لاهور واري ڌماڪي جا اسلام آباد ۾ پڙاڏا
صدر فاروق احمد لغاري جي وچ ۾ پوڻ کان پوءِ جسٽس ناصر اسلم زاهد جي سپريم ڪورٽ جي مستقل جج طور قسم کڻڻ ۽ چيف جسٽس سجاد علي شاهه پاران کيس قسم کڻائڻ کان پوءِ، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جا اهم مرحلا طئي ٿي ويا آهن. باقي صرف هاءِ ڪورٽن جي ججن جي ريگيولرائيزيشن جو مرحلو باقي آهي. سپريم ڪورٽ ججن جي ڀرتين بابت 20 مارچ تي شارٽ آرڊر پاس ڪيو هو، جنهن کي ڇنڇر ڏينهن تي هڪ مهينو پورو ٿي ويو. جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي ۾ حڪومت کي پابند بڻايو ويو هو، ته ان تي هڪ مهيني اندر عمل مڪمل ڪيو وڃي. تفصيلي فيصلو جيڪو 2 اپريل تي آيو هو، تنهن تي اڃا مڪمل طور تي عمل نه ٿيو آهي.
سپريم ڪورٽ جو فيصلو پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ نرالو فيصلو هو. جنهن سبب انتظاميه ۽ عدليه ۾ اختيارن جي جنگ شروع ٿيڻ جون ڳالهيون پڻ ٿيون ۽ سياست ۾ تمام وڏي تبديلي ۽ گرم جوشي جو سبب پڻ بڻيو. هن فيصلي تي عمل جي حوالي سان اهم موڙ جسٽس ناصر اسلم زاهد جي سپريم ڪورٽ ڏانهن بدلي وارو ثابت ٿيو، جيڪو صدر جيڪڏهن حل نه ڪرائي ها ته انتظاميه جي انا ۽ هٺ سبب خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري ها. گادي واري شهر جي سياسي ۽ صحافتي حلقن ۾ اها ڳالهه به مارڪيٽ ڪرائي وئي ته ان مرحلي دوران پيدا ٿيل صورتحال ۾ فيصلي تي عمل ڪرائڻ جي حوالي سان چيف جسٽس سجاد علي شاهه آرمي چيف جنرل جهانگير ڪرامت سان پڻ ملاقات ڪئي هئي، جنهن کيس پڪ ڪرائي ته انتظاميه عدليا جي حڪم موجب حل ڪندي، جيتوڻيڪ ان ملاقات جي خبر ڪنهن به اخبار ۾ شايع ناهي ٿي، پر تذڪرو عام آهي. صدر لغاري ۽ وزيراعظم ڀٽو جن جي وچ ۾ پڻ هن فيصلي تي عمل ڪرڻ جي حوالي سان ڏيهي توڙي پرڏيهي اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن موجب اختلاف راءِ هو. شايد اهو ئي سبب هو ته وزيراعظم 4 اپريل جي تقريب ۾ لاڙڪاڻي رواني ٿيڻ کان اڳ 12 اپريل تي صدر سان جيڪا چار ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ڪئي هئي، تنهن کان پوءِ 20 اپريل تي باقاعده طور ڪا به ملاقات نه ڪئي. صرف آذربائيجان جي صدر جي دوري مهل پروٽوڪول موجب وزيراعظم اڌ ڪلاڪ لاءِ ايوان صدر وئي هئي ۽ ان وقت به صدر سان ڪچهري ڪرڻ کانسواءِ واپس اچي وئي هئي. اهڙي صورتحال کانپوءِ صدر فاروق احمد لغاري، جنهن احسن طريقي سان ناصر اسلم زاهد وارو معاملو ذاتي ڪوششن سان حل ڪيو آهي. تنهن بعد وزيراعظم جي هاڻي ڪاوڙ ۾ نرمي ضرور آئي آهي. جو کيس خبر ئي نه هئي ته صدر ايئن به ڪري سگهي ٿو ۽ اهو به ان وقت، جڏهن اپوزيشن وارا صدر جي تعريف ڪندي ٿڪجن نٿا.
صدر صاحب ته ڪم ڪري ڏيکاريو، پر جنهن ڏينهن ناصر اسلم زاهد کي چيف جسٽس سجاد علي شاهه حلف کڻايو، ان کان ڪجهه دير بعد کيس دل ۾ سور پيو ۽ اهو ايڏو سخت جو شاهه صاحب کي اسپتال داخل ٿيڻو پيو آهي. جيتوڻيڪ عام راءِ اها آهي ته سجاد علي شاهه کي پيل دل جي دوري جو، ناصر اسلم زاهد کي پنهنجي منشا ۽ مرضي جي ابتڙ حلف کڻائڻ سان واسطو ناهي، پر سيپٽمبر ۾ ناڪام ٿيل فوجي بغاوت سٽيندڙن جو اهم ڪردار ڪرنل آزاد منهاس، جيڪو هن وقت سعودي عرب ۾ آهي، تنهن جو چوڻ آهي ته سجاد علي شاهه کان سندس ضمير جي ابتڙ، صدر زوري ڪم ڪرايو، جنهن سبب هن کي دل جو دورو پيو آهي.
سپريم ڪورٽ واري فيصلي تي عمل ڪرڻ وارو معاملو، جنهن تيزيءَ سان نواز شريف ۽ سندس پارٽي کنيو هو، ان کي ايترو هو ايڪسپلائيٽ نه ڪري سگهيا. هاڻي ته ان جا وڌيڪ جواز ناصر اسلم پاران حلف کڻڻ کان پوءِ هيڪاري گهٽجي ويا آهن. هڪ ته قومي اسيمبلي جو اجلاس پڻ ختم ٿي ويو آهي، جنهن سبب اپوزيشن کان عارضي طور اسيملي وارو فورم کسجي ويو آهي. ڇو ته ايوان ۾ جيڪو اپوزيشن احتجاج ڪندي هئي، ان کي قومي پريس ۽ پرڏيهي پريس پڻ سٺي ڪوريج ڏيندي هئي ۽ اهڙي طرح مخالف ڌر وارن جو مفت ۾ ڪم ٿيندو هو. هاڻي اپوزيشن وٽ صرف پبلڪ فورم رهيو آهي ۽ هنن جو اهو فورم شايد ڪمزور آهي، جو جاويد اشرف جي قتل کان پوءِ ڪو به ڀرپور مظاهرو يا احتجاج نه ڪري سگهيا آهن. ميان نواز شريف لاهور جهڙي ماحوليات جي آلودگيءَ سان ڀرپور گرم شهر ۾ پنهنجي ماڊل ٽائون واري گهر جي اڱڻ تي ڪارنر گڏجاڻيون پيو ڪري. جيسين کيس اسيمبلي وارو فورم ملي، تيسين ڇا هو هن معاملي کي زندهه رکڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو يا نه؟ اهو هن جي حڪمت عملي ۽ وقت تي منحصر آهي.
اڊيالا جيل ۾ پنج مهينا ۽ چار ڏينهن رهڻ کان پوءِ ميان شهباز شريف آزاد ٿي، تازو گهر پهچي ويو آهي. جيتوڻيڪ شهباز شريف ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي ته هو شيخ رشيد وانگر آمريڪي سينيٽر هينڪ برائون جي چوڻ تي آزاد ٿيو، پر حڪومت مجبوري سبب ۽ بدنامي کان بچڻ لاءِ عدالتي حڪم تي کيس آزاد ڪري ڇڏيو آهي ۽ مٿس ڪو ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي. هن جڏهن ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو لنڊن ۾ رهڻ بعد وطن اچڻ جو اعلان ڪيو هو، ته ”ڪاوش“ ۾ نومبر جي ابتدائي ڏينهن ۾ صرف اها خبر ڏني هئي، ته شهباز شريف شيخ رشيد وانگر سالن تائين جيل ۾ رهڻ لاءِ نه پيو اچي.
عمران خان هڪ اخبار کي انٽرويو ڏيندي، اهو چيو هو ته 25 اپريل تي هو پنهنجي نئين پارٽي جو اعلان ڪرڻ وارو آهي، پر اسپتال ۾ ڌماڪي واري واقعي کان پوءِ لڳي ٿو ته حميد گل جي صلاح مڃيندي، عمران 25 اپريل تي سياسي پارٽي جوڙڻ جو اعلان ڪرڻ ۾ ڪجهه دير ڪندو ۽ عيد کان پوءِ ئي اهڙي اعلان جي توقع ٿي سگهي ٿي. عمران خان کي به اها گذارش ته ٿورو آهستي! جيڪڏهن اوهان جي ڪاوڙ جي ڊگري ان درجي تي بيٺي رهي، ته پوءِ گهڻو ڪجهه توهان کان هروڀرو کسجي ويندو. جيڪڏهن اها وڏي غصي واري عادت برقرار رهي، ته ڪنهن مهل ”هاروس ڪوپ“ وارن چواڻي ته گهريلو معاملن ۾ به ناخوشگواري پيدا ٿي سگهي ٿي.
شهباز شريف کي پڪ آهي ته هو چند هفتن کان پوءِ گهر پهچندو ۽ هو هاڻي سورنهن هفتن کان پوءِ لاهور واري ماڊل ٽائون ۾ واقع پنهنجي گهر پهچي چڪو آهي. هن جي ترت آزاديءَ جو سبب ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، پر ٻن سالن کان وڌيڪ جيل جي تربيت بعد پچي راس ٿي آيل دل برداشت ليگي اڳواڻ، شيخ رشيد جا اهي جملا هينئر معنيٰ خيز پيا لڳن، جيڪي هن آزادي بعد پهريون دفعو قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيا هئا. شيخ رشيد چيو هو، ته ”هي جيل غريب ڪارڪنن لاءِ هوندا آهن، انصاف جو هن ملڪ ۾ ٻٽو معيار آهي، اعجاز الحق کي انصاف ڏيڻ لاءِ عدالت ٿاڻي ۾ لڳائي وئي پر مون کي سزا ڏيڻ لاءِ عدالت ۾ به ٿاڻو قائم ڪيو ويو، حڪومت مالي گهوٻين ۾ ملوث کربين رپين جي الزامن هيٺ داخل ڪيل ڪيسن وارن (نواز شريف يا شهباز شريف) کي گرفتار ڇو نه ٿي ڪري؟ جيڪڏهن ڪنهن کي گرفتار ڪيو به آهي، ته ان سان جيل ۾ مون جهڙي جٺ ناهي ۽ هنن خلاف حڪومت کي ڪيس هلائڻ ۾ به ڏکيائي ٿي رهي آهي.“
شهباز شريف جي آزادي هڪ ”ڊيل“ هيٺ ٿيڻ بابت سڀ کان وڌيڪ شڪ ۾ وجهندڙ ڳالهه شيخ رشيد جي ڳالهه کان وڌيڪ اها آهي ته وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهباز شريف کي لاهور فون ڪري سندس طبيعت پڇي آهي. وزيراعظم پاران کيس فون، جيڪڏهن اڄ کان پندرهن سال اڳ واري پنڪي ۽ ”بي بي“ بينظير ڪري ها ته اهو سمجهه ۾ اچي ها، ته هن ڀوڳ يا ايڊوينچر ڪيو هوندو پر اڄوڪي چاليهه سالن کان وڌيڪ عمر واري ٽن ٻارن جي ماءُ وزيراعظم بينظير ڀٽو پاران پنهنجي سياسي وجود جي مخالفت ڪندڙ کي فون ڪرڻ ان ڳالهه جي ثابتي لاءِ ڪافي آهي ته شهباز شريف واقعي چند هفتن لاءِ جيل ۾ رهڻ کان پوءِ آزاديءَ جي پڪي خاطريءَ بعد وطن آيو هو. شهباز شريف جيڪو شاطر دماغ ليکيو ويندو آهي، ڏسجي ته هو ڪهڙي ٿو حڪمت عملي اختيار ڪري! هن جون صلاحيتون پنهنجي ڀاءُ جي اقتداري ڪرسي جي حصول واري تشنگي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿيون يا نه!؟
اقتدار جي ايوانن واري مصنوعي شهر اسلام آباد، جنهن کي سنڌ جا ٻه چار مضمون لکي نوجوان دانشوري جو ويس پائي دانشور سڏائيندڙ، گدڙن جو شهر به چوندا آهن. اتي عمران خان جي ڪينسر واري سندس ماءُ جي نالي تي لاهور ۾ ٺاهيل اسپتال ۾ ٿيل بم ڌماڪي واري واقعي جو به پڙاڏو گونجندو رهيو. هي واقعو جيتري تيزيءَ سان اڀريو، اوتري تيزيءَ سان منظر تان هٽجي به ويو. جيڪڏهن هٽڻ کڻي نه چئجي ته به ايئن ضرور چئي سگهجي ٿو ته اقتدار ڌڻين ۽ طاقتور قوتن جي خواهشن جي دز، ايتري ته ان معاملي کي وڪوڙي ورتو جو هاڻي ڌنڌلو نظر اچي رهيو آهي.
شروع ۾ اپوزيشن وارن سرڪار ۽ سرڪار وارن مخالف ڌر وارن کي، حسب روايت هڪٻئي تي الزام هڻندي ذميوار پئي قرار ڏنو، پر هڪ ٻن ڏينهن ۾ ئي ٻئي ڌريون سنجيده ٿي ويون ۽ الزام تراشي کان پاسو ڪرڻ لڳيون. شايد ان جو سبب اهو هو ته ان الزام تراشين دوران هڪ نئين ڳالهه اها به مارڪيٽ ۾ آئي، ته ٿي سگهي ٿو ته عمران خان کي مقبول ڪرائيندڙ ۽ جلد سياسي شخصيت ٺاهڻ لاءِ عوام ۾ سندس بابت سستي همدردي لاءِ اهو واقعو انهن قوتن ڪرايو هجي، جيڪڏهن ڏسجي ته ڇا واقعي ان حادثي سبب عمران کي ان عوامي همدردي جو رد عمل ڏسڻ ۾ ناهي آيو؟
هن واقعي جو تيزي سان منظر عام تي اچڻ ۽ وري هٽجي وڃڻ ۾ عمران خان جون پنهنجون ڪوتاهيون به نظر اچن ٿيون. ڇو ته ارب پتي انگريز جي پٺاڻ ناٺي عمران خان هن معاملي تي لاهور جي هڪ صحافي کي تکو سوال پڇڻ تي ٿڦڙون هنيون، نه صرف هن پاڻ ان صحافي کي مارڪٽ ڪئي پر پنهنجي سيڪيورٽي گارڊز کان پڻ ان صحافي کي ڌڪا ڏياري اهو تاثر پئي ڏنو ته هو اڃا ڏهه سال اڳ وارو عمران آهي، جيڪو هلندڙ ڪرڪيٽ مئچ دوران رانديگرن کي گرائونڊ ۾ معمولي غلطي ڪرڻ تي به ڪچيون گاريون ڏيندو هو. عمران خان جي اهڙي انداز مان ثابت ٿيو ته اڃا هن ۾ بردباري نه آئي آهي. جڏهن ته وڏو سياسي ليڊر ٿيڻ لاءِ بردباري پهريون شرط هوندو آهي. ڇو ته اسان جي ملڪ واري موجوده نظام ۽ سياسي روايتن موجب سياستدان کي ته گاريون به ٻڌي مسڪرائڻو پوندو آهي ۽ خاص ڪري اڄ جي آزاد چٽا ڀيٽي واري پرنٽ ميڊيا جي دور ۾ صحافين سان ڦٽائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اهو به عمران خان جهڙي آل (نئين) سياستدان بڻجڻ واري لاءِ. هتي منهنجو مقصد صحافين سان ڦٽائڻ جو مقصد اهو ناهي ته هر صحافي ڪنهن کي گاريون ڏئي ۽ پوءِ به سياستدان کيس ڪجهه نه چون. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته صحافين کي اخلاق جي دائري اندر رهندي هر قسم جو سوال ڪرڻ جو حق آهي، جواب ڏيڻ يا نه ڏيڻ اهو اڳئين جي مرضي ۽ حق آهي، پر تکي سوال ڪرڻ تي صحافيءَ کي موٽ ۾ مار ڏيڻ وارو دور، هاڻي ناهي، ڇو ته اڄڪلهه نه ضياءُ الحق آهي ۽ نه وري ڄام صادق.
(21 اپريل 1996ع)