پير پاڳاري جي پي پي دشمنيءَ واري ڊيوٽي ختم
سياري جي موڪل سبب سپريم ڪورٽ بند آهي ۽ 8 جنوري کان ٻيهر عدالت پنهنجو ڪم شروع ڪندي.بينظير حڪومت جي برطرفي ۽ اسيمبليءَ ٽوڙڻ خلاف داخل محترمه جي درخواست جي سماعت به بعد ۾ ٿيندي. عدالت جي سماعت واري رفتار مان ته لڳي پيو ته ان ڪيس جو فيصلو اليڪشن واري تاريخ جي لڳ ڀڳ ايندو يعني 2 ڏينهن اڳ يا پوءِ. شروع ۾ ته محترمه جو زور هو ته عدالت هڪ مهيني اندر فيصلو ڪري، پر اڄڪلهه اليڪشن شيڊول اچڻ کان پوءِ هوءَ پنهنجي ڪيس جي تڪڙي سماعت تي زور اڳي کان گهٽ پئي ڏئي. محترمه جي خاموشيءَ کي گاديءَ وارا حلقا نگران وزيراعظم ملڪ معراج خالد جي ان بيان کان ڌار نٿا سمجهن جنهن ۾ هن چيو آهي ته احتساب اسان جي وس جي ڳالهه ناهي، مارشل لائي حڪومت ئي بهتر احتساب ڪري سگهي ٿي.
نگرانن جي نگراني ۽ سندن تبديليءَ بابت خدشا ۽ ڳالهيون ڪافي ڏينهن کان عام هيون. وزيراعظم واري بيان کان پوءِ ايئن پيو لڳي ته معاملو ميچوئر ٿئي پيو. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”سيڪ اتي ايندو آهي، جتي باهه ٻرندي آهي.“ معراج خالد کي به معاملو مُڪندي نظر پيو اچي، نه ته هو ڪڏهن به ايئن نه چوي ها. معراج خالد جنهن خواهش يا خيال جي بشارت ڏني آهي، اڳ ۾ اهڙا ڪم پير صاحب پاڳارو ڪندو هو، پر اڄ ڪلهه لڳي ٿو ته پير صاحب کان ذميواري واپس ورتي وئي آهي. پير پاڳارو جنهن سدائين ”اسلام آباد“ جي چوڻ تي اينٽي پي پي فورم جوڙي پنهنجي سياست ڪئي، ان اڄڪلهه 3 فيبروري تي رٿيل عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽيءَ سان ايڊجسٽمينٽ ڪئي آهي. بي بي پاڳارو اتحاد ۽ نواز غنويٰ ٺاهه 96ع سال جا 2 وڏا واقعا آهن. ڇو ته نواز شريف ۽ پاڳارو هميشه کان ضياءَ واري کاتي سبب ئي نفعي ۾ گهڻو ۽ نقصان ۾ گهٽ رهيا آهن. ڀٽو خاندان جي عورتن جو ضياءَ جي ساٿين سان ملڻ مان ٻنهي ڀٽياڻين جي اقتدار جي خواهش جي انتها جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پير صاحب جي پيپلزپارٽي سان ٺاهه کان پوءِ ته ايئن پيو لڳي ته شايد سندس پي پي دشمني واري ڊيوٽي ختم ٿي وئي آهي ۽ ”اسلام آباد“ مان نئين اسائينمينٽ نه ملڻ کان پوءِ پنهنجي قسمت جو فيصلو هن پاڻ ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
نگران حڪومت جنهن وڏي واڪ اهو دم هنيو هو ته، هو چور ۽ ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب ڪندي، ان نگران ٽيم جي ڪپتان معراج خالد وچ ۾ بولاٽيون کائيندي بيان ڏيڻ شروع ڪيا ته احتساب ڏکيو ڪم آهي، عوام پاڻ ڪري پر وري گذريل جمعي کان هن پلٽو کاڌو آهي ۽ چوي پيو ته چند ڏينهن ۾ ڪرپٽ سياستدانن ۽ ڪامورن جا ڪيس عدالتن ۾ اماڻيا ويندا. سندس ابتن سبتن بيانن کان پوءِ مٿس پڪ نه ٿي ٿئي ته نگران واقعي احتساب ڪندا. هن ته ٽي وي تي اهو به چيو ته سابق حڪمرانن ڪرپشن اهڙي ته ٽيڪنيڪل انداز ۾ ڪئي آهي جو ثبوت ئي نٿا ملن. ڀارت جي بارڊر سان ملندڙ پنجاب جي ڳوٺ ”برڪي هڊياري“ ۾ رهندڙ معراج خالد کي خبر هجڻ گهرجي ته چور، چوريءَ کان پوءِ ايڊريس يا رسيد نه ڏيندو آهي، ٻيو ته ٺهيو پر چوپائي مال جا چور به پنهنجا پير ڊاهي ويندا آهن. اسمگلرن جي علائقي ۾ پلجڻ ۽ وڏو ٿيڻ بعد ته گهٽ ۾ گهٽ معراج خالد کي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ کپن. برڪي هڊياري ڳوٺ جتي پاڪ ڀارت جنگ ۾ ميجر عزيز ڀٽي شهيد ٿيو هو، تنهن ڳوٺ جا ماڻهو ڀارت ڏانهن اسمگلنگ ڪندڙ اسمگلرن کي اڃا به سڃاڻين ٿا ۽ اهي اسمگلر اتي ترسندا آهن.
گاديءَ واري شهر جا باخبر حلقا چون پيا ته نگرانن جي ڪارڪردگي بينظير حڪومت ڊهرائيندڙن کي متاثر نه ڪيو آهي، جنهن سبب نگرانن تي به شامت اچي سگهي ٿي پر ان کان اڳ نگرانن کان، پي پي ۽ نواز ليگ جي 2 درجن خاص خليفن خلاف ڪيس عدالت ۾ اماڙڻ وارو ڪم ورتو ويندو. توقع آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آصف زرداريءَ سميت ٻنهي ڌرين جي اهم اڳواڻن کي مختلف ڪيسن ۾ ڦاسايو ويندو. آصف زرداريءَ کي دبئي جي هڪ غير رجسٽرڊ فرم واري ڪيس ۾ چالان ڪيو ويندو. اها سون جو ڪاروبار ڪندڙ فرم آهي، جنهن کي آصف زرداريءَ پنهنجي اقتدار وارن ڏينهن ۾ پاڪستان سون آڻن جو لائسنس ڏنو ۽ ٻي ڪنهن به فرم کي لائسنس جاري ڪرڻ نه ڏنو. اهڙيءَ طرح هن اڪيلي فرم ٽن سالن تائين پاڪستان ۾ سون جو ڪاروبار ڏاڍي مزي سان پئي ڪيو ۽ آصف کي به مزا ڪرايا. ڪراچيءَ جي هڪ سيٺ جي سون واري ان ڪمپنيءَ سبب سيٺ عابد پي پي وارن جي سڄي دور ۾ پريشان رهيو، ڇو ته هو به سون جو واپاري آهي ۽ هن کي لائسنس نه مليو. سيٺ عابد جيڪو ملڪ معراج خالد جو پڳ مٽ يار آهي. تنهن اچڻ سان اڳ ۾ ملڪ صاحب کي چيو ته هن فرم وارو ڪيس کلڻ گهرجي. جنهن کان پوءِ ڪمپني جي هر جائز ۽ ناجائز سرگرمين جا ثبوت هٿ ڪيا ويا آهن. جن جي ڇنڊ ڇاڻ بعد اهو ڪيس آصف لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هيءَ فرم نواز حڪومت جي دور کان وٺي هر چونڊيل ۽ نگران حڪومت جي مالي مدد کانسواءِ ملڪ جي مدد ڪندي اسٽيٽ کي پڻ قرض ڏيندي رهي آهي. جڏهن نواز شريف جي حڪومت هئي ۽ پرڏيهي ناڻي جو ذخيرو حد کان وڌيڪ گهٽجي ويو ته 450 ملين ڊالر هن فرم پاڪستان کي قرض ڏنو ۽ خود بينظير حڪومت کي به قرض ڏنو هو. هن ڪمپني جي مالڪ جو مسلم ڪمرشل بينڪ جي صدر حسين لوائي سان به پراڻو واسطو آهي. لوائي هن ڪمپنيءَ جي اڻپوري ضمانت وارن ڪاغذن عيوض 70 ملين ڊالرن جو قرض جاري ڪيو. اها رقم اصل ۾ لوائي جي ئي ڪنهن محفوظ کاتي ۾ وئي هئي. اڄڪلهه جڏهن حسين لوائي ايف آءِ اي وارن جي سوالن جا جواب پيو ڏئي ۽ سندن تحويل ۾ آهي ان بابت پتو پيو آهي ته هن مذڪوره فرم بابت وڏا انڪشاف ڪيا آهن. آصف زرداريءَ سميت ڪيترين ئي اهم شخصيتن، جيڪي هميشه ان فرم مان فيضياب ٿيا آهن، تن جا راز به هن فاش ڪيا آهن.
هن فرم جي ڪيس واري ابتدائي تحقيقات بعد تيار ڪيل فائيل ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ سون جي فراهميءَ جي اڪيلي لائسنس يافته فرم 10 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي به حڪومت کي ادا نه ڪئي. هن فرم کي صرف هڪ سيڪڙو ڊيوٽي ادا ڪرڻ لاءِ چيو ويو ۽ باقي ٽيڪس کيس معاف ڪيا ويا پر پوءِ هن فرم جي مالڪن اها هڪ سيڪڙو ڊيوٽي به ادا نه ڪئي. هو مال مثال طور 10 ڪلو آڻيندا هئا ته ظاهر 3 ڪلو ڪندا هئا. 7 ڪلو کانچي ۾ ڪڍندا هئا. ٽيڪس چوري جي هڪ اهڙي واردات سبب جڏهن ڪراچيءَ جي ڪسٽم ڪليڪٽر حسن امام جو معاملو هنن سان نه ٺهيو ته هن فرم وارن کي ٽيڪس چوريءَ جو نوٽيس جاري ڪندي وضاحت لاءِ طلب ڪيو. 2 فيبروري 96ع تي هن نوٽيس جاري ڪيو جيڪو اڃان مالڪن کي مليو ئي ڪو نه هو ته 27 فيبروري تي حسن امام کي ايف آءِ اي وارن گهر ويندي گرفتار ڪيو. وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي سکڻي حڪم تي گرفتاري بعد هن کي ساڳئي رات ايرو ايشيا جي فلائيٽ ۾ اسلام آباد آندو ويو ۽ ايف آءِ اي کي حڪم مليو ته انور سيف الله وارن جي لڪي سيمينٽ فيڪٽري جي مشينري تي ڊيوٽي بدران ڪميشن وڌيڪ وٺڻ واري ڪيس ۾ هن کي چالان ڪيو وڃي. ايف آءِ اي 2 مارچ تي مٿس ڪيس داخل ڪيو.
حسين لوائي پنهنجي هن ڪيس مان جند ڇڏائڻ لاءِ لاهور جي هڪ ”سيٺ“ سان رابطو ڪرايو آهي. هي سٽون لکڻ تائين مُڪ مُڪا ڪو نه ٿيو آهي، پر اميد آهي ته معاملو ٺيڪ ٿي ويندو. لاهور جو اهو سيٺ ملڪ معراج خالد جو پراڻو يار آهي. سون جو ڪاروبار ڪندڙ ان فرم ٽن سالن دوران نه صرف ڪروڙين رپين جوسرڪاري خزاني کي ٽيڪس ادا نه ڪري نقصان پهچايو آهي پر آصف زرداريءَ جي گهڻين خواهشن جي تڪميل به ڪئي آهي. جيڪڏهن ان جو مالڪ گرفتار ٿيو ته يونس حبيب وانگر باقاعده ٻوليندو ۽ گهڻن شريفن جا پول کوليندو.
جيتوڻيڪ احتساب بظاهر ڪنهن جو به ٿيندي نظر نٿو اچي ۽ نه وري ٿيندو. ڇو ته هن پاڪ ملڪ ۾ اختيار رکندڙن ۾ خير سان اهڙو ڪو ماڻهو ڪونهي جيڪو پاڻ احتساب کان آجو هجي. جهڙي طرح اليڪشن جي سرگرمين ۽ تيارين مرتضيٰ ڀٽو جي خون کان وٺي محترمه جي حڪومت جي برطرفيءَ تائين سمورن معاملن تي پردو وجهي ڇڏيو آهي، اهڙيءَ طرح ويجهي مستقبل ۾ پيش ايندڙ هٿرادو طوفانن جي دز عوام جي ذهن تان احتساب جو ڀوت به ختم ڪري ڇڏيندي. ڇو ته اسان جي پاڪ ملڪ ۾ ڪنهن جو به احتساب نه ٿيندو آهي. قائداعظم جي موت کان وٺي اڄ تائين ڪنهن به معاملي جي حقيقي معلومات نه عوام کي ملي آهي ۽ نه ڪنهن کي سزا ملي آهي. وٺ پڪڙ ٿيندي آهي پر ثبوت سامهون نه آندا ويندا آهن. تڏهن ئي ڏوهاري ۽ ڪرپٽ ماڻهو سالن جا سال جيل ۾ رهڻ بعد عدالتن مان آزاد ٿي شهپر وٽي چوندا آهن ته ”مون تي ڪوڙو الزام هو.“
(29 ڊسمبر 1996ع)