انٽرويو: سهيل سانگي ۽ اعجاز مهر
اصولن خاطر اوچي ڪرسيءَ کي لت هڻي آيو آهيان: اڳوڻو صدر فاروق لغاري
سوال: وفاقي وزير مشاهد حسين توهان کان چار سوال پڇيا آهن توهان انهن بابت ڇا چوندا؟
جواب: مان جڏهن صدر هوس تڏهن ساڳيو مشاهد حسين ساراهه ڪندي ڪو نه ٿڪبو هو. پهريون سوال مهراڻ بئنڪ اسڪينڊل جي باري ۾ آهي، ان بابت گهڻو ڪجهه لکجي ۽ چئجي چڪو آهي. ساڳئي معاملي کي کڻڻ جا ڪهڙا محرڪات آهن ڪجهه چئي نٿو سگهجي. ان معاملي جي انڪوائري رپورٽ به ڇپجي چڪي آهي. لاهور جي ڪجهه اخبارن لکيو آهي ته اها رپورٽ اڃا شايع نه ٿي آهي. حالانڪه اها رپورٽ پبلڪ ڊاڪومينٽ طور شايع ٿي هئي. ان کان پوءِ ٻيهر موجوده حڪومت اها رپورٽ شايع ڪئي. جڏهن سڀ ڪجهه سرعام اچي چڪو آهي ته گهڙي گهڙي اهو معاملو ڇو پيو کنيو وڃي. ٻيو اهو ته نواز شريف جڏهن اپوزيشن ۾ هو ته انهي اشو کي گهڻو استعمال ڪيو. سموري پريس کي اسان جي علائقي ۾ وٺي ويا ۽ اتي منهنجي ڀيڻ ۽ والده جي زمين پريس کي ڏيکاري ويئي. جتي زمين هئي اتان کان 7 ڪلوميٽر پري هڪ بنجر علائقو ڏيکاريو ويو ته هي آهي اها زمين جيڪا وڪرو ڪئي ويئي آهي. هن کان اڳ پاڪستان جي پريس کي اسان جي علائقي ۾ نيو ويو هو جتي کين اها اصل زمين ۽ سمورو رڪارڊ ڏيکاريو ويو هو، پر نواز شريف وارن غلط زمين ڏيکاري ۽ ڪوڙ ڳالهايو. مان هنن جي ساک پت تي ڪو نه ٿو ڳالهايان ته هنن ڪوڙ ڇو ڳالهايو. ڏسڻ جي ڳالهه اها آهي ته هڪ اهڙو ڪوڙ جيڪو جٽادار ناهي اهو توهان بار بار، رڳو پريس جي زور تي، ڪجهه پريس وارن کي خريد ڪري ڳالهايو ٿا. اها ڳالهه هنن کان ڪير به نٿو پڇي. اهو به ڪير ڪو نه ٿو پڇي ته، اها زمين لغاري کان خريد ڪئي وئي آهي يا وڪرو ڪئي ويئي آهي؟ حقيقت اها آهي ته فاروق لغاري پنهنجي ابن ڏاڏن جي زمين وڪي، ان ۾ ڪو به اخلاقي ڏوهه ناهي. ڇاڪاڻ جو زمين مارڪيٽ اگهه کان گهٽ ڪو نه وڪي وئي جيڪو به سودو ٿيو اهو رڪارڊ تي آهي. رقم جي ادائيگي به ڪراس چيڪ جي ذريعي ٿي پر پوءِ به اها ڳالهه ڇو پئي اهميت حاصل ڪري؟
سوال: مهراڻ گيٽ ۾ ڪير ڪير ملوث آهي، يونس حبيب ڪير آهي ۽ ان مان فائدو وٺندڙ ڪير آهن؟
جواب: اهي ئي آهن جيڪي اڄ به اقتدار جي ايوانن ۾ ويٺا آهن ان ۾ ميان صاحب ۽ سندس ساٿي شامل آهن. فائدا وٺندڙ به اهي ئي آهن پر قصوروار اسين آهيون رڳو ان لاءِ جو اسان جو سودو هڪ اهڙي ماڻهو جي ذريعي ٿيو يا هڪ اهڙي ماڻهو سان ٿيو جيڪو بدنام ٿي چڪو هو. اهو صحيح آهي ته جيڪڏهن اسان کي خبر هجي ها ته اهو ماڻهو ڪيترو بدنام آهي ته اسين پنهنجي زمين جو سودو هن سان نه ڪريون ها، اهو اسان کي بعد ۾ پتو پيو جڏهن بينظير مون کي چيو ته هن ماڻهو جي خلاف هي ڪيس ۽ هي ميٽريل آهي حالانڪه محترمه پاڻ هن جي گهڻو ويجهو هئي. هن (بينظير) پڇيو ته ”هي سڀ ڪجهه پريس ۾ آيو آهي توهان جي ان بابت ڇا راءِ آهي؟“ مون چيو ته توهان فوراً ايڪشن وٺو. هن چيو ”پر توهان کان هن زمين ورتي آهي. ڏسو ..“ مون وراڻيو ته پوءِ ڇا ٿي پيو! اسان هن کان جيڪا به رقم ورتي آهي اها ڪراس چيڪ جي ذريعي ورتي آهي. اسان جي خلاف حالانڪه اها به کوٽ کوٽان ڪري چيو ويو ته هي معاملو بي نامي آهي. اهي ماڻهو ڪٿي آهن جن زمين خريد ڪئي اسان جو ڇا وڃي ته اها زمين ڪنهن جي نالي تي ڪنهن جي لاءِ، يا ڪنهن جي ذريعي خريد ڪئي پئي وئي، ڳالهه اها آهي ته جيتري به ٽرانزيڪشن تي رقم ڏني وئي، اسان ورتي اهو سڀ رڪارڊ تي آهي. وڏي ڳالهه ته اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿيو جڏهن آءٌ اپوزيشن ۾ هوس. آخري قسط ان وقت ملي جڏهن مون کي صدر جو عهدو سنڀالئي ڪجهه ڏينهن گذري چڪا هئا. ان سڄي معاملي کي نواز شريف گروپ مون تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. سوال نواز شريف وارن کي تفصيل ۽ دستاويز ڪنهن ڏنا؟ جواب نواز شريف ڏنا يا آصف زرداري ڏنا. مون کي ڪا خبر ناهي. مان هروڀرو ڪنهن تي الزام نٿو هڻان جنهن ڳالهه جي مون کي خبر نه هجي، ڪنهن ڏنا ڪنهن ورتا اهو سڀ ڪجهه غير ضروري آهي. اسان جيڪي ڪجهه ڪيو ان جو رڪارڊ موجود آهي ۽ اهو پبلڪ رڪارڊ آهي ان ۾ لڪائڻ جي ڪا به ڳالهه نه هئي. ان ڪري مان ان ڳالهه کي اهميت ڪو نه ٿو ڏيان. البته مان اهو ڄاڻان ٿو ته مشاهد حسين پمفليٽ تيار ڪيو هو. هن سفارتخانن کي خط لکيا جن ۾ مون تي اهي الزام هنيا ويا هئا. انهن ڪاغذن جون فوٽو ڪاپيون لڳايون ويون ۽ هڪ پورو قصو ٺاهيو ويو. اها ڳالهه ياد رکڻ کپي ته اهي ڳالهيون جيڪي رد ٿي چڪيون آهن يا وري غلط ثابت ٿي چڪيون آهن اهي ٻيهر اٿاريون پيون وڃن. ان لاءِ ته جيئن نئين سر تڪرار شروع ٿئي. اصل ۾ اهي همراهه گهٻرائجي ويا آهن ته هي ماڻهو هڪ وڏي اصول جي بنياد تي اوچي ڪرسي کي لت هڻي آيو آهي جنهن کي عوام طرفان سٺي موٽ ملي رهي آهي ۽ هي انهي عوام جي موٽ کان گهٻرايل آهن. اهو به سوال ڪيو ويو آهي ته مون بلوچستان ۾ هاءِ ڪورٽ جي ذريعي زمين حاصل ڪئي آهي. اسان ڪو حڪومت جي زمين حاصل ڪئي آهي؟ صديون پراڻي اسان جي ابن ڏاڏن جي زمين هئي جيڪا مون قانوني طور، عدالت جي ذريعي حاصل ڪئي. ايئن ڪري ڇا ڪو مون گناهه ڪيو؟ اها زمين ڪا انگريزن جي ڏنل جاگير نه هئي. ان کان اڳ جي هئي جنهن کي انگريزن به تسليم ڪيو هو. ڪنهن اخبار واري لکيو ته ججن جي مدي ۾ واڌ جي عيوض لغاري جي حق ۾ اهو فيصلو ٿيو آهي مان ته ججن کي سڃاڻان به ڪو نه ٿو. مون اها توسيع وزيراعظم بينظير ڀٽو جي مشوري تي ڪئي. ان معاملي ۾ صدر جو ڪو ڪردار نه هوندو آهي. مون بينظير کي نه چيو هو ته جج جي مدي ۾ واڌ آڻيو. بهرحال اسان قانوني طور اها زمين ورتي هئي ۽ ان عدالتي فيصلي جي خلاف ڪنهن اپيل به نه ڪئي ورنه اڄ ڪلهه غريب کان غريب ماڻهو به فيصلي کان متاثر ٿئي ٿو ته اپيل ڪري ٿو. اهو به اسان جو قصور آهي. هنن کي منهنجي سڄي صدارت واري مدت ۾ يا ان کان اڳ واري رڪارڊ ۾ رڳو اهي ئي ٻه شيون مليون آهن جيڪي پڻ ڊس پروف ٿيل آهن. اهي ڳالهيون بار بار کنيو وڃن ٿيون ان لاءِ ته مون کي تڪراري بڻائين مان انهي تڪرار ۾ ڪو نه ٿو پوان. مان هڪ دفعو جواب ڏيندس ۽ پوءِ بس، مان بار بار جواب ڪو نه ڏيندس. ٽين ڳالهه مشاهد حسين اها چئي آهي ته مون جسٽس سجاد علي شاهه جي خلاف ڪا سازش ڪئي آهي. اهو سڄو قصو ڪيئن آهي ان لاءِ منهنجا انٽرويو تفصيل سان ڇپجي چڪا آهن. پر مختصراً توهان کي ٻڌايان ٿو ته اول جسٽس سجاد علي شاهه اهڙو ماڻهو ناهي جنهن کي ڪو ماڻهو اپروچ ڪري سگهي يا جنهن تي ڪو اثر (انفلوئنس) ڪري سگهي. هن جو ڪردار هر ڪنهن تي عيان آهي هو هڪ ڪرپٽ نه ٿيندڙ جج آهي. هن ڪڏهن به ڪنهن جي سائيڊ نه ورتي آهي هن نه بينظير جي ۽ نه ئي نواز شريف جي سائيڊ کنئي. هو جنهن کي حق سمجهي ٿو اهو ڪري ٿو. مون کي جيڪو ٿورو گهڻو تجربو ٿيو، بينظير ۽ نواز شريف ٻنهي جي زماني ۾ سو اهو ته هو هميشه آئين ۽ قانون جي بالاداستي جي ڳالهه ڪندو هو. ان کان ڪا شيءِ نه اڳتي نه پوئتي... هن کي ڪڏهن به ڪنهن فيور يا فائدن لاءِ چيو ويو ته هن ڪڏهن به فيور نه ڪيو. محترما چوندي هئي ته هن کي هٽايو. مان چوندو هوس ته هن جي خلاف ڪا شيءِ هجي ته هٽايان؟ هتي ئي جتي توهان ويٺا آهيو ڇهه ست ماڻهو هئا جن کي مون نه پر محترمه سڏايو هو، رڳو ٻه ماڻهو مون گهرايا هئا سي به سندس چوڻ تي. ان ملاقات ۾ محترمه چيو ته هي (جسٽس سجاد علي شاهه) راشي آهي. مون چيو توهان جڏهن هن کي چيف جسٽس بڻايو ته هن جي تعريف ڪئي. هن کي چيف جسٽس بڻائڻ جي ايڊوائيس توهان موڪلي ۽ چيو ته توهان ئي هن کي چيف جسٽس بنايو پيا. مون توهان جي ايڊوائيس تي صحيح ڪئي، هي تڏهن تمام سٺو هو، هاڻ ڪيئن خراب ٿي ويو آهي. چيائين ته هن رشوت ورتي آهي. پڇيم ڪهڙي رشوت ورتي آهي؟ بينظير وراڻيو ته هن پنهنجي ڌيءَ جي شادي تي مون کان هڪ قالين تحفي طور ورتو آهي. مون وراڻيو جيترو وڏو قالين توهان ڏنو آهي اوڏو وڏو قالين مون به ڏنو آهي. توهان ساڍا 9 هزار رپين جو 3x5 فوٽ قالين ڏنو آهي اوڏو ئي قالين مون به ڏنو هو ڇاڪاڻ جو مون پنهنجي ملٽري سيڪريٽري کي چيو هو ته هو وزيراعظم جي ملٽري سيڪريٽري کان پڇي ته ڪيڏو ۽ ڪهڙو قالين ڏنو پيو وڃي اسين به اوڏوئي قالين ڏيون. ايئن نه ٿئي جو منهنجو قالين سندس (وزيراعظم جي) قالين کان وڏو هجي. مون کي ان قالين جي قيمت جي به خبر آهي. توهان مون کي چئو ٿا ته مان جسٽس سجاد علي شاهه تي مس ڪنڊڪٽ جو الزام هڻان ته توهان بطور پاڪستان جي وزيراعظم کيس ڌيءَ جي شادي تي تحفو ڏنو. هن ماڻهو جي ايمانداري جو هن کان وڌيڪ ڪو ثبوت ٿي سگهي ٿو ته توهان سموري ڇنڊ ڇاڻ ڪري ورتي پر ڪو به الزام يا ثبوت نه مليو، ته سجاد علي شاهه اهڙي قسم جو ماڻهو آهي. مان هن سان ملي ڪهڙي سازش ڪري ٿو سگهان؟ ڇو ڪريان ها؟ نواز شريف منهنجو ڪجهه به نه بگاڙيو. نواز شريف منهنجي عزت ڪندو هو، مان هن جي عزت ڪندو هوس. هن مون کي بار بار چيو ته ”اسان کي توهان جهڙو صدر نه ملندو. اسان کي توهان جي ضرورت آهي. اسين توهان کي ٻيو ٽرم ڏيڻ چاهيون ٿا ۽ ڪجهه کاتا ۽ ڪم هٿ ۾ کڻو.“ مون وراڻيو آءٌ آئيني صدر آهيان اهي ايگزيڪيوٽو جا ڪم آهن. مان آئيڊيا ڏيندو رهندس، پر اهو سڀ ڪجهه پردي جي پويان رهندي ڪندس. سامهون ڪو نه ايندس. ڇاڪاڻ جو ايگزيڪيوٽو جا ٻه مرڪز پاڪستان ۾ نه هجڻ گهرجن. هڪ ئي هجڻ گهرجي ۽ اهو وزيراعظم جو هجڻ گهرجي. اهو ملڪ توڙي توهان ٻنهي لاءِ سٺو نه ٿيندو جو مان انتظامي ڪم شروع ڪريان. مان جيڪڏهن توهان جي رهنمائي ڪندس ته پريس کي پتو پوڻ نه ڏيندس. ٽي وي تي نه ايندو. اڃا هي بحران شروع نه ٿيو هو ته مون کيس چيو هو ته عدليه سان جهيڙو نه ڪرڻ گهرجي. ان سان حڪومت کي نقصان آهي ۽ ملڪ کي به. هن مون کي چيو هو ته ها، توهان صحيح ٿا چئو. جڏهن دهشتگردي روڪ قانون اچڻ لڳو ته مون چيو هو ته عدليه اندر ايگزيڪيوٽو سسٽم صحيح ناهي. هي هڪ متوازي نظام ٺهي ويندو. هونئن به دهشتگردي ڪو اهڙو مسئلو ناهي جنهن کي رڳو سخت قانون ٺاهي توهان حل ڪري ڇڏيو. ان لاءِ توهان ماڻهن ۾ برداشت ۽ رواداري پيدا ڪريو. مختلف فرقن جي وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ آهي ان کي ختم ڪريو. دهشتگردن تي سختي ڪريو. امام خامنهءِ مون کي چيو هو ته ”دهشتگرد پوءِ اهو شيعو هجي يا سني ان کي فولادي هٿن سان منهن ڏيو. جن مدرسن مان دهشتگردي اچي ٿي تن تي نظر رکو.“ سمورا مدرسا اهڙا ناهن چار يا پنج اهڙا آهن. توهان انٽيليجنس جا ماڻهو دهشتگرد گروپن اندر موڪلي انهن کي اندر کان ٽوڙيو. ٻيو اهو ته انٽيليجنس سٽم کي ٺيڪ ڪريو. اسان جو انٽيليجنس سسٽم ڪمزور ۽ خراب ٿي ويو آهي خاص ڪري اسپيشل برانچ ۽ آءِ بي بلڪل ختم آهن. مون کين ٻڌايو ته ٿاڻيدار کي خبر هوندي آهي ته سندس حد ۾ دهشتگرد يا ڏوهاري ڪير آهي ۽ اهو ڪٿي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جي خلاف پئسي يا اثر رسوخ جي ڪري ڪارروائي نٿي ٿئي ته اينٽيليجنس کي به خبر هجڻ گهرجي ته دهشتگرد ڪير آهي. جڏهن چيف جسٽس سان وزيراعظم جي ڳالهه ٿي ته هن به کيس اهو ئي چيو. حالانڪه منهنجو چيف جسٽس سان ڪو رابطو يا ميٽنگ به نه ٿي هئي. عام طور تي چيف جسٽس يا ججن سان رابطو يا ملاقات ٿيندي ئي ناهي. رڳو سال ۾ هڪ دفعو جڏهن سندن مان ۾ ساليانو ڊنر ڏنو ويندو آهي يا محترمه جي زماني ڇهه ست ملاقاتون ٿيون. ٽي چار سندس چوڻ تي ۽ ٻه ٽي چيف جسٽس جي چوڻ تي ته آئين تي ڪم نه پيو ٿئي توهان اسان جي مدد ڪريو. اها ئي صورتحال ميان صاحب جي زماني ۾ به رهي. چار پنج دفعا ميان صاحب جي چوڻ تي، هڪ ٻه دفعو چيف جسٽس جي چوڻ تي ملاقاتون ٿيون. اسان جو عدليه جي ماڻهن سان ڪو رابطو نه هوندو آهي، نه چيف جسٽس آف پاڪستان جي خاندان سان دوستي آهي نه هن جي ٻارن سان. مان ڪهڙي سبب سان سازش ڪريان ها؟ ڪيئن ڪريان ها؟ ٽن چئن مهينن ۾ هو رٽائر ڪري رهيو هو، منهنجو هن سان اهڙو ڪو تعلق نٿي ٿي سگهيو. ليڪن آئين جو معاملو آهي ۽ هو مون کي چوي ٿو ته توهان پاڪستان جا صدر آهيو، توهان کي آئين جي پاسداري ڪرڻي آهي پوءِ جيڪڏهن مان اهڙي پاسداري نه ڪندس ته مان پنهنجي عهدي ۽ جيڪو مون قسم کنيو هو ان کان انحراف ڪندس. مون بار بار نواز شريف کي چتاءُ ڏنو ته ائين نه ڪر. ان جو نتيجو هي نڪرندو. هن لائين تي هلندين ته توکي ۽ ادارن کي نقصان آهي. توهان جيڪڏهن کٽيو تڏهن به اها توهان جي سوڀ نه هوندي، بلڪه هار ئي هوندي. مان هميشه کيس چوندو رهيس. ايئن بلڪل جيئن وڏو ڀاءُ ننڍي کي چوندو آهي. هو عمر ۾ مون کان ننڍو آهي، مان کيس چوندو هوس ته مون کي ڀاءُ سمجهه ۽ تنهنجي دل کي اها ڳالهه نٿي وڻي ته جيڪو اقتدار ۾ هوندو آهي جيئن تون وڏي مينڊيٽ سان آيو آهين، ان کي اها ڳالهه واقعي نه وڻندي آهي. تون ان ڳالهه کي سمجهه ان ۾ تنهنجي به ڀلائي آهي ۽ پاڪستان جي به ڀلائي آهي. عدليه سان ٽڪر نه وٺ، پر هو بدستور ايئن ڪندو رهيو. جڏهن 16 آڪٽوبر تي هو گورنر شاهد حامد سان گڏ مون وٽ آيو ته مون کي چيائين ته مان جسٽس سجاد شاهه کي ڊي نوٽيفاءِ ڪريان. هن کان اڳ هن هڪ ٻيو ڪم ڪيو جنهن جو مون کي ڏاڍو ڏک آهي. سيپٽمبر يا آڪٽوبر جي شروع جي ڳالهه آهي سپريم ڪورٽ جي ججن جو تعداد 17 مان 12 ڪرڻ لاءِ مون کي سمري موڪلي وئي. سمري ۾ لکيل هو ته چيف جسٽس سان مشورو ڪيو ويو آهي. جڏهن وزيراعظم سمري ۾ چوي ٿو ته صلاح مشورو ڪيو ويو آهي ته صدر ڇا سمجهي ته هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي. مشورو ڪيو هوندائين. مان پاڻ حيران هئس ته 17 مان 12 جج ڇو ڪيا ويا آهن. هو چوي ٿو ته ممڪن آهي مشورو ڪيو هجيس. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ پاڻ مڃي ٿي ته ٺيڪ آهي، ٻئي ڏينهن پتو پيو ته اهو ڪوڙ هو. مون پڇيو مانس ته وزيراعظم صاحب اهو ڇا آهي؟ وراڻيائين ته مون کي وزير قانون چيو آهي. چيم ته وزير قانون کان پڇو ته هو ڇا ٿو ڪري. مون کي چيو مانس ته توهان کي جج گهٽائڻ وارو فيصلو واپس وٺڻو پوندو. جيڪڏهن چيف جسٽس نه چيو آهي ته توهان ايئن ڪيئن ڪيو آهي. ايئن نه ڪندا ته پوءِ ڪيس ٿيندا. نيٺ انهي ضد ۾ اچي هنن جج گهٽائڻ وارو فيصلو واپس ورتو. وري 22 آڪٽوبر تي وزيراعظم آيو ۽ چيائين ته جسٽس شاهه کي ڊي نوٽيفاءِ ڪريان. مون چيو ته توهان جتي ويٺا آهيو اتي محترمه اچي ويهندي هئي ۽ چوندي هئي ته مان جسٽس شاهه کي ڊي نوٽيفاءِ ڪريان. شاهد حامد ويٺو آهي جيڪو ان جو شاهد آهي جڏهن جواز نه هو ته مان ڪيئن ڊي نوٽيفاءِ ڪريان ها ۽ هاڻ به مون کي ڪو جواز نطر نٿو اچي. چيائين توهان نٿا ڪريو ته اسين پاڻ تي اهو الزام ٿا کڻون. ماڻهو توهان کي برو نه چوندا. اسين ايڊوائيس موڪليون ٿا، توهان ان تي صحيح ڪريو.
ٻڌايم ته ساڳيو محترمه به چوندي هئي ته حڪومت ايڊوائيس ٿي موڪلي. پوءِ چيائين ته جسٽس شاهه جو معاملو سپريم جڊيشل ڪائونسل کي موڪليو پر جڏهن جواز ناهي ته مان ڪيئن ٿو موڪلي سگهان. مون کي چيو ويو ته بينظير جي ڏينهن ۾ سمورا جج هن سان گڏ هئا، هاڻ ناهن. وڌ ۾ وڌ هڪ مختيار جوڻيجو گڏ اٿس يا ڪو هڪ ٻيو. انهن تي اسين ورڪ ڪريون پيا. مون چيو توهان کي ججن تي ورڪ ڪرڻ جي ڪهڙي اچي پئي آهي، اها غير آئيني ڳالهه آهي ته چيائين ته اڃا اسان شروع نه ڪيو آهي بعد ۾ چيائين ته اسان ڪيو آهي. مون چيو ته توهان ڪورٽ کي ورهائي ڇڏيو آهي. ڪورٽ کي Subvert ڪيو آهي. ان سان ادارن، ملڪ ۽ آئين کي وڏو نقصان پهچندو. اهو قدم آئين جي خلاف آهي. مون چيو ته توهان ان ڳالهه ۽ ان لائين کي وساري ڇڏيو. چيم ته توهان هٿ وٺي بحران پيدا ڪيو آهي. توهان جي لاءِ صاف رستو هو. توهان ملڪ جي غريبن لاءِ ڪجهه ڪري پيا سگهو. ماڻهن جي روزگار، مهانگائي ۽ پريشانين جا مسئلا آهن، ٽيڪس نٿا ملن، ان تي توهان ڌيان ڏيو. توهان پاڻ کي ڪهڙي لائين ۾ آندو آهي جو بحران ۾ ڦاسي ويا آهيو. چيم ته ڪا راهه ڳوليو. وراڻيائين ته ڪا راهه ناهي. چيم ته راهه آهي، پنج جج ڏيو، مسئلو حل ٿي ويندو. ڇاڪاڻ جو اهو آئين جو مطالبو آهي. 20 مارچ 96ع جي فيصلي بعد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس وٽ ٻيو ڪو رستو به ناهي. 8 آڪٽوبر تي برطانيا جي راڻي اسان کي مانجهاندو ڏنو. چيف جسٽس مون کي پاسيرو وٺي ويو. هو ناراض پئي لڳو. چيائين ته جج ڏيڻ لاءِ مهيني جي آئيني مدت هوندي آهي. حڪومت هڪ مهينو ان کان به وڌيڪ ورتو آهي. آئين جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. هاڻ آءٌ آرٽيڪل 190 جي تحت توهان کي آرڊر ڏيندس، ته پنجن ججن کي نوٽيفاءِ ڪريو ان تي مون چيو ”شاهه صاحب! خدا جي واسطي نه ڪريو، ان سان عدم استحڪام پيدا ٿيندو. اسان جي معيشت ان جي متحمل ناهي. توهان سڀاڻي عمري تي وڃو پيا. توهان عمري تان موٽي اچو. مان توهان کي هينئر ئي ڊنر جي اڳواٽ دعوت ٿو ڏيان. ان دوران مان وزيراعظم سان ڳالهائيندس ته توهان مهرباني ڪري آئين جي ضرورتن کي پورو ڪريو ۽ جج ڏيو.“ هن لنچ جي فورن بعد، مون وزيراعظم کي فون ڪيو ۽ ٻڌايم ته شاهه صاحب اڄ مون سان هي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هو ناراض پئي لڳو. توهان وٽ ٻيو ڪو چارو ناهي سواءِ ان جي ته پنج جج ڏيو. هو عمري تان جيئن موٽي ته توهان هن سان ملو ۽ جيڪا آئين جي گهرج آهي ان کي پورو ڪريو. وراڻيائين ته اسان ڪجهه ڪريون ٿا. پوءِ ڇا ٿيو عدليه ۾ ڏڦير وڌو ويو. ججن تي ورڪ ڪيو ويو، ججن طرفان خط لکيا ويا. جڏهن چيف جسٽس عدليه اندر پيدا ٿيل ڏڦيڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پهتو ته هڪ خط انهن لکيو. سپريم ڪورٽ جي ڇهن ججن هڪ ٻيو خط لکيو. پوءِ مون کي وزيراعظم چيو ته توهان چيف جسٽس جي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس موڪليو. ٻڌايم ته هن جي خلاف به موڪليان ۽ ڇهن ٻين ججن خط لکيو آهي انهن جي خلاف به ريفرنس موڪليان. توهان جي چوڻ تي سپريم ڪورٽ جي ستن ججن جي خلاف ريفرنس موڪليان. دنيا ڇا چوندي؟ توهان پنج جج ڏيئي ڇڏيو. چيائين ته هو اسان جو دهشتگردي روڪ قانون اسٽرائيڪ ڊائون ڪري ڇڏيندا. چيو مانس ته دهشتگردي روڪ قانون اگر آئين جي خلاف آهي ته ان تي عدالتي نظرثاني ٿي سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ جو فرض آهي ته اها ”جڊيشل ريويو“ ڪري. جيڪڏهن عدالت نظرثاني لاءِ چوي ٿي ته توهان ان کي فيصلي مطابق ٺاهي وٺو. اهو ڪو توهان جي انا جو مسئلو نه هجڻ گهرجي. مون چيو مانس ته اصل ڳالهه اها ڪو نه ٿي لڳي، اصل ڳالهه اها آهي ته توهان کي فڪر آهي ته هو توهان کي نااهل قرار ڏيندو. شاهد حامد چيو Exactly sir وزيراعظم به چيو ها اها ئي ڳالهه آهي. مون چيو اصل ڳالهه ڪريو ته توهان کي هن مان خطرو آهي، چيم توهان کي ڇو خطرو آهي؟ هو ذاتي طور توهان کي سٺو سمجهي ٿو جڏهن به هن مون سان توهان بابت ڳالهه ڪئي ته توهان کي سٺو ۽ خوش اخلاق چوندو رهيو. هو (چيف جسٽس) چوي ٿو ته ”مون کي ڪجهه نه گهرجي. آئين جي بالادستي گهران ٿو.“ وري چيم ته توهان هن کي جج ڏيو. چوڻ لڳو ته هن جي اڪثريت ٿي ويندي. چيم اڪثريت ٿي ويندي ته ڇا ٿي پوندو؟ توهان سمجهو ٿا ته پوءِ هو توهان کي نااهل ڪندو؟ چيم، شاهد حامد وڪيل آهي. هو ٻڌائي سگهي ٿو ته ٻن ججن جي بئنچ يا ٽي جج نااهل نٿا ڪري سگهن، وراڻيائين ته ”ها“، چيم ته جيڪڏهن توهان ورڪ ڪري سڀني کي پنهنجي پاسي ڪري ڇڏيو تڏهن به اهو اڪيلو چيمبر ۾ ويهي جيڪو مٽيريل آهي ان تي توهان کي نااهل نه ٿو ڪري سگهي؟ وراڻيائين ”ها“، واضح ڪيم ته توهان هن سوچ جي انداز کي ڇڏيو، ضد تي نه اچو، توهان آئين جي گهرجن کي پورو ڪريو، پڇيم ته توهان جي خلاف ڪو اهڙو ٺوس مٽيريل آهي جو توهان گهٻرايو پيا؟ چيائين ته نه! اهو ته ناهي، چيو مانس ته پوءِ ڇو ٿا گهٻرايو. اها ئي ڳالهه بينظير ڪندي هئي ته انڊيا ۾ سپريم ڪورٽ Activist آهي. ساڳي ڳالهه توهان به ڪريو پيا. اسان هنن کي ڪيترائي ڀيرا سمجهايو. مان 22 آڪٽوبر کان پوءِ حڪومت جو مطلب سمجهي سگهيس جيڪو اهو آهي ته هنن عدليه کي ماتحت ڪرڻ پئي گهريو. ڇاڪاڻ جو هي سمجهن ٿا ته اسان جي عافيت انهيءَ ۾ آهي ته عدليه کي اسين پنهنجو ڪري وٺون، تڏهن به هنن کي پيار ۽ محبت جو ليڪچر ۽ سياسي سبق ڏنم. چيم ته انسان تحفظ ڳولي ٿو ۽ ان کان تحفظ ڳولي ٿو جتان غير محفوظ سمجهي ٿو. ڪهڙي خبر ته سڀاڻي ڪير جيئرو هوندو؟ جڏهن اسين پنهنجي زندگي جي باري ۾ ايترو بي خبر آهيون ته تحفظ الله تي ئي ڇڏڻ گهرجي. جڏهن مٽيريل ناهي، توهان نيڪ نيت آهيو. جيڪڏهن خدانخواسته ڪو ڪيس اچي ٿو ته توهان ڪيس وڙهو. سپريم ڪورٽ ڪيس جو فيصلو مٽيريل جي بنياد تي ڪندي، جي مٽيريل ناهي ته گهٻرايو ڇو ٿا؟ مون سموريون ڳالهيون هنن کي وقت تي ۽ وقت کان اڳ چيون، پر جيڪي واقعا ٿيا، جيئن سپريم ڪورٽ تي حملو آهي ان جو تصور به نٿو ڪري سگهان. باقي سڀ شيون ٻڌائيندو رهيس ته ڪهڙي ڪم جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو. سڄو معاملو ايئن هو. باقي ان کي اهو رنگ ڏيڻ ته چيف جسٽس ۽ منهنجي ڪا گڏيل سازش هئي. ان کان وڌيڪ لغو ۽ ڪوڙي ڳالهه اهي ماڻهو ڪري سگهن ٿا جن خود بي ايمانيون ڪيون آهن سڄي عمر ۽ جن جي سياست اهڙي رهي آهي جن ماڻهن ڪڏهن سازش نه ڪئي، سياست کلي ڪئي آهي انهن لاءِ ڪيئن ٿا چون. مون ۽ جسٽس شاهه ڪڏهن سياست تي بحث نه ڪيو. جڏهن پهرين ڊسمبر تي بار ڪائونسل جي وچ ۾ اچڻ تي سمورا جج گڏ ويٺا ته هنن سجاد علي شاهه کي چيف جسٽس مڃيو. جنهن بعد ڪاز لسٽ ٺاهي وئي ۽ ايگريمينٽ ٿيو ۽ پوءِ نواز شريف اهو معاهدو ٽوڙيو. هن انهن ججن کي چيو ته منهنجي خلاف ڪيس يا ٽن مهينن تائين ملتوي ڪريو يا سماعت 15 جج ڪن. باقي توهان هي جيڪو فارمولا ٺاهيو آهي سو قابل قبول ناهي ۽ ايئن اهو ايگريمينٽ ٽٽي ويو. مون کي فڪر لڳل هو ته ڪٿي جسٽس شاهه تيرهين ترميم معطل نه ڪري. 2 ڊسمبر تي صبح جو آرمي چيف کي فون ڪيم ۽ پنهنجي فڪر کان آگاهه ڪيم ته توهان پهرين به منهنجي چوڻ تي نه پر وزيراعظم جي چوڻ تي هن معاملي ۾ سٺو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن جي ۽ منهنجي چوڻ تي ٻه دفعا چيف جسٽس ميان صاحب جي ڪيس ۾ معاملو موخر ڪيو هو، پر هن ڀيري ميان صاحب هن مهلت واري ٽائيم ۾ سپريم ڪورٽ کي وڌيڪ ورهائڻ جي ڪوشس ڪئي ۽ مختلف بئنچن وٽان فيصلو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. آرمي چيف کي چيم ته جيڪڏهن ايئن ٿي ويو ته مان استعيفا ڏيندس. هن کان اڳ 27 نومبر جي رات جو دير سان چار بجي تائين ويٺا هئاسين مون تڏهن به استعيفا ٿي ڏني پر توهان روڪيو هو ۽ چيف جسٽس کي به چيو هو ته معاملي کي ٿورو ڊيگهه ڏيو. متان صلح ٿي وڃي وزيراعظم سان، کيس 2 ڊسمبر تي وري چيم ته هاڻ مون کان هڪ منٽ به رهڻ نه ٿيندو. تڏهن به آرمي چيف مون کي روڪيو. مون تي هڪ سيڪنڊ لاءِ به دٻاءُ نه وڌو نه ڪو اشارو ڏنو.
سوال: جڏهن توهان بينظير جي حڪومت ٽوڙي ان وقت ايترو آئيني بحران نه هو ۽ بقول اوهان جي ته تازو بحران تمام وڏو بحران هو، سپريم ڪورٽ تي حڪومت حملو به ڪرايو. چيف جسٽس جو موقف بقول اوهان جي درست به هو جڏهن اوهان کي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار به مليو ته اوهان اسيمبلي ڇو نه ٽوڙي؟ ڇا ان ڪري ته بينظير سنڌ جي هئي ۽ سندس حڪومت نواز شريف کان ڪمزور به هئي يا ان جا ٻيا سبب آهن؟
جواب: نه، مون جڏهن بينظير حڪومت کي ٽوڙيو هو تڏهن مون جيڪي سبب ڄاڻايا اهي توهان کي معلوم آهن. سپريم ڪورٽ به انهن جي توثيق ڪئي آهي. هڪ سبب جنهن جو مون بعد ۾ ڪڏهن ذڪر نه ڪيو آهي. جيڪو منهنجي لاءِ سڀ کان اهم سبب هو، ان جو ذڪر اسيمبلي ٽوڙڻ مهل، رڳو پاڪستان جي مفاد کي آڏو رکي نه ڪيو هئم، سو هو ته اسان جي معيشت ڊيفالٽ جي ڪنڌي تي هئي. جيڪڏهن مان هڪ هفتو ٻيو دير ڪريان ها ته 31 ڊسمبر تي ڊيفالٽ اڻ ٽر هو. اسين کڻي ڪجهه به ڪريون ها ان کي روڪي نه ٿي سگهياسين. نگران دور ۾ منهنجي ڪوششن سان اهو ڊيفالٽ ڏاڍي ڏکيائي سان روڪيوسين. وڏي تيزي سان اسان جي پرڏيهي ذخيرن ۾ ڪمي اچي رهي هئي، ٻيون به گڙ ٻڙ هيون جنهن جو ذڪر مان اڄ به ڪو نه ٿو ڪريان. جيڪڏهن مان چوان ها ته ملڪ ڊيفالٽ جي ڪنڌي تي آهي ته خود اها ڳالهه به ڊيفالٽ کي تيز ڪري ها، ڇاڪاڻ جو جڏهن مارڪيٽ ۾ اها ڳالهه هجي ته ڊيفالٽ ٿيڻ وارو آهي ته جيڪي ملڪ اندر خانگي کاتن ۾ ڊالر آهن سي به ماڻهو ڪڍائي وڃن ها. ماڻهن وٽ 9 ارب ڊالرن جا پاڪستان ۾ پرڏيهي ناڻي وارا اڪائونٽ هئا اهي هڪ ڏينهن ۾ اڏامي وڃن ها. اهو ئي بنيادي ڪارڻ هو جنهن جي ڪري مون بينظير کي هٽايو. اها صورتحال نوازشريف جي مهل نه هئي.
(16 ڊسمبر 1997ع)