڻ گهرجي. اقليتي ميمبرن احتجاج طور نئين چونڊيل اسيمبلي مان اليڪشن ڪميشن جي رويي خلاف پهريون دفعو واڪ آئوٽ ڪيو. نئين ٺهيل اسيمبلي جي ٻئي ڏينهن پهريون واڪ آئوٽ اقليتن جو هو. اهو به هڪ تاريخ بڻيو. پير پاڳاري جي حمايت سان چونڊيل پير بخش جوڻيجو جنهن جي سيٽ محترمه بينظير سان لڳو لڳ آهي. اهو ساڻس ڪچهري ڪندو رهيو. بيگم نصرت ڀٽو جنهن کي پنهنجي سيٽ بدران، محترمه پنهنجي اڳيان واري سيٽ تي بنا نمبر ويهاريو اها ڪافي اداس هئي. گهر جي ڀاتين جي ٽياس تي ٽنگجڻ، نوجوان پٽ جي پوليس هٿان ٿيل قتل وارن سانحن کان پوءِ هوءَ ڏک ۽ صدمي مان اڃا ٻاهر نه اچي سگهي آهي. هونئن به ڪهڙي عورت ايڏو ڪرب ۽ پيڙا برداشت ڪري سگهي ٿي. بيگم صاحبه خاموش خاموش هئي. الاهي بخش سومرو جڏهن حلف کڻڻ لاءِ ويو پئي ته ان کان اڳ هن وٽ آيو ۽ ساڻس هٿ ملايو. خورشيد شاهه سان پڻ بيگم صاحبه هٿ ملائي کيس هٿ تي چمي ڏني ته خورشيد شاهه سندس مٿي تي هٿ رکيو.
ساڍي ڏهين وڳي يوسف رضا گيلاني، الاهي بخش سومري جي بطور قومي اسيمبلي جي نئين اسپيڪر، ڪاميابي جو اعلان ڪيو ته سمورن ميمبرن ڊيسڪون وڄائي کيس مبارڪباد ڏني. جڏهن حلف کڻڻ لاءِ هو ويو ته بنا عينڪ جي هو پڙهي نه پئي سگهيو. حلف دوران ٽن ڀيرن کان وڌيڪ هو هٻڪيو. جنهن تي صحافي کلي رهيا هئا.اسپيڪر يوسف رضا گيلاني سومرو کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته 85ع ۾ جڏهن مان وزير ٿيو هئس ته هن کان هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت جو قلمدان ورتو هو، اڄ هن مون کان اسپيڪري واپس ورتي آهي. 11 سال پراڻي ڳالهه گيلاني مڃي ورتي. اهڙي طرح الاهي بخش هن کان پلاند ڪيو. بعد ۾ هو ويو ۽ گيلاني کي گيٽ کان ٻاهر خدا حافظ چئي اچي اسپيڪر جي ڪرسي سنڀالي. ان دوران جڏهن ڊيسڪ وڄائي سندس آجيان ڪئي وئي ته سڀني ڊيسڪ وڄائڻ بند ڪيا پر هڪ آواز اڃا به اچي رهيو هو، اڪيلو ڊيسڪ وڄڻ جو آواز بيگم نصرت ڀٽو جو هو، جيڪو هوءَ ساڄي هٿ جي وچين اڱر ۾ پاتل منڊيءَ سان وڄائي رهي هئي.
(17 فيبروري 1997ع)