انٽرويو
سياستدانن لاءِ هي آخري موقعو آهي، هاڻي انقلاب ايندو:حميد گل
ڪاوش: موجوده حڪومت عوام سان احتساب، امن امان ۽ مهانگائي جي خاتمي جا جيڪي واعدا ڪيا، ڇا ان تي عمل ڪري پئي؟
حميد گل: هر مخلص حڪومت جي مفاد ۾ اهو آهي ته هوءَ قوم کي اعتماد ۾ وٺي ڪم ڪري، جرمني ۽ جاپان عالمي جنگ ۾ تباهي جي باوجود به ويهه سالن اندر ايتري ترقي ڪئي جو سڀني کان اڳتي آهن ته پاڪستان ترقي ڇو نه ٿو ڪري سگهي؟ پاڪستاني قوم سان زيادتي اها ٿي آهي جو کيس مخلص ليڊرشپ نه ملي آهي. موجوده حڪومت کي تمام وڏو مينڊيٽ بيروزگاري جي خاتمي، احتساب ۽ تبديلي لاءِ مليو آهي. هن وقت حڪومت امن امان قائم ڪرڻ، احتساب ڪرڻ ۽ معاشي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ عوامي شرڪت کي يقيني بڻائي غير معمولي اپاءَ وٺي آزمايل فارمولي موجب نه هلي. موجوده حڪومت مٿين ٽنهي معاملن جي حل لاءِ ڪو به نئون فارمولو نه جوڙيو آهي ۽ عوام بدران خاص ماڻهن جي شموليت تائين پوري معاملي کي محدود رکيو آهي، ان طرز عمل سان ناڪامي جو خدشو آهي.
ڪاوش: ڇا توهان آئين کان مٿانهن اُپائن ڏانهن اشارو ڪيو ٿا؟
حميد گل: اسان وٽ هلندڙ نطام ڦرلٽ وارو ۽ غيرآئيني آهي. ان لاءِ اپاءُ به آئين موجب ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. هن ملڪ مان طبقاتي فرق ختم ڪرڻو پوندو. هاري جي پٽ کي هاري رهڻ تي مجبور نه ڪريو. اهو سلسلو هاڻي وڌيڪ نه هلندو. عوام تبديلي چاهي ٿو ۽ جيڪڏهن هي حڪومت به تبديلي نه آڻي سگهي ته پوءِ عوام پاڻ تبديلي آڻيندو.
ڪاوش: ڇا ملڪ ۾ تبديلي چونڊن ذريعي ممڪن آهي؟
حميد گل: هن ملڪ ۾ هر حڪومت واعدا وڏا ڪيا آهن پر عمل ناهي ڪيو ۽ هر حڪومت غيرآئيني اپاءُ ورتا. هاڻي صورتحال ۾ بهتري انقلاب سان ايندي، چونڊن ذريعي نه. آئينده قوم ووٽ ڏيڻ لاءِ ٻاهر به ڪو نه ايندي. نطام جي تبديلي لاءِ 77ع ۾ تحريڪ نظام مصطفيٰ شروع ٿي پر ان کي مارشل لا جڪڙي ويو ۽ مارشل لا وارن چيو ته اسين اسلامي نظام آڻينداسين. (ضياءُ ڏانهن اشارو ڪندي) مارشل لا وارن نه اسلام آندو نه ئي تحريڪ کي اڳتي وڌڻ ڏنو. ٻي تحريڪ ايم ڪيو ايم جي هلي. ان کي لسانيت جي دائري ۾ جڪڙيو ويو. حقيقت ۾ ته ان تحريڪ کي پوري ملڪ ۾ غريبن جي تبديلي لاءِ ڪم ڪرڻو هو. اهي ٻه وڏيون تحريڪون هيون. هاڻي نئين تحريڪ لاءِ وقت لڳندو. ان جا آثار نظر پيا اچن. افغانستان ۾ نوجوانن (طالبان) ڪنهن کي قبول نه ڪيو. جڏهن کٽيل جنگ بعد افغان قيادت پاڻ ۾ وڙهندي رهي ته اڍائي سالن اندر نوجوانن تحريڪ شروع ڪئي. ايران ۾ به نوجوانن تحريڪ شروع ڪئي. نئون ايراني صدر خاتمي آيو آهي. ان جي پٺيان نوجوان آهن. فرق اهو آهي ته افغانستان ۾ طالبان رجعت پسند ۽ ايران وارا لبرل آهن، پر ٻئي اينٽي امپيرلسٽ آهن. پاڪستان ۾ به اهڙي تحريڪ جي ضرورت آهي. ان لاءِ ايران يا افغانستان جو ماڊل ٺيڪ ناهي.
ڪاوش: جڏهن ضياءُ جي مارشل لا ۾ تحريڪ نظام مصطفيٰ کي دٻايو ويو ته ان وقت اوهان به مارشل لا جو حصو هئا. اوهان ڇو ان ۾ حصو ورتو. ٻيو ته ايم ڪيو ايم لاءِ به چيو وڃي ٿو ته اها ضياءُ الحق پ پ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺهرائي. ان بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟
حميد گل: جڏهن ضياءَ مارشل لا لڳايو ته مان جونيئر ليفٽيننٽ ڪرنل هئس، جنهن جي ڪا به حيثيت نه هوندي آهي. فوج ۾ صرف هڪ ماڻهو جو حڪم هلندو آهي. جيڪو چيف آف آرمي اسٽاف هوندو آهي. مون کي به ڪشمير جي مسئلي تي اختلاف ڪرڻ تي سزا ملي ۽ جبري رٽائر ڪيو ويو. پنج لک فوج ۾ هر هڪ جو خيال ۽ خواهش مختلف هوندي آهي. چيف آف آرمي اسٽاف جو حڪم ضروري ناهي ته اهو سڄي فوج جي خيال ۽ خواهش موجب هجي. مان آءِ ايس آءِ جو سربراهه هئس. افغانستان ۾ ڪم ڪيو، جيڪو ڪيو ملڪ لاءِ ڪيو. ملڪي سياست سان ڪو به واسطو نه هو. ايم ڪيو ايم جي تخليق ۾ آءِ ايس آءِ يا فوج جو رول ناهي. هي پارٽي جيڪڏهن ڪنهن ٺاهي آهي ته اها ڪا ٻي قوت آهي. ان جي مون کي خبر ناهي. اهڙيون تحريڪون ٺاهيون نه وينديون آهن، جذبو هوندو آهي. ماڻهو چريا ناهن جو ڪنهن لاءِ جان ڏين. توهان پ پ جو مثال وٺو اها غريبن جي پارٽي بڻجي اڀري. پر بعد ۾ وڏيرن جي قبضي ۾ هلي وئي ۽ اڄ جيڪا پ پ جي حالت آهي، اها ڇا آهي. ليڊر شپ غلطيون تسليم ڇو نه ٿي ڪري، پ پ کي ٻه دفعا اقتدار مليو. غريبن لاءِ هنن ڇا ڪيو؟ صرف پنهنجي خاندان جي جائيداد وڌائي پاڻ کي امير بڻايو، اڄ وري هو غريبن جي ڳالهه ٿا ڪن. پاڪستان ۾ جيڪو به حڪمران آيو آهي ان پنهنجي ناجائز ۽ جائز خواهش جي پورائي لاءِ ڪم ڪيو، قوم لاءِ نه ڪيو.
ڪاوش: ايم ڪيو ايم جي پنجاهه سيڪڙو سياست ۾ ڏنڊي جو ڪمال هو، ماڻهو ڊپ کان ساڻن گڏ هئا جيڪو اختلاف ڪندو هو اهو قتل ٿي ويندو هو؟
حميد گل: ايم ڪيو ايم خلاف به تشدد ٿيو ۽ ايم ڪيو ايم وارن به تشدد ڪيو. ايڪسٽرا جوڊيشل ڪلنگس ٿيون. تازو مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس کي به پوليس هٿان ٿيل ايڪسٽرا جوڊيشل ڪلنگ قرار ڏنو ويو آهي. ايم ڪيو ايم جيڪي ڀتا ورتا ۽ تشدد ڪيو، اهو پنهنجي جاءِ تي پر هنن سان گڏ عوام هو. توهان ٻڌايو ته هن ملڪ ۾ ڪنهن سان زيادتيون نه ٿيون آهن؟ سنڌي ماڻهن سان زيادتي اها ٿي ته سندن زمينون ٻاهرين ماڻهن کي ڏنيون ويون، جنهن چاهيو تنهن ورتي، ان سبب سنڌي ماڻهو بيزار ٿيا. ان بيزاري سبب اسلام آباد ۾ ويٺل ڪجهه ماڻهو اهو چوندا رهيا ته سنڌي ڀارت جي چوڻ تي هلن ٿا. مون ان جي مخالفت ڪئي ته سنڌين کي ڀارت نه ڀڙڪايو آهي پر هنن سان زيادتيون ٿيون آهن.
ڪاوش: توهان سٺي ڳالهه ڪئي. واقعي، اهو فوج جو تاثر آهي ته سنڌي ”را“ جا ايجنٽ آهن. ٻيو ته ٺهيو مولانا نوراني هر سنڌي کي اڃا به ”را“ جو ايجنٽ سمجهندو آهي. ڇا فوج جو سنڌ بابت اهو تاثر درست آهي؟
حميد گل: نه بلڪل نه، پوري فوج جو اهو خيال ناهي. سنڌ باب الاسلام آهي. سنڌين جون وڏيون قربانيون آهن. نوراني جي خيال بابت مان ڪجهه نه چوندس. باقي اهو تاثر پيدا ڪرڻ جو جواز انهن ماڻهن پيدا ڪيو جيڪي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندي، حڪمراني ڪرڻ چاهين پيا. هنن سنڌين کي ڀڙڪايو. فوج متعصب ناهي، فوج جي تربيت ئي مختلف آهي هڪ اڌ فوجي اهڙا متعصب هوندا، باقي بيورو ڪريٽ جو انداز ئي ٻيو آهي. هو ته ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ ويهي اندازا هڻندا آهن، جيڪي غلط هوندا آهن. فوج وارا ته جهنگ ۾ هوندا آهن، هنن کي حقيقت جو وڌيڪ علم هوندو آهي. ضياءَ الحق پاڪستان سان ڪافي مخلص هو، هن جي ٻين معاملن تي شڪ ڪري سگهجي ٿو پر پاڪستان سان مخلص هئڻ تي نه.
ڪاوش: مرتضيٰ قتل جي حوالي سان ٽربيونل جي رپورٽ آئي آهي، ان بابت ڇا خيال آهي؟
حميد گل: مرتضيٰ قتل جو الزام ٽربيونل موجب فوج نه پر ڪنهن ٻي پاسي آيو. سترنهن پوليس وارن تي ڪيس هلندو، ڏسون ته ٽرائل ڪورٽ ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ باقي ڪجهه حلقن پاران فوج بابت شڪ ظاهر ڪرڻ انتهائي غلط آهي. مرتضيٰ جي قتل جهڙن ڪرمنل سرگرمين ۾ فوج ملوث نه ٿيندي آهي. فوج جي تربيت ئي مختلف آهي.
ڪاوش: ڇا ملٽري انٽيليجنس ۽ آءِ ايس آءِ وارا به اهڙين ڪرمنل سرگرمين ۾ ملوث ناهن؟
حميد گل: مان ڪنهن ٻئي جي ڳالهه نه ڪندس. مان جڏهن ايم آءِ ۽ آءِ ايس آءِ ۾ هئس ته اهڙي ڪرمنل حرڪت جو تصور به نه ڪيو،ان بعد مون کي خبر ناهي ۽ نه مان ذميوار آهيان. منهنجي دور بابت اهڙي سرگرمي اڄ يا ويهه سالن بعد ثابت ٿي ته مان هر سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيان.
ڪاوش: ڀٽو چونڊون کٽي آيو، هن کي اقتدار نه مليو، بعد ۾ کيس ڦاهي ڏني وئي ۽ اهو سنڌين ۾ تاثر آهي ته فوج اينٽي ڀٽو يا اينٽي سنڌي آهي، اوهان ڇا چوندا؟
حميدگل: فوج ڪڏهن به ذوالفقار ڀٽي جي خلاف ناهي رهي، ڀٽو کي اقتدار ۾ آندو ئي فوج هو، هن کي ته جنرل گل حسن آندو هو. ان بعد بينظير آئي، 92 سيٽون مليس، اڪثريت نه هئس پر فوج هن کي اقتدار ڏياريو. ان فيصلي ۾ مان به هئس. نواز شريف وارا اڃا به چون ٿا ته فوج کانئن زوري استعيفيٰ ورتي ۽ بينظير کي اقتدار ۾ آندو. مون کي ٻڌايو ته فوج ڪيئن اينٽي ڀٽو ٿي. فوج ٽي دفعا ڀٽو خاندان لاءِ ڪم ڪيو. پهرين ڀٽو جي حڪومت فوج جي مرضي سان آئي، ٻي ڀٽو حڪومت (بينظير جي پهرين حڪومت) فوج جي مرضيءَ سان آئي. ٽين ڀٽو جي حڪومت فوج جي مرضي سان آئي. ڇا پوءِ به اوهان چوندا ته فوج ڀٽو جي خلاف آهي.
ڪاوش: توهان جي چوڻ مان ته ثابت ٿيو ته فوج پاڪستان جي پارلياماني سياست ۾ سڌي طرح ملوث آهي؟
حميد گل: پهرين ڀٽو حڪومت وقت ته مارشل لا هئي ۽ فوج اڳ ۾ ئي موجود هئي. حالتون خراب هيون، ڀٽو اليڪشن کٽي، بنگال ڌار ٿي ويو. فوج وارن حڪومت ڀٽو حوالي ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ايوب خان جو پٽ بڻيل هو. ايوب خان هن کي وزيرخارجه ۽ وزير پيداوار ٺاهيو. اتان هن جي سياست شروع ٿي. ڀٽو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر يحيٰ خان جو به ايڊوائيزر هو، ڀٽو کي جنرل گل حسن ۽ ايئر مارشل رحيم حڪومت ڏياري. اهو ته ڀٽو جو ذڪر هو. هاڻي اچو بينظير تي. هن 92 سيٽون کٽيون ۽ اقتدار هن کي ڏنو ويو. جيتوڻيڪ هن وٽ سادي اڪثريت به نه هئي. نواز شريف بعد ۾ آيو ۽ هو چوي پيو ته هن کان زوري استعيفيٰ ورتي وئي. اها فوج جي سڌي طرح سياست ۾ مداخلت هئي. باقي اڳ ۾ ته فوج ازخود موجود هئي. ان تي ڳالهائي سگهجي ٿو.
ڪاوش: سائين اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪو فوجي آفيسر يا چيف آف آرمي اسٽاف جڏهن سٺو ڪم ڪري ٿو ته اهو پوري فوج جي کاتي ۾ ڳڻيو ٿا، پر جيڪڏهن ڪو غلط ڪم ڪري ٿو ته اهو هن جو ذاتي فعل ڪيئن ٿو ٿئي. اهو ڊبل اسٽينڊرڊ ڇو آهي؟
حميد گل: مثال طور ڪو واقعو ٻڌايو.
ڪاوش: جڏهن ڀٽوکي ڦاهي ملي ته ان وقت جن ججن ضياءَ جي ڳالهه نه پئي مڃي انهن کي هٽايو ويو.
حميد گل: جيڪڏهن هڪ گروپ خراب ڪم ڪري ٿو ته اهو پوري فوج جو Reflective ناهي.
ڪاوش: چيو وڃي ٿو ته افغان جنگ ۾ ڪيترن ئي فوجي جنرلن ڪروڙين رپيا ڪمايا، ڪنهن کي سزا نه ملي. اهو ئي سبب آهي جو تازو اسڪوارڊرن ليڊر فاروق هيروئن ڪيس ۾ پڪڙيو ويو. اهڙا وڏا ڏوهه ڪندڙ فوجي آفيسرن کي سزا ڇو نه ٿي ملي؟
حميد گل: جيڪڏهن ڪنهن ڏوهاري کي بر وقت سزا نٿي ملي ته پوءِ واقعي اداري جو قصور آهي. مان به افغان جهاد ۾ رهيس، روزانو مان ڪروڙين رپيا ورهائيندو هئس، پر هڪ پائي جي ڪرپشن جو الزام به نه لڳو. بينظير حڪومت آئي. هو منهنجي خلاف هئا، هنن مون کي هٽايو ۽ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيا، هنن وڏي ڪوشش ڪئي پر کين ڪو به ثبوت هٿ نه آيو. فوج ۾ سوين جنرل آهن، ڪيترا انهن مان ڪرپٽ هوندا. ڇا سياستدانن گهٽ ڪيو آهي، انهن کي اڄ تائين ڪنهن چيو آهي؟
ڪاوش: تازو نيول چيف منصور الحق کي ڪرپشن سبب هٽايو ويو. ڇا اها سزا ڪافي آهي، باقي جيڪو مال کاڌو اهو هضم؟
حميد گل: ايئن نه ٿيڻ گهرجي. اهو حڪومت جو ڪم آهي، جيڪڏهن منصورالحق ملوث آهي ته هن جو ڪورٽ مارشل ڪريو، صرف نوڪري مان ڪڍڻ ڪا سزا ناهي. جيڪڏهن ننڍو آفيسر ڪرپشن ۾ ملوث هجي ته فوجي سربراهه ذميوار آهي ۽ اهو ڪارروائي ڪندو پر جڏهن فوجي سربراهه ملوث هجي ته ان خلاف حڪومت کي ڪارروائي ڪرڻي آهي.
ڪاوش: فوج ۾ خود احتسابي عمل پختو ڇو نه آهي، گذريل پنجن سالن جي فوجي بجيٽ پنج سئو ارب آهي. پنجاهه ارب رپين جا گهپلا ٿيا، هڪ آفيسر کي به سزا نه ملي. ٻيو ته تازو احتساب ايڪٽ آيو آهي، ان بابت ڇا خيال آهي؟
حميد گل: ان بحث ۾ نٿو پوان، مان پاڪستان احتساب موومينٽ جو چيئرمين آهيان. تازو احتساب ايڪٽ آيو آهي، اهو فراڊ آهي جنهن ۾ صدر فوجي سربراهن، ججن ۽ گورنرن کي احتساب کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، ڇو؟ هي مٿان لهي آيا آهن، اهي ئي ته ماڻهو اصل ۾ قابل احتساب آهن. نئين احتساب ايڪٽ ۾ 90ع کان پوءِ احتساب جو ذڪر آهي. اڳئين دور ۾ هڙپ ڪيل مال جو حساب ڪتاب ڇو نه؟ ڇا اهو قوم جو پئسو نه هو. جڏهن نگران دور ۾ احتساب آرڊيننس آيو هو ته مون ان وقت به احتجاج ڪيو هو ته صدر لغاري احتساب کان بالاتر ڇو؟ فوجي سربراهن کي ڇو آجو ڪيو ويو آهي؟ ججن، فوجي سربراهن، صدر سڀني جو احتساب اڳ ۾ ٿيڻ گهرجي. جرم جيڪو به ڪري، جڏهن به ڪري اهو جرم آهي. جيڪڏهن هڪ بدو حضرت عمر رضي الله تعاليٰ جي قميص جو کانئس حساب ڪتاب وٺي سگهي ٿو ته پوءِ هنن کي ڇو ڇڏيو وڃي. ڪير حضرت عمر کان بلند آهي؟ هر هڪ جو احتساب ٿيڻ گهرجي.
ڪاوش: اوهان چيو ته جنرل گل حسن ڀٽو کي سياست ۾ آندو پر ماڻهو چون ٿا ته جنرل جيلاني نواز شريف کي وڏو وزير ۽ حميد گل هن کي وزيراعظم ٺاهيو، اوهان آءِ جي آءِ به ٺاهيو؟
حميد گل: سوال ڪاٽيندي چيو ته مون ته هن کي هڪ دفعو ٺاهيو پر بعد ۾ هن کي عوام قبول ڪيو ۽ اڄ ايڏو وڏو مينڊيٽ ڏئي هن تي اعتماد ڪري موڪليو آهي، اڄ ته مون هن کي نه آندو آهي. عوام اسان جي فيصلي کي قبول ڪيو. عوام هن کي ڇو آندو ڪو سبب ته هوندو نه! آءِ جي آءِ ٺاهڻ مذاق ته نه هو ڪو ٻيو سياستدانن کي گڏ ڪري ته ڏيکاري.
ڪاوش: جڏهن سياستدان سچا ناهن ته پوءِ ملڪ جو آخر ڇا ٿيندو؟ جنهن کي جتان اچي ٿو اهو مال هڙپ ڪري ٿو، نصير الله بابر چيو ته نواز فيملي بينڪن کان تيرنهن ارب قرض وٺي کائي وئي. نواز شريف پاڻ اسيمبلي ۾ چيو ته هن تي 58 ڪروڙ ڊيفالٽ جي رقم آهي، وڌيڪ ناهي. هن وقت بينڪ جا 130 ارب رپيا 30 خاندانن وٽ آهن. اهڙي صورت ۾ ڇا ٿيندو؟
حميد گل: سياستدانن لاءِ هي آخري موقعو آهي. قوم کي اٿڻو پوندو ۽ انقلابي انصاف سان معاشري جي اصلاح ڪرڻي پوندي. پاڪستان جي چوطرف انقلاب اچي چڪا آهن. هاڻي پاڪستان جو وارو آهي. پاڪستان موجوده تجربي مان به بچيو يا جيڪڏهن بچڻو آهي ته پوءِ اهو انقلاب جي رستي سان ئي ممڪن آهي.
ڪاوش: موجوده صورتحال ۾ مارشل لا جو امڪان آهي؟
حميد گل: ڇا ڪندا مارشل لاءِ وارا، اهڙي بدحالي جي ڪيفيت ۾ مارشل لاءِ ڇا اچي ڪندو، اهي ڪهڙو تير هڻندا. موجوده حالت ۾ عوام ئي ڪجهه ڪري سگهي ٿو.
ڪاوش: توهان جي احتساب موومينٽ جو ڇا ٿيو، ان لاءِ ڇا پيا ڪريو؟
حميد گل: مان ته ڪم ڪريان پيو، اذان ڏني اٿم، هاڻي عوام اُٿي. عوام کي اپيل ٿو ڪريان ته هو اٿي ۽ حق وٺي، خدا مدد ڪندو. الله رڳو جنرلن، ڪامورن، جاگيردارن، وڏيرن جو ناهي پر الله غريبن جو به آهي.پاڪستان الله لاءِ ٺهيو ان کي بچايو. سياستدان بازيگر آهن، انهن کي ڇڏيو، اسان وٽ اچو. هي سياستدان مفاد پرست آهن، ڪو آمريڪا جو ايجنٽ آهي. هنن جا بئنڪ بيلنس، جائيدادون ٻاهر آهن. پاڻي به ٻاهران گهرائي پيئن ٿا. سڀ ڪجهه ٻاهر اٿن ته پوءِ هو هتي ڇو موجود آهن، کين کپي ته ٻاهر وڃن ۽ عوام جي جان ڇڏين. قوم نواز شريف کي مينڊيٽ ڏنو آهي. اسين اهو تسليم ڪندي چئون ٿا ته نواز شريف، امن، انصاف، احتساب ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکاري.
ڪاوش: اوهان انقلاب جي ڳالهه ڪريو ٿا، نئين قيادت جي ڳالهه ڪريو ٿا، ويجهڙ ۾ عمران خان آيو، ناڪام ويو، مذهب جي نالي تي ٺهيل هن ملڪ ۾ پنجاهه سالن ۾ ڪڏهن ڪا به مذهبي پارٽي اقتدار ۾ نه آئي؟.
حميد گل: حضور، هي مذهبي پارٽيون ناهن، هي سياسي پارٽيون آهن. مذهبي پارٽي قرآن ۽ انسانن جي ڳالهه ڪندي آهي، غريبن جي ڳالهه هو به نٿا ڪن. غريب عذاب ۾ آهي، صرف ساهه کڻڻ تي ٽيڪس ناهي، باقي هرشيءِ تي ٽيڪس آهي ۽ غريب 80 سيڪڙو ٽيڪس ڀري ٿو جڏهن ته ڪارخانيدار ٽيڪس چور آهي.
ڪاوش: اهڙي صورت ۾ نئين پارٽي جي گنجائش آهي؟
حميد گل: موجوده نطام کي ختم ڪرڻ کانسواءِ ملڪ نه بچندو. نظام اکيڙڻ لاءِ وڏي محنت جي ضرورت آهي، مان پنهنجو ڪم ڪريان پيو هر ڪو پنهنجو ڪم ڪري.
ڪاوش: توهان وٽ ايترو نيٽ ورڪ آهي؟
حميد گل: ڏسو ڇا ٿو ٿئي؟
ڪاوش: 58 (2) بي جي خاتمي بعد هڪ تاثر آهي ته هاڻي مارشل لا کي ڪير به نه ٿو روڪي سگهي اهو شو شو ڇا آهي؟
حميد گل: پارليامينٽ سپريم آهي، هوءَ جيڪو چاهي ڪري پر جنهن انداز ۾ اٺين ترميم ختم ڪئي وئي اهو طريقو غلط آهي. اهو مس يوز آف مينڊيٽ ۽ مس يوز آف پارليامينٽ آهي. اڳ ۾ جڏهن عوام حڪومت کان بيزار ٿيندو هو ته روڊن تي اچي صدر ڏانهن ڏسندو هو هاڻي ڪنهن ڏانهن ڏسندو؟
ڪاوش: ڇا فوج ڏانهن ڏسندو؟
حميد گل: منهنجو اهو سوال آهي، سياستدانن کان هو ٻڌائين.
(22 جولاءِ 1997ع)