اسلام آباد ۾ اياز جو ڏهاڙو
ناهموار ۽ پٿريلي پوٺوهاري زمين جي بي وفا ماڻهن جي شهر اسلام آباد ۾ خميس ڏينهن اڪيڊمي آف ليٽرس ۽ سنڌ گريجوئيٽس جي گڏيل سهڪار سان سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي ياد ۾ پروگرام ٿيو.امر جليل صدارت ڪئي. غوث علي شاهه خاص مهمان هو. نصير مرزا ڪارروائي هلائي. بيدل مسرور اياز جا گيت ڳاتا، ڊاڪٽر سليمان شيخ، سهيل سانگي، عنايت بلوچ، قيس ابڙو، مختيار ٽالپر ۽ ڊاڪٽر يعقوب زرداري مقالا پڙهيا ۽ تقريرون ڪيون. مغرب جي اذان آئي جنهن کان اڳ ئي ماڻهو روزو کولي چڪا هئا. افطاري دوران ”الله واري ونڊ هئي“ جنهن کي جيترو مليو سو کنيائون. اڪثر بي روزائتن جون پليٽون ڀريل ۽ روزائتن جي هٿن ۾ سادي پاڻي جا گلاس هئا. هرڪو فارغ ٿي پنڊال ۾ آيو. بيدل جي دل سان ڳايل اياز جي ڪلام کي ٻڌي هر ڪنهن انجواءِ ڪيو. امرجليل اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو ته گهڻن جا ڳوڙها نڪري آيا ۽ اکيون آليون ٿي پيون. 4 ڪلاڪن جي ڪارروائي کان پوءِ هرڪو گهر هليو ويو. گهڻا ته افطاري بعد ئي روانا ٿيا هئا پر راڳ جي چڪر ۾ سنڌي ويٺا رهيا.
افسوس آهي اهڙي سوچ رکندڙن تي. هي بلڪل اهڙا ئي ماڻهو آهن جيڪي بقول مظهرالاسلام ته ان تاڙ ۾ رهندا آهن ته اڄ به ڪا فوتگي هجي ته هو تعزيتي ميڙ ۾ وڃن ۽ اهو چئي ٽائم ٽاري ڏهاڙي لڳائي ڄاڙي هڻي اچن ته ”مرحوم فلاڻو ڏاڍو ڀلو هو، منهنجو يار هو، مرڻ کان اڳ مون سان مليو، مون کي چيائين... وغيره وغيره...“
هن تقريب مان ڪجهه هڙ حاصل ته گهڻو خير ڪو نه ٿيو پر سنڌين کي امر جليل موٽي مليو آهي. اهو ئي امر جيڪو ڌرتي سان محبت ۽ حق ڇني وٺڻ جا سبق ڏيندو هو. اهو ئي ڳڀرو امر جيڪو سنڌ جي اداس ۽ نراس نوجوانن کي لکڻين ذريعي خوشين جا انبار ڏئي ڏکن کي منهن ڏيڻ جا نوان گس ڏسيندو هو. اهو امر جليل ڪجهه وقت کان گم ٿي ويو هو. سنڌين کان رسي ويو هو. اسلام آباد جي بي ميويدار وڻن جي جهنگلن، ناهموار پهاڙين جي هنج ۾ واقع ڪيترائي ميل ڊگهي هائيڪنگ ٽريڪ ۽ سوين ايڪڙن واري ڪيپيٽل پارڪ سميت هموار، نيم هموار ۽ ناهموار زمين تي اڏيل شهر جي ڪشادن گهرن ۾ رهندڙ تنگ دلين وارن ماڻهن جي ڀيڙ ۾ غائب ٿي ويل هي اروڙ جو مست نيٺ ڪالهه موٽي آيو آهي. اياز جي عشق ۾ جڏهن اڪيڊمي آف ليٽرس ۽ سگا پاران منعقد ڪيل پروگرام ۾ اڌ سفيد ۽ اڌ ڪارن وارن واري ڏاڙهي ۽ شهپرن واري ڳچ عرصي کان خاموش رهندڙ امر جليل ڳالهايو ته بلڪل ايئن لڳو ته نيٺ گونگي ڳالهايو. سندس تقرير نه پر اياز جي عشق ۽ عقيدت ۾ چيل لفظ جيڪي ٽوهه جهڙي ڪوڙي سچ سان ڀريل هئا سي ٻڌي نذير ناجي کي گهمرا پوڻ لڳا، هو وٽ سٽ کائڻ لڳو.
امر جليل جڏهن چيو ته 27 سال اڳ بنگلاديش ٺهڻ وقت ان جي حمايت جي ڏوهه ۾ اياز کي تڪليفون ڏنيون ويون. ان وقت بنگالين پاڪستان کان آزادي جي ڳالهه ڪئي ته سندن حشر نشر ڪيو ويو، پر اڄ ساڳيو پاڪستان بنگلاديش جي آزادي جي سلور جوبلي ملهائڻ واري تقريب جي موقعي تي ٿيندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي ٽيم پيو کيڏائي. اياز کي ڪافر ۽ بي دين سڏيندڙ پنجاب جي ماڻهن اياز خلاف جنهن لاهور شهر مان تحريڪ شروع ڪئي اڄ ساڳئي شهر لاهور ۾ اياز جي موت تي قصيدا ٿا ڳايا وڃن. بنگالين خلاف ون يونٽ نالي گڏيل محاذ جوڙي پنجابين جڏهن ڪوششون تيز ڪيون ته سرحد ۽ بلوچستان مان ڪو به نه اٿيو. اياز جي رهنمائي ۾ سنڌ جا اديب ۽ دانشور اٿيا جن ان خلاف تحريڪ هلائي ۽ سنڌ جي آزاد شناخت بحال ڪرائي. امرجليل جا اهي لفظ ٻڌي نواز سرڪار جي صدقي اڪيڊمي آف ليٽرس جو چيئرمين بڻجندڙ نذير ناجي هر هر عينڪ پئي سوري، نيٺ اٿيو ۽ غوث علي شاهه جي ڪن ۾ ڪجهه چئي آيو.
پروگرام ۾ سموريون تقريرون سنڌ پرست هئڻ، اينٽي سنڌ قوتن ۽ ڌرين کي ڪچيون گاريون ڏيڻ برابر هو. اهو ئي سبب هو ته نذير ناجي وٽ سٽ پئي کاڌا. اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل مظهرالاسلام جيڪو چوندو آهي ته منهنجو جسم پنجاب ۽ روح سنڌ ۾آ هي اهو ڏاڍو خوش ٿي رهيو هو، هو آخري سيٽن تي ويٺو هو. اياز جي ياد ۾ ٿيل هن پروگرام ۾ ايئن پئي لڳو ته ڄڻ جيئي سنڌ جو فنڪشن آهي. گادي واري شهر ۾ سرڪاري خرچ تي سنڌ پرستي جون ڳالهيون ۽ ون يونٽ ٺاهيندڙن کي گاريون ٻڌي غوث علي شاهه سميت گهڻن جا هوش اڏامي ويا.
ڊاڪٽر يعقوب زرداري جي تقرير ۾ ورجاءُ وڌيڪ ۽ ڊيگهه گهڻي هئي. سندس جملن جو جڙاءُ به سگهارو ڪو نه هو. بهرحال پنهنجي دور جي يادگيرين جي حوالي سان گهڻو چيائين، مختيار ٽالپر جي تقرير ايئن پئي لڳي ڄڻ 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي سالگره تي سن ۾ پيو ڳالهائي. سهيل سانگيءَ چيو ته عبدالله حسين چوندو آهي ته وڏو شاعر اهو آهي جيڪو هڪ صدي زندهه رهي. اياز 50 سال زندهه رهيو آهي ۽ هن پنهنجي شاعري ۾ نواڻ آڻي پاڻ کي هر شعبي جي ماڻهن ۾ مقبول رکيو آهي. هيستائين ماڻهن جي دلين ۾ رهڻ جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته هو 50 سال ٻيا به زندهه رهندو. اياز کي ايوب خان کان وٺي نواز شريف جي اڄوڪي حڪومت تائين مٽجندڙ حڪومتن ۽ دورن جي باوجود به هر دور ۾ اڳي کان وڌيڪ محبت ۽ شوق سان پڙهيو ويو آهي. اها ئي سندس زندهه رهڻ جي علامت آهي. هن جي اردوءَ واري تقرير ۾ سنڌي جا لفظ ايئن شامل هئا جيئن ميگزين ۾ گوليون.
قيس ابڙو کي سڏ ٿيو ته سندس موچاري هاٺي ڏسي ماڻهن الائي ڇا ڇا پئي چيو پر جڏهن هن اياز جا شعر پڙهيا ۽ تقرير ڪئي ته گهڻن جون ڏندين آڱريون هيون ته هن کي به اياز ياد آهي. ٻيا ته ٺهيو سندس گهر واري ۽ ٻار به حيران هئا ۽ ٻارن کي ڪالهه ئي شايد باقاعده خبر پئي ته سندن والد جي اڃا به ڪيڏي لئي آهي. پروگرام ۾ عورتون گهٽ مرد وڌيڪ هئا ۽ سنڌين جي فنڪشن جي حساب سان انگ ٺيڪ هو. عنايت بلوچ جي لکيل ٻن صفحن جو لفظي جڙاءُ ته ڀلو هو پر جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيائين ۽ هڪ اڌ شعر پڙهيائين ته هر ڪنهن کي خبر پئي ته ڀائو جا ڪهڙا حال آهن. مٿان جڏهن پنڊال ۾ ويٺل هڪ شخص چيس ته اياز جي سنڌي ۾ پڙهيل شعر جو اردو ترجمو ٻڌاءِ ته سائين عنايت تي سڪتو طاري ٿي ويو. نيٺ سوچي سوچي ترجمو ٻڌايائين. بنا تياري سٺو ڳالهايائين پر اردو ترجمي جي ڊپ کان وري اياز جو شعر نه پڙهيائين ۽ آخر ۾ ويندي مهل شعر پڙهيائين ته مٿان نصير مرزا، عنايت واري شعر کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻيو شعر پڙهيو ته:
ڪڏهن به توتي دوار دل جا نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آ
ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا متان چوين آجيان نه ٿيندي.
نصير مرزا جيڪو بيدل مسرور سان گڏ حيدرآباد مان ڪمپيئرنگ لاءِ سيڙجي آيو هو تنهن جي تياري بهتر هئي. ڪارو مفلر ڳچي ۾ وجهي اياز جا شعر ۽ انهن جو اردو ترجمو سولائي سان ٻڌائي هن پنهنجي علمي ڄاڻ ۽ مهارت جا موتي پئي ڇٽيا جنهن سان هر ڪنهن پئي واهه واهه ڪئي پر سڀني کان وڌيڪ واهه واهه اڇي مٿي واري سنهڙي چاچا ڪئي جنهن هر تقرير، ايتري قدر جو ڊاڪٽر يعقوب زرداري جي تقرير تي به هن واهه واهه چوندي تاڙيون پئي وڄايو. اياز جي وفات سبب منعقد ڪيل جلسي ۾ ڏک واري ماحول ۾ تاڙيون وڃائڻ وارن تي سگا اسلام آباد جي باني يوسف ميمڻ ڏاڍي ڪاوڙ پئي ڪئي. هو ڪنهن کي چئي نه پئي سگهيو. باقي سندس اکين رت پئي ڇڏيو. نيٺ مون کي چئي ڏنائين ته ”تاڙيون ڇو ٿا وڄايو؟“ بهرحال نصير مرزا پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ويو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس اسٽائيل قاسم ماڪا وانگر هڪڙو ئي هو يعني خوشي هجي يا غم ڳالهه ساڳئي نموني چوندو آهي، پر هن ميڙ جي مناسبت سان سندس انداز فٽ هو. سنڌي ڪامورن ۽ گادي واري شهر ۾ ڪم ڪندڙ ننڍن وڏن عهدن وارن ملازمن جو به چڱو انگ هو. شايد ان ڪري ته سنڌي فليور وارا پروگرام دل وندرائڻ لاءِ هتي گهٽ ٿا ٿين تڏهن ايڏي تعداد ۾ آيا هئا. هونئن ته خشڪ تقريرن وارن پروگرامن کان اڪثر سنڌي لنوائيندا آهن. باقي راڳ هجي ته پوءِ مڙئي حاضري چڱي هوندي آهي.
تقريرون ڪندڙن ۾ سڀني کان وڌيڪ جملن جي جڙاءُ واري ۽ Formulated تقرير ڊاڪٽر سليمان شيخ جي هئي. سنڌ جي قومي معاملن ۾ سڀني کان وڌيڪ اڳتي رهندڙ ڊاڪٽر سليمان ڪنهن ڪنهن مهل جذبات ۾ اچي ويندو آهي ته پوءِ هو ڪنهن جي پرواهه نه ڪندو آهي. اڳ ۾ جڏهن انور ابڙو سان شام ملهائي وئي هئي ته ملڪ لعل کي مخاطب ٿيندي جنهن منطقي انداز ۾ سنڌ جي قومي معاملن ۽ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جو ذڪر ڊاڪٽر سليمان ڪيو هو، اهڙو شايد چڱو ڀلو قومپرست ليڊر به نه ڪري سگهي. لاهور ۾ اياز جي ياد ۾ ٿيل پروگرام ۾ به ڊاڪٽر پنهنجي هڙان خرچ ڪري ويو هو ۽ لاهورين کي به سبق سيکاري آيو هو.
پنڊال ۾ موجود سوچ وارن سنڌين کي امر جي تقرير بعد خوشي ڏاڍي هئي ڇو ته گادي واري شهر ۾ جتي آبادي وارن حصن کان وڌيڪ زمين جي حصي تي وڏا جهنگل آهن جن ۾ سوئر، گدڙ ۽ ڀولڙا ايترا آهن جو اسلام آباد جي آبادي کان وڌيڪ انهن جو تعداد آهي. اهڙي شهر ۾ ڳچ عرصو غائب رهڻ بعد امرجليل جڏهن تقرير لاءِ آيو ته سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا ۽ لفظ روح جي اندر مان نه پيا نڪرنس. هن پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته اياز کي سڀ کان وڌيڪ ڏک پنهنجي چاهيندڙن جو هو جيڪي بنا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي اياز تي تنقيد ڪندا هئا. هن نه صرف ٻه اکر پڙهيل انهن اديبن ۽ دانشورن جو پٽڪو لاٿو پر سنڌي اخبارن کي به نشانو بڻايو ۽ چيو ته 2 درجن کان وڌيڪ شايع ٿيندڙ سنڌي اخبارن ۾ اياز بابت گهٽيا لفظن سان ڀريل تنقيد سبب اياز کي ڏاڍو ڏک پهتو هو.
اياز بابت انهن روايتي مبصرن جي جملن کان مختلف نموني تبصرو ڪندي امر جليل چيو ته ڀٽائي ۽ سچل جي هوندي اياز بطور شاعر جيڪا مڃتا ماڻي اهو وڏو ڪمال آهي ۽ اصل ۾ اهو سندس شعرن جي جڙاءُ ۽ انهن جي فڪري سگهه جو مثال آهي جو هن کي ايڏو مان مليو. هن چيو ته تاريخ مان جڏهن سبق نه پرايو ويندو آهي ته تاريخ پاڻ ورجائيندي آهي. هن مٺن مٺن جملن سان وفاق کي جيڪي ميارون ۽ مهڻا پئي ڏنا تن تي درٻاري اديبن جا منهن لهي ٿي ويا. امر جون انور مقصود جهڙيون سچيون ۽ کريون ڳالهيون غوث علي شاهه ۽ نذير ناجي کي به نه پئي وڻيون. سڀني پئي چيو ته ڀٽائي کان پوءِ اياز وڏو شاعر آهي پر سچل جي معتقد امر جليل ڏاڍي سهڻي نموني اهو تاثر ڏنو ته ڀٽائي کان پوءِ سچل به آهي. اياز ۾ ڏاهپ ۽ ڏور نظري ڀٽائي واري آهي، بي باڪي ۽ مستي سچل واري آهي. شايد هن جي ذهن ۾ اهي ڀٽائي وارا لفظ هئا ته ”جيڪو ڪنو اسان چاڙهيو آهي ان جو ڍڪڻ سچو لاهيندو.“
شيخ اياز جنهن کي بطور وڪيل آئون 80 واري ڏهاڪي کان سڃاڻان ڇو ته هن منهنجي والد کي خون جي ڪيس مان پنهنجي مهارت ۽ وڪالت ذريعي آجو ڪرايو هو. شاعري واري اياز کانسواءِ وڪالت وارو اياز به اياز ئي هو. غوث علي شاهه اياز جي ان پهلو جي وڌيڪ ساراهه ڪئي ڇو ته هو اياز سان گڏ وڪالت ڪندو هو. غوث علي شاهه به اها ڳالهه مڃي ته اسان سدائين پنهنجي هيرن جو قدر مرڻ بعد ڪندا آهيون. فيض احمد فيض جڏهن جيئرو هو ته هن کي جيل ۾ وڌو ويو پر هاڻي سندس نالي سان اسلام آباد ۾ به روڊ آهن. غوث علي شاهه لائوڊ تي وات رکي زور سان جڏهن اياز سان وڪالت وارن ڏينهن ۾ گهايل 20 سالن جا قصا پئي ٻڌايا ته روزي کولڻ جو وقت ويجهو هئڻ سبب خالي پيٽ روزائتن کي ڏاڍا خار پئي آيا. شاهه صاحب هڪ موقعي تي چيو ته سچل جو تعلق منهنجي ضلعي سان آهي ۽ هو به وڏو شاعر هو. شاهه صاحب کي چوڻ ته اهو کپندو هو ته هو سچل سائين جي ضلعي جو آهي پر شايد وفاقي وزارت جي جنون ۾ هن سچل کي ته پنهنجو ڪيو پر پاڻ سچل جو نه ٿيو.
آخر ۾ نصير مرزا جڏهن غوث علي شاهه لاءِ اياز جو اردو ۾ چيل شعر پڙهيو ته لڳو پئي ته اهو شاهه صاحب کي تعليم جو وزير هوندي به سمجهه ۾ ڪو نه آيو هوندو. خيرپور ضلعي ۾ پيرپاڳاري کان پوءِ هي ٻيو سيد آهي جنهن پڇاڙي ۾ نئين شادي ڪئي آهي. مڙئي ڏئي وٺي شاهه صاحب پنهنجي تقرير پوري ڪئي ۽ چيو ته هلو روزو کوليو. هن جو چوڻ ۽ اسلام آباد جي اڌ کان وڌيڪ نئين ٽهي وارن اردو لکندڙ پنجابي اديبن وڃي افطاري جي سامان وارن ديڳڙن جا ڍڪ لاٿا. اذان جي پهرئين اکر سان هنن چانهه به پي ڇڏي ۽ ٽشو پيپرن سان منهن صاف ڪندا ٻاهر پئي آيا. پنهنجي راڄ وارن جا اهي حال ڏسي مظهر الالسلام ڏاڍا خار پئي کاڌا. بهرحال هو ڏاڍو خوش خوش نظر اچي رهيو هو ته هن اڪيڊمي پاران هڪ سنڌي کي مان ڏيڻ لاءِ پروگرام منعقد ڪري سنڌين جو گادي واري شهر ۾ ڪاڄ ڪري پنهنجو حق ادا ڪيو. جيتوڻيڪ هن جي والده ۽ گهر واري بيمار هئڻ ڪري اسپتال ۾ هيون پر هو پروگرام ۾ آخر تائين موجود رهيو.
ان بعد، وارن کي ڪارو رنگ ڪري جوان بڻجي آيل بيدل مسرور جڏهن اندر جي اٿاهه جذبن سان اياز جي شاعري ڳائڻ شروع ڪئي ته ڪيترن ئي بد ذوقن کي به هن جهومائي ڇڏيو. سندس ڳائڻ جي ان اثر امر جليل کي اوڇنگارون ڏئي روئڻ تي مجبور ڪيو. امر اسٽيج تي چڙهي آيو ۽ بيدل کي چميون ڏيڻ لڳو. الله ڪري ته امر جو اهو جذبو قائم رهي ۽ پنهنجن ماڻهن لاءِ به لکي.
(18 جنوري 1998ع)