تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

ذڪر قومپرستن جي بک هڙتال ۽ کوکرا پار سرحد جو

ذڪر قومپرستن جي بک هڙتال ۽ کوکرا پار سرحد جو

هندستان ۽ پاڪستان ۾ کوکرو پار کان موڻا بائو تائين روڊ ۽ ريل رستو کولڻ لاءِ ڳالهيون ختم ٿي ويون. ٻنهي ملڪن ريل رستو کولڻ جو پروگرام ملتوي ڪندي روڊ بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻنهي ملڪن ۾ اتفاق ته ٿيو آهي پر روايت مان لڳي ٿو ته ان کي ڪا گهڻي اهميت يا اوليت نه پئي ڏني وڃي. ٻنهي ملڪن ۾ نومبر 2003ع ۾ اتفاق ٿيو هو ته ڳالهيون ٿيڻ گهرجن ۽ کوکرو پار سرحد کلڻ گهرجي پر جيڪڏهن دلچسپي هجي ها ته گذريل ٽن چئن مهينن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻيو، نه ته سروي جو ڪم ضرور ٿئي ها. گذريل اڱاري ۽ اربع تي جڏهن ٻه ڏينهن ڳالهيون ٿيون ته ٻنهي ملڪن جي وفدن مختلف تجويزن جي مٽا سٽا ڪئي. مليل معلومات مطابق ڀارتي وفد پهرين آگسٽ کان بس سروس شروع ڪرڻ لاءِ چيو ته، پاڪستان چيو، اسان اڃا سروي ئي ناهي ڪئي. ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لڳندو. پاڪستاني ڌر جو موقف هو ته 60 ڪلوميٽر پڪو روڊ ٺاهڻو آهي. جنهن ۾ وڌيڪ وقت لڳندو.
تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ڄاڻي واڻي ايتري ڊگهي مدت جو چيو ويو آهي ۽ پاڪستان ڏسڻ چاهي ٿو ته ڳالهين جو نتيجو ڇا ٿو نڪري. آگسٽ تائين ڪشمير تي ڳالهين ۾ پيش رفت ٿي ته پوءِ ئي پاڪستان هن بارڊر کولڻ بابت سوچيندو. هن وقت واهگا سرحد کليل آهي. افغانستان ۽ ايران کان جيڪو مال ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ خشڪ ميوو وغيره يا ڀارت کان جيڪو سامان افغانستان وڃي ٿو، اهو به هن وقت واهگا کان ويندو آهي. جيڪڏهن کوکرو پار رستو کلي ٿو ته ايران جي سڄي ٽريفڪ ۽ افغانستان جي قنڌار ۽ هرات سميت ڪيترائي صوبا اهڙا آهن، جن لاءِ مال کوکرو پار کان ويندو. ٿلهي ليکي واهگا بارڊر جي 60 سيڪڙو کان ٽريفڪ کوکرو پار کان ويندي. ڇو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا سڀ ماڻهو هتان ويندا. هن وقت 20 ڪلاڪن جو سفر ڪري سنڌ جا ماڻهو لاهور اچن ٿا. جتان وري 15 ڪلاڪن جو سفر ڪري دهلي وڃن ٿا ۽ وري اوترو ئي سفر ڪري کين بمبئي وغيره (سنڌي آبادين وارن علائقن) تائين پهچڻو پوي ٿو. کوکرو پار سرحد کلڻ بعد سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي جيترو وقت لاهور تائين لڳي ٿو. ايتري وقت ۾ هو بمبئي پڄي ويندا. کوکرو پار سرحد کلڻ جي حوالي سان ڪاوش ۾ شروع ٿيل بحث دوران به مون ڪالم ۾ لکيو هو ته، سنڌي ماڻهن کي جيترو سک ٿيندو، ان جو هو اندازو نٿا ڪري سگهن. اڄ به اوهين اها سرحد کلڻ جي خبر ڪنهن پوڙهي راجسٿاني يا ٿريءَ کي ٻڌايو ته هو اوهان کي ان جي اهميت ٻڌائيندو. اسان جو نئون نسل ان جي ثمر کان بي خبر ان ڪري آهي ته 1965ع کان وٺي هيءَ سرحد بند آهي. هڪ تاثر اهو آهي ته جڏهن ويزا وٺڻ کان وٺي بس توڙي ريل ذريعي ماڻهو لاهور کان وڃن ٿا ته هڪ پاسي هوٽل وارو، موچي، درزي، ڌوٻي، کان وٺي حجم تائين پنجاب جا ماڻهو ڪمائين ٿا. سڀاڻي جيڪڏهن هيءَ سرحد کلي ته جنگل ۾ منگل ٿي ويندو. هن ڏڪاريل علائقي جي ماڻهن جي مک تي مرڪ ايندي.چار پئسا ڪمائيندا، سکيا ۽ خوشحال ٿيندا. آخر ٿرين جي خوشحالي توڙي سنڌ ۽ بلوچن جي آسان آمد رفت تي ڪنهن کي اعتراض ڇو آهي؟ جيڪي چون ٿا ته سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ ايندي، انهن کي صرف اهو سوچڻ گهرجي ته هاڻي کليل سرحد ناهي ڀارت ڪنڊيدار تارون لڳايون آهن. سنڌ ۾ اقتصادي موقعا اهڙا ناهن، جهڙا اڳ ۾ هئا. سنڌي ماڻهو هاڻي ايترو غافل ناهي جيترو اڳ ۾ هو. پاڪ-ڀارت ڳالهين دوران سنڌ جا جيڪي نمائندا شريڪ ٿيا. انهن ۾ سنڌي ته هڪ به نه هو. شايد اهو ئي سبب هو ته هنن سرد مهريءَ جو مظاهرو ڪيو، هڪ موقعي تي جڏهن سنڌ جي هڪ صاحب تعارف ڪرائيندي چيو ته هن جا وڏا الهه آباد جا هئا ۽ پراڻو رشتو ڳنڍي رهيو هو، پر ڳالهين دوران ڀاشن ڏيڻ شروع ڪيائين ۽ جذباتي انداز ۾ چيائين ته پاڪستان لاءِ ممڪن ناهي ته آگسٽ تائين روٽ کلي، ڇو ته ڪسٽمر هال ٺهندو، اميگريشن وغيره لاءِ آفيس ۽ روڊ ٺهندو. ان ڪري وقت لڳندو. ڀارتي وفد جي سربراهه هڪ موقعي تي جهڻڪ ڏيندي پاڪستاني سربراهه کي چيو ته هي ڪير آهي؟ ڳالهيون ته پاڻ کي ڪرڻيون آهن. جنهن بعد اهو همراهه ٿڌو ٿيو. ڳالهين لاءِ آيل وفد ۾ سنڌين جي نمائندگي نه هجڻ ڪا حيران ڪندڙ ڳالهه ناهي. ڇو ته پاليسي سازيءَ ۾ هميشه سنڌي ماڻهن کي پري رکيو ويندو آهي. ٻين پاليسي معاملن ۾ ڀلي صلاح نه ڪريو، پر کوکرو پار ۾ ته پڇو!
ڪوٽا موجب پاڪستان جي وسيلن ۾ 23 سيڪڙو سنڌ جو حصو تسليم ٿيل آهي، پر مان دعويٰ سان چوان ٿو ته ڪنهن به وفاقي اداري ۾ سنڌ کي اها نمائندگي حاصل ناهي. سي ڊي اي هجي يا اسلام آباد پوليس، ڪنهن وفاقي اداري جو معاملو هجي يا ڪا ڪارپوريشن يا خود مختيار ادارو هجي. ڪنهن ۾ به سنڌ کي تسليم ڪيل حصي جي 50 سيڪڙو برابر به نمائندگي ناهي.
سنڌ ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال هلي رهي آهي. ايترا ڏينهن گذري ويا آهن، حينف بڙدي ته اڳ ۾ سنگل پاسيري هو، الٽو هاڻي سڪي ويو آهي. گريٽر ٿل ڪئنال خلاف ان بک هڙتال جو وفاقي حڪومت ڪو نوٽيس ناهي ورتو. پي پي وارا همدردي ته ڪن ٿا پر سينيٽ ۽ اسيمبليءَ ۾ آواز ناهي اٿاريو. سنڌ ۾ گريٽر ٿل ڪئنال جي مخالفت ڪن ٿا پر اسيمبلي فلور تي ماٺ آهي. ساڳيو حال ايم ڪيو ايم جو آهي. بابر غوري ۽ فاروق ستار وارن ٿل ڪئنال خلاف رٿون جمع ڪرايون آهن پر وري ڪڏهن ان جي پچار ناهي ڪئي. هاڻي ته ايم ڪيو ايم وارا زباني ڪلامي به جسقم جي تحريڪ جي حمايت نٿا ڪن. ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ حڪومت جي مالڪ آهي. هنن کي عمل سان پنهنجي ڪيل دعويٰ ثابت ڪرڻ جو حق آهي. مون کي سنڌ ۾ هلندڙ ان تحريڪ تي وفاقي حڪومت جي رويي کان وڌيڪ افسوس قومي ميڊيا تي آهي. بنگال ۾ جڏهن ماڻهو احتجاج ڪندا هئا، مظاهرا ڪندا هئا پر امن طريقي سان حق گهرندا هئا ته ان وقت به مشرقي پاڪستان جي قومي پريس کين ايئن نظر انداز ڪندي هئي. جيئن هاڻي سنڌ کي نظر انداز ڪري رهي آهي. مون کي ممتاز ڀٽو جي اها ڳالهه ڏاڍي سٺي لڳي ته بک هڙتال ڪري سنڌ جي حقن لاءِ مرڻ کان بهتر آهي ته ٻئي نموني جدوجهد ڪري حق ادا ڪري سگهجي ٿو.
سنڌ جي اديبن، دانشورن بک هڙتال ختم ڪرائڻ لاءِ جيڪو قدم کنيو آهي. اهو ساراهه جوڳو آهي. سڀ گڏجي دوستن کي راضي ڪن. بي حس حڪمرانن جي ٺلهن خاطرين تي بک هڙتال ختم ڪرڻ کان بهتر آهي ته سنڌ دوستن جي سڏ کي مان ڏئي بک هڙتال ختم ڪري جدوجهد جا ٻيا پرامن رستا اختيار ڪرڻ گهرجن. هونئن به حق بک هڙتال سان نه ملندا آهن.
(12 مارچ 2004)