تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

سنڌ حڪومت لاءِ پ پ ۽ سرڪار ۾ ٺاهه ٿي ويندو؟

سنڌ حڪومت لاءِ پ پ ۽ سرڪار ۾ ٺاهه ٿي ويندو؟

هڪ ووٽ جي اڪثريت واري ڪمزور حڪومت جي وزيراعظم مير ظفرالله جمالي جي صدارت ۾ خير سان سندس ڪابينا جو پهريون اجلاس ڪالهه ٿيو. سالن کان بند پيل سنگ مرمر واري اربين رپين جي لاڳت سان تيار ڪيل تاج محل جهڙن قبن واري وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ ٿيل ڪابينا جي پهرين اجلاس سان هڪ پاسي عيد جي ويراني بعد جتي هن شهر جون رونقون موٽي آيون آهن ته اتي ٻئي پاسي عوام لاءِ به بي رحم سخت سياري جي موسم ۾ بجلي جا اگهه 12 پئسا في يونٽ گهٽ ڪرڻ وارو حڪومتي فيصلو ڄڻ ته گرم هوا جو جهوٽو ثابت ٿيو آهي. بجليءَ جي اگهه ۾ هر قسم جي صارفين لاءِ 12 پئسا گهٽتائي هڪ لحاظ کان ته معمولي رعايت آهي. ڇو ته بجلي جي استعمال ڪندڙ 50 سيڪڙو غريب ماڻهن لاءِ مهيني جي بل ۾ رڳو 10 کان 12 رپيا گهٽتائي ٿيندي. جڏهن ته مڊل ڪلاس وارن کي 25 کان 30 رپيا ماهوار رليف ملندو. جنهن مان ته گولڊ ليف سگريٽ جو پيڪيٽ به نه ملي سگهندو. بهرحال ان جي باوجود به هن حڪومت جو اهو فيصلو تمام سٺو ۽ ساراهه جوڳو آهي. ڇو ته هتي ته سڌارن جي نالي ۾ بيروزگاري ۾ اضافو ڪري ماڻهن کي خودڪشي لاءِ مجبور ڪرڻ جهڙا فيصلا ٿيندا رهيا آهن. اهڙي ماحول ۾ ڪنهن شيءِ جا اگهه گهٽ ٿين اها وڏي غنيمت آهي. اقتصادي بحالي جي اوٽ ۾ بجلي هجي يا پيٽرول، اٽو هجي يا لٽو، پاڻي هجي يا ماني مطلب ته هر شيءِ جا اگهه وڌايا ويندا رهيا آهن. پوءِ ڀلي ماضي ۾ هيوي مينڊيٽ واري نواز حڪومت هجي يا جنرل پرويز مشرف جي پاور فل حڪومت ڪڏهن به کاڌي پيتي جي شين جا اگهه گهٽ ڪو نه ٿيا. ماضي جي اهڙي مثالي ماحول ۾ موجوده ڪمزور حڪومت جي هيوي ويٽ وزيراعظم کي طاقتور فيصلا ڪرڻ تي داد ملڻ گهرجي. هارس ٽريڊنگ جي نتيجي ۾ مبينا طور وجود ۾ آيل حڪومت اهڙن عوام دوست فيصلن سان ئي ساک ٺاهي سگهي ٿي. جمالي حڪومت هڪ سٺي ابتدا ڪئي آهي. ڏسجي ته عوام ان کي ڪهڙي نظر سان ٿو ڏسي ۽ گهڻن ڏينهن تائين اهو رليف ٿو ملي.
10 آڪٽوبر تي ٿيل عام چونڊن بعد ملڪ ۾ جمهوريت بحال ٿي ۽ بظاهر عوامي حڪومتون ٺهي ويون آهن. مرڪز ۽ ٽن صوبن ۾ عوامي نمائندن جون موجون لڳيون پيون آهن پر پاڪستان ٺاهڻ لاءِ پهريون ووٽ ڏيندڙ سنڌ ۾ اڃا ميمبرن قسم به نه کنيو آهي. سنڌ جي عوام پاران چونڊيل نمائندن جي حڪومت هيستائين نه ٺهي سگهڻ جو سبب ڪهڙو به هجي، پر ذميوار حڪمران ڌر آهي، جنهن کي سنڌ ۾ حڪومت ٺهندي نظر نه آئي ته سڏايل اجلاس ملتوي ڪيا ويا. سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ کان اڳ گورنر راڄ جا افواهه ڦهلايا ويا ۽ لکين رپيا لڳائي اليڪشن کٽي آيل ميمبرن کي هڪ لحاظ کان ڄڻ ته هيسايو ويو. سنڌ جي اها بدقسمتي آهي ته پاڪستان ٺاهڻ کان پوءِ هيستائين جيڪي به قومي مفاد ۾ فيصلا ٿيا اهي سنڌ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيا آهن. ون يونٽ کان وٺي 10 آڪٽوبر 99ع جي چونڊن تائين سنڌ کي ٻين صوبن جيان فائدو نه ٿيو آهي پر پوءِ به سنڌ جي عوام سدائين وفاق مضبوط ڪرڻ جي دعويدار ڌرين کي پارلياماني پاور ڏئي ثابت ڪيو آهي ته سنڌ وارا مرڪز جي خلاف ناهن پر الائي ڇو ان جي باوجود به سنڌ وارن کي اڃا تائين شڪ ڀرين نگاهن سان ڏٺو وڃي ٿو. 10 آڪٽوبر جي عام چونڊن بعد سنڌ جي نمائنده ڌرين طور پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سامهون آيون آهن. باقي ته موسمي پارٽيون آهن. جيڪي ٽيڪن ۽ سهارن تي پيون هلن. هئڻ ته اهو گهرجي ته ٻنهي سنڌ Based ڌرين کي گڏجي حڪومت ٺاهڻ گهرجي ۽ اهڙي مضبوط حڪومت شايد ئي سنڌ کي آئنده ملي پر سنڌ دوستي جي انهن دعويدار پارٽين جي اڳواڻن ۾ انائن ۽ ذاتي مفادن هنن کي هڪٻئي کان پري رکيو آهي. سنڌ سان ماضي ۾ جمهوري توڙي غير جمهوري حڪومتن قابل احتجاج سلوڪ ڪيو آهي. ڪڏهن ايوب خان هڪ ايس ايڇ او ذريعي سنڌ ڪنٽرول ڪرڻ جا ڪارناما ڪري ڏيکاريا ته ڪڏهن نواز شريف اسيمبلي کي تالا هڻائي ميمبرن کي روڊ تي لٺيون هڻائي غوث علي شاهه ذريعي غلطيون ڪندو رهيو. اڄڪلهه سنڌ ۾ وري سورن ڀري ساڳئي ڪهاڻي آهي، پر فرق رڳو اهو آهي ته انهن سياسي ڊرامن جا ڪردار تبديل ٿيل آهن. سنڌ اسيمبلي جو افتتاحي اجلاس سڀاڻي سڏايو ويو آهي، اميد آهي ته هاڻي ملتوي نه ٿيندو ۽ خير سان ميمبر قسم کڻي وٺندا. سنڌ ۾ حڪومت سازي لاءِ اڃا غير يقيني واري ڪيفيت بدستور موجود آهي ۽ حالت اها آهي ته مشڪل ۽ منٿن سان چونڊ کٽڻ وارا همراهه به هن دفعي وڏ وزارت جا اميدوار آهن. سنڌ جي 168 ايم پي ايز مان اڪثريت وڏن وزيرن جي خواهشمندن جي هوندي، ڏسجي ته هن دفعي اقتدار جي ”هما“ ڪنهن جي ڪلهي تي ويهي ٿي. هيستائين ته ارباب غلام رحيم، سردار احمد ۽ نثار کهڙو مضبوط اميدوار ڏسجن پيا پر اقتداري راند جي ڪٺ پتلين جا ڌاڳا جن جي هٿن ۾ آهن، انهن جا ارادا ۽ عزائم آخري وقت تي پڌرا ٿيندا ۽ اهو ئي ٿيندو جيڪو هو چاهيندا. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته هو 3 اميدوار ميدان ۾ بيهاري رن آف اليڪشن ڪرائڻ جي راهه هموار ڪندا ۽ رن آف اليڪشن ۾ به ساڳيا نتيجا حاصل ڪري ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جي ڳالهه ڪري من پسند نتيجا حاصل ڪري وٺندا. قرض کڻي چونڊجي آيل اڌ کان وڌيڪ ايم پي ايز ته ٻيهر اليڪشن جو ٻڌي وفاداري جا ڪيل وچن به تبديل ڪري ايئن ٿيڻ نه ٿيندا ۽ وري فيصل صالح حيات جهڙو مجاهد جمهوريت بچائڻ لاءِ قرباني ڏئي لوٽن جي اڳواڻي جو اعلان ڪندو ۽ سنڌ تي ”احسان“ ڪندو.
سنڌ ۾ حڪومت سازي لاءِ آخري ڪوششون ڪرڻ لاءِ مخدوم امين فهيم پ پ جي پراڻي باغي ۽ پنهنجي دوست خواجا طارق رحيم المعروف ”ڪي ٽي آر“ معرفت وزيراعظم مير ظفرالله جمالي سان ملاقات ڪري ڳالهيون ڪيون آهن. ڪالهه تائين عاجزانه انداز ۾ سياسي تعاون لاءِ ڳالهيون ڪندڙ مير ظفرالله جڏهن مخدوم سان ملاقات ڪئي ته هن جا انداز ۽ تيور بدليل هئا ۽ شرط به ڏکيا هئا. خبرن موجب جمالي سرڪار فرمائش ڪئي آهي ته آصف زرداري کي جيل کان ٻاهر ۽ بينظير ڀٽو کي ملڪ اندر مرحليوار آڻڻ توڙي سنڌ حڪومت پ پ کي عطا ڪرڻ لاءِ پ پ وارن کي ليگل فريم ورڪ آرڊر تي اعتراض ختم ڪرڻا پوندا. صدر کي وردي ۾ بنا چونڊ جي صدر تسليم ڪرڻو پوندو. فارورڊ بلاڪ وارن کان نه وزارتون واپس ورتيون وينديون نه سندن کاتا تبديل ٿيندا. البته پ پ جي مرڪز ۾ تعاون جي صورت ۾ باقي بچيل ٿڪل وزارتون کين ملنديون ۽ سينٽ جي چيئرمين شپ به پ پ کي ملندي. سرڪار جي اها به فرمائش آهي ته محترمه جي واپسي ڪجهه مهينن بعد ٿيندي. آصف جلدي ٻاهر ايندو. هو چاهي ته ملڪ کان به ٻاهر هليو وڃي. حڪومت ۽ پ پ ۾ سنڌ ۾ حڪومت سازي لاءِ آخري ڳالهين واري انداز بابت ته پ پ وارا نااميد آهن. پر پوءِ به سندن ڪجهه اڳواڻ اڃا مايوس ناهن. جيڪڏهن هنن حسب معمول فيصلي ۾ دير ڪئي ته ڌڪ گسي ويندو وري ڪجهه عرصي لاءِ اندريان اندر، ٻاهريان ٻاهر هوندا، ڏسجي ته محترمه ڇا ٿي فيصلو ڪري. حڪومت ۾ شامل ٿيڻ واري سوال تي پ پ ۾ واضح اختلاف ٿي ويا آهن. مخدوم امين فهيم پنهنجي لاءِ وزيراعظم جو عهدو قربان ڪندي وفاداري ته ڪو نه بدلائي ۽ هاڻي پٽ لاءِ به شايد نه بدلائيندو پر هاڻي پٽ لاءِ هو پاڻ کان وڌيڪ سنجيدگيءَ سان سوچي رهيو آهي.
(11 ڊسمبر 2002ع)